ڏکن ڀريا ڏينھن
مون جي ڏکيا ڏينھڙا، قيدن ۾ ڪاٽيا
لڱ ته لوساٽيا، پر آئي منزل اوڏڙي . . . !!
ڏنا جيل ڏڌا، جڏھن منھنجي جيءَ کي
تڏھن مون لڌا، سندا پريان پيچرا . . !!
جيل منھنجي جيءَ تي، ڏنيون جي جاٽون
ثابت سيُون سي ٿيون، وانگين لئه واٽون
لاٽون ئي لاٽون، ايندو نه ويندو اوجھري . !!
جيل منھنجي جيءَ ۾، جوت جاڳائي جا
آسُونھين لئه سوجھرو، سدا رھندي سا
ڪانه ڀُلبي ڪا، آسُونھن واٽ اونداھ ۾ . . !!
جيل جاڳائي جوت، جيڪا منھنجي جيءَ ۾،
مات ڪري تنھن موت، ڏنا جُڳ جيئَڻ جا . . !!
جيئن جيئن ڏنا جيل مون، گھاون مٿان گھاءَ
تپي نڪتا تن منجھان، پيڙھين جا پڙلاءَ
وڇوڙي جي واءَ، ويجھو ڪيو وصال کي . . !!
جا جاڳائي جيل، جوت منھنجي جيءَ ۾
وانگين ويل سويل، سائي رھندي سوجھرو . .!!
مون جي گھاريا جيل ۾، ڏکن ڀريا ڏينھن
تن ئي منھنجو نينھن، نکاري نئون ڪيو . . !!
جي حياتيءَ ڏينھڙا، ڪاٽيم منجھه ڪوٽن
کرن ۽ کوٽن، پرکي لڌم پيچرا . . !!
پيئي مون پرک، جيل جاٽيندي جيڏڙا
زندانن ضمير کي، لوڏيو ڀيرا لک
اُڏريا ڪانا ۽ ڪک، جبل پنھنجي جاءِ تي . . !!
جبل پنھنجي جاءِ تي، توڙي ڪئين طوفان
چُري ڪيئن چٽان، پاڙون جنھن پاتال ۾ . .!!
پُوري پيئي پروڙ، واحد جمع وچ جي
لاٿي قيد قلب تان، ڌوئي ڌوئي ڌوڙ
سارا سچ ۽ ڪوڙ، ٿيا اکيان اوڏڙا . . !!
مونکي جيل جڏو ڪيو، ٽنگون ٻئي ٽوڙي
پوءِ به آھيان سوار مان، قومي گھڻ گھوڙي
مرڻ جيئڻ جن سان، رکيم جيءَ جوڙي
ويا جي ٽوڙي، سي پيدل وتن پِندا . . !!
قومي مقصد ڪاڻ، سوڍن سر تريءَ تي
ڄاڻي ٻي سڀ ڄاڻ، ڇڏي ڇُليا ڇپرين . .!!
آئون ۽ مان منجھان، جيل ڇڏائي جند
پاتم نيئر نينھن جو، ته سنگت ساري سنڌ
چور ٻه ٽي ڪي چند، باقي سڳا سڀ ڀائرو
مان کي مُور نه مڃ، تون رک اسان، ۾ آس
مارِي آھي مارڻو، راڄ مِڙي راڪاس
تُرپ پتو جيئن تاس، لوڪان آھي لڪائڻو (1977 سينٽر جيل ڪراچي وارڊ 16)