ويو دونھڙا دکائي
دکي دل تي دلبر ويو دونھڙا دکائي
ڏيئي پيار پھرين ويو جيءَ جلائي
ڪئي مون رحم جي کي درخواست دلبر
پڙھي ھي پروڙي ڪھل ڪو مٿم ڪر
مگر تنھن نه مڃيو ويو منھن ڦيرائي
سُتل سک ۾ سنسار مون لاءِ ماتم
برھ باھ ٻاري اڳي ائين نه ڄاتم
ھنر ھو ته پنھنجا نوان نت ھلائي
صبَا وڃ سڄڻ کي سڄي سُڌ سڻائي
ڇڏيو جت اوھان اُت ڏيو ور واجھائي
ويٺا ڇو اوھين اِت ڀلا سي ڀُلائي
مٺا منشي محبت ۾ ماندو مدامي
قبولي ڪڏھن کان جنھن اھنجي غلامي
ايڏو ظلم ھاڻي نه ظالم جڳائي
(13.9.1954ع)