ڪتاب جو نالو: سعي
مصنف: مهراڻ ايوب
ڇپائيندڙ: ساحل پرنٽرس
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 09 جنوري 2017 ع
پڙهيو ويو: 427 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 306 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”سعي“ مانواري ليکڪا ”مهراڻ ايوب“ جو لکيل ناول آهي.
سعي هڪ گهريلو سماجي ناول آهي. جنهن ۾ زندگيءَ جي تڪليفن ۽ ڪشالن سان ڀريل ڊگهي سفر جو هڪ ڪشٽ سمايل آهي. هن ناول ۾ ڪيئي ڪهاڻيون لڪل آهن ۽ هر هڪ ڪهاڻيءَ جا الڳ الڳ موضوع آهن، جن تي ڌار ناول لکي سگهجن ٿا، ڇو ته جنهن سماج ۾ اسان رهيا آهيون ان ۾ رهندڙ فردَ بذاتِ خود ڪئين ڪهاڻيون آهن ۽ اڪثر فرد جي چهري مٿان چهرو اوڍيل آهي، انهن کي سمجهڻ ۽ وائکو ڪرڻ لاءِ به ڪئين زندگيون گهرجن. هن ناول ۾ ليکڪا انهن مڪروه چهرن کي بي نقاب ڪرڻ جي هڪ سٺي سعي ڪئي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پيش لفظ
  • منهنجو خواب ساڀيان ٿي ويو
  • سعي هڪ گهريلو سماجي ناول
  • ناول

  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • 11
  • 12
  • 13
  • 14
  • 15
  • 16
  • 17
  • 18
  • 19
  • 20
  • 21
  • 22
  • 23
  • 24
  • 25
  • 26
  • 27
  • 28
  • 29
  • 30
  • 31
  • 32
  • 33
  • 34
  • 35
  • 36
  • 37
  • 38
  • 39
  • 40
  • 41
  • 42
  • 43
  • 44
  • 45
  • 46
  • 47
  • 48
  • آخري پنو

  • ارپنا

    ان ٻن عظيم هستين (بابا ۽ امي) جي نانءِ جن جي وجود جي ڪري ئي منهنجو وجود آهي.
    (اوهان جو هجڻ ڪائنات جي هجڻ جو ثبوت آ مون لاءِ)


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (322) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”سعي“ مانواري ليکڪا ”مهراڻ ايوب“ جو لکيل ناول آهي.

    سعي هڪ گهريلو سماجي ناول آهي. جنهن ۾ زندگيءَ جي تڪليفن ۽ ڪشالن سان ڀريل ڊگهي سفر جو هڪ ڪشٽ سمايل آهي. هن ناول ۾ ڪيئي ڪهاڻيون لڪل آهن ۽ هر هڪ ڪهاڻيءَ جا الڳ الڳ موضوع آهن، جن تي ڌار ناول لکي سگهجن ٿا، ڇو ته جنهن سماج ۾ اسان رهيا آهيون ان ۾ رهندڙ فردَ بذاتِ خود ڪئين ڪهاڻيون آهن ۽ اڪثر فرد جي چهري مٿان چهرو اوڍيل آهي، انهن کي سمجهڻ ۽ وائکو ڪرڻ لاءِ به ڪئين زندگيون گهرجن. هن ناول ۾ ليکڪا انهن مڪروه چهرن کي بي نقاب ڪرڻ جي هڪ سٺي سعي ڪئي آهي.

    هي ناول 2015ع ۾ ساحل پرنٽرس پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون ڪتاب جي ليکڪا ادِي مهراڻ ايوب جا، جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پيش لفظ

    ‘سعي‘ ناول ۾ اسان جي معاشري جي ئي هڪ عام ڪهاڻي آهي.مون هي ناول ڪنهن مخصوص قبيلي يا ذات کي ذهن ۾ رکندي نه لکيو آهي، پوئتي پيل علائقي جي هڪ پسمانده گهراڻي جو ڪوئي فرد هجي يا اِليٽِ(elite) ڪلاس فيملي سان تعلق رکندڙ فرد، هتي هر جڳهـ تي معاشري پاران هٿ ٺوڪين ريتن رسمن سڀني کي اهڙي طرح جڪڙي رکيو آهي جو اهو چاهيندي به اڳتي نٿو وڌي سگهي. ڪجهه اهڙي ئي رڪاوٽن جي ڪري اسان اڳتي وڌڻ جي بجاءِ پوئتي وڃي رهيا آهيون. ان مشڪل صورتحال ۾ جڏهن ڪو به اهي ريتن رسمن جا زنجير لاهي ڦِٽا ڪري ٿو ته ان تي آڱر کنئي وڃي ٿي ۽ ان کي ختم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، پر اهڙين ريتن جا زنجير جيڪي ڪجهـ انسانن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏين ٿا ان ختم ڪندڙ لاءِ ڀلي ته ڪڏهن زندگي آسان نه رهي هجي پر سندس سعي جي ڪري سوين ماڻهن لاءِ سولايون پيدا ٿي وڃن ٿيون.
    اڄ کان صديون پهرين الله جي حڪم جي پيروي ڪندي حضرت ابراهيم عليه سلام پنهنجي گهر واري حضرت بيبي حاجرا کي معصوم ٻارڙي (حضرت اسماعيلعليه) سميت عرفات جي تپيل رڻ پٽ ۾ ڇڏي ويو هو. ان خشڪ ميدان ۾ پاڻيءَ جو ڪو نانءُنشان نـ هو ۽ ٻارڙو اڃ ۾ تڙپي رهيو هو، پاڻي جي ڳولها ۾ بيبي سڳوري صفا ۽ مروا جبلن جي وچ ۾ ڊوڙندي رهي، کيس ايتري جدوجهد ڪرڻ کان پوءِ پاڻي ته نه مليو پر الله پاڪ کي سندس ڪيل ڪوشش ايتري وڻي جو کيس تحفي ۾ آبِ زم زم جي چشمي جو معجزو عطا ڪيو.
    ڪڏهن ڪڏهن زندگي انسان کي ان موڙ تي آڻي ڇڏيندي آهي جتي هو ڪجهـ حاصل ڪرڻ لاءِ ساڳي جڳھ تي ڪوششون ڪندو رهندو آهي، ۽ ناڪامي جي صورت ۾ نااميد ٿي ويندو آهي. هو سمجهندو آهي ته سندس محنت رائگان ٿي وئي آهي پر سندس ڪوشش الله تعاليٰ کي پسند اچي وڃي ته هو ان ڪوشش جي بدلي انسان کي انعام ضرور عطا ڪندو آهي. مان ان ڳالهـ تي يقين رکان ٿي ته انسان جيڪڏهن ثابت قدم ٿي ڪجهـ سٺو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته کيس ڪڏهن بـه خالي نٿو موٽايو وڃي.
    اميد ٿي ڪريان ته منهنجي ڪيل هي ننڍڙي سعي پڙهندڙن کي ضرور پسند ايندي.
    آخر ۾ بابا سائين، چاچا دين محمد ڪلهوڙي ، چاچا رياضت ٻرڙي، چاچا در محمد ٻرڙي، ڀيڻ منور، امبر، عزيز ترين دوست خديجه ۽ ڀاءُ زوهيب، ابرار ۽ فيض جن جي بي حد شڪرگذار آهيان جن ناول کي ڪتاب جي صورت ۾ آڻڻ لاءِ هر موڙ تي منهنجي رهنمائي ڪئي ۽ حقيقي معنيٰ ۾ منهنجو ساٿ ڏنو.


    مهراڻِ ايوب
    17_ڊسمبر 2015
    قنبر
    mehran_35@hotmail.com


    منهنجو خواب ساڀيان ٿي ويو

    جيسيتائين منهنجي ڄاڻ آهي ته منهنجي ڏاڏاڻي خاندان ۾ پڙڏاڏي تائين ڪوبه پڙهيل ڪو نه هو، پوئتي ورلي ئي ڪو ٻه چار درجا پڙهيل هجي. مون جيئن تيئن ڪري هاءِ اسڪول وڳڻ مان مئٽرڪ پاس ڪئي. ڳوٺ ۾ هلڪو ڦلڪو سياسي ماحول ته مليو پر پڙهڻ پڙهائڻ وارو ماحول نه ملي سگهيو. ۽ 1987ع ۾ انجنيئر عبدالعزيز ٻرڙي صاحب سان مسلسل علمي ادبي ڪچهريون ٿيون ۽ سائين جن ڳوٺ ۾ لائبريري به ٺاهي ڏني، ساڳي ئي وقت قنبر جي ڪجهه دوستن سان پڻ علمي ادبي ڪچهريون ٿيڻ لڳيون جنهن جي ڪري لطيف سرڪار ۽ ادب سان اُتساھ پيدا ٿيو ۽ پوئين زندگي تي پڇتاءُ ٿيو ته جيڪر انهن دوستن سان اڳي ملان هان. خير ان کان پوءِ پاڻ سان عزم ڪيو ته ايندڙ نسل کي علم جي روشني کان وانجهيل نـ ڇڏبو، پر ڳوٺ ۾ مڊل اسڪول کان پوءِ تعليم نه هئي، منهنجي امڙ همت ڪري منهنجي ٻن نياڻين ۽ ڀيڻ کي قنبر اسڪول ۾ داخل ڪرايو. ان وقت مان ڪراچيءَ ۾ رهندو هيس پر پوءِ ٻارڙن جي تعليم جي ڪري مستقل اچي قنبر شفٽ ٿي ويس. گريجوئيشن کان پوءِ نياڻين کي يونيورسٽي موڪليم ان تي منهنجا مائٽ ڪاوڙيا، پر جيئن ته پاڻ سان واعدو ڪري چڪو هئس ته ٻارڙن کي ضرور پڙهائيندس،سو مون ڪنهن جي به ڳالھ نه ٻڌي. پڙهائي دوران منهنجي ٻيو نمبر نياڻي امبر مختلف سنڌي ڪتابن لاءِ ڪهاڻيون به لکندي رهي، مان ڏاڍو خوش ٿيندو هيس. مون پاڻ به ٿوري ٿڪي شاعري ڪئي، سنڌي ادبي سنگت قنبر جي گڏجاڻين ۾ پڙهندو هيس، دوست ڏاڍو اتساهيندا هئا پر اهو ڪم جاري نـه رکي سگهيس.
    اڪثر اِن ڳالهـ تي افسوس ٿيندو هو ته منهنجي اولاد مان ڪو به شاعر يا اديب نه ٿيو. ڪجهه مهينا اڳ مون گهر ۾ پنهنجي ننڍي نياڻي مهراڻ کي سخت گرمين دوران مسلسل لکندي ڏٺو پر کانئس ڪو سوال نه ڪيو. مهيني کن کان پوءِ ٻڌايائين ته “بابا مون ناول لکيو آهي”، مان وائڙو ٿي ويس ۽ کيس چيم ته تون پڙهي ته سگهين ٿي پر لکڻ تنهنجي وس جي ڳالهـ نه آهي.(اهو ان ڪري چيم جو هُن اڳ ڪجهه به نه لکيو هو). چيائين ته؛“ اوهان چاچا دين محمد ڪلهوڙي کي پڙهڻ لاءِ ڏيو ۽ هُن کان راءِ وٺي ڏيو.” مواد کڻي ڀائو دين محمد وٽ پهچايم جنهن ناول پڙهي ان کي ڪمپوز به ڪرائي ڏنو. مون جڏهن اهو پڙهڻ شروع ڪيو ته اچرج ۾ پئجي ويس تـه “مهراڻ” جنهن ڪڏهن ڪجهه لکيو ئي نه هو، اها اهڙو سٺو ناول لکي سگهي ٿي . جيڪو خاڪو ويهه پنجويهه سال اڳ مان سوچيندو هيس، اهو هن هاڻي ڪيئن لکي ورتو. ناول پڙهڻ کان پوءِ ڀائو دين کان سندس راءِ پڇيم جنهن پڻ خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ مبارڪ ڏئي چيو ته هاڻ تون هڪ سٺي ليکڪا جو پيءُ آهين، ڀائو جي ڳالهـ ٻڌي اکين مان خوشيءَ جا ٻه لڙڪ ڳڙي پيا.. سوچيم ته منهنجو خواب ساڀيان ٿي ويو.

    ڪامريڊ محمد ايوب ٻرڙو
    قنبر
    20 ڊسمبر 2015ع


    سعي هڪ گهريلو سماجي ناول

    سعي هڪ گهريلو سماجي ناول آهي. هن ۾ زندگيءَ جي تڪليفن ۽ ڪشالن سان ڀريل ڊگهي سفر جو هڪ ڪشٽ سمايل آهي. هن ۾ ڪئين ڪهاڻيون لڪل آهن ۽ هر هڪ ڪهاڻيءَ جا الڳ الڳ موضوع آهن، جن تي ڌار ناول لکي سگهجن ٿا، ڇو ته جنهن سماج ۾ اسان رهيا آهيون ان ۾ رهندڙ فردَ بذاتِ خود ڪئين ڪهاڻيون آهن ۽ اڪثر فرد جي چهري مٿان چهرو اوڍيل آهي، انهن کي سمجهڻ ۽ وائکو ڪرڻ لاءِ به ڪئين زندگيون گهرجن. هن ناول ۾ ليکڪا انهن مڪروه چهرن کي بي نقاب ڪرڻ جي هڪ سٺي سعي ڪئي آهي.
    فني طرح هن ناول جو پلاٽ سادو آهي. هن پلاٽ جي آکاڻيءَ ۾ هڪ کان وڌيڪ موضوع سمايل آهن. هن ناول ۾ ڪردارن جي گهڻائيءَ ۽ انهن جي اندروني خلفشارن ۽ مسئلن جي ڪري ناول جو سورمو انهن ۾ دٻجي ويو آهي، جنهنڪري جيڪي ڪم سورمي کي ڪرڻا آهن، اهي مددگار ڪردارن کان ڪرايا ويا آهن، تنهن هوندي به هيءُ ناول، پنهنجي فارميٽ ۾ ناول سڏائڻ جي قابل آهي. ناول ڪردار نگاريءَ جو طريقو گولائيءَ (circular) وارو رکيو ويو آهي. ناول ۾ ڪردار نگاريءَ جا گهڻو ڪري 3 طريقا اپنايا ويندا آهن، پهريون، سڌي ليڪ ( (straight line وارو طريقو هوندو آهي.جنهن ۾ هڪ سورمو ۽ هڪ سورمي ٿين ٿا ۽ سموري ناول ۾ اهي ٻئي ڪردار ٻين سڀني ڪردارن تي حاوي رهن ٿا. ٻيو، ٽڪنڊي (Triangular) وارو طريقو هوندو آهي، جنهن ۾ هڪ سورمو، ٻي سورمي ۽ ٽيون وِروڌي (بدمعاش) هوندو آهي. ٽيون، گولائي وارو طريقو هوندو آهي. هن ۾ سماج اندر انارڪي ۽ خلفشار پيدا ٿيڻ جو دارومدار مدي خارج ريتن رسمن تي هوندو آهي ۽ ناول نگار انهن حالتن کي فوڪس ڪري قلم کڻندوآهي. هن ناول ۾ سنڌ جي هڪ پُٺتي پيل شهر جي پسمانده حالتن ۾ پرورش پاتل مدي خارج ريتن رسمن تي جرئتمندانه تنقيد ڪئي ويئي آهي. ناول ۾ جاگيرداري سماج ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ سماجي بيمارين جي ڀرپور عڪاسي ڪئي ويئي آهي.ناول ۾ ٻوليءَ جو استعمال به ماحول مطابق ڪيو ويو آهي، مڪالمن جي اڻت ڏانهن به چڱو ڌيان ڏنو ويو آهي.
    سعي ذريعي مهراڻِ ايوب ادبي ميدان ۾ نئون نئون قدم رکيو آهي. هن نئين قدم مان خبر پوي ٿي ته ناول نگاره جي اندر ۾ هڪ وڏي ليکڪا ويٺي آهي، جا وقت اچڻ تي سنڌي ادب کي وڏو ادبي سرمايو ارپڻ چاهي ٿي. هي ناول لکڻ تي مهراڻ کي مبارڪون ڏيان ٿو ۽ گڏوگڏ سندس والد ڪامريڊ محمد ايوب ٻرڙي کي به جس ڏيان ٿو، جنهن پنهنجي سمورين نياڻين جي پرورش ۽ تعليم پٽن وانگر ڪئي . مون کي ڪامريڊ جي اهڙين محنتن ۽ ڪوششن تي ريسَ ايندي آهي، ڪاش هن ماڻهوءَ کان اسان جا ٻيا به قنبر واسي سبق حاصل ڪن ۽ پنهنجي نياڻين کي پٽن وانگر تعليم ڏيارين.نياڻيون، رب پاڪ جي طرفان والدين لاءِ رحمت بڻجي اينديون آهن، انهن جي تعليم ۽ پرورش لاءِ جيترو به ڪجي، اهو گهٽ آهي.جهڙيءَ ريت پيءُ ماءُ تي نياڻيءَ کي پرورش، تعليم ۽ سٺي ڏيارڻ جو فرض ٿئي ٿو، ته اتي ئي وري نياڻين تي لازم آهي ته اهي به پنهنجي پيءُ ماءُ جو ادب ۽ احترام ڪن. مهراڻِ، ڪامريڊ ايوب جي ٻين نياڻين وانگر پڙهيل لکيل بااخلاق ۽ سدوري نياڻي آهي. هِن وٽ لکڻ جو ڏانءُ آهي. هن جڏهن ناول لکي منهنجي حوالي ڪيو، ته مون کي حيرت ٿي ته ڪلهه جي نياڻيءَ اڄ ناول لکيو آهي. مون ته سڄي ڄمار ناول لکڻ جو سڌَ ڪئي، پر لکي نه سگهيو آهيان. ناول پڙهي مون ڪمپوز ڪرائي ڏنو، حڪم ٿيو ته اُن تي مان ڪجهه لکي به ڏيان.مون لکڻ کان گهڻي گوٿناٿ ڪئي،پر هيءَ منهنجي نياڻي، سنڌيءَ چوڻيءَ مطابق، صفا هٿ ڌوئي ڪڍ پئجي ويئي. نياڻيءَ جي اسرار تي هيءُ مختصر ڪجهه لکيو آهي. مون کان وڌيڪ نقاد پڙهندڙ آهن، اُهي انصاف ڪري سگهن ٿا.


    دين محمد ڪلهوڙو
    اڳوڻو ايڊيٽر ٽماهي ”مهراڻ“
    سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو

    1-جنوري 2016ع
    ايم،سي،پي واپڊا ڪالوني،
    ڄامشورو


    ناول

    1

    پياري ڀيڻ زينا…

    مون کي شايد نه چوڻ کپي، پر پوءِ به اميد ٿو ڪريان ته صفا جي رت جي خوشبو حويلي ۾ اڃا ڦهليل هوندي به اتي سڀ خير هوندو.
    منهـنجي داخلا منهـنجي من پسند سبجيڪٽ فلاسافي ۾ ٿي ويئي آهي. داخلا لاءِ فارم جمع ڪرائڻ وقت جيترو ان سبجيڪٽ جي باري ۾ پڙهڻ لاءِ پرجوش هئس، هاڻي اوتري ئي دل کڄي ويئي آهي. ڪتاب کڻندو آهيان، ته ڪتاب جا سڀ اکر ڳاڙها لڳندا آهن. هر اکر صفا جي پاران ميار ڏيندو آهي، ته مان ان جو وڏو ڀاءُ هجڻ جي ناتي ڪجھ به نه ڪري سگهيس. هاڻ ته ڀٽائي سرڪار جو رسالو کڻڻ کان به ڊپ لڳندو آهي ته ڪٿي سر ڪيڏاري جون اهي سٽون نـ کلي وڃن “ته پڻ لڄ مران جي هونس پُٺِ ۾.” مون کي اهو احساس جيئڻ نٿو ڏيئي ته مان پنهنجي ذميدارين کي منهن نـ ڏيئي سگهيس ۽ ڪانئرن وانگر پٺي ڏيئي هليو آيو آهيان.
    اڄڪلهه مون وٽ صفو جي باري ۾ سوچڻ ۽ ان کي ياد ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪو ڪم ڪونهي.
    پنهـنجو، امان ۽ ادي وارن جو خيال رکجانءِ.

    تنهـنجو بزدل ڀاءُ
    مؤمن
    تاريخ 10- فيبروري 1981ع

    زينب، خط کي ٽيون ڀيرو پڙهي رهي هئي. خط پڙهي هوءَ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي. هن اهو خط پنهـنجي ماءُ کي به نه پڙهي ٻڌايو. هوءَ جلدي ۾ مؤمن ڏانهن جواب لکڻ ويٺي.
    پيارا ڀاءُ…
    مڃان ٿي، ته توهان هتان وارن مان خير جي اميد نٿا رکي سگهو پر توهان پاڻ کي بزدل چئي، هتان وارن کي دلير نٿا بڻائي سگهو. شينهن جي کل پائڻ سان لومڙي ڪڏهن به شينهن ناهي ٿي ويندي. هي پنهـنجي ئي دنيا ۾ رهندڙ کوهـه جا ڏيڏر آهن، جيڪي ڪڏهن به توهان وانگر ٻاهرين دنيا سان ڄمي مقابلو نه ڪري سگهندا.
    ۽ اها ڳالهه ياد رکجو ته توهان ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان شرمنده ٿيڻ وارو ڪم ڪو نـ ڪيو آهي بلڪـه توهان ته شاهه سائين جي هيٺين سٽن تي عمل ڪيو آهي.
    “سو ماڳ ئي ڦير، جتي ڪوڙ ڪماڙئو.”

    توهان جي اچڻ جي منتظر
    توهان جي ڀيڻ زينب
    25- فيبروري 1981ع
    ڳوٺ دلاور خان
    شهدادڪوٽ

    ڀيڻ جو خط پڙهي، مؤمن الماري ۾ رکيو ۽ يونيورسٽي هليو ويو.
    خط پڙهڻ کان پوءِ هن جي دل تان ٿورو بار هلڪو ٿيو هو. ڪلاس ۾ پهتو ته اتي نئون پروفيسر آيل هو، کيس ڪاري رنگ جي پينٽ تي آسماني رنگ جي شرٽ ۽ ڪارو ڪوٽ پاتل هئا. سندس وار ۽ ڏاڙهي اڇي هئي. هو ڏسڻ ۾ ٻين استادن کان بنهه مختلف هو. هن پنهنجو تعارف ڪرايو، سندس نالو فيروز حسن صديقي هو، هن ڪتابن تان پڙهائڻ جي بجاءِ شاگردن ۾ بحث مباحثو شروع ڪرايو. مؤمن پهريون ته خاموش رهيو پر استاد جڏهن دنيا جي ٻين فلاسافرن سان گڏ شاهه عبداللطيف کي به زيرِ بحث آندو ته مؤمن به وقفي وقفي سان بحث ۾ حصوورتو. هن جي هر راءِ مان سر فيروز حسن متاثر ٿي رهيو هو.
    ڪجھ ڏينهن مسلسل ڪلاس وٺڻ ۽ شاگردن سان دوستاڻي رويي جي ڪري فيروز حسن صديقي صاحب مؤمن جي ذهن جي تشنگي محسوس ڪئي.
    ڪلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ سر فيروز مؤمن کي پنهنجي آفيس ۾ گهرايو. سر فيروز پنهنجن شاگردن سان دوستي جي حوالي سان پوري ڊپارٽمينٽ ۾ مشهور هو.
    “ڪهڙي ڳالهه آهي جيڪا تنهنجي پڙهائيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجي رهي آهي؟” مؤمن آفيس ۾ اڃا داخل ٿي ڪرسيءَ تي ويٺو ئي مس ته سر فيروز هن کان پڇيو.
    اهو سوال هن لاءِ ڪنهن ڊرون حملي کان گهٽ نه هو. هو اهڙي ڪنهن سوال لاءِ تيار نه هو.
    “سر اهڙي ڪا ڳالهه ناهي.” مؤمن ڳالهه ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سر فيروز ان ڳالهه جو اصل ڪارڻ معلوم ڪرڻ جو اٽل ارادو ڪري چڪو هو.
    مؤمن هن کي پنهنجي ڳوٺ ڇڏڻ جو مختصر احوال ٻڌايو.
    “هاڻي جڏهن تون هن مقصد (پڙهائي) لاءِ سڀ ڪجھ ڇڏيو آهي ته پوءِ هاڻي ان سان بي وفائي ڇو پيو ڪرين؟” سر فيروز هن کي سمجهائيندي چيو.
    هو ڪافي دير صديقي صاحب جي آفيس ۾ ويٺو رهيو، پوءِ هن کان اجازت گهري اسٽور تي واپس آيو.
    هو روز سر صديقيءَ جي آفيس ۾ اچڻ لڳو، مختلف موضوعن تي ٻنهي ڄڻن جو خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي هئي. سر صديقي جي شخصيت جو ايترو اثر هو جو هڪ دفعو ملڻ کان پوءِ ڪو اهڙو نه هوندو جيڪو ان سان ٻيهر ملڻ نه چاهيندو هجي. مؤمن به ان اثر هيٺ ئي اچي ويو. ان جي صحبت جو اثر اهو ٿيو جو مؤمن پنهنجي مقصد طرف واپس موٽي آيو.
    سر فيروز جي فيمليءَ ۾ صرف ان جي سترهن سالن جي هڪ ڌيءُ شهلا هئي. سندس گهرواريءَ جي وفات ڪافي سال اڳ ٿي چڪي هئي. سر فيروز ۽ ان جي گهرواري پنهنجي ماءُ پيءُ جا اڪيلا اولاد هئا، انڪري هنن جا رشتيدار نه هئڻ جي برابر هئا.

    مؤمن هن دفعي ڳوٺ ويو ته کيس خبر پئي، ته زينب جي شادي طئه ٿي ويئي آهي، زينب جو رشتو هن جي چاچي مير چاڪر خان جي پٽ مير غضنفر خان سان ٿيو هو. مير چاڪر خان ڪوئٽا ۾ رهندو هو پر ڪافي سالن کان پنهنجي ڀائرن کان رٺل هو. ڪجھ وقت اڳ ٻنهي ڀائرن جو پاڻ ۾ ٺاھ ٿيو ته هنن پنهنجي ٻارن جا رشتا به طئه ڪري ڇڏيا.
    مير غضنفر خان هڪ سٺو ۽ خوش اخلاق نوجوان هو. ناراضگي هئڻ جي باوجود هو ڪافي دفعا مؤمن سان ملي چڪو هو.
    هڪ هفتي کان پوءِ زينب جي شادي ٿيڻي هئي. هن کي ونواهـ ۾ ويهاريو ويو هو. اها ڳالهه ٻڌندي ئي مؤمن زينب جي ڪمري ڏانهن آيو، هن کي پيلي جوڙي ۾ ڏسي سندس اکين ۾ بي اختيار لڙڪ اچي ويا. مؤمن لڙڪن کي اکين جي پويان ڌڪيندي پنهنجي ڀيڻ کي هميشه خوش رهڻ جي دعا ڏني. زينب ڪنوار جي ويس ۾ ڏاڍي پياري ۽ خوبصورت لڳي رهي هئي. سندس چهري تي هڪ اڻ لکي مرڪ پکڙيل هئي.
    “اڄ توکي منهنجي ئي نظر نه لڳِي پئي.” مؤمن ڪجھ نوٽ ڀيڻ تان گهوريندي چيو.
    “توهان نه اچو هان ته مان نڪاح کان انڪار ڪري ڇڏيان هان.” زينب جي لهجي ۾ تلخي ۽ مٺاس جو گڏوچڙ عنصر شامل هو.
    “چري مون ڏي خط به نه لکيئي وري ائين به چئين ٿي!” مؤمن ڀيڻ کي ميار ڏني.
    “مان ڏسڻ پئي چاهيان، ته اوهان پاڻ ئي اچو ٿا يا نه؟” زينب روئڻهارڪي انداز ۾ چيو.
    “جيڪڏهن منهنجون موڪلون نه ٿين ها ته مان ائين ته نه اچان ها نه. تو کان سِوا ٻيو ڪير آهي جيڪو مون کي ٻڌائي هان، خير بس هاڻي اچي ويس نه تون فڪر نه ڪر.
    پر مون ٻڌو آهي تون روئي روئي امان ۽ ادي کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي؟” مؤمن هن ڏانهن سواليه نظرن سان ڏٺو.
    زينب هيٺ ڪنڌ ڪيو، سندس اکين مان ٻه لڙڪ نڪري جهولي ۾ ڪِريا.
    “سچ ٻڌاءِ مون لاءِ پئي روئين يا ٻيو ڪو سبب آهي؟” مؤمن، ڀيڻ جي اکين ۾ لڪيل پريشانيءَ کي محسوس ڪري ورتو هو.
    “ادا مون کي ڊپ پيو لڳي.”
    “زينب! غضنفر ڏاڍو سٺو ڇوڪرو آهي، هو بابا ۽ چاچا وارن کان بلڪل مختلف آهي. ايترو عرصو هو ڀلي اسان سان نه ڳالهائيندا رهيا آهن پر پوءِ به غضنفر مون سان ملندو رهندو هو.” مؤمن جي لهجي ۾ هڪ ڀيڻ جي لاءِ هڪ وڏي ڀاءُ ۽ محافظ جو اڻ ميو اعتماد شامل هو.
    زينب فرمانبرداريءَ سان ڪنڌ هيٺ جُهڪائي ڇڏيو.

    شاديءَ جو ڏينهن اچي ويو. هر رسم تمام سٺي نموني سان ٿي ويئي. مؤمن، زينب سان گڏ ئي ان جي ساهرن ڏانهن وڃڻ جو سوچيو هو، انڪري رخصتي ٿي ته هو به ڄاڃين سان گڏ اوڏانهن وڃڻ لاءِ گاڏي ۾ چڙهيو.
    ڳوٺ مان نڪرندي ايڏي فائرنگ ڪئي ويئي جو هر طرف گندرف ۽ بارود جي بدبوءِ پکڙجي ويئي.
    “گهوٽ ۽ ڪنوار مٿان مشڪ عنبر ڇٽڻ بدران، هاڻي گندرف جي ڌپ سان ڀليڪار ۽ رخصت ڪرڻ جي رسم وڌندي پئي وڃي.” مؤمن سوچيو.
    ڄڃ جيئن ئي ڪنهن ٻي سردار جي ڳوٺ وٽان پئي گذري تيئن ئي دهل شرنائين سان گڏ فائرنگ ڪرڻ جو رجحان به وڌندو پئي ويو.
    گهوٽ ۽ ڪنوار جي گاڏي سڀني کان اڳ ۾ هئي. ڪنهن ڳوٺ وٽ پهچڻ وقت جهمرين وارا ان گاڏي جي اڳيان وڃي جهمريون هڻي رهيا هئا، ته فائرنگ وارا به لهي وڃي اڳيان فائرنگ ڪري رهيا هئا.
    زينب جي بدنصيبي، جو ڪٿان هڪ گولي اڳين سيٽ تي ويٺل غضنفر جي سيني کي چيريندي سندس زندگيءَ کي ختم ڪري ڇڏيو!
    زينب جيڪا ڳاڙهي وڳي ۾ سهاڳڻ بڻجي گهران نڪتي هئي سا پنهنجي سهاڳ جي گهر پهچڻ کان پهرين ئي رستي ۾ ڏهاڳڻ بڻجي ويئي.
    مؤمن کي غضنفر جي لاش ۾ زينب جو لاش نظر اچي رهيو هو. کيس خبر هئي ته غضنفر جي دفنائڻ سان گڏ هو پنهنجي ڀيڻ جا ارمان ۽ حسرتون به دفنائي رهيو هو. هاڻي کيس پوري عمر غضنفر جي نالي تي گذارڻي هئي.
    ڪجھ ڏينهن زينب سان گڏ رهي مؤمن يونيورسٽي واپس اچي ويو. پر هاڻي هو زينب لاءِ وڌيڪ فڪرمند رهڻ لڳو هو. هو زينب کي هر هفتي خط لکندو هو. پر هوءَ کيس ڪو جواب نه ڏيندي هئي انڪري جڏهن به موڪلون ٿينديون هيون ته ڳوٺ روانو ٿي ويندو هو.
    .....................

    وقت پنهنجي پوري روانيءَ سان گذرندو رهيو. مؤمن يونيورسٽيءَ ۾ ڊگري مڪمل ڪري ورتي. ڊپارٽمينٽ ۾ پهرين پوزيشن کڻڻ جي ڪري کيس اتي ئي نوڪري جي آڇ ڪئي ويئي.
    ڳوٺ اچي هن اها خوشخبري سڀني کي ٻڌائي، سندس ماءُ ۽ ڀينر ته تمام گهڻيون خوش ٿيون پر جڏهن اها خبر هن پنهنجي پيءُ کي ٻڌائي ته هو هڪ دفعو ٻيهر سردار بهادر خان ٿي پيو.
    “مؤمن، تون هاڻي پنهنجي گهڻي من ماني ڪري بيٺين، نوڪري ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي. مان توکي سرداري گدي تي ويهارڻ چاهيان ٿو. بهرام خان توکان پوءِ آهي ۽ مون کي ان جا طور طريقا نٿا وڻن. مون کي بس تنهنجي تعليم پوري ٿيڻ جو انتظار هو. مون سبزل خان کان ايندڙ مهيني جي تاريخ به گهري ڇڏي آهي.” هن مؤمن کي ڪاوڙ مان چيو.
    “ڇا جي تاريخ بابا سائين؟” مؤمن حيرانگيءَ مان پڇيو.
    “تنهنجي ۽ دُربيبيءَ جي شادي جي تاريخ، تنهنجي آسري وڃي ٿي ڇوڪريءَ جي عمر چڙهندي.” سردار بهادر خان چيو.
    “مون شادي ڪرڻ جو اڃا نه سوچيو آهي ۽ نوڪري مان هرگز نه ڇڏيندس.” مؤمن پنهنجي پيءُ کي کُتو جواب ڏنو.
    “ڏس مؤمن مان ايتري نرمي پنهنجي اولاد ۾ ڪنهن سان به نه رکي آهي، تون منهنجي نرميءَ جو ناجائز فائدو پيو وٺين. تو وٽ هڪ ڏينهن آهي پنهنجو پاڻ کي ان ڳالهه لاءِ تيار ڪري وٺ. مان تنهنجي واتان ٻيهر انڪار نه ٻڌان.” سردار صاحب ڌمڪي آميز لهجي ۾ چئي هليو ويو.
    مؤمن ڪمري مان نڪتو ته هن کي سردار سبزل خان سامهون ايندي نظر آيو.
    “ڏي خبر ڪڏهن ٿو واپس اچين، اسان ته شاديءَ جون تياريون به شروع ڪري ڇڏيون آهن.” مؤمن چاچي کي سلام ڪري ٻاهر وڃڻ چاهيو پر سبزل خان کيس روڪيو ۽ بنا ڪنهن هٻڪ جي مؤمن کي چئي ڏنو.
    “پر مان في الحال شادي نه ڪندس.” مؤمن به چاچي سان سڌي ڳالهه ڪرڻ چاهي.
    “في الحال نه ڪندين ته پوءِ باقي ڪڏهن ڪندين؟ تنهنجي آسري پنهنجي ڌيءُ کي سڄي عمر ويهاريندس ڇا؟” سبزل خان جي نرڙ جا گهنج وڌيڪ گهرا ٿي ويا.
    “توهان ان جو رشتو ڀلي ٻئي ڪنهن مناسب هنڌ ڪري ڇڏيو.” مؤمن هاڻي سڌو جواب ڏنو.
    اهو ٻڌي، سردار سبزل خان مؤمن کي هڪ زوردار چماٽ وهائي ڪڍي. اچانڪ اتي سردار بهادر خان به اچي ويو. هن کي پنهنجي ڀاءُ مؤمن جي انڪار جو ٻڌايو، ته هو به ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ مؤمن کي هميشه لاءِ حويلي مان نڪري وڃڻ لاءِ چيو.
    “پٽ تون ئي کڻي ضد ڇڏي پنهنجي گهر ۾ رهي پئـه.” مؤمن ماءُ کان موڪلائڻ آيو ته ماءُ کيس التجا ڪندي چيو.
    “امان تنهنجي هن پٽ جي نصيب ۾ شايد پنهنجو گهر لکيل ئي ناهي.” مؤمن ماءُ کي افسوس مان چيو. هن ماءُ جا هٿ چميا ۽ کيس روئندو ڇڏي هميشه لاءِ ڪراچي واپس هليو آيو.
    گهر ڇڏڻ کان پوءِ سر صديقي سان مؤمن جو تعلق وڌيڪ گهرو ٿيندو ويو. شام جو روز چانهه تي سر صديقي هن کي گهرائي وٺندو هو. سر صديقي يونيورسٽيءَ طرفان مليل هڪ گهر ۾ پنهنجي ڌيءُ سان گڏ رهندو هو.
    ڪجھ ئي ڏينهن کان پوءِ زينب هن کي خط لکي ٻڌايو ته بهرام خان جو رشتو دُربيبيءَ سان طئـه ڪيو ويو آهي ۽ ان جي بدلي ۾ درناز جو رشتو هيبت خان سان طئه ڪيو ويو آهي. ايندڙ مهيني انهن جي شادي مقرر ڪئي ويئي آهي.
    مؤمن اها خبر ٻڌي دل ئي دل ۾ مطمئن ٿيو ته دُربيبي جي زندگي بچي ويئي. گهٽ ۾ گهٽ ان کي مؤمن جي نالي تي ويهاريو نه ويو هو.
    حويلي سان رشتو ختم ٿيڻ کان پوءِ مؤمن کي احساس ٿيڻ لڳو ته گهر هجڻ جو احساس ئي ڪيترو نه حسين آهي. هو هيترن سالن کان گهر کان الڳ هو پر پوءِ به ان گهر ۾ واپس وڃڻ تي هِن لاءِ ڪا بندش نه هئي. جڏهن هن لاءِ سڀ دروازا بند ڪيا ويا ته دل شدت سان اتي ڇڏيل پنهنجي ماءُ ۽ ڀينرن کي ياد ڪرڻ لڳي هئي.
    هن کي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ماءُ تي ڪاوڙ ايندي هئي ته هوءَ پنهنجي اولاد جي معاملي ۾ ٿيل غلط فيصلن بابت بابا سان ڇو نه ڳالهائي سگهي.
    “مائر جيڪڏهن چاهين ته اولاد جي حق لاءِ وڙهي سگهن ٿيون پر امان منهنجي لاءِ ڪيل هڪ ننڍڙو فيصلو به نه پئي بدلرائي سگهي. آخر بهرام خان به ته گنهـگار هجڻ جي باوجود ان حويليءَ ۾ رهيل آهي. ان کي ته ڪوئي ڪجھ نه چوندو هو. ان کي ايترو آسانيءَ سان معاف ڪيو ويو، مون کي معاف ڇو نٿو ڪيو وڃي.” اڪثر اهڙيون سوچون هن کي پريشان ڪري ڇڏينديون هيون.
    مؤمن کي اڳ ۾ ڪڏهن به گهر جي ايتري سڪ نه لڳي هئي جيتري هاڻي لڳي رهي هئي. هو انهن ئي سوچن ۾ ويٺو هو ته هن کي پنهـنجو هڪ دوست وٺڻ آيو. مؤمن کي سر صديقيءَ گهرايو هو. مؤمن صديقي صاحب جي گهر پهتو ته ان جي حالت ڏاڍي خراب هئي. مؤمن پنهنجي دوست سان گڏ ان کي اسپتال کڻائي آيو. حالت نازڪ هجڻ جي ڪري صديقي صاحب کي اسپتال ۾ داخل ڪرڻو پيو. ٻن ڏينهن کان پوءِ صديقي صاحب جي حالت ڪجھ بهتر ٿي ۽ هو ڳالهائڻ جي لائق ٿيو ته هن مؤمن کي پاڻ ڏانهن گهرايو.
    “بيماري جي هڪ لوڏي ئي صديقي صاحب کي ڪمزور ڪري ڇڏيو هو. سندس منهن مان ئي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هو ڪنهن طويل بيماري مان اٿيو هجي.”
    “مؤمن! مان پنهنجي ڌيءُ شهلا جي شادي توسان ڪرائڻ چاهيان ٿو.” صديقي صاحب مؤمن ڏانهن پراميد نظرن سان ڏٺو.
    مؤمن خاموش ٿي ويو. في الوقت هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڪهڙو جواب ڏي.
    “جيڪڏهن تون انڪار ڪندين ته به خير آهي، ان سان اسان جي رشتي ۾ ڪو فرق نه ايندو.” صديقي صاحب مؤمن کي خاموش ڏسي پاڻ ئي ٻيهر ڳالهه شروع ڪئي.
    “سر اصل ۾ مون کي نٿو لڳي ته مان اهڙي ڪنهن به ذميداري لاءِ تيار آهيان.” مؤمن آهستگيءَ سان چيو.
    “ڪا ڳالهه ناهي مؤمن هاڻي مون کي اهو ٻڌاءِ ته گهر ڪهڙي مهل وٺي هلندين مون کي؟” صديقي صاحب هن سان ان معاملي تي وڌيڪ ڪجهه به نه ڳالهايو.
    “بس ٿوري دير ۾ هلون ٿا.” مؤمن جواب ڏنو.
    شام تائين صديقي صاحب کي ان جي گهر ڇڏي مؤمن واپس هاسٽل ڏانهن هليو ويو.
    مؤمن دل ئي دل ۾ شرمندو هو ته هن پنهنجي محترم استاد جي ڏنل پروپوزل کي ڪو مانُ نه بخشيو هو.
    ٻئي ڏينهن صبح جو ڊپارٽمينٽ پهچندي ئي کيس خبر پئي ته صديقي صاحب هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي. سڄو اسٽاف اوڏانهن وڃي رهيو هو. مؤمن به جلدي ۾ اتي پهتو.
    صديقي صاحب کي دفنائڻ کان پوءِ اسٽاف جو هر ڪو ماڻهو ان جي ڌيءُ لاءِ افسوس جو اظهار ڪري رهيو هو. ڪجھ پروفيسرن پنهنجون گهرواريون شهلا وٽ ڇڏيون هيون ته جيئن هو ان جي ڏک ۾ شريڪ ٿي سگهن پر ڪوئي آخر ڪيستائين ان وٽ رهي سگهيو ٿي.
    صديقي صاحب جي هڪ دوست مؤمن سان صديقي صاحب جي خواهش جو اظهار ڪيو، هن کي شايد اِها ڄاڻ نه هئي ته صديقي صاحب مؤمن سان پڻ اها ڳالهه ڪري چڪو هو. مؤمن جيڪو اڳي ئي پنهنجي شفيق ۽ دوستن جهڙي استاد کي انڪار ڪري پاڻ کي ان جو گنهگار سمجهي رهيو هو. سو هاڻي هن ان جي مرحوم استاد جي خواهش پوري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. صديقي صاحب جي ٽيجهي کان پوءِ مؤمن ۽ شهلا جو نڪاح سادگيءَ سان ٿي ويو.
    ******


    2

    جيتوڻيڪ حسينه جي شادي 13 ورهين جي عمر ۾ ٿي جيڪا هن جي راندين ڪرڻ جي عمر هئي پر پوءِ به هوءَ هن ڳوٺ ۾ اچي ڏاڍي خوش هئي. شادي سندس ماسات فضل سان ٿي جيڪو سردار صاحب جي اوطاق تي ڪم ڪندو هو. هن جي ماسي به حويليءَ ۾ ئي ڪم ڪندي هئي. هيءَ اڳ به جڏهن هن ڳوٺ ۾ ايندي هئي ته کيس هي ڳوٺ ڏاڍو وڻندو هو ڇو ته هن جو پنهنجو ڳوٺ ٿورين جهوپڙين تي مشتمل هو، جتي ايتريون سهولتون نه هيون. ان جي مقابلي ۾ هتي وڌيڪ سهولتون هيون. ان کان علاوه جڏهن هن به حويلي وڃڻ شروع ڪيو ته ڄڻ سندس دنيا ئي بدلجي ويئي. هن جي سس حويلي ۾ رڌپچاءُ جو ڪم ڪندي هئي پر هن کي وڏي سائڻ جيجي زينب جي ڪم ڪار لاءِ مقرر ڪيو. هن جي قسمت ڀلي هئي جو جيجي زينب گهڻو ڪري پنهنجا ڪم پاڻ ڪندي هئي انڪري حسينه جا ته مزا هئا.
    جيجي زينب گهڻو ڪري خاموش رهندي هئي، پر جڏهن سندس ڀاءُ سردار مؤمن شهر ڏانهن ايندو هو ته ڏاڍي خوش هوندي هئي. ڪجھ ئي عرصي ۾ وڏي سردار مؤمن جي حويلي اچڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي جنهن کان پوءِ جيجي زينب کي خوش ڪرڻ لاءِ حسينه ڏاڍا جتن ڪندي هئي. جيجي زينب جي ڪوٺي وڏيءَ سائڻ جي حجري ۾ ٺهيل هئي. هوءَ حسينه کي ڪڏهن ڪڏهن خط ڏيندي هئي جا هوءَ پنهنجي مڙس هٿان شهر مان مؤمن جي نالي تي موڪليندي هئي.
    ڪجھ ئي عرصي ۾ جيجي زينب ۽ حسينه ڄڻ ته پاڻ ۾ سهيليون بڻجي ويون جيڪا ڳالهه دُربيبي کي پسند نه هئي.
    حسينه کي حويلي ۾ ايترو مزو ايندو هو جو شام جو گهر وڃي گهر جا ڪم ڪار ڪرڻ تي هن جي دل گهٽ ئي چوندي هئي. عيد يا ٻيو ڪو موقعو هوندو هو ته هوءَ حويلي ۾ رهي پوندي هئي.
    سائڻ دُربيبي جي شروع کان ئي هن سان نه پوندي هئي ڇو ته هن ڪڏهن به جيجي زينب جون ڳالهيون هن سان نه ڪيون. سائڻ گهڻي ئي ڪوشش ڪندي هئي ته حسينه هن کي ڪجھ ٻڌائي پر حسينه زينب جي مخلص ۽ وفادار ملازمه هئي.
    ٽن سالن کان پوءِ حسينه کي پٽ ڄائو. هن جي سس بيمار رهڻ لڳي ته هوءَ گهر ۾ رهي پوٽي کي سنڀالڻ لڳي.
    زينب ته هار سينگار جي شوقين نه هئي پر حسينه هر وقت پنهنجو پاڻ کي پئي ٺاهيندي رهندي هئي.
    “جيجي توهان جي آرسي ته ويچاري روئندي آهي ته توهان هن ۾ پنهنجو پاڻ کي نه ٿيون ڏسو.” حسينه جڏهن به زينب جي ڪمري ۾ لڳل آرسي تي بيهي تيار ٿيندي هئي، تڏهن زينب کي چوندي هئي.
    هڪ ڏينهن صبح جو هوءَ جيئن ئي حويلي پهتي ته کيس خبر پئي ته جيجي زينب جي ماءُ حويليءَ جي وڏي سائڻ گذاري ويئي. حسينه کي ته يقين ئي نه پئي آيو، ڇو ته ڪلهه شام جو به هوءَ چڱي ڀلي هئي.
    جيجي زينب ۽ درناز ته ڏاڍيون روئي رهيون هيون پر جڏهن شام جو جيجي زينت آئي ته حويليءَ ۾ ڄڻ ڪهرام مچي ويو. ماءُ جي وڃڻ کان پوءِ جيجي زينب صفا اڪيلي ٿي پئي. حسينه زينب جو اڃا وڌيڪ خيال رکڻ لڳي.
    *****
    حسينه کي هتي ايترا سال ٿي ويا هئا پر سردار بهرام خان جي نظر هن تي ڪڏهن به نه پئي هئي. پهريون ته جڏهن سردار صاحب هن کي ڏٺو ته هن سمجهيو ڪا مهمان آهي پر هڪ ملازمه کان پڇڻ تي هن کي خبر پئي ته هوءَ زينب جي ملازمه آهي.
    اتفاق سان ڪجھ ڏينهن اڳ ئي حسينه جي مڙس کي سردار صاحب جي ڪمدار اوطاق مان چوري جو الزام لڳائي ڪڍي ڇڏيو هو.
    شام جو حسينه گهر وڃڻ لاءِ حويلي مان نڪتي ته هن کي ڪمدار سڏ ڪيو.
    “توکي سردار صاحب اوطاق ۾ گهرايو آهي.” ڪمدار هن کي چيو.
    “مون کي، پر ڇو؟!” حسينه حيرت مان پڇيو.
    “اها ته اتي هلي ئي خبر پوندي.” ڪمدار جواب ڏنو.
    حسينه ڊڄندي ڊڄندي ڪمدار جي پويان اوطاق ۾ آئي. ڪمدار هن کي سردار صاحب جي ڪمري وٽ ڇڏي ٻاهر هليو ويو.
    حسينه کي ڏڪڻي وٺي ويئي. هوءَ مشڪل سان سردار صاحب جي سامهون اچي بيٺي هئي.
    “مائي تنهنجي مڙس منهنجي ڪمدار جي چوري ڪئي پوءِ تون هتي ڇو پئي اچين؟” سردار صاحب هن کي پيرن کان منهن تائين غور سان ڏسندي پڇيو.
    “سائين مان ۽ منهنجو مڙس ته هتي سالن کان ڪم پيا ڪيون. اسان ڪڏهن اهڙو ڪم نه ڪيو آهي. توهان ڀلي جيجي زينب کان پڇيو.” حسينه ڏڪندي ڏڪندي جواب ڏنو.
    “اسان کي چور جي گهر جو ڪو به ماڻهو هتي نه کپي.” سردار صاحب حسينه ڏانهن پيرن کان منهن تائين ٻيهر غور سان ڏسي رعب مان چيو.
    “سائين مان اڳتي به خيال ڪندم، توهان مون کي حويلي مان نه ڪڍو”. حسينه هٿ ٻڌي ليلائيندي عرض ڪيو.
    “چڱو اڄ ڇڏيانءِ ٿو، ٻيهر ڪا غلطي ٿي، ته سٺو نه ٿيندئي.” سردار صاحب ڌمڪي ڏيندي چيو.

    ڪجھ ڏينهن گذريا ته حسينه گهر وڃڻ لاءِ حويلي مان نڪتي. اڄ هن کي دير ٿي ويئي هئي، انڪري جلدي جلدي گهر وڃڻ لڳي ته ڪمدار کيس پويان کان اچي سڏيو ۽ سردار صاحب ڏانهن وٺي ويو.
    ڪمدار هن کي اوطاق ۾ ٺهيل هڪ ڪمري ڏانهن وٺي آيو جتي صوفي تي سردار صاحب ويٺل هو ۽ هن جي اڳيان رکيل هڪ ٽيبل تي گلاس ۽ هڪ بوتل پئي هئي.
    ڪمدار حسينه کي اتي ئي ڇڏي هليو ويو.
    “حسينه توکي اڄ هتي ئي رهڻو آهي.” سردار صاحب ڪمدار جي وڃڻ کان پوءِ حسينه کي چيو.
    “پر سائين مان گهر پئي وڃان، منهنجو پٽ روئندو هوندو.” حسينه جي ڏڪڻي وڌي ويئي.
    “ان وٽ ان جو پيءُ آهي ۽ تون ڊڄ نه، هتي ويهه اچي.” سردار صاحب اٿي هن کي ڪلهن کان جهلي بيڊ تي ويهاريو.
    حسينه پاڻ کي هن کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “توکي هاڻي هتي اچڻو پوندو، جڏهن به مان گهرايان، جيڪڏهن تون ڪڏهن ڪو بهانو ڪيو ته پوءِ تنهنجو اهڙو حشر ڪندس جو ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جي قابل نه رهندينءَ ۽ جيڪڏهن منهنجي ڳالهه مڃيندينءَ ته پوءِ تنهنجي سوچ کان به گهڻو نوازيندس توکي.” سردار صاحب هن جي اکين ۾ نهاريندي چيو.
    حسينه خاموش نظرن سان سردار صاحب ڏانهن ڏسندي به رهي ۽ خوف وچان ڏڪندي به رهي.
    صبح جو سوير ئي ڪمري جو دروازو کولي سردار صاحب ڪمدار کي آواز ڏنو، جيڪو هڪ آواز تي ئي ڀڄندو آيو.
    “هن کي هن جي گهر ڇڏي اچ.” سردار صاحب حسينه ڏانهن اشارو ڪندي ڪمدار کي چيو.
    حسينه کي گهر جي دروازي وٽ ڇڏي ڪمدار واپس هليو ويو. هوءَ ڪافي دير دروازي وٽ بيهي خاموش نظرن سان ڪڏهن هٿ ۾ پڪڙيل ڪجھ نوٽن ڏانهن، ته ڪڏهن پنهنجي دروازي ڏانهن ڏسندي رهي.
    هن همت ڪري دروازو کڙڪايو.
    “ايڏي دير ڪيئي؟” ٿوري ئي دير ۾ هن جي سس دروازو کوليو ۽ سندس اندر ايندي ئي کانئس پڇيو.
    “ها، جيجي وارن جا ڪپڙا سبڻا هئا انڪري...” حسينه ائين چئي اندر هلي ويئي. هن رستي ۾ سوچيو هو ته ماسي کي سڀ ڪجھ ٻڌائي ڇڏيندي، پر هوءَ ائين نه ڪري سگهي.
    حسينه جو مڙس ڪافي وقت کان گهر ۾ واندو هو سو حسينه هن کي شهر وڃي ڪم ڪرڻ جي صلاح ڏني، ته هو راضي ٿي ويو. حسينه اهو سوچي ڇڏيو ته بس مڙس کي شهر ۾ ڪٿي ڪم ملڻ سان ئي ڳوٺ مان لڏي وڃڻ جو سوچي ڇڏيو. هن جو مڙس ڪم جي تلاش ۾ شهر هليو ويو.
    حسينه ٿوري مطمئن هئي ته ڪجھ ئي وقت ۾ سندس مڙس کي ڪم ملي ويندو ته هوءَ هتان هميشه لاءِ هلي ويندي.
    ******

    درناز ۽ مير هيبت خان جي شادي جي تاريخ مقرر ڪئي ويئي. حويلي ۾ شاديءَ جون تياريون شروع ٿي ويون. شاديءَ جي تيارين ۾ حسينه به پوري طرح حصو ورتو. شادي جي ڪمن جي ڪري حويلي ۾ رهيل ٻين ملازمائن سان گڏ ئي رهي پوندي هئي.
    هوءَ حويليءَ ۾ ئي هئي ته هڪ نوڪرياڻي کيس اچي ٻڌايو ته ٻاهر ڪمدار هن کي سڏي پيو.
    هوءَ ٻاهر آئي ته ڪمدار هن کي سردار صاحب جو نياپو ڏنو.
    هوءَ اهو سوچي سردار صاحب ڏانهن ويئي ته هن دفعي هن کي انڪار ڪندي.
    ڪمري ۾ داخل ٿيندي هن جي نظر سامهون ويٺل سردار صاحب تي پئي. ڪمدار دروازو بند ڪري هليو ويو.
    “هلي آ حسينه، هلي آ، هتي ويهه.” سردار صاحب هن کي سڏيو.
    هوءَ سردار صاحب جي ڀرسان وڃي بيٺي. سردار صاحب جي اڳيان ڪجھ ڪپڙا ۽ زيور پيا هئا.
    “سائين!” حسينه ڪجھ چوڻ لاءِ زبان کولي.
    “بيهه بيهه، ڪجھ چوڻ کان اڳ اهو ٻڌاءِ ته هي ڪپڙا ۽ زيور ڪيئن آهن؟” سردار صاحب هن جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي.
    “سٺا آهن.” حسينه جواب ڏنو.
    “هي سڀ تنهنجي لاءِ آهن.” سردار صاحب هن کي چيو.
    “منهنجي لاءِ؟” حسينه سامان ڏانهن ٻيهر ڏسڻ لڳي.
    “ها، تو منهنجي ڳالهه مڃي آهي، توکي ان جو ڪو ته تحفو ملڻ گهرجي نه.” سردار صاحب هن ڏانهن پيار مان ڏٺو.
    “پر سائين مون کي اهو سڀ نه کپي. مون تي رحم ڪيو، منهنجي عزت داغدار نه ڪريو.” حسينه نيٺ همت ڪندي چيو.
    “هتي ويهه.” سردار صاحب هن کي پنهنجي ڀرسان ويهاريندي چيو.
    هوءَ نه چاهيندي به هن جي ڀرسان ويٺي.
    “مون کي خبر آهي ته تو جهڙي عزت واري ڇوڪري لاءِ هي سڀ شيون اهميت نٿيون رکن ۽ مان توکي ائين نٿو رکڻ چاهيان، مان ته توکي حويليءَ ۾ مالڪياڻيءَ جي حيثيت سان ڏسڻ چاهيان ٿو.” سردار صاحب هن جي منهن جا بدلجندڙ تاثر ڏسندي چيو.
    “مالڪياڻي؟” حسينه حيرت مان سردار صاحب ڏانهن منهن ورايو
    “ها حويلي ۾ ننڍي سائڻ جي حيثيت سان.” سردار صاحب هن کي ڏسي چيو.
    حسينه، جنهن سردار صاحب کي کُتو جواب ڏيڻ لاءِ الاءِ ڇا ڇا سوچي رکيو هو، سا ايڏي وڏي ڳالهه ٻڌي، اهو سڀ ڪجھ وساري ويٺي.
    حسينه جا ته هاڻي انداز ئي مٽجي ويا. هوءَ حويليءَ ۾ گهمندي پنهنجو پاڻ کي حويلي جي مالڪياڻي تصور ڪرڻ لڳي.
    زينب اها ڳالهه ڪجهه ڏينهن کان محسوس ته ڪئي پر هن حسينه کان ڪجھ نه پڇيو.

    ڪجھ مهينا گذري ويا پر سردار صاحب جا آسرا، آسرا ئي رهيا. ٻي طرف هن جي مڙس جو به ڪو اتو پتو نه هو. هاڻي حسينه جو يقين سردار صاحب تان ختم ٿيڻ لڳو هو پر هن جي هٿ ۾ هاڻي ڪجھ نه هو. قسمت ڏاڍو جلدي ڦيرو کاڌو. هن جي نصيب ۾ خوشين جا بس ايترائي ڏينهن لکيل هئا.
    هوءَ اميد سان هئي، ان ڳالهه هن جي ذهن ۾ اڻ تڻ پيدا ڪري ڇڏي. هن سردار صاحب سان ڳالهه ڪرڻ جو سوچيو.
    صبح جو وقت هو سردار صاحب پنهنجي ڪمري ۾ موجود هو ۽ در بيبي رڌڻي ۾ سردار صاحب لاءِ ڪجھ پچرائي رهي هئي. حسينه موقعو ڏسي سردار صاحب وٽ آئي.
    “هتي ڇو آئي آهين؟” سردار صاحب هن کي ڪمري ۾ ڏسي ڪاوڙيو.
    “توهان سان هڪ ضروري ڳالهه ڪرڻي هئي.” حسينه چيو.
    “توکي چيو آهي نه ته جيڪا ڳالهه ڪرڻي هجئي، اوطاق ۾ اچي ڪندي ڪر.” سردار صاحب ڪاوڙ مان چيو.
    “سائين اوطاق ۾ اچڻ جو موقعو نٿو ملي. ڳالهه ضروري آهي.” حسينه ڊڄندي ڊڄندي چيو.
    “ها چئه.” سردار صاحب هن کي گهوريندي چيو
    “سائين مان توهان جي ٻار جي ماءُ ٿيڻ واري آهيان.” حسينه آهستي آهستي ڳالهه ڪئي.
    “پوءِ هتي مون وٽ ڇو آئي آهين. حويلي جي دائيءَ وٽ وڃ، اها پاڻهي ان جو بندوبست ڪندي.” سردار صاحب منهن ٻئي طرف ڪندي چيو.
    “سائين توهان ته چيو هو...”
    “مون ڇا چيو هو؟ توکي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، ته دائي ڏي وڃ ۽ ٻيهر ان ڳالهه جو ذڪر ڪنهن سان ڪيئي ته سٺو نه ٿيندئي.” حسينه ڪجھ چوڻ چاهيو پر سردار صاحب ڪرسي تان اٿي اچي هن کي زور سان چماٽ وهائي ڪڍي ۽ ڏانهس قهر آلود نظرن سان ڏٺو.
    حسينه کي لڳو ڄڻ ڪنهن کيس اوچتو عرش تان فرش تي ڌڪو ڏنو هجي. هوءَ حواس وڃائي ڪمري مان نڪتي ته دروازي جي ڀرسان جيجي زينب کي ڏٺائين ته پيرن هيٺان فرش به نڪري ويس.
    زينب هن کي ٻانهن کان وٺي سڌو پنهنجي ڪمري ڏانهن وٺي آئي.
    ڪجھ دير خاموشيءَ سان هن ڏانهن ڏسڻ کان پوءِ زينب هن کان سڄي ڳالهه پڇي.
    “سٺو ته هونئن به نه پيو ٿئي، انڪري جيجي کي ٻڌائڻ ۾ ڪو حرج ناهي.” اهو سوچي حسينه زينب کي سمورو احوال ٻڌائي ڇڏي.
    “جيجي مان پنهنجو ٻار ضايع نٿي ڪرڻ چاهيان. الله جي واسطي منهنجي مدد ڪيو.”
    ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ زينب هن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويئي. هن پنهنجي پراڻي ملازمه (هدايت) جيڪا هن جي ماءُ سان گڏ هوندي هئي، ان کي پاڻ وٽ گهرايو.
    “امان هدايت، حسينه هي حويلي ڇڏي ٻي ڪنهن هنڌ ڪم ڪرڻ ٿي چاهي. توهان جي نظر ۾ اهڙي ڪا جڳهه آهي؟”
    “ها جيجي منهنجي پيڪاڻي ڳوٺ به هڪ حويلي آهي، چئو ته هن کي اوڏانهن ڇڏي اچان؟”
    “ها اهو صحيح رهندو.” زينب چيو.
    “ٺيڪ آهي جيجي، مان ڪجھ ڏينهن کان پوءِ هن کي اوڏانهن وٺي وينديس.” هدايت وراڻيو.
    حسينه ڪجھه ڏينهن تائين حويلي ايندي رهي. ان وچ ۾ هن سردار صاحب کي ٻڌايو ته هن ان جو ٻار ڪيرائي ڇڏيو آهي.
    “جيجي توهان جو ٿورو ڪڏهن به نه لاهي سگهنديس” حسينه زينب کي چيو. حسينه پنهنجي سس کي اهو ٻڌايو ته هن کي حويليءَ مان ڪڍيو ويو آهي، ان ڪري هنن کي ٻي ڳوٺ وڃڻو آهي. هن جي سس ٻي ڳوٺ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، انڪري هن پنهنجي سس کي ان جي ڌيءَ جي گهر ڇڏيو ۽ پٽ کي ساڻ ڪري هدايت سان گڏ وڃڻ کان پهرين زينب کان موڪلائڻ حويلي آئي.
    “اهو ٻار تو وٽ منهنجي امانت آهي، ان جو خيال رکجان.” زينب حسينه جي مدد ته ڪئي پر هوءَ پنهنجي خاندان جي ايندڙ ٻار کي ٻئي ڪنهن جي حوالي ڪندي دل ئي دل ۾ پريشان هئي.
    “حاضر جيجي.” حسينه زينب جا هٿ چميا.
    حويليءَ مان نڪري حسينه هدايت سان گڏ اڻ ڏٺي منزل ڏانهن رواني ٿي ويئي.

    ***************


    3

    مؤمن ۽ شهلا جي شاديءَ کي اڄ ٽيون ڏينهن هو. انهن ٽن ڏينهن ۾ سواءِ چند جملن جي، هنن پاڻ ۾ ڪجھه نه ڳالهايو هو. جيتوڻيڪ مؤمن ڪجھه سالن کان هن گهر ۾ صديقي صاحب وٽ ايندو رهندو هو، پر هو ٻئي هڪ ٻئي لاءِ اجنبي هئا. مؤمن ڪڏهن به شهلا کي نه ڏٺو هو. اچانڪ اهڙيون حالتون پيدا ٿي ويون جو صديقي صاحب جيڪو شهلا جو والد هئڻ سان گڏوگڏ سندس اڪيلو سهارو پڻ هو، هن کي هميشه لاءِ دنيا ۾ اڪيلو ڇڏي ويو.
    پيءُ جي جدائيءَ کان پوءِ شهلا پنهنجو پاڻ کي دنيا ۾ اڪيلو محسوس ڪري رهي هئي. مؤمن کي ان ڳالهه جو پورو احساس هو، انڪري هن هر طرح سان شهلا کي ان صدمي مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. گهر ۾ هنن ٻنهي کان علاوه ٻيو ڪوبه نه هو، انڪري جلدئي هنن جي وچ مان تڪلف جي ديوار ڪِرڻ لڳي.
    شهلا جي ماءُ هن جي ننڊپڻ ۾ ئي گذاري ويئي هئي، ان کان پوءِ هن کي پنهنجي والد پاليو. شهلا پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو حصو اڪيلي ئي گذاريو هو ڇو ته صديقي صاحب به نوڪري جي ڪري مصروف رهندو هو. اسڪول کان پوءِ ڪاليج اهڙي جڳهه هئي جتي هوءَ ٻيا ماڻهو ڏسندي هئي، پر اڪيلائي جي ايتري عادي ٿي چڪي هئي جو اتي به ڪنهن سان ايترو ڳالهائي نه سگهندي هئي.
    آهستي آهستي هوءَ مؤمن سان پنهنجي گذريل زندگيءَ جون ڳالهيون ڪرڻ لڳي، جنهن ۾ صرف هن جي پيءُ يا ماءُ سان گذاريل ڏينهن جون ڳالهيون هونديون هيون.
    “توهان مون کي پنهنجي باري ۾ ڪڏهن ڪجھه به نه ٻڌايو آهي، هر وقت مان ئي پنهنجون ڳالهيون ڪندي رهندي آهيان.” هڪ دفعي رات جو سمهڻ کان اڳ شهلا، مؤمن کي چيو.
    “منهنجي باري ۾ ته صديقي صاحب توهان کي اڳي ئي ٻڌائي ڇڏيو هوندو.”
    “بابا صرف ايترو ٻڌايو هو ته مؤمن گوتم ٻڌ وانگر مليل آسائشن کي ٿڏي، زندگيءَ جو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هتي پهتو آهي ۽ هنن کي توهان سان وقت گذارڻ سٺو لڳندو هو. انهن کي يقين هو ته جيڪڏهن توهان مون کي پنهنجي زندگيءَ ۾ شامل ڪيو ته مان هڪ سٺي زندگي گذارينديس. ان کان علاوه هنن ڪجھه به نه ٻڌايو هو توهان جي باري ۾.” شهلا هن ڏانهن ڏسندي چيو.
    “بس پوءِ ان کان وڌيڪ منهنجي باري ۾ ڄاڻي ڇا ڪندؤ؟” مؤمن شهلا ڏانهن سواليه نظرن سان ڏٺو.
    “توهان جي باري ۾ سڀ ڪجھه ڄاڻڻ چاهيان ٿي.” شهلا ورندي ڏني.
    “ٺيڪ آهي پهرين چانهه ٺاهي اچو، ته ٻڌايان ٿو سڀ ڪجهه.” مؤمن مسڪرائيندي چيو.
    ڪجھه دير ۾ شهلا چانهه کڻي آئي.
    مؤمن چانهه جو ڪپ هٿ ۾ کنيو ۽ شهلا کي ڀرسان ويهڻ جو اشارو ڪيو.
    “منهنجي نظر ۾ اها منهنجي وڏي بدنصيبي آهي جو مان هڪ قبيلي جي سردار گهراڻي ۾ پيدا ٿيس. شادي کان پوءِ ڪافي سالن تائين امان کي ٻار نه ٿيندو هو. امان جي چوڻ مطابق مرشدن جي دعائن سان کيس اولاد ٿيو. پر شروع ۾ امان کي ٻـه ڌيئر ڄايون ته امان جي پريشاني وڌي ويئي، انڪري وري هن مرشدن جي در جا ڀيرا شروع ڪيا ته جيئن کيس پٽ جو اولاد ٿئي.” مؤمن چانهـه مان ڍُڪ ڀريندي ڳالهه شروع ڪئي.
    شهلا غور سان ڳالهه ٻڌڻ لڳي.
    “نيٺ آخرڪار مرشدن جي دعائن سان سردار بهـادر خان جي گهر ٻن ڌيئرن زينت ۽ درناز کان پوءِ هڪ پٽ دلاور خان ڄائو. حويلي ۾ خوشيون ملهايون ويون، سڄي ڳوٺ ۾ ڪپڙا ۽ کاڌا ورهايا ويا. پر دلاور خان جي طبيعت اڪثر خراب رهڻ لڳي. اها ڳالهه سردار صاحب لاءِ ڏاڍي پريشان ڪندڙ هئي. علاج ڪرائڻ سان گڏوگڏ مرشدن جون دعائون به گڏ هلنديون رهيون. نيٺ مرشد بابا سائينءَ کي چيو ته پٽ جو نالو مٽائي، ڇو ته اهو نالو ڳورو آ.بابا سائين انهن کي ئي نالو رکڻ لاءِ چيو ته هنن منهنجو نالو مؤمن رکيو.” مؤمن جي منهن تي هلڪي مُرڪ هئي.
    “توهان جو نالو دلاور هو؟” شهلا حيران ٿيندي پڇيو.
    “ها.” مؤمن جواب ڏنو.
    “پوءِ ڇا ٿيو؟” شهلا پڇيو.
    “پوءِ خبر ناهي ته دوائن سان يا امان جي چوڻ موجب نالو مٽائڻ سان، مان واقعي ٺيڪ ٿي ويس. مون کان پوءِ امان کي ٻيو پٽ ڄائو بهرام خان، هاڻي ته امان بابا مون کي خوش نصيب سمجهڻ لڳا ڇو ته مون گهر ۾ ڀاءُ آندو هو. ان کان پوءِ زينب ۽ صفوران ڄايون.”
    شهلا، مؤمن جي ڳالهه غور ۽ اتاولائيءَ سان ٻڌڻ لڳي.
    “بابا سائين کي هڪ ڀاءُ ۽ هڪ ڀيڻ آهن. بابا انهن ۾ وڏو آهي انڪري سرداري نظام ان جي حوالي هو. پر بابا جو ڀاءُ سبزل خان فطرتاً ڏاڍو شاطر دماغ ماڻهو آهي، جيڪو ظاهري طور بابا جو تابعدار ۽ خيال رکندڙ هو. پر اندر ۾ پنهنجو مفاد عزيز رکندڙ هو. بابا هڪ شوقين طبيعت ماڻهو هو، جنهن جي ڪري سبزل خان دل ئي دل ۾ سوچي ڇڏيو هو ته هڪ ڏينهن هو ڪنهن نه ڪنهن طرح سان اهو نظام پنهنجي حوالي ڪندو. ان لاءِ هن ٿوري گهڻي تياري ڪري رکي هئي. هن جي شادي پڦاٽ سان ٿيل آهي، جنهن مان کيس صرف هڪ ڌيءُ دُربيبي هئي. هن جي زال کي هر وقت اهو خدشو رهندو هو ته سبزل خان پٽ جي اولاد لاءِ ڪٿي ٻي شادي نه ڪري وجهي.
    بهرام خان جي پيدائش ٿي ته سبزل خان کي پنهنجي زال زور ڀرڻ لڳي ته هو پنهنجي ڀاءُ کان اهو پٽ پالڻ لاءِ وٺي. هڪ ئي حويلي ۾ رهندا هئاسين، انڪري بابا به انهن جي اها خواهش پوري ڪئي.
    سردارن لاءِ ان جي قبيلي، ثقافت ۽ صدين کان هلندڙ رسم و رواج هر شيءِ کان مٿي هوندا آهن. اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ چاهي سردار جو پٽ يا ڌيءُ ڇو نه هجي پر انهن کي ڪَڙي کان ڪَڙي سزا ڏني ويندي آهي.
    قبيلي جو سردار پنهنجي ايندڙ گادي نشين کي پاڻ سان گڏ رکندو آهي ته جيئن هو سرداري نظام کي ساڳئي نموني هلائڻ جا طور طريقا سکي سگهي. ان لاءِ بابا مون کي ننڍي لاءِ کان ئي پاڻ سان گڏ رکندو هو. گهر ايندو هئس ته امان ۽ ڀينر مون تان صدقو پئي وينديون هيون. اٺن سالن جي عمر کان ئي مان بابا سائين سان گڏ ٻاهر رهڻ لڳو هئس. اسان جو گهڻو وقت ماڻهن جا جهيڙا نبيرڻ، ڪنهن مخالف قبيلي جي خلاف سازشون رٿڻ ۽ ڌاڙيلن کان انهن جي اغوا ڪيل ماڻهن جي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪرڻ ۾ گذرندو هو. جڏهن ڪم گهٽ هوندو هو ته بابا سان گڏ ڪراچي واري بنگلي تي رهندو هئس. هتي هر روز ڪنهن نه ڪنهن ڪاموري جي بنگلي تي دعوت رکي ويندي هئي، جتي مون جيترا ٻيا ڇوڪرا به موجود هوندا هئا. اسان سڀ پنهنجي پيئرن کي رقص ۽ موسيقي جي محفلن ۾ موج مستي ڪندي ڏسندا هئاسين. نشي جي حالت ۾ موسيقارن ۽ رقاصائن جي مٿان پئسا نڇاور ڪرڻ جو مقابلو هوندو هو. پئسا وصول ڪندڙن جي ته عيد ٿي ويندي هئي. شايد اهو به اسان جيِ ٽريننگ جو هڪ حصو هو. سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو اسان هتي ضرور ايندا هئاسين.”
    “ايڏي ننڍي عمر کان ئي اهڙي خطرناڪ ٽريننگ!؟” شهلا جي حيرانگي وڌندي پئي ويئي.
    “ها، منهنجو ننڊپڻ شروع ٿيڻ کان پهريون ئي ختم ٿي ويو هو، ان عمر ۾ اسان پاڻ کي وڏو سمجهندا هئاسين.” مؤمن ٻڌايو .
    “ڪجهه سالن کان پوءِ چاچي سبزل خان کي پٽ ڄائو هيبت خان، جنهن جي خوشي هن کي ايتري هئي جو هن بهرام خان کي به نظرانداز ڪري ڇڏيو. بهرام خان هنن جي لاڏ ڪوڏ جي ڪري تمام گهڻو ضدي ۽ خودسر ٿي ويو هو. اسان کي ته پنهـنجو ڪجهه سمجهندو ئي نه هو پر هن کي هيبت خان کان به نفرت ٿيڻ لڳي.
    شهلا مون ننڍي لاءِ کان ئي مسڪين ماڻهن تي بي انتها ظلم ٿيندي ڏٺو،جڏهن به انهن لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهيندو هئس ته چاچا وارا اِهيو چئي چپ ڪرائي ڇڏيندا هئا ته “تون اڃا ننڍو آهين وڏو ٿيندين ته پاڻ ئي انهن ڳالهين کي سمجهي ويندين” اهڙين ڳالهين جي ڪري آهسته آهسته مان بابا ۽ چاچا وارن کان پري ٿيندو ويس . مؤمن جي منهن تي سخت تاثر اُڀري آيا.
    بابا سان گڏ رهندي به مون ڳوٺ ۾ ئي پنهنجي تعليم جاري رکي. منهنجو استاد ڏاڍو مهربان طبيعت جو مالڪ هو. هو مون کي ڏاڍو پسند هو، هميشه مون کي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ چوندو رهندو هو.ان استاد ئي مونکي ڀٽائي سرڪار سان آشنا ڪرايو. جڏهن وٽس شام جو ملڻ ويندو هوس ته پيو ڀٽائي ۽ سچل سائين جون ڪافيون جهوگاريندو هو. مون به دل ئي دل ۾ طئـه ڪري ڇڏيو هو ته پنهنجي پڙهائي جاري رکندس.
    “بابا سائين جن جي طبيعت خراب رهڻ لڳي. مسلسل شراب نوشي جي ڪري هنن جي بُڪين تي خراب اثر پئجي ويو. بابا علاج لاءِ ڪراچي ويندو هو ته مان به ساڻس گڏ ويندو هئس. بابا جي بيماري سبزل خان جي لاءِ گادي تي ويهڻ جو موقعو مهيا ڪري ڇڏيو. آهستي آهستي هو سڄو نظام پنهنجي هٿ ۾ ڪرڻ لڳو. ماڻهن کي دوکي ۾ رکڻ لاءِ هو بهرام خان کي پاڻ سان گڏ رکندو هو، ته جيئن هو سمجهن ته هن جي نظر سرداري گدي تي ناهي. بهرام خان جيڪو اڳي ئي سبزل خان کي پنهنجو پيءُ سمجهندو هو تنهن چالاڪيءَ جو هر گُر هن کان وٺي ڇڏيو هو.
    بابا جي طبيعت ڪجھ بهتر ٿي ته هو ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو پر تيستائين سبزل خان بابا جي جڳهه والاري چڪو هو. بابا به بهرام خان کي هن سان گڏ ڏسي اهو ئي سمجهندو رهندو هو ته هو هن جي ئي پٽ کي گڏ رکي رهيو آهي ته ان کي ئي سردار بڻائيندو. پر پوءِ به بابا جي اها خواهش هئي ته سردار جي پڳ مون کي ٻڌائي وڃي، جنهن جي لاءِ مان هرگز تيار نه هئس. مون بابا سان في الحال پڙهڻ جو بهانو ڪري ڇڏيو. ڀرسان واري شهر جي اسڪول مان مون مئٽرڪ جو امتحان سٺي نمبرن ۾ پاس ڪيو.
    مون بابا کي ڪنهن سٺي اسڪول ۾ داخلا ڪرائڻ لاءِ چيو پر هنن انڪار ڪري ڇڏيو.” مؤمن ايتري ڳالهه ٻڌائي هٿ ۾ جهليل خالي ڪپ شهلا کي ڏنو.
    “امان ۽ پنهنجي ڀينرن جي باري ۾ ته ڪجهه ٻڌايو ئي نه اوهان.” شهلا ڪپ وٺندي چيو.
    “جڏهن کان بابا بيمار رهڻ لڳو تڏهن کان مون کي به گهر رهڻ جو موقعو مليو. بهرام خان ته مون کي لفٽ ئي نه ڪرائيندو هو، انڪري مان هر وقت امان ۽ ادي وارن سان گڏ رهڻ لڳس.” پنهنجي ماءُ ۽ ڀينرن جو ذڪر ڪندي ئي مؤمن جي اکين ۾ چمڪ اچي ويئي.
    “زينب ۽ صفوران ته مون لاءِ بلڪل دوستن وانگر هيون. گهر ۾ هنن کي صرف قرآن پڙهڻ سيکاريو ويو، مان انهن کي گهر ۾ ئي ڪتاب پڙهائيندو هئس. مان مئٽرڪ ۾ هئس ته آپا زينت جي شادي بابا جي پڦاٽ سان ٿي ويئي. اهي خضدار ۾ رهندا هئا.
    منهنجي وڌيڪ پڙهائي لاءِ بابا ته انڪار ڪري ڇڏيو، پر زينب مون کي همٿائيندي رهندي هئي. نيٺ هڪ ڏينهن گهر مان ڪجهه پئسا کڻي ڪراچي نڪري آيس.
    هتي هڪ سال اڳ ئي منهنجي دوست جي فيملي ان جي پڙهائيءَ جي خاطر شفٽ ٿي هئي. ڪجهه ڏينهن ان وٽ رهي مون پنهنجي لاءِ هڪ اسٽور تي نوڪري ڳولي ورتي. مون ڪاليج ۾ ايڊميشن به وٺي ڇڏي. ميڊيڪل اسٽور جو مالڪ تمام سٺي طبيعت جو مالڪ هو، هن کي خبر پئي ته مون وٽ رهڻ لاءِ جڳهه ناهي، ته هن مون کي اتي ئي رهڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي ۽ بسترو به آڻي ڏنائين.
    “مان صبح جو ڪاليج ويندو هئس ۽ باقي سڄو ڏينهن اسٽور تي نوڪري ڪندو هئس. ڪاليج ۾ اچي مون کي احساس ٿيو ته مان پڙهائيءَ ۾ گهڻو هوشيار نه آهيان ڇو ته هتي پڙهائي جي ميدان ۾ مقابلو لڳو پيو هو. ان جي لاءِ مون کي ڏينهن رات محنت ڪرڻي هئي. مون ايتري محنت ڪئي جو امتحان جي رزلٽ آئي، ته مون کي يقين ئي نه پئي آيو ته منهنجو نالو پنجين نمبر تي آيو آهي.
    بابا سان مان ناراض هئس انڪري مان ڳوٺ نه ويس پر پنهنجي هڪ ملازم جي نالي تي هڪ خط لکيم جيڪو اصل ۾ زينب وارن لاءِ هو. ان ملازم تي يقين هو ته هو اهو خط انهن تائين پهچائيندو. هن ائين ئي ڪيو ڇو ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ زينب به خط جو جواب لکيو.
    ٻي خط ۾ زينب مون کي ڳوٺ چڪر لڳائڻ لاءِ زور ڀريو ته مان موڪلن ۾ ڳوٺ هليو ويس. امان ۽ ادي واريون مون کي ڏسي خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيون. پر بابا ۽ چاچا وارا خوشي ظاهر ڪرڻ بدران مون تي ئي ڪاوڙ ڪرڻ لڳا. ٻئي طرف چاچا سبزل خان کي بابا جي سامهون ائين رعب ۽ دٻدٻي سان ڳالهائيندي ڏسي سمجهي ويس ته منهنجي وڃڻ سان جيڪڏهن ڪا تبديلي آئي آهي ته اها صرف اها آهي ته قبيلي جو سرداري نظام سردار سبزل خان جي هٿ ۾ اچي ويو آهي. حقيقت ۾ سبزل خان ۽ بهرام خان منهنجي واپس اچڻ تي خوش نه هئا. زينب مون کي ٻڌايو ته سبزل خان اهو چئي بابا کان سڀ اختيار ورتا آهن ته تنهنجي وڏي پٽ ۾ اهو نظام سنڀالڻ جو ڪو افعال ڪونهي، انڪري جيسين بهرام خان وڏو ٿئي تيسين قبيلي جو نظام هن وٽ امانت هوندو.
    بهرام خان ۾ سردارن واريون اهي سڀ خوبيون موجود هيون جيڪي بابا مون ۾ ڏسڻ پئي چاهيون. پر مان انهن جي اميدن تي پورو نه لهي سگهيو هئس.
    “زينب مون کي ڪيترائي دفعا واپس اچڻ لاءِ چيو ڇو ته هوءَ سبزل خان ۽ بهرام خان کان خائف ٿي ويئي هئي. هو ٻئي قبيلي سان گڏوگڏ حويلي جا به آقا بڻجي ويا هئا. پر منهنجي لاءِ هاڻي فيصلو ڪرڻ آسان ٿي ويو هو ڇو ته بابا بهرام خان مان مطمئن پئي لڳو.
    پوءِ به مان امان ۽ ادي وارن سان وري چڪر لڳائڻ جو واعدو ڪري واپس ڪراچي هليو آيس.” بابا سوچيو ته ڪجهه عرصي ۾ مون تان پڙهائيءَ جو ڀوت لهي ويندو پر ائين نه ٿي سگهيو. فرسٽ ايئر جي رزلٽ منهنجي همٿ وڌائي ڇڏي هئي. مان هاڻي اڃا وڌيڪ محنت ڪرڻ لڳس. زينب ۽ صفوران مون ڏي خط لکنديون رهنديون هيون. هنن ٻڌايو ته هو هاڻي آپا زينت ڏي به خط لکنديون آهن. مون خط مان ئي انهن جي خوشيءَ جي خوشبو محسوس ڪري ورتي هئي.”
    “ڇا ان ڳالهه جي خبر حويليءَ ۾ ٻين کي هئي؟” شهلا، مؤمن جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي پڇيو.
    ان ڳالهه جي خبر صرف امان کي هئي. امان کي خط جي ذريعي منهنجو ۽ ادي زينت جو حال احوال ملندو هو سو اها ته ڏاڍي خوش هئي. هڪ ملازم ۽ ملازمه کي به حويلي ۾ ان ڳالهه جي خبر هئي.
    اسان وٽ ڇوڪريءَ جي پڙهڻ تي اعتراض ڪيو ويندو آهي. هوءَ خط لکي، اها ته بلڪل اعتراض جوڳي ڳالهه ليکي ويندي آهي. مان هاڻي موڪلن ۾ جلدي جلدي گهر ويندو هئس. زينب ۽ درناز آپا ته هر وقت منهنجي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ٺاهينديون رهنديون هيون ۽ صفو مون سان گڏ ويٺي پڙهندي رهندي هئي. مان صفوران کي پيار مان صفو چوندو هئس. هن جي پڙهائيءَ ۾ دلچسپي ڏسي منهنجي دل چوندي هئي ته هن کي ان ماحول مان ڪڍي وڃان پر مان ائين ڪرڻ کان قاصر هئس.” صفو جو ذڪر ڪندي مؤمن جي اکين ۾ گهري اداسي اچي ويئي هئي.
    پري رهڻ جي ڪري امان جي ته مون مان سڪ ئي نه لهندي هئي. هنج ۾ سمهاري پئي منهنجا لاڏا چوندي رهندي هئي. مؤمن جي چپن تي هڪ ويران مسڪراهٽ اچي ويئي.
    “بابا سائين جن جو رويو بدليو؟” شهلا دلچسپيءَ وچان پڇيو.
    “بابا سائين جن هاڻي ٿورو ٿورو ڳالهائيندا هئا ۽ هو پيار سان واپس اچڻ لاءِ چوندا هئا، پر مان به پنهنجي ڳالهه تي اٽل هئس. بابا جن مون کي ڪجهه رقم ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا هئا پر مان نه وٺندو هئس.
    مون انهن کي گهڻو ئي چيو ته مون کي انهن جي پئسن جي نه پر انهن جي ساٿ جي ضرورت آهي، دل ۾ اهو خيال هوندو هو ته شايد ائين ڪرڻ سان هو راضي ٿي وڃن پر ائين نه ٿيو.
    مون انٽر به سٺي نمبرن ۾ پاس ڪئي. انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل ۾ مون کي ڪا خاص دلچسپي نه هئي، ان لاءِ مون يونيورسٽيءَ ۾ فلاسافي سبجيڪٽ ۾ بيچلرز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مون فارم ڀرائي ڇڏيو پر اڃا ڪلاس شروع نه ٿيا هئا، ان لاءِ مان ڳوٺ هليو ويس.” ائين چئي مؤمن چپ ٿي ويو.
    “ڇا ٿيو؟” مؤمن کي خاموش ڏسي شهلا پڇيو.
    “بس پوءِ يونيورسٽي ۾ داخلا ٿي ته صديقي صاحب سان مليس ۽ انهن جي ذريعي توهان سان.” مؤمن ٿڌو ساهه کڻندي چيو.
    “توهان ڳوٺ نه ويندا آهيو هاڻي؟” شهلا پڇيو.
    “نه.” مؤمن بيڊ جي تاج تي پوئتي ٽيڪ لڳائي، اکيون بند ڪيون.
    “ڇو؟” شهلا پڇيو.
    “چاچا جي ڌيءُ دُربيبي منهنجي نالي ٿيل هئي، جنهن جي خبر مون کي تڏهن پئي هئي جڏهن مان ڪاليج ۾ هئس. پر يونيورسٽيءَ جي ٻئين سال ۾ هئس جڏهن مون کي بابا وارن ان سان شادي ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. مون انڪار ڪيو ته بابا مون کي نڪري وڃڻ لاءِ چيو، انڪري نه ويندو آهيان.” مؤمن ڳوٺ نه وڃڻ جو اصل ڪارڻ لڪائيندي چيو.
    “پوءِ دُربيبي جو ڇا ٿيو؟” شهلا پڇيو.
    “ٻه سال اڳ ان جي شادي بهرام خان سان ٿي ويئي آهي، انهن کي هاڻي هڪ پٽ به آهي.” مؤمن ٻڌايو.
    “توهان جو خاندان ماشاءالله ايڏو وڏو آهي، ڪاش مان انهن سڀني سان ملي سگهان ها.” شهلا حسرت مان چيو.
    “الله چاهيو ته سڀني سان ملرائيندس توهان کي هڪ ڏينهن، هاڻي آرام ڪريو، رات ڪافي ٿي ويئي آهي.” مؤمن پنهنجو ويهاڻو ٺاهيندي شهلا کي به سمهڻ لاءِ چيو.
    “ها، گڊ نائيٽ.” شهلا به لائيٽ آف ڪري آهلي پئي.

    ****************


    4

    “حسينه جنهن حويلي ڏانهن اسان هلي رهيا آهيون اتي توکي ڏاڍو مزو ايندو. وڏو سردار صاحب انتهائي نيڪ ۽ شريف ماڻهو آهي.”
    ٻئي ڳوٺ ڏانهن ويندي رستي ۾ ئي هدايت حسينه کي نئين حويلي جي باري ۾ ٻڌائڻ شروع ڪيو.
    “حويلي جو مالڪ ۽ شريف!” حسينه دل ئي دل ۾ چيو.
    “سردار وڏي جو وڏو پٽ شهر لڏي ويو آهي، هن جو ننڍو پٽ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ حويلي ۾ رهندو آهي. سردار صاحب جي وڏي ڌيءُ ويٺل (ڪنواري) آهي. سڀئي ان جو احترام ڪندا آهن ۽ ان جي چيل ڳالهه سڀن لاءِ حڪم جي اهميت رکندي آهي. ڀاڄائس به سٻاجهڙي مائي آهي.” هدايت ڳالهائيندي رهي.
    حسينه خاموشي سان هن جون ڳالهيون ٻڌندي رهي.
    حويلي پهچي هدايت حسينه کي سردار صاحب جي وڏي ڌيءُ ڪلثوم وٽ ڇڏي هلي ويئي. حسينه جيجي کي پنهنجي پٽ ڪريم کي به هتي رهائڻ لاءِ چيو ۽ اهو به ٻڌايو ته هوءَ اميد سان آهي.
    جيجي ڪلثوم نهايت نرم دل عورت هئي. هن حسينه کان ڪجهه سوال ڪرڻ کان پوءِ هن کي حويلي ۾ رهڻ جي اجازت ڏني.
    حويلي تمام گهڻي وڏي هئي پر هتي ايتريون ٻانهيون نه هيون جيتريون حسينه جي ڳوٺ واري حويلي ۾ هيون. هن حويلي جون عورتون به ڏاڍيون ساديون هيون ۽ اهي به نوڪرياڻين سان گڏ ڪم ڪري رهيون هيون. حويلي جي پاسي ۾ ئي ٻانهين لاءِ ڪمرا ٺهيل هئا. حسينه به ٻن ٻانهين سان گڏ هڪ ڪمري ۾ رهڻ لڳي. سڀئي ٻانهيون هن سان ملڻ آيون ۽ هن کي حويلي جي ڪمن ڪارن جي باري ۾ ٻڌائڻ لڳيون.
    فجر وقت حسينه جي اک کلي ته هن جي ڪمري ۾ ستل عورتون موجود نه هيون. هوءَ تڙ تڪڙ ۾ اُٿي ٻاهر ويئي ته متان ڪم ڪرڻو هجي.
    ڪمري کان ٻاهر نڪري هن ڏٺو ته سامهون حويلي جي اندرين دورازي جي ٻاهران رکيل صندل تي هڪ بزرگ ويٺل هو. هن جي چؤڌاري ٻار ويٺل هئا جن جي اڳيان قرآن شريف پيو هو. اهو بزرگ ٻارن کي واري واري سان سبق ڏيئي رهيو هو.
    حسينه اتان گذري حويلي ۾ آئي، اتي ڪجهه عورتون جيجي ڪلثوم کان سبق وٺي رهيون هيون.
    حسينه دروازي وٽ ئي بيهي اهو منظر ڏسڻ لڳي. اهي سڀ سبق وٺڻ کان پوءِ اٿي ٻاهر وڃڻ لڳيون.
    حسينه ڏٺو ته هو سڀ ان بزرگ جي چؤگرد هيٺ فرش تي ويهي رهيون هيون. اهو بزرگ هڪ ڪتاب مان انهن کي ڪجهه پڙهي ٻڌائي رهيو هو. سڀئي ڏاڍي عقيدت سان ان بزرگ جون ڳالهيون ٻڌي رهيون هيون. ان کان پوءِ سڀ ڪم واريون ۽ ٻار اتان اٿي پنهـنجن ڪمن ۾ لڳي ويا پر ان بزرگ قرآن پاڪ کولي ان جي تلاوت شروع ڪئي. حسينه دروازي جي چانئٺ تي ويهي رهي ان بزرگ جي آواز ۾ خبر ناهي ڇا هو جو حسينه جي ٻانهن جا وار اڀا ٿيڻ لڳا. اتي ويٺي ويٺي هوءَ روئڻ لڳي. خبر ناهي اهو بزرگ ڪهڙي وقت هن جي ڀرسان اچي بيٺو.
    حسينه جڏهن ان کي پاڻ وٽ بيٺل ڏٺو ته هوءَ احترام ۾ اٿي بيٺي.
    هو هن جي مٿي تي هٿ رکي اندر هليو ويو.
    حسينه رڌڻي جي طرف آئي جتي هڪ ملازمـه ڏڌ ولوڙي رهي هئي، هڪ ماني پچائي رهي هئي ته ٻه ٻيون وري انبڙيون ڇلهي رهيون هيون. حسينه انهن ڏانهن آئي.
    “اچ اچ حسينه ويهه هتي.” هڪ ملازمـه هن کي ڀرسان جڳهه ڏني.
    “سائين وڏي کي انبڙين جو مربو ڏاڍو وڻندو آهي، اسان ان لاءِ مربو پيا ٺاهيون.” ٻي ملازمـه هن کي ٻڌايو.
    حسينه به انهن سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ شروع ٿي ويئي.
    هوءَ هر روز صبح جو اٿي ساڳيو منظر ڏسندي هئي.
    جيجي زينب ڪيترا دفعا مون کي قرآن پاڪ پڙهڻ جو چيو هو پر مان ڪيڏي نه بدنصيب آهيان جو ان جو چوڻ نه ورتم. ٻانهين جي چهرن تي سڪون ۽ خوشي ڏسندي هوءَ سوچيندي هئي.
    هوءَ روز سوچيندي هئي ته پنهنجي گناهه جو اعتراف ڪلثوم جيجي سان ڪري پر کيس همت نه ٿيندي هئي.
    هڪ ڏينهن سج لٿي جي نماز کان پوءِ هوءَ غير ارادي طور جيجي جي ڪمري ڏانهن آئي. جيجي جاءِ نماز تي ويٺي ذڪر ڪري رهي هئي حسينه هن جي ڀرسان اچي ويٺي.
    ذڪر ختم ڪري جيجي هن ڏانهن ڏٺو.
    حسينه ڪجهه چوڻ لاءِ لفظ ڳولي رهي هئي.
    “تون نماز نه پڙهندي آهين؟” هن جي ڪجهه چوڻ کان پهرين ئي جيجيءَ هن کان پڇيو.
    “نه جيجي.” شرم کان حسينه جو ڪنڌ هيٺ جهڪي ويو. هن آهستي آواز ۾ جواب ڏنو.
    “جيڪڏهن تون پڙهڻ چاهين ته مان توکي نماز پڙهڻ سيکاريان؟” جيجي هن کان پڇيو.
    “ها ها جيجي مون کي قرآن جي تعليم به ڏيو.” حسينه تڪڙ ۾ جواب ڏنو.
    “ٺيڪ آهي تون صبح کان مون وٽ اچجان.” جيجي چيو.
    صبح جو هن پنهنجي پٽ کي سائين وڏي وٽ قرآن پڙهڻ لاءِ ويهاريو ۽ پاڻ جيجي وٽ آئي.
    ڪجهه ئي ڏينهن ۾ هن نماز پڙهڻ سکي ورتي. هوءَ ڏاڍي خوش هئي. هتي اچي هوءَ زندگيءَ جي اصل مقصد کان روشناس ٿي رهي هئي. هن دل ئي دل ۾ فيصلو ڪيو ته هوءَ پنهنجي ٻارن کي پاڻ وانگر اڻ پڙهيل نه رکندي، هوءَ هنن کي تعليم ضرور ڏيندي.
    ڪجهه مهينا گذري ويا، هن حويلي ۾ ئي هڪ ڌيءُ کي جنم ڏنو. هن جي دل ۾ هڪ آس هئي ته پٽ ڄمندو ته هوءَ ان کي کڻي سردار صاحب ڏانهن ويندي پوءِ هو متان هن سان شادي ڪري. پر ڌيءُ کي ڏسي هن جي اها آس به ٽٽي پئي هئي.
    حويلي جون سڀ عورتون هن جي ڌيءُ کي کڻي خوش ٿي رهيون هيون. هو هر هر حسينه کان هن جي نالي بابت پڇي رهيون هيون. هن کي ڄائي ڇهون ڏينهن ٿيو ته حسينه هن کي کڻي وڏي سائين وٽ آئي.
    “سائين هن جو نالو رکو.” حسينه ننڍڙيءَ کي وڏي سائينءَ جي اڳيان رکندي چيو.
    “امڙ هن جو نالو مان حاجره ٿو رکان.” ننڍڙيءَ جي ڪن ۾ آذان ڏيڻ کان پوءِ وڏي سائين چيو.

    ڪجهه مهينن کان پوءِ ڳوٺان هدايت آئي. ان حسينه کي ٻڌايو ته هن جي سس جو انتقال ٿي ويو آهي. سندس مڙس جو به ڪو پتو ناهي ته هو ڪٿي آهي. اهو ٻڌي هن کي ڏاڍو افسوس ٿيو.هن ان سان ئي جيجي زينب ڏانهن نياپو ڪرايو ته هن کي ڌيءُ ڄائي آهي.

    سس جي وفات جو ٻڌي هن جي دل هتي رهڻ نه پئي چاهي، مٿان وري مڙس جي پريشاني هن جو سک ئي ڦٽائي چڏيو . هوءَ هر وقت ڳوٺ وڃڻ لاءِ آتي رهڻ لڳي.

    *****************

    حسينه جي پٽ وڏي سائين وٽان قرآن پڙهي پورو ڪيو ۽ هاڻي هن جي ڌيءُ به خيرن سان وڏڙي ٿي ويئي هئي. حويلي ۾ هوءَ سڀني جي لاڏلي هئي. سڀئي هن جو خيال رکڻ لڳا ڇو ته حويليءَ ۾ ٻارن ۾ ٻيا سڀ ڇوڪرا هئا. حاجره ڏاڍي ذهين هئي انڪري وڏي سائينءَ هن کي پنهنجي پوٽن سان گڏ ئي استاد وٽ پڙهڻ لاءِ ويهاريو.
    حسينه جا ٻار ته هن ماحول ۾ هِري ويا پر هاڻي هن کي ڳوٺ وڃڻ جي ڳڻتي هئي. جيجي ڪلثوم هن کي دلاسا ڏيندي رهندي هئي جنهن جي ڪري ڪجهه ڏينهن هن کي صبر اچي ويندو هو پر وري هن کي وڃڻ جي لڳندي هئي. نيٺ ڪجهه عرصو گذريو ته جيجي هن جي پريشاني ڏسي هن کي ڳوٺ وڃڻ جي اجازت ڏني.
    وڏي سائين، جيجيءَ ۽ حويليءَ ۾ سڀني کان موڪلائي هوءَ ڳوٺ هلي آئي.
    ڳوٺ پهچندي ئي هن کي خبر ملي ته هن جو مڙس واپس اچي ويو آهي، پر ڪنهن حادثي ۾ هن جي ٽنگ ضايع ٿي ويئي هئي. ٻارن پيءُ کي ڏٺو ته خوش ٿي ويا، پر حسينه کي وري گهرو مالي حالات جي پريشاني لڳي.
    *****


    5

    صديقي صاحب يونيورسٽي جي طرفان مليل گهر ۾ رهندو هو، سو مؤمن به هاڻي اتي ئي رهڻ لڳو ڇو ته هو به ساڳي يونيورسٽيءَ جو ملازم هو.
    شهلا انٽر کان پوءِ ميڊيڪل لاءِ اپلاءِ ڪيو هو پر هوءَ سليڪٽ نه ٿي سگهي هئي. مؤمن هن کي ايندڙ سال يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻ جو مشورو ڏنو پر هوءَ يونيورسٽي وڃڻ نه پئي چاهي.
    ڪجهه ئي مهينن کان پوءِ هنن جي گهر خوشخبري اچي ويئي ته شهلا في الحال پڙهڻ جو ارادو ئي ترڪ ڪري ڇڏيو. شهلا اميد سان هئي اهو ٻڌي مؤمن تمام گهڻو خوش هو.
    ايتري عرصي ۾ مؤمن شهلا کي پهريون دفعو ايترو خوش ڏٺو هو. هن جي چهري تي هر وقت مسڪراهٽ رهڻ لڳي هئي جنهن جي ڪري هوءَ وڌيڪ خوبصورت لڳي رهي هئي.
    مؤمن، زينب ڏي خط لکي، ان کي پنهنجي ۽ شهلا جي شادي جي باري ۾ ٻڌايو .
    شهلا ايترين تڪليفن جي باوجود ڪڏهن به الله تعاليٰ کان شڪايت نه ڪئي. مؤمن هميشه هن کي الله جو شڪرگذار ئي ڏٺو. الله پاڪ پنهنجي ٻانهن کي انڪري ئي اڪيلو ڪندو آهي ته جيئن هو انهن ٻانهن ۽ پنهنجي وچ ۾ هڪ خاص رشتو پيدا ڪري. مؤمن پهريون دفعو الله ۽ انسان جو اهو تعلق ويجهي کان ڏٺو هو. هو دل ئي دل ۾ الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪندو هو ته ان کيس ايتري نيڪ شريڪِ حيات عطا ڪئي آهي.
    زينب، مؤمن جي خط جو جواب موڪليو. هوءَ تمام گهڻي خوش هئي. مؤمن شهلا کي به خط پڙهايو. حويليءَ ۾ ٽيليفون لڳي ويئي هئي انڪري زينب، مؤمن ڏي فون جو نمبر موڪلي ڏنو.
    “آپا ڪيتري نه خوش لڳي رهي آهي نه؟” شهلا، زينب جي خط مان ئي ان جي خوشيءَ جو اندازو لڳائيندي مؤمن کي چيو.
    “ها، توهان ان جي سامهون هجو ها ته هوءَ اڃا وڌيڪ خوش هجي هان.” مؤمن وراڻيو.
    “ڪاش آپا به هتي اسان سان گڏ هجي ها.” شهلا جي دل ۾ شديد خواهش اڀري.
    “اها هتي ڪڏهن به نٿي اچي سگهي.” مؤمن جواب ڏنو.
    “توهان ائين نٿا چئي سگهو ڇو ته الله اگر چاهي ته هو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.” شهلا يڪدم مؤمن کي چيو.
    “هو ڌرتي جا خدا بڻيا ويٺا آهن اتي، انهن جي اڳيان ڪنهن جي هلندي.” مؤمن افسوس مان پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو.
    “ڌرتيءَ جي خدائن جي رسيءَ کي في الحال ڪائنات جي خدا ڍر ڏني آهي، جڏهن انهن جي رسي ڇڪي ويندي تڏهن هو صرف پنهنجو پاڻ بچائڻ ۾ لڳا پيا هوندا. ان وقت انهن جي رعيت (عوام) آزاد هوندي.” شهلا مؤمن جي ڳالهه ٻڌي چيو.
    “رعايا جي ايڏي وڏي آزمائش پئي ورتي وڃي، ڪٿي حقيقي خدا تان انهن جو يقين ئي نه ختم ٿي وڃي.” مؤمن چيو.
    “يقين رکندڙن جو ايمان جيڪڏهن ڪامل هجي ته خدا تي يقين آزمائشن ۾ ئي وڌندو آهي.” شهلا، مؤمن جي واتان اهڙي ڳالهه ٻڌي چپ نه رهي سگهي.
    “هر ڪنهن کي اهڙو يقين عطا ناهي ڪيو ويندو سائين، جن کي اهو عطا ڪيو ويو آهي، اهي اتي صبر سان رهن پيا، باقي اسان جهڙا بي صبرا ته نڪري آيا.” مؤمن مسڪرائيندي چيو.
    “مون کي يقين نٿو اچي هن دؤر ۾ به ايترا ظالم ماڻهو آهن!” شهلا بي يقيني مان چيو.
    “انهن جي نظر ۾ اهو ظلم ناهي، بس جيڪو انهن جي اصولن جي پاسداري ڪندو ان کي هر قسم جي عزت ۽ آسائش عطا ڪئي ويندي، جيئن ڪائنات جو خدا ڪندو آهي جنت جو واعدو ڪري. باقي جنهن اصولن جي خلاف ورزي ڪئي ته ان لاءِ دروازا بند ڪيا ويندا آهن. جيئن اصل خدا ڪندو آهي.” مؤمن، شهلا جا بدلجندڙ تاثر انجواءِ ڪرڻ لڳو.
    “جي نه، اصل خدا پنهنجي ٻانهن تي ظلم ناهي ڪندو. هن وٽ معافي جو دروازو هر وقت کليل هوندو آهي، ۽ اهو جنت جو واعدو انسانن جي فاعدي جي ڳالهه آهي. هاڻي پليز ٻيهر ڪڏهن توهان ڪڏهن به الله تعاليٰ کي انسانن سان ڪمپيئر نه ڪجو.” شهلا ناراض ٿيندي مؤمن کي پنهنجو فيصلو ٻڌايو.
    “جيڪو حڪم منهنجا آقا.” مؤمن کلندي چيو.
    شهلا به مسڪرائيندي ڪمري مان ٻاهر هلي ويئي.

    ڪجهه مهينن کان پوءِ شهلا ۽ مؤمن جي گهر ۾ پٽ جي پيدائش ٿي. مؤمن شهلا کي ان جو نالو رکڻ لاءِ چيو. شهلا ان جو نالو عبدالعالي رکيو. مؤمن ان وقت ئي ماءُ کي به فون ڪري اها خوشيءَ جي خبر ٻڌائي.
    “بس هاڻي ته اها ئي آخري خواهش آهي ته تنهنجي پٽ کي هڪ دفعو پنهنجي هنج ۾ کڻان.” ماءُ کيس فون تي حسرت مان چيو.
    زينب کي اها خبر پئي ته اها خوشيءَ ۾ نه پئي ماپي.
    “امان خبر ناهي اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو. ايندو به الاءِ جي نه.” زينب به ارمان وچان چيو.
    “امان مان حويلي ۾ مٺا چانور ورهائيندم، مؤمن جي پٽ ڄمڻ جي خوشيءَ ۾.” زينب ماءُ کي چيو.
    “ها ها ڀلي ورهاءِ، آخر هو هن حويلي جي وڏي پٽ جو وڏو پٽ آهي. ياالله هن اکين کي اهي ڏينهن ڏسڻ نصيب ڪجانءِ جڏهن منهنجو پوٽو حويليءَ ۾ اچي کيڏندو.” هن جي ماءُ وري دعا ڪئي.
    شام جو زينب رڌڻي ۾ ٻانهين سان گڏجي مٺا چانور رڌا.
    “ڪهڙي خوشيءَ ۾ اهي چانور ورهايا پيا وڃن؟” دُربيبي ٻانهين کي چانور ورهائڻ لاءِ کڻي ويندي ڏسي پڇيو.
    “ادا مؤمن کي پٽ ڄائو آهي ان خوشيءَ ۾.” زينب خوشيءَ مان وراڻيو.
    “ان شادي ڪئي آهي؟” دُربيبيءَ حيرانگيءَ مان پڇيو.
    “ها.” زينب ڪم جاري رکندي جواب ڏنو.
    دُربيبي جي منهن تي ڪاوڙ جا آثار اڀري آيا، جن کي هن ضبط ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي.
    “ڀاڄائي هي وٺو چانور کائو.” زينب هن ڏانهن چانورن جي پليٽ وڌائيندي چيو.
    دُربيبي زينب تي قهر آلود نظر وجهي هلي ويئي.
    زينب سمجهي ويئي ته هُن کي مؤمن تي هڪ دفعو ٻيهر ڪاوڙ آئي آهي.
    زينب هن کي نظرانداز ڪري پنهنجو ڪم ڪرڻ لڳي.
    ......................

    مؤمن پنهنجي آفيس ۾ ليڪچر جي تياري ڪري رهيو هو ته ڪنهن آفيس جي دروازي وٽ اچي کيس سلام ڪيو.
    سلام جو جواب ڏيڻ لاءِ مؤمن ڪنڌ مٿي کنيو ته دروازي وٽ بهرام خان بيٺو هو.
    “پٽ جي ڄمڻ جي مبارڪ هجئي.”
    مؤمن اڃا پنهنجي ڪرسي تي ئي ويٺو هو ته هن اندر اچي کيس مبارڪ ڏني.
    “خير مبارڪ” مؤمن جواب ڏنو ۽ دل ئي دل ۾ ٿورو خوش ٿيو ته شايد هن جي پٽ ڄمڻ جي خوشيءَ ۾ هو ملڻ آيو آهي.
    “معنيٰ ته اها ڳالهه سچ هئي؟” بهرام خان پڇيو.
    “ها سچ هئي تڏهن ئي ته اوهان ٻڌي.” مؤمن وراڻيو
    “توکي ته خبر هوندي ته سردار سبزل خان جي وفات کان پوءِ قبيلي جي پڳ مون کي ٻڌرائي ويئي آهي.” بهرام خان مؤمن ڏانهن سواليه نظرن سان ڏٺو.
    “ها خبر آهي.” مؤمن جواب ڏنو.
    “ته پوءِ سردار هئڻ جي ناتي مان توکي چوان ٿو ته ان مائيءَ کي ڇڏي پنهنجي پٽ کي کڻي ڳوٺ واپس هل.” بهرام خان حاڪماڻي انداز ۾ چيو.
    “جيڪڏهن نه ايندس ته ڇا ٿيندو؟” مؤمن کي هن جي چيل لفظن تي سخت ڪاوڙ اچي ويئي، هن به سوال ڪيو.
    “پوءِ توکي ته خبر آهي ته سردار جو حڪم نه مڃڻ وارن کي ڪهڙي سزا ڏني ويندي آهي.” بهرام خان ڌمڪي آميز لهجي ۾ چيو.
    “ها مون کي خبر آهي، تڏهن به نه ايندس ۽ مون کي يا منهنجي گهر وارن کي ڪجهه به ٿيو ته توکي ان جو حساب ڏيڻو پوندو.” مؤمن ڪاوڙ جو جواب ڪاوڙ ۽ ڌمڪيءَ واري انداز ۾ ڏنو.
    “سوچي وٺ تون منهنجو وڏو ڀاءُ آهين، انڪري ڪجهه وقت ڏيانءِ ٿو.” بهرام خان ائين چئي ٻاهر هليو ويو.
    مؤمن پريشان ٿي ويو پر هن ان ڳالهه جو ذڪر شهلا سان نه ڪيو.
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ زينب فون ڪري مؤمن کي ٻڌايو ته امان سائنڻ وفات ڪري ويئي ۽ بهرام خان ڄاڻي واڻي هن کي اطلاع نه ڪرايو نه ئي زينب کي فون ڪرڻ ڏنائين.
    مؤمن پنهنجي حالت نه لڪائي سگهيو ۽ پنهنجا لڙڪ اگهندي شهلا کي ٻڌايو.
    مؤمن سان ڪيل ايڏي وڏي زيادتيءَ جو هن کي به تمام گهڻو ڏک رسيو.
    “توهان ڳوٺ نه ويندؤ؟” شهلا پنهنجا لڙڪ صاف ڪندي مؤمن کان پڇيو.
    “ڳوٺ سان هاڻي منهنجو ناتو ئي نه رهيو، ته هاڻي مان ڇو وڃان شهلا. ايترو پري هئڻ جي باوجود به مان هميشه پنهنجو پاڻ کي امان جي دعائن جي ڇانوَ ۾ محسوس ڪندو هئس. هاڻي جڏهن اها دعائن ڪرڻ واري ئي نه رهي آهي ته مان اُتي وڃي ڇا ڪندس.”
    “مون کي لڳندو هو ته امان ڪڏهن منهنجي حق ۾ نه ڳالهائي مون کي پاڻ کان پري ڪري ڇڏيو هو پر هاڻي احساس ٿئي ٿو ته هن مون سان گڏ اندر ئي اندر ۾ پاڻ سان بغاوت شروع ڪري ڇڏي هئي. مان آخري دفعو امان سان ملي به نه سگهيس شهلا.” مؤمن ائين چئي ٻارن وانگر روئڻ لڳو.
    شهلا پهريون دفعو ڪنهن مرد کي ايترو روئندي ڏسي رهي هئي.
    ماءُ جي وڇوڙي کان پوءِ مؤمن ڏاڍو اداس ٿي ويو .
    يتيم ٿيڻ جو احساس صرف پيءُ يا ماءُ جي نه هجڻ جو احساس نه هوندو آهي، پر احساس محرومي ۽ احساس ڪمتري هر وقت ان انسان جا مذاق اڏائيندا رهندا آهن جنهن جا والدين هن دنيا مان هليا ويندا آهن.
    مؤمن جڏهن شهلا کي عالي کي پنهنجي هٿن سان گراهـه کارائيندي ڏسندو هو، ته روئي پوندو هو. جذباتي طور هو ايترو ڪمزور نه هو پر ماءُ جي وڃڻ کان پوءِ هو ڪمزور ٿي پيو هو. شهلا ان احساس کان چڱي طرح واقف هئي، انڪري هن مؤمن جو هر طرح سان خيال رکيو.
    ٿورن ئي ڏينهن کان پوءِ زينب هن کي فون ڪري ٻڌايو ته بهرام خان کي ڌيءُ ڄائي آهي جنهن جو نالو صفوران رکيو ويو آهي، دُربيبي ان جو نالو صفوران رکڻ لاءِ راضي نه هئي پر اها ادا سائين جي اڳيان انڪار نه ڪري سگهي. ۽ هاڻي اها ٻارڙي زينب کي پالڻ لاءِ ڏني ويئي آهي.
    ڪنهن جو نالو رکڻ سان اهو ماڻهو واپس نه اچي ويندو آهي. مؤمن، زينب کي چيو ۽ پنهنجي مرحوم ڀيڻ کي ياد ڪري اداس ٿي ويو.

    ٽي سال گذري ويا بهرام خان ٻيهر مؤمن وٽ آيو. هو وري به شهلا کي ڇڏڻ تي مجبور ڪري رهيو هو.
    “توهان کي جيڪڏهن پنهـنجي ريتن ۽ رسمن جو ايترو خيال آهي ته پوءِ توهان کي اهو احساس به هوندو ته پنهنجي گهرواري کي ڇڏڻ بي غيرتي آهي.” مؤمن ڀاءُ کي چيو.
    “تون آخر سمجهين ڇو نٿو مؤمن. اسان تنهنجي شادي کي قبول ڪيون به ته پوءِ خاندان ۾ ٻين ڇوڪرن کي به اهو رستو ملي ويندو. هر ڪوئي وڃي پنهنجي مرضيءَ سان شادي ڪري ايندو.” بهرام خان سخت لهجي ۾ هن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “پوءِ ان ۾ ڇا آهي، آخر هونئن به ته وڃي هو غير عورتن سان تعلق رکن ٿا، پوءِ ڇا اهو صحيح ناهي ته باعزت طريقي سان هو انهن کي پنهنجي گهر جي عزت بڻائين.” مؤمن چيو
    “پوءِ خاندان جون ڇوڪريون ڪيڏانهن وينديون؟” بهرام خان سوال ڪيو.
    “انهن جو نصيب لکڻ وارو تون ڪير ٿيندو آهين. الله پاڪ انهن لاءِ به ضرور ڪوئي نه ڪوئي ته لکيو هوندو نه ۽ هڪ ڳالهه ٻڌي ڇڏ بهرام خان، شهلا سان منهنجي شادي هڪ مجبوري تحت ٿي هئي پر هاڻي مان ان کي ڪڏهن به نه ڇڏيندس.” مؤمن فيصله ڪن انداز ۾ چيو.
    “تون ڪجهه به چئه توکي ان کي ڇڏڻو ئي پوندو، هاڻي اسان جي عزت جو سوال آهي، ماڻهو اهو ئي پيا چون ته اسان توکي ڳوٺ واپس نه ٿا گهرائي سگهون. مان هاڻي ٻيهر تو وٽ آخري دفعو ايندس ۽ ان وقت تو وٽ انڪار جو رستو نه هوندو.” بهرام خان ائين چئي هليو ويو.
    مؤمن پنهـنجي ڪرسي تي ڄڻ ته ڄمي ويو هو. بهـرام خان جون ڳالهيون ٻڌي هو ڊڄي ويو.
    هن شهلا کي گهر کان اڪيلي ٻاهر وڃڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ پاڻ به يونيورسٽي مان اچڻ کان پوءِ گهر ۾ ئي رهندو هو.
    ڪجهه مهينن کان پوءِ مؤمن کي ڌيءُ ڄائي. هن کي هنج ۾ کڻندي مؤمن هڪ عجيب خوشي محسوس ڪري رهيو هو. ان جي چهري کي ڏسندي هن کي پنهنجي ماءُ ياد اچڻ لڳي.
    “پيءُ جڏهن پهريون دفعو پنهنجي ڌيءُ کي هنج ۾ کڻندو آهي ته ان جي چهري ۾ هو پنهنجي ماءُ جي شبيهه ڳوليندو آهي. ڇا اوهين به هن ۾ امان سائڻ کي پيا ڳوليو؟” شهلا مؤمن کي ننڍڙيءَ ڏانهن ائين غور سان ڏسندي پڇيو.
    “مون ته جيئن ئي هن کي ڏٺو مون کي هن جي چهري ۾ امان جو چهرو نظر آيو.” مؤمن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا .
    “اسان امان سائڻ جو نالو پنهنجي ڌيءُ تي رکون؟ انهن جو پورو نالو ڇا هيو مؤمن؟” شهلا مؤمن کان پڇيو.
    “زهرا” مؤمن خلا ۾ گهريندي ماءُ جو نالو ورتو.
    “مان هن جو نالو سيرتِ زهرا رکان مؤمن؟” شهلا، مؤمن کان پڇيو.
    “اوهان جي مرضي.” مؤمن شهلا ڏانهن غور سان ڏسندي چيو.
    مؤمن سيرت جي ڄمڻ جي خبر زينب کي نه ڏني. هڪ سال کان پوءِ سردار بهادر خان مؤمن کي فون ڪئي.
    هن مؤمن کي ڳوٺ واپس اچڻ لاءِ چيو ۽ هن کي هاڻي مؤمن جي نوڪري تي به ڪو اعتراض نه هو. هن عالي جي اسڪول ۽ پنهـنجي يونيورسٽيءَ جي ڪري پيءُ کي سياري جي موڪلن ۾ اچڻ جو چيو. پيءُ سان ڳالهائڻ کان پوءِ مؤمن ڏاڍو خوش هو، هن شهلا کي به اها ڳالهه ٻڌائي. شهلا پڻ اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍي خوش ٿي.
    “شهلا مون کي لڳي ٿو ته هاڻي ڳوٺ ۾ هڪ سٺو اسڪول شروع ڪرڻ وارو پنهنجو خواب پورو ڪري سگهندس.” مؤمن شهلا سان پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو.
    “اهو ته ڏاڍو سٺو ٿيندو مؤمن اسانجي ٻارن کي ڏاڏاڻن جو پيار ملندو. گهٽ ۾ گهٽ هو مون وانگر ايترن پيارن رشتن کان محروم ته نه رهندا.” شهلا جي خوشي به اکين مان ئي ظاهر هئي.

    پر قسمت به شايد بهرام خان جو ئي ساٿ ڏيڻ پئي چاهيو. ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ سردار بهادر خان جي طبيعت خراب ٿي پئي، پر مؤمن کي ان جو به اطلاع نه ڏنو ويو. زينب هن کي فون ڪري پيءُ جي طبيعت جي باري ۾ ٻڌايو ۽ اهو به ٻڌايو ته هو ڪراچي ۾ ئي آهي. مؤمن ان وقت ئي پنهنجي پيءُ وٽ اسپتال پهتو.
    سردار بهادر خان جي حالت خراب هئي پر پوءِ به هن مؤمن سان ڳالهايو ۽ هن کي پنهنجي گهرواري ۽ ٻارن کي هن سان ملرائڻ جو چيو.
    مؤمن ان وقت ئي شهلا ۽ ٻارن کي وٺي اچڻ لاءِ گهر ويو. بهرام خان اها ڳالهه ٻڌي ڪاوڙ ۾ اچي ويو. هن پنهنجي بيمار پيءُ کي بستري تي ئي ڪاوڙ مان ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    “مؤمن جي زال جيڪڏهن هتي آئي ته پوءِ هوءَ هتان زندهه واپس نه ويندي.” پيءُ کي ائين چئي هو ڪاوڙ ۾ ڪمري مان ٻاهر هليو ويو.
    مؤمن، شهلا ۽ ٻارن کي وٺي پنهنجي پيءُ جي ڪمري ۾ آيو. هُن جي طبيعت هاڻي وڌيڪ خراب ٿي چڪي هئي پر پوءِ به هن شهلا جي مٿي تي هٿ رکي کيس دعا ڏني ۽ عالي ۽ سيرت کي به پيار ڪيو. پر جلد ئي هن مؤمن کي ٻارن کي گهر واپس ڇڏي اچڻ جو چيو. مؤمن هنن کي جلد گهر ڇڏي پيءُ وٽ واپس اچڻ پيو چاهي، انڪري جلدي هنن کي وٺي وڃڻ لاءِ ٻاهر نڪتو.
    مؤمن، شهلا لاءِ گاڏي جو اڳيون دروازو کولي رهيو هو ته اچانڪ هڪ گولي هن کي لوندڙي ۾ لڳي ۽ هو اتي ئي ڪري پيو. ڪجهه لمحن ۾ ئي شهلا جي پيرن وٽ رت جو دٻو ٺهي ويو. هن گهڻيون ئي رڙيون ۽ دانهون ڪيون پر جيستائين ماڻهو پهتا تيستائين مـﺆمن جو روح هن فاني دنيا مان پرواز ڪري ويو.
    ٻي طرف سردار بهادر خان به ساڳي وقت پنهنجي زندگي ۾ لکيل آخري هڏڪي ڏيندي، دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيو.
    ................................


    6

    خوشين جا ڏينهن مخصوص هوندا آهن الائي جي اسان ئي ان وقت ايترا بي خبرا بڻجي ويندا آهيون جو اسان کي وقت گذرڻ جي ڪل ئي نه پوندي آهي. مؤمن، شهلا لاءِ پاڻ سان گڏ جيڪي خوشيون کڻي آيو هو، اهي پاڻ سان گڏ کڻي هميشه هميشه لاءِ هليو ويو. هن جي اچانڪ موت کان پوءِ شهلا وٽ الله کان سواءِ هڪ ننڍي پٽ جو ئي سهارو هو، جيڪو اڃا اهو به نه سمجهي سگهيو هو ته هن جي پيءُ کي اڇو ڪفن پارائي ڪيڏانهن موڪليو ويو.
    اهڙي وقت ۾ زينب جي موجودگي ۽ ان جي همدردي هن لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ نه هئي. زينب ڪڏهن سوچيو به نه هو ته هر موڙ تي هن جو سهارو بڻجڻ وارو ڀاءُ مٿس ايڏي وڏي ذميداري ڇڏي ويندو. هڪ طرف پيءُ جو وڇوڙو ٻئي طرف وڏي ڀاءُ جي جدائيءَ دل کي جهوري ڇڏيو، پر ان وقت کيس اهو احساس هو ته هن کان وڌيڪ شهلا ۽ ان جي ٻارن کي ڪنهن جي حوصلي جي ضرورت آهي.
    هوءَ ڪلهه ئي پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ جون آخري رسمون ادا ڪري شام جو بهرام خان سان گڏ هتي آئي هئي. ننڍڙي عالي کي گلي لڳائي هن مؤمن جي خوشبوءِ محسوس ڪئي، پر جڏهن هن ننڍڙي سيرت زهره کي هنج ۾ کنيائين ته کيس الله تعاليٰ جي ڪيل فيصلن تي اعتراض ٿيڻ لڳو.
    زينب هر هر انهن ٻارن کي پيار ڪري رهي هئي. ناناڻن يا ڏاڏاڻن جي طرف کان ملندڙ اهو پهريون شفقت ڀريو پيار هو جيڪو انهن ٻارن کي مليو. پيءُ ۽ ماءُ کان علاوه به ٻيا رشتا هوندا آهن اها هنن کي هاڻي خبر پئي.
    گهر ۾ ٺهيل هڪ ننڍڙي گيسٽ روم ۾ بهرام خان ويٺل هو، زينب ٻارن کي وٺي اوڏانهن آئي.
    “هي مؤمن جا ٻار آهن.” زينب ڀاءُ کي ٻڌايو.
    ڀوري ناسي وارن ۽ سرمائي اکين واري معصوم عالي ڏانهن بهرام خان غور سان ڏٺو ۽ هڪ نظر ننڍڙي سيرت تي وجهي، هُن زينب ڏانهن ڏٺو.
    عالي به ان شخص کي غور سان ڏسي رهيو هو. ڪاٽن جا اڇا ڪلفدار ڪپڙا پهريل اهو شخص خبر ناهي ڇو پهرين نظر ۾ ئي عالي کي نه وڻيو. ان جي چهري تي ايترا سخت تاثر ۽ ان جي وڏين ڳاڙهين اکين ۾ وحشت ڏسي عالي ڊڄي ويو.
    “تو مؤمن جي زال سان ڳوٺ هلڻ جي ڳالهه ڪئي؟” بهرام خان زينب کان پڇيو.
    “نه مون اڃا ڳالهه نه ڪئي آهي، هن جي حالت اهڙي ناهي جو هوءَ ڪو به فيصلو ڪري سگهي.” زينب جواب ڏنو.
    “ان ۾ سوچڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، جيڪڏهن هوءَ انڪار ڪندي تڏهن به مان ٻارن کي ته هتان وٺي ئي ويندس.” بهرام خان سختي سان چيو.
    عالي ان جي ڳالهه ٻڌي لاشعوري طور پنهنجي ڀيڻ جو هٿ مضبوطيءَ سان پڪڙيو.
    “مان ڳالهه ڪندسِ ان سان.” زينب يڪدم وراڻيو.
    “ان کان علاوه هن وٽ ٻي ڪا واٽ ڪونهي. مون کي ته خبر به نه هئي ته هن جي ڌيءُ به آهي. هاڻي ته هن کي هتان هلڻو ئي پوندو. مان سڀاڻي ايندس، توهان تيار رهجو.” بهرام خان ائين چئي ڪرسيءَ تان اٿيو.
    دروازي وٽ بيٺل شهلا سڀ ڪجهه ٻڌي ورتو. ٻارن جي مستقبل جو فيصلو ته هن اڃا نه ڪيو هو پر انهن کي ڳوٺ وٺي وڃڻ جو هوءَ سوچي به نه پئي سگهي.
    “مؤمن زندهه هجي ها ته ائين ڪڏهن به نه ڪري ها پوءِ هاڻي آءٌ ائين ڇو ڪيان!” هوءَ اهو سوچيندي ڪمري ڏانهن آئي.
    زينب به هن جي ڪمري ۾ آئي.
    هڪ ٻئي کي چوڻ لاءِ ڄڻ ته لفظ ئي ختم ٿي ويا هئا.
    “امي اسان هنن سان گڏ نه هلنداسين ڳوٺ.” عالي ڊوڙندو اچي ماءُ کي چنبڙيو ۽ معصوميت مان چيائين.
    زينب جي اکين ۾ لڙڪ اچڻ لڳا. شهلا ان کي ڀاڪر پائي روئڻ لڳي. ڪافي دير هنن ٻنهي ڪجهه به نه ڳالهايو. انهيءَ ڪيفيت ۾ ڪيترا دفعا لفظن کان وڌيڪ خاموشي ئي جذبن جي نمائندگي ڪندي آهي. هن خاموشيءَ ۾ اهي ٻئي هڪ ٻئي جا جذبات سمجهي رهيون هيون.
    شهلا آهستي آهستي عالي کي سمجهايو ته زينب کيس شهلا کان جدا ڪرڻ نه آئي آهي.
    زينب به پنهنجي پيار ۽ شفقت سان عالي کي پنهنجو ڪرڻ لڳي. عالي به سرمائي رنگ جي پهراڻ ۽ ڪاري رنگ جي شلوار ۽ رئو پاتل ان سٻاجهڙي عورت سان مانوس ٿيڻ لڳو.
    رات جو زينب ماني پچائي سڀني سان گڏ کاڌي. شهلا ٻارن کي سمهارڻ لاءِ ڪمري ۾ هلي ويئي.
    ملازمه سان گڏ زينب ٿانو کڻي رڌڻي ۾ رکيا ۽ شهلا ڏانهن ڪمري ۾ آئي.
    شهلا ڀرسان سمهيل سيرت جي وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي ڪجهه سوچي رهي هئي. عالي اڃا جاڳي رهيو هو ۽ شهلا جي ڀرسان ئي سُتل هو. شهلا، زينب کي ڏٺو ته سڌي ٿي ويٺي ۽ بيڊ جي سيراندي کان هن لاءِ ويهڻ جي جڳهـه ٺاهي.
    “توهان ڇا سوچيو آهي مستقبل جي لاء؟” زينب، شهلا کان پڇيو.
    “آپا مون اڃا ڪجهه به نه سوچيو آهي. زندگي ۾ ڪڏهن به مون پاڻ ڪوبه فيصلو نه ڪيو آهي. الله تعاليٰ هميشه مون وٽ ڪونه ڪو اهڙو ماڻهو ڇڏيو جيڪي منهنجي لاءِ بهتر فيصلو ڪري پئي سگهيو. پهرين بابا ۽ پوءِ مؤمن، آءٌ انهن ٻنهي جي فيصلن مان مطمئن هوندي هئس. هاڻي جڏهن مون کي فيصلي ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي ته مون کي صرف هڪ ئي چوائس ڏني ويئي آهي” شهلا خلا ۾ گهوريندي ڳالهايو.
    “توهان جي هر فيصلي ۾ مان توهان سان گڏ آهيان.” زينب، شهلا کي يقين ڏياريو.
    “مون وٽ ٻيو ڪو رستو به، ته ناهي نـ ڇڏيو ويو آپا. پر جيڪڏهن آءٌ اوڏانهن هليس ته تاريخ هڪ دفعو ٻيهر پاڻ کي دهرائي سگهي ٿي. عالي ۽ سيرت کي به پنهنجي حقن لاءِ بغاوت وارو رستو اختيار ڪرڻو پوندو. ائين به ٿي سگهي ٿو ته منهنجا ٻار ان ماحول ۾ رهي اتان وارن جي سوچ مطابق هلڻ سکي وٺن جيڪو هنن جي پيءُ ڪڏهن به نه چاهيو هو.” شهلا چيو.
    “پر ائين به ته ٿي سگهي ٿو نه ته توهان مستقبل جي باري ۾ غلط اندازا لڳائي رهيا هجو. ٿي سگهي ٿو وقت اچڻ تي عالي ۽ سيرت لاءِ مؤمن جهڙا حالات پيدا نه ٿين. انهن ٻنهي سان گڏ توهان هوندؤ ته اهي هر مشڪل کي منهن ڏيئي ويندا.” زينب شهلا کي اعتماد ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “پر مؤمن کي اتان جي هر شيءِ مان بي دخل ڪيو ويو هو. اتي وڃڻ کان پوءِ منهنجا ٻار خيرات ۾ مليل ٽڪڙن تي پلبا.” شهلا، زينب جي ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي چيو.
    “ائين قانوني طور نه ٿيو هو ۽ ان جائداد ۾ منهنجو حصو به آهي جيڪو هاڻي صرف مؤمن جي ٻارن جو آهي.” زينب چيو.
    زينب جي خواهش هئي ته شهلا بنا ڪنهن زور بار جي ڳوٺ هلي. کيس اندازو هو ته هن شهر ۾ رهي ٻارن جي پرورش ڪرڻ هن لاءِ مشڪل هوندو پر هوءَ رهي به ويئي ته بهرام خان هن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندو.
    “آءٌ هتي ڪا نوڪري تلاش ڪري وٺنديس. منهنجي بابا ۽ مؤمن مون لاءِ ايترو ضرور ڇڏيو آهي جو مان پنهنجي ٻارن جي پرورش ڪري سگهان. توهان پليز ادا کي چئو نه، ته مون کي اوڏانهن هلڻ لاءِ زور نه ڀري.” شهلا ڳوٺ وڃڻ جو سوچي ئي ڊڄي ويئي، انڪري هن نوڪري ڪرڻ جو سوچيو.
    “هو ائين نه ڪندو پر پوءِ به مان ان سان آخري دفعو ڳالهائينديس.” زينب ائين چئي ٻي ڪمري ڏانهن هلي ويئي.


    “تون ان مائيءَ کي سمجهايو؟” ٻئي ڏينهن صبح جو ئي سردار صاحب هنن وٽ آيو. زينب هن ڏانهن ٻي ڪمري ۾ آئي ته سردار صاحب، زينب کان سوال ڪيو.
    “هوءَ اسان سان هلڻ لاءِ راضي ناهي.” زينب جواب ڏنو.
    “بجاءِ منهنجو احسان مڃڻ جي هوءَ ائين انڪار پئي ڪري؟” سردار صاحب غصي مان پڇيو.
    “هوءَ هڪ پڙهيل لکيل ڇوڪري آهي، هن کي خبر آهي ته ٻارن جي پرورش ڪيئن ۽ ڪهڙي ماحول ۾ ڪرڻي آهي. هوءَ پاڻ نوڪري ڪري سگهي ٿي.” زينب هن کي وضاحت ڏني.
    سردار صاحب اها ڳالهه ٻڌي ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو.
    “سائين ٻاهر پوليس آئي آهي.” دروازي وٽان ملازمه اندر ايندي بهرام خان کي ٻڌايو.
    “تون ٻي ڪمري ڏانهن وڃ.” سردار صاحب زينب کي چيو.
    “هوءَ اٿي شهلا جي ڪمري ڏانهن ويئي ته ملازمه پوليس واري کي سردار صاحب واري ڪمري ڏانهن وٺي ويئي.
    زينب ڪمري ۾ داخل ٿي ته شهلا پنهنجي ڪمري ۾ ڀت سان ٽيڪ لڳائي هيٺ فرش تي ويٺي هئي. روئي روئي هن جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون هيون. زينب به هن جي ڀرسان اچي ويٺي.
    “شهلا توسان شادي ڪرڻ کان پوءِ مؤمن جڏهن خط لکي تنهنجي باري ۾ ٻڌايو هو ته هن لکيو هو ته، “زينب توکان پوءِ شهلا اها ٻي عورت آهي جنهن سان مان پنهنجي دل جي هر ڳالهه ڪري ڇڏيندو آهيان. هن وٽ منهنجي هر پريشانيءَ جو حل هوندو آهي ۽ هوءَ هر پريشانيءَ جو حل الله کان پڇندي آهي. اهو ڪيئن پڇندي آهي اها مون کي ناهي خبر پر مان ڪڏهن به هن کي پريشاني ۾ نااميد ٿيندي نه ڏٺو آهي. هوءَ هر ڳالهه ۾ الله تعاليٰ جي مصلحت ڳولهي وٺندي آهي.” زينب، شهلا جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليو.
    شهلا ڀنل اکيون کڻي زينب ڏانهن ڏٺو.
    “سچ پڇين ته ان وقت مون کي توکان حسد ٿي رهيو هو. پر دل ئي دل ۾ توسان ملڻ جي خواهش به ڏاڍي هوندي هئي. پر جڏهن هاڻي مان شهلا سان ملي آهيان ته هي ڇا اها شهلا ڪٿي آهي جنهن جي ڳالهه مؤمن مون سان ڪئي هئي، جيڪا شهلا منهنجي سامهون آهي، اها ته ڪا ٻي پئي لڳي.” زينب هن کي ڀاڪر پائيندي چيو.
    “جيجي توهان کي سردار صاحب گهرايو آهي.” ملازمه ڪمري ۾ اچي هنن کي چيو.
    “پوليس وارو شهلا سائڻ جو بيان وٺندو.” زينب ٻاهر وڃڻ لاءِ اٿي ته ملازمه کيس دروازي وٽ ئي ٻڌايو.
    “شهلا وڏي چادر پاتي ۽ نقاب لڳائي گيسٽ روم ڏانهـن ويئي.
    “هي آهي مسز مؤمن ڊي.ايس.پي صاحب.” بهرام خان. شهلا ڏانهن اشارو ڪندي ڊي.ايس.پي کي ٻڌايو.
    شهلا، ڊي.ايس.پي جي سامهون رکيل صوفـه تي ويٺي.
    “مسز مؤمن، سردار صاحب جي بيان مطابق اوهان جي گهرواري تي حملو ڪيو ويو هو. ڇا اهو صحيح آهي؟” ڊي.ايس.پي شهلا کان پڇيو.
    “جي ها.” شهلا جواب ڏنو.
    “هنن جو چوڻ آهي ته انهـن تي جن حملو ڪيو اهي اوهان جي ڄاڻ سڃاڻ وارا ڪي ماڻهو هئا. مؤمن سان شادي کان اڳ انهـن ماڻهن توهان جو رشتو گهريو هو جنهـن جي ڪري هو بعد ۾ مؤمن کي ڌمڪيون ڏيندا رهيا هئا. ۽ ان ڳالهه جو ذڪر مؤمن، سردار صاحب سان ڪجهه ڏينهـن اڳ ڪيو هو.” ڊي.ايس.پي، شهلا کي وڌيڪ ٻڌايو.
    شهلا حيرت مان سردار صاحب ڏانهن ڏٺو جيڪو هن ڏانهن نهـاري رهيو هو. هن جي چهري تي هڪ شيطاني مسڪراهٽ اڀري.
    “ڇا اوهان جو بيان به ساڳيو آهي؟” ڊي.ايس.پي شهلا کان پڇيو.
    “انهـن ڌمڪين جو ذڪر مؤمن ڪڏهن به مون سان نه ڪيو هو.” شهلا جواب ڏنو. هوءَ سمجهي چڪي هئي ته ڳوٺ وڃڻ کان انڪار تي سردار صاحب هن لاءِ ڪيتريون مشڪلاتون پيدا ڪري سگهي ٿو.
    “هو اوهان کي پريشان ڪرڻ نه پيو چاهي، ان لاءِ هن اوهان سان ذڪر نه ڪيو. مان ڪجهـه مهينا اڳ ئي مؤمن سان ان جي آفيس ۾ مليو هئس، جتي هن مون سان اها ڳالهه ڪئي هئي. اوهان مؤمن جي آفيس مان اسان جي ان ملاقات جي پڪ ڪرڻ چاهيو ته ڪري سگهو ٿا.” بهرام خان ڊي.ايس.پي جي موجودگي جي ڪري شهلا کي نرمي سان ٻڌايو.
    شهلا سردار صاحب ڏانهـن بي يقينيءَ مان ڏٺو.
    “اوهان کي ٻي ڪنهن تي شڪ؟” ڊي.ايس.پي شهلا کان پڇيو.
    “نه مون کي ڪنهن تي شڪ ناهي.” شهلا، سردار بهرام خان ڏانهن بي وسي مان ڏسندي جواب ڏنو.
    “ٺيڪ آ اوهان وڃي سگهو ٿا.” ڊي.ايس.پي صاحب، شهلا کي چيو.
    شهلا اتان اٿي پنهـنجي ڪمري ڏانهـن آئي.
    زينب دروازي وٽان سڀ ڪجهه ٻڌي ورتو هو، هوءَ به شهلا وانگر ئي حيران هئي.
    ڪمري ۾ اچي شهلا خاموشيءَ سان ڪرسي تي ويهي رهي. هن کي پورو پورو اندازو ٿي ويو هو ته سردار صاحب ئي مؤمن تي حملو ڪرايو هو. هاڻي هن لاءِ فيصلو ڪرڻ اڃا وڌيڪ مشڪل ٿي ويو هو. هوءَ پاڻ کي ڪنهن ٻـه واٽي تي بيٺل محسوس ڪري رهي هئي.
    هوءَ ڪرسي تان اٿي ۽ الماري مان معنيٰ وارو قرآن پاڪ کنيو ۽ اکيون بند ڪري ان کي کوليو.
    قرآن پاڪ جو جيڪو ورق کليو، شهلا ان جي پهرين آيت پڙهي:
    “مسلمانو! توهان کي مال ۽ جان جون ٻئي آزمائشون ضرور پيش اينديون ۽ توهان اهلِ ڪتاب ۽ مشرڪن کان گهڻيون ڏک پهچائيندڙ ڳالهيون ٻڌندا جيڪڏهن انهـن سڀني حالتن ۾ توهان صبر ۽ خدا ترسيءَ جي راهـ تي قائم رهندؤ، ته اهو وڏي حوصلي جو ڪم آهي.”
    ايتري ۾ زينب به ڪمري ۾ آئي ۽ شهلا ڏانهن ڏسڻ لڳي.
    “آپا مان ڳوٺ هلنديس توهان سان گڏ.” شهلا ڪجهه سوچڻ کان پوءِ زينب کي چيو.
    زينب شهلا کي خاموش نظرن سان ڏسندي رهي.
    ڊي.ايس.پي جي وڃڻ کان پوءِ زينب، بهرام خان جي ڪمري ۾ آئي.
    “شهلا ڳوٺ هلڻ لاءِ راضي آهي پر هڪ شرط تي.” زينب ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي سردار صاحب کي چيو.
    “ڪهڙو شرط؟” سردار صاحب هن کان پڇيو.
    “مؤمن جا ٻار توهان جي بنگلي ۾ نه رهندا.” زينب چيو.
    “توکي خبر آهي ته مؤمن کي جائداد مان بي دخل ڪيو ويو هو. مان هنن کي الڳ ڪابه جڳهـه نه ڏيندس.” سردار بهرام خان سخت لهجي ۾ چيو.
    “جڏهن مؤمن کي هر شيءِ مان بي دخل ڪيو ويو هو ته پوءِ توهان ان جي ٻارن کي وٺي هلڻ لاءِ ڇو بضد آهيو؟” زينب پڇيو.
    “هاڻي ڳالهه جائداد جي ناهي زينب، اسان جي خاندان جا ٻار هن مائيءَ وٽ آهن. هل جيڪڏهن ڇوڪرا هجنس ها تڏهن به ٻي ڳالهه هئي پر اسان پنهـنجي نياڻي ته هتي نٿا ڇڏي سگهون نه.” سردار صاحب چيو.
    “جيڪڏهن ملڪيت جو مسئلو آهي ته توهان منهـنجو حصو مؤمن جي ٻارن جي نالي ڪيو.” خبر ناهي ڪٿان زينب ۾ ايتري همٿ اچي ويئي جو هن سردار بهرام خان جي اڳيان ملڪيت ۾ پنهنجي حصي جي ڳالهه ڪئي.
    “يقيناً تنهـنجي دماغ ۾ اها ڳالهه ان مائيءَ وڌي آهي، نه ته اڳي ته تون اهڙي ڳالهه ڪڏهن نه ڪئي هئي. پهرين هن مؤمن سان پئسي جي ڪري شادي ڪئي، ان مان ڪجهه نه مليس ته هاڻي توکي پئي استعمال ڪري.” سردار صاحب طيش کائيندي چيو.
    “هوءَ هڪ سمجهدار عورت آهي ظاهر آهي ته پنهـنجي ٻارن کي ائين ئي ته نه وٺي هلندي نه.” زينب، شهلا جو دفاع ڪندي چيو.
    “جيڪڏهن توکي يا مؤمن جي ٻارن کي مون حصو ڏنو ته ٻيا سڀ به پنهـنجو حصو گهرڻ شروع ڪندا، انڪري پراڻي حويلي خالي ڪري انهـن کي رهڻ لاءِ ڏني ويندي، باقي ٻي سڄي ذميداري منهـنجي هوندي. مان وڌيڪ ڪو بحث نٿو ٻڌڻ چاهيان.” سردار صاحب، زينب کي چيو.
    “ٺيڪ آهي مان شهلا کي سمجهايان ٿي پر ادا هن سان ڪنهـن به قسم جي زبردستي ڪرڻ صحيح ناهي، ائين نه ٿئي جو هوءَ ڪنهن عدالت جو در کڙڪائي.” زينب ائين نه پئي چاهي ته سردار صاحب شهلا کي هڪ ڪمزور عورت سمجهي، ان سان ڪا ناانصافي ڪري. انڪري هن آخري ڳالهه چئي.
    “مون کي خبر آهي ته هوءَ ائين نه ڪندي، جيڪڏهن هن جو دماغ خراب ٿي به ويو ۽ ائين ڪرڻ جو سوچيائين به ته مان ڄاڻان ٿو ته تون هن کي ٻڌائي ڇڏيندينءَ ته سردار بهـرام خان لاءِ عدالت جي ڌمڪي ڪا اهميت نٿي رکي.” سردار بهـرام خان به آخرڪار هڪ شاطر دماغ ماڻهو هو سو هن به ڀيڻ کي لاجواب ڪري ڇڏيو.
    “ٺيڪ آهي مان شهلا ۽ ٻارن کي ڳوٺ لاءِ تيار ڪريان ٿي.” زينب وڌيڪ نه ڳالهائڻ ئي بهـتر سمجهيو ۽ اتان هلي ويئي.
    “شهلا مان سمجهي سگهان ٿي ته تون ان فيصلي مان خوش ناهين پر بس توهان هميشه وانگر هاڻي به الله تي رکو.” زينب، شهلا وٽ اچي هن جي ڀرسان ويهندي چيو.
    “توهان اسان جي ڪري پنهـنجو پاڻ کي خطري ۾ وجهي آيا آهيو، توهان کي ملڪيت ۾ حصي جي ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي ها.” شهلا هنن جون ڳالهيون ٻڌي ورتيون هيون انڪري هن زينب کي چيو.
    “شهلا مؤمن جي ڀيڻ هجڻ جي حيثيت سان ان جي ٻارن تي منهـنجو ۽ ان جي ٻارن جو مون تي به ته حق آهي نه. اصل ۾ مان به اهو ئي چاهيان پئي ته توهان ڳوٺ هلو، پر مان ادا وانگر زبردستي ڪرڻ نه پئي چاهيان. جهڙي طرح توکي لڳي پيو ته ڳوٺ ۾ ٻارن جو مستبقل محفوظ نه آهي، ائين ئي مون کي ٻارن جو مستقبل هتي محفوظ نٿو لڳي. هاڻي اها ته الله پاڪ کي ئي بهتر خبر آهي ته هنن لاءِ ڇا صحيح آهي، پر ڳوٺ هلڻ سان بهرام خان جي ڌمڪي جو مليل خدشو ختم ٿي ويندو. هتي هر وقت توهان کي اها ڳڻتي رهي ها ته خبر ناهي ڪهڙي وقت بهرام خان ٻارن کي توهان کان الڳ ڪندو، پر ڳوٺ هلڻ سان ائين نه ٿيندو.” زينب، شهلا کي سمجهائيندي چيو.
    زينب جي ڳالهه صحيح هئي. شهلا دل ئي دل ۾ اهو تسليم ڪيو.
    “سائڻ توهان کي سردار صاحب سڏي رهيو آهي.” ملازمه اچي شهلا ۽ زينب کي چيو.
    شهلا چادر ٺيڪ ڪري اٿي، ته زينب به هن سان گڏ وڃڻ لڳي. هي ٻئي سردار صاحب جي سامهون اچي ويٺيون.
    “ڪيس ۾ منهنجو بيان ٻڌي يقيناً توهان جو شڪ سڌو سنئون مون ڏي ويو هوندو، پر مان پنهنجي صفائيءَ ۾ صرف ايترو چوندس ته مؤمن جي ڳوٺ مان وڃڻ کان پوءِ هن سان صرف هڪ دفعو منهـنجي ملاقات ٿي هئي. اهو به جڏهن مان پاڻ اُن سان ملڻ آيو هئس. اُن کان علاوه هن سان منهـنجو ڪو واسطو نه هو.” بهرام خان ايترو چئي ماٺ ٿي ويو.
    “رهي ڳالهه مؤمن جي قاتلن جي، ته انهـن سان مان پاڻ ئي منهن ڏيئي وٺندس. ڀلي مؤمن کي بي دخل ڪيو ويو هو پر پوءِ به هو هڪ سردار هو ۽ ان جو حساب ان جي قاتلن کي ڏيڻو پوندو.” سردار صاحب ٻنهي عورتن کي خاموش ڏسي ٻيهر ڳالهه شروع ڪئي. هن شايد پهريون دفعو ڪنهن جي اڳيان ايڏي وڏي صفائي پيش ڪئي هئي.
    “هاڻي جيڪڏهن توهان جي تياري ٿي ويئي هجي ته ڳوٺ هلون؟” سردار صاحب ڳالهه ختم ڪندي پڇيو.
    شهلا ۽ زينب هڪ ٻئي ڏانهـن ڏٺو ۽ اٿي ڪمري مان نڪري ويون.
    شهلا، مؤمن جي هر شيءِ پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ پئي چاهي، انڪري هن مؤمن جو سڄو سامان ۽ پنهـنجون ڪجهه ضرورت جون شيون کنيون ۽ آخري دفعو پنهنجي گهر تي هڪ خالي نگاهه وجهي هڪ اڻ ڏٺي، دنيا ڏانهـن سفر شروع ڪيو.
    عالي حيران هو ته هن جي ماءُ هنن ماڻهن سان وڃڻ لاءِ ڇو راضي ٿي ويئي، هو دل ئي دل ۾ ماءُ کان ناراض هو.
    زينب جڏهن عالي کي ٻڌايو ته هاڻي هو هميشه لاءِ پنهـنجي گهر هلي رهيو آهي ته هن جي حيرانگي اڃا وڌي ويئي.
    “پر پُڦو اسان جو گهر ته هي آهي نه.” عالي پنهنجي گهر ڏانهن ڏسندي زينب کان سوال ڪيو.
    “توهان پنهنجي بابا جو اصل گهر نه ڏسندؤ؟ اتي انهن جا سڀ مائٽ آهن، ڏسجو توهان کي اتي سڀ ڪيترو پيار ٿا ڏين ۽ توهان کي ڏاڍو مزو ايندو اتي توهان جيترا ٻار به آهن.” زينب عالي کي ڳوٺ جي باري ۾ وڌيڪ ٻڌائڻ لڳي.
    عالي به خاموشيءَ سان ٻڌڻ لڳو ۽ پنهـنجي پيءُ جي گهر جي باري ۾ سوچڻ لڳو.
    هن شهر کان ٻاهر شهلا جو پهريون سفر هو. ان کان اڳ هن ڪڏهن سوچيو به نه هو ته مؤمن کان بنا ڪڏهن هوءَ هن شهر کان ٻاهر ويندي. هن شهر کان الڳ ٿيندي هن کي احساس ٿيو ته هن وٽ پنهـنجو چوڻ لاءِ اها آخري شيءِ ئي هئي جنهن کان هوءَ الڳ ٿي رهي آهي. پنهـنجا ٻار به خبر ناهي هاڻي پنهنجا رهندا الاءِ جي نه.” شهلا عالي ڏانهن هڪ نظر وجهي پنهنجي گهر ڏانهن آخري دفعو ڏٺو ته سندس اکين اڳيان ڌنڌ ڇانئجي ويو.

    “پُڦو اڃا ڪيترو پري آهي بابا جو ڳوٺ؟” سفر ڪندي هنن کي پنج ڪلاڪ گذري ويا ۽ هاڻي عالي ۽ سيرت بيزار ٿيڻ لڳا هئا.
    “بس منهنجي جان هاڻي ٿورو پري آهي باقي.” زينب، عالي کي پيار ڪندي چيو.
    عالي کي زينب جي هنج ۾ ئي ننڊ اچي ويئي.
    ڪجهه وقت کان پوءِ عالي ننڊ مان جاڳيو ته هو اڃا رستي ۾ ئي هئا. هن ڪنڌ مٿي کڻي زينب ڏانهن سواليه نظرن سان ڏٺو.
    “بس هاڻي پهچي ويو اسان جو ڳوٺ. سامهون ڏسو توهان جي بابا جانيءَ جو گهر نظر پيو اچي.” زينب هن جون نظرون پڙهندي چيو.
    عالي روشنين سان جرڪندڙ ان محل نما گهر ڏانهن ڏٺو ته آهستي آهستي هن جي اکين مان ننڊ وڃڻ لڳي ۽ هو اٿي ويٺو.
    شهلا پنهـنجي چادر صحيح ڪئي ۽ هڪ نظر سامهون نظر ايندڙ بنگلي ڏانهن وڌي. جيئن جيئن گاڏي حويلي جي ويجهو ايندي پئي وڃي تيئن ئي هن جي دل هڪ گهري اونداهي کاهي ۾ ڪرندي پئي ويئي. هڪ دفعو ٻيهر هن کي پنهنجي ٻارن کان الڳ ٿيڻ جو خوف وڪوڙڻ لڳو.
    ڪاٺ جي ٺهيل وڏي گيٽ مان گاڏي اندر داخل ٿي. بنگلي جي چوڌاري وڏو ڪوٽ هو ، ۽ گاڏي لاءِ ٺهيل رستي جي ٻنهـي طرفن کان وسيع لان هو. هڪ لان جي وچ ۾ پاڻي جو وڏو ڦوهارو لڳل هو، جيڪو چؤگرد لڳل رنگارنگي بتين جي ڪري دلڪش ڏيک ڏيئي رهيو هو. ٻئي طرف ٺهيل لان ۾ هڪ ٽيبل ۽ ان جي چوڌاري ڪجهه ڪرسيون رکيل هيون.
    گاڏي مان لهي عالي سامهون ٺهيل بنگلي ڏانهن ڏٺو جنهـن جي روشنين جي خوبصورتي جي ڪري عالي جي اکين مان ننڊ ئي هلي ويئي هئي. زينب شهلا ۽ ٻارن کي سڌو پنهـنجي ڪمري ڏانهـن وٺي آئي.
    سيرت کي ننڊ اچي ويئي هئي، زينب ان کي بيڊ تي سمهاريو ۽ شهلا کي فريش ٿيڻ جو چئي ٻاهر هلي ويئي.شهلا هٿ منهـن ڌورائي عالي جا ڪپڙا تبديل ڪيا ۽ پاڻ به فريش ٿي.
    ڪجهه دير کان پوءِ زينب هڪ ملازمـه سان گڏ ماني کڻي آئي. سفر جي ٿڪاوٽ ايتري هئي جو شهلا ۽ عالي ڪجهه ئي گرهـ کاڌا. ماني کائڻ کان پوءِ زينب، شهلا ۽ ٻارن کي ڀرسان واري ڪمري ۾ وٺي آئي.
    سردار بهرام خان جو بنگلو نه صرف ٻاهران کان پر اندران کان به شاندار هو، ڪمرا انتهـائي شاندار نموني سان ٺهيل ۽ سجيل هئا جتي هر ضرورت جو سامان موجود هو. اندر اچڻ وارن لاءِ اهو اندازو لڳائڻ مشڪل هو ته هو ڪنهـن ڳوٺ ۾ آهي.
    شهلا اڃا ڪمري جو جائزو وٺي رهي هئي ته ايتري ۾ حويليءَ جون ڪجهه عورتون شهلا سان ملڻ آيون. ڪمري ۾ ايندي ئي هڪ عورت شهلا کي ڀاڪر پائي زور زور سان روئڻ لڳي، شهلا جو اندر ته اڳي ئي ڀُريو پيو هو سو هوءَ به پنهنجي روئڻ کي روڪي نه سگهي. زينب ٻنهي جي ويجهو اچي آٿَت ڏيندي هنن کي الڳ ڪيو ۽ شهلا کي ٻڌايو ته اها عورت مؤمن جي وڏي ڀيڻ زينت آهي. ان کان پوءِ ان جي ٻي ڀيڻ درناز به هن کي ڀاڪر پائي، ڀاءُ ۽ پيءُ لاءِ پار ڪڍي روئڻ لڳي. واري واري سان ٻيون عورتون به هن سان اچي مليون. ٿوري دير ويهڻ کان پوءِ شهلا کي آرام ڪرڻ جو چئي اهي سڀئي هليون ويون.
    شهلا، عالي کي سمهاري نماز پڙهي ۽ پوءِ پنهنجن ٻارن سان گڏ ئي ليٽي پئي. نئين جڳهـه تي نئين زندگي شروع ڪرڻ جون سوچون ننڊ کي شايد ڪراچيءَ ۾ ئي ڇڏي آيون هيون.
    صبح جو سردار صاحب نوڪرن کي چئي پراڻي حويلي صاف ڪرائي ۽ شهلا جو سامان اوڏانهـن موڪليو.
    زينب به ملازمه کي چئي پنهنجو سامان اوڏانهـن موڪليو.
    “جيجي توهان ڪيڏانهن پيا وڃو؟” ننڍڙي صفا جيڪا زينب سان گڏ ان جي ڪمري ۾ رهندي هئي، تنهن زينب کان پڇيو.
    “مان پراڻي حويلي پئي وڃان.” زينب ڦڻي کڻي هن جي گهاٽن ڊگهن وارن جي چوٽي ٺاهڻ لڳي ۽ هن کي ٻڌايائين.
    “پوءِ توهان هيڏانهن نه اينديون؟” صفا هن کان پڇيو.
    “مان هتي تو وٽ به ايندي رهندس منهنجي راڻي.” زينب هن کي پيار ڪندي چيو.
    “پوءِ سڄو سامان ته نه کڻي وڃو نه، توهان وينديون ته پوءِ مان ڪنهن سان سمهنديس؟” صفا معصوميت مان پڇيو.
    “تون مروه سان سمجهانءِ.” زينب وراڻيو.
    “اها ته ننڍڙي آهي.” صفا چيو.
    “پوءِ ڀلا تون پنهنجي امان سائڻ سان گڏ سُمِهجانءِ.” زينب کي ياد آيو ته صفا ايتري ڊڄڻي آ جو هوءَ ڪنهن ماڻهو کان بنا رات جو ڪمري ۾ اڪيلي ويهي به نه سگهندي آهي.
    “توهان کي خبر آهي ته اها مون کي پاڻ سان گڏ نه سمهاريندي آهي، هاڻي به جڏهن توهان نه هئا ته ان هڪ ملازمـه کي هتي مون وٽ سمهاريو هو.” صفا شڪايت ڪئي.
    “صفا تون هاڻي وڏي ٿي ويئي آهين، توکي ڊڄڻ نه گهرجي، پوءِ به مان ماهه نور کي چونديس ته هوءَ مٿي نه سمهي هيٺ توسان گڏ سمهي. ٺيڪ آهي؟” زينب کيس مسئلي جو حل ٻڌائيندي چيو.
    “توهان جو پراڻي حويلي وڃڻ ايترو ضروري آ ته پوءِ اهو به صحيح آهي.” صفا جنهن جو ضد سواءِ زينب جي ڪنهن به ڪڏهن پورو نه ڪيو هو تنهـن زينب جي اڳيان آڻِ مڃيندي چيو.
    “شاباس، اسان اوڏانهـن وڃون ته پوءِ مان توکي تنهنجي سؤٽ ۽ سؤٽِ سان ملرائينديس.” زينب هن جي وارن جي چوٽي کي اڳيان ڪلهي تي رکندي چيو.
    “ٺيڪ آهي.” صفا جواب ڏنو.
    “جيجي اوهان کي سائڻ سڏيو آهي.” نوڪرياڻيءَ دروازي وٽ اچي زينب کي چيو.
    “تون وڃ، مان اچان ٿي.” زينب چيو.
    هاڻي تون تيار ٿي تنهنجي ماسترياڻي اچڻ واري هوندي. مان ڀاڄائيءَ وٽان ٿي اچان ٿي.
    زينب، صفا کي ائين چئي ٻاهر هلي ويئي.
    “توهان مون کي ياد ڪيو.” زينب دُربيبي جي ڪمري ۾ ايندي چيو.
    “ها زينب هاڻي جڏهن پنهنجي پسنديده ڀاڄائيءَ کي ضد ڪري هتي وٺي آئي آهين ته مهل سان کيس پراڻي حويلي منتقل ڪر. سردار صاحب به اهوئي حڪم ڏيئي ويو آهي.” دُربيبي رُکائيءَ مان زينب کي چيو.
    “انهن کي هن حويليءَ مان جلدي وڃڻ لاءِ ڪوئي حڪم نٿو ڏيئي سگهي. هو به ان حويلي تي ايترو حق رکن ٿا جيترو اوهان ۽ اوهان جا ٻار.” زينب پنهنجي ڪاوڙ روڪڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر پوءِ به هن اهو چئي ڏنو جيڪو هوءَ چوڻ پئي چاهي.
    “ڪنهن جو حق ڪيترو آهي، اهو وقت ٻڌائي ڇڏيو آهي. ان لاءِ اهو ئي بهتر رهندو.” دُربيبي جواب ڏنو.
    زينب هن کي ڪو جواب نه ڏنو ۽ واپس پنهنجي ڪمري ڏانهن هلي آئي.
    هونءَ ته هن هاڻي ئي حويلي وڃڻ جو سوچيو هو پر دُربيبي جي ڳالهه ٻڌي هن شام جو پراڻي حويلي وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ شهلا ڏانهن هلي آئي.
    شهلا ۽ ٻار اٿي چڪا هئا ۽ ناشتو ڪرڻ کان پوءِ هاڻي پراڻي حويلي وڃڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا.
    “شهلا حويلي جي صفائي اڃا پوريءَ طرح سان نه ٿي آهي، انڪري اوڏانهن شام جو هلنداسين.” زينب، شهلا کي دُربيبي جي چيل ڳالهه ٻڌائڻ مناسب نه سمجهي.
    “ٺيڪ آهي آپا.” شهلا ورندي ڏني.
    “هلو، مان جيستائين توهان کي هي گهر ئي گهمائي اچان.” زينب شهلا ۽ ٻارن کي چيو.
    “آپا توهان ٻارن کي وٺي وڃو، مان اِتي ئي آهيان.” شهلا ٻاهر نڪرڻ کان گهٻرائي رهي هئي.
    “ٺيڪ آهي.” زينب ٻارن کي وٺي ٻاهر هال ۾ آئي.
    زينب جو ڪمرو داخلي دروازي جي ڀرسان ئي هو، ڪمري مان نڪري زينب ٻارن کي سامهون ئي ٺهيل هڪ حال ۾ وٺي آئي ان ڪشادي هال ۾ صوفـه رکيل هئا ۽ هڪ طرف وڏي ٽيبل تي ٽي.وي رکيل هئي. ڳوٺ ۾ نئين نئين ٽي.وي آئي هئي، جنهن جي ڪري ملازمائون ڪم ختم ڪري گهڻو ڪري ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان سائڻ وٽ هال ۾ ڪم سان اينديون هيون ته جيئن هو ٽي.وي ڏسي سگهن. ان وقت به دُربيبي ٽي.وي ڏسي رهي هئي. هن جي ڀرسان هن جي ماروٽ رضيـه جيڪا هنن سان گڏ ئي رهندي هئي، سا ويٺل هئي. ڪجهه نوڪرياڻيون اتي ئي هيٺ قالين تي ويٺيون هيون. هال ۾ سردار صاحب جي هڪ وڏي تصوير لڳل هئي، ان جي ڀرسان ان جي خاندان جي سڀني مردن جون تصويرون سجيل هيون. عالي انهن تصويرن ۾ پنهنجي پيءُ جي تصوير ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن ۾ مؤمن جي تصوير نظر نه آئي.
    عالي انهن تصويرن کي ڏسندي زينب سان گڏ مٿي اچڻ لاءِ هال جي آخر ۾ ٺهيل ڏاڪڻين تي چڙهيو. ڏاڪڻ جي ساڄي طرف واري ڀت تي خوبصورت پينٽنگس لڳل هيون. مٿي واري حصي ۾ هيبت خان ۽ در ناز پنهنجي ٻارن ماهـه نور ۽ شاهمير سان گڏ رهيا ٿي. مٿان وارو حصو به ڏاڍو سهڻو ٺهيل هو. دُربيبي عالي ۽ سيرت کي ڏسي پيار ڪيو ۽ پنهنجي ٻارن کي هنن جي باري ۾ ٻڌايو. ماهـه نور ۽ شاهمير هنن کي ڏسي خوش ٿيا.
    ٿوري دير کان پوءِ زينب هنن کي هيٺ وٺي آئي. ڏاڪڻين تان لهندي ئي کاٻي پاسي کان هڪ ننڍو هال هو جنهن ۾ آمهون سامهون چار ڪمرا ٺهيل هئا جن ۾ سردار صاحب ۽ ان جا ٻار رهندا هئا. ڪمرا هڪٻئي جي آمهون سامهون ٺهيل هئا ۽ پريان پويان کان وڏو ورانڊو ٺهيل هو. ان ورانڊي ۾ لوهي گِرل لڳل هئي، جتان هڪ دروازو پراڻي حويلي طرف کلندو هو. زينب ٻارن کي ان گِرل وٽان ئي پراڻي حويلي ڏيکاري.
    ڪمري ڏانهن واپس ايندي زينب پنهنجي ڪمري جي ڀرسان واري ڪمري ۾ رهندڙ شاه بيبي سان ٻارن کي ملرايو.
    “پُڦو هتي ايترا ماڻهو رهن ٿا؟” عالي هڪ ئي گهر ۾ ايترا ماڻهو ڏٺا ته پڇيو.
    “ها عالي هتي ايترا ماڻهو رهن ٿا. حويلي وڏي آهي نه ان ڪري.” زينب چيو، ۽ هنن کي واپس شهلا وٽ وٺي آئي.
    شهلا عالي جي بي تاثر چهري تي خوشي يا نارضگي جو تاثر ڳولهڻ چاهيو پر ناڪام ٿي هن سيرت کي ٻانهن ۾ ڀريو.

    منجهند جي ماني کائڻ کان پوءِ زينب، شهلا کي هال ۾ وٺي آئي. اتي دُربيبي ۽ زينت ڳوٺ جي ڪجهـه عورتن سان ويٺيون هيون. زينت جي سامهون واري صوفـه تي ئي هڪ رعبدار بُت ۾ ڀريل پڪي عمر جي عورت ويٺي هئي، جنهن کي هتان جي روايتي ڊريس گگو پاتل هيو شهلا کيس ڏسندي ئي سمجهي ويئي ته هوءَ در بيبي آهي. هن کيس ڀرسان ايندي سلام ڪيو جنهن نرڙ تي گُهنڊ آڻيندي سلام جو جواب ڏنو ۽ اتان اٿي هلي ويئي.
    زينت، شهلا سان هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪرڻ لڳي. هن پنهنجي ٻارن کي به شهلا سان ملرايو. هوءَ اڄ ئي پنهنجي گهر واپس وڃي رهي هئي انڪري ٿوري دير ويهي پنهـنجو سامان پيڪ ڪرڻ لاءِ اٿي ويئي.
    “شهلا، عالي جي حويلي اسان جو انتظار ڪري رهي آهي، ڇا خيال آهي اوڏانهن هلجي؟” زينت جي ڳوٺ وڃڻ کان پوءِ زينب عالي ڏانهن ڏسندي شهلا کي چيو.
    “ها.” شهلا جواب ڏنو.
    “عالي پنهنجي حويلي جو نالو ٻڌي حيران ٿيو پر هن ڪو به سوال نه ڪيو ۽ زينب جي پويان هلڻ لڳو.”
    دروازي کان نڪري هو ٻاهران ٺهيل ورانڊي مان گذرندي ساڄي طرف وڃڻ لڳا. ورانڊي جي آخر ۾ ٻه ڏاڪا ٺهيل هئا جن تان لهي هو بنگلي جي پاسي ۾ هلڻ لڳا. هن پاسي کان رڳو وڻ لڳل هئا جن تي ويٺل پکي لاتيون لنوي رهيا هئا. وڻن جي وچ ۾ پراڻي حويلي ڏانهن رستو هو جتان هو پراڻي حويلي ۾ داخل ٿيا.
    پراڻي حويلي پنهنجي نالي وانگر پراڻي ئي هئي، مٿان وري خالي هجڻ جي ڪري اها ڀوت بنگلي جو ڏيک ڏيئي رهي هئي!
    حويلي جو داخل دروازو ورانڊي ۾ کليو ٿي، جنهن جو ساڄو طرف ڪاٺ جي جعفري درين سان بند هو ۽ کاٻي طرف هال جو دروازو هو، جتان هي سڀ اندر داخل ٿيا.
    “شهلا هي سامهون وارو ڪمرو بابا سائين جن جو هو، ۽ ان جي ڀرسان واري ڪمري ادا مؤمن رهندو هو.” زينب شهلا کي سامهون ٺهيل ٻن ڪمرن ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌايو
    “آپا پوءِ اوهان ڪٿي رهندا هئا.” شهلا زينب کان پڇيو.
    “ڪجهه سال پهريان ئي ادا پراڻي حويلي کي ڊاهي نئين سر تعمير جو فيصلو ڪيو. اسانجا ۽ ٻين گهر ڀاتين جا ڪمرا ته ڊهي ويا پر مون بابا کي چئي هن حصي کي ائين ئي رهڻ ڏنو آهي. هتي ڪوئي به نه ايندو هو. مان ۽ دُربيبي ڪڏهن ڪڏهن نئين گهر واري دروازي مان لڪي لڪي هتي اينديون هيون سين. پر ڀاڄائي ادا کي چئي وچين دروازي جون چاٻيون پاڻ وٽ رکي ڇڏيون آهن. هاڻي تون پنهنجي ڪمري ۾ وڃي آرام ڪر.” زينب، شهلا کي چيو.
    شهلا مؤمن جي ڪمري ۾ آئي. ان ڪمري ۾ مؤمن جي جواني جي هڪ تصوير لڳل هئي.
    “امي هي بابا جي تصوير آهي نه؟” عالي، شهلا کان پڇيو.
    “ها پُٽ!” شهلا وراڻيو.
    عالي پنهنجي پيءُ جي ڪمري ۾ رکيل شيون ڏسڻ لڳو.
    “سائڻ اوهان چانهـه پيئندؤ؟” نوڪرياڻيءَ دروازي وٽ بيهي شهلا کان پڇيو.
    “مان جيجيءَ لاءِ نئين حويلي ڏانهن چانهه ٺاهڻ پئي وڃان، سوچيم اوهان کان به پڇان.” شهلا نوڪرياڻيءَ ڏانهن ڏٺو ته ان کيس ٻڌايو. حويلي جون ملازمائون بنگلي کي نئين حويلي ئي سڏينديون هيون.
    “ها پيئنديس.” شهلا جواب ڏنو ۽ آرام ڪرڻ جو ارادو ملتوي ڪري ٻاهر نڪري آئي.
    زينب اڱڻ ۾ رکيل ڪرسين تي ويٺي هئي. شهلا به هن ڏانهن آئي ۽ ان جي ڀر واري ڪرسيءَ تي ويٺي. اڱڻ جو فرش ڳاڙهين پڪين سِرن جو ٺهيل هو. اڱڻ ڪافي ننڍو هو پر ان جي هڪ طرف وڏو پپر جو وڻ هو ته ٻي طرف وري نم ۽ ٻير جا وڻ هئا جن تي پکي واپس پنهنجي آکيري ۾اچي پنهنجي ٻارن کي پيار ڪرڻ ۾ مصروف هئا. ٿوري ئي دير ۾ ملازمـه هنن لاءِ چانهه کڻي آئي.
    “شهلا، هيءَ جميلا آهي. هيءَ گهڻو ڪري مون سان ئي هوندي آهي، انڪري مون هن کي هتان جو ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ چئي ڇڏيو آهي.” زينب، شهلا کي پنهنجي ملازمـه جي باري ۾ ٻڌايو.
    “سائڻ ڏسجو هاڻي ٻيون سڀ نوڪرياڻيون به ڪم ڪار اُڪلائي هيڏي ئي اينديون. جيجي زينب حويلي ۾ رڳو ٻـه ڏينهـن نه هئي ته ڪنهن کي به مزو نه پيو اچي. هاڻي وري جيجي هتي رهندي ته سڀ هتي ئي اينديون.” جميلا، شهلا کي ٻڌايو.
    “توهان سڀئي منهنجون سهيليون آهيو، مون کي به ته توهان کان بنا مزو نه ايندو آهي.” زينب هن کي چيو.
    “جيجي اسان ته هيڏانهن اچي وينديون سين پر جيجي صفا توهان کان بنا ڏاڍي اداس آهي.” جميلا اداس ٿيندي چيو.
    “ان کي هاڻي اڪيلي رهڻ جي عادت وجهڻي پوندي، هونئن به هاڻي مروه به وڏڙي ٿي ويئي آهي، ان سان گڏ رهي ويندي.” زينب چيو.
    “ها جيجي جيستائين هن مان توهان جي عادت نڪري.” جميلا خالي ٿيل ڪوپ کڻندي چيو.
    “صفا ۽ مروه ٻئي ادا بهرام خان جون ڌيئر آهن. ادا کي ٻـه پٽ به آهن. ميربل جيڪو صفا کان وڏو آهي ۽ ٻيو عرفات جيڪو صفا کان پوءِ آهي.” زينب، شهلا کي پنهنجي خاندان جي باري ۾ وڌيڪ ٻڌائڻ لڳي.
    “آپا پوئين ٽن ٻارن جا نالا هن خاندان جي ماڻهن جي نالن کان مختلف ناهن؟” شهلا ٻارن جا نالا ٻڌندي چيو.
    “ها، هونئن صفا تي منهنجي ڀيڻ صفوران جو نالو رکيل آهي پر پيار مان کيس صفا سڏيون. ان جي نالي کان پوءِ ئي بابا سائين حج ڪري آيو ته عرفات ۽ مروه جا نالا به سوچي ڇڏيائين. صفوران ۽ ادا مؤمن کان پوءِ بابا سائين جن جي سوچ ڏاڍي بدلجي ويئي هئي. ائين به چوندا هئا ته مؤمن جڏهن ڳوٺ ايندو ته هِن کي چوندس ته ڳوٺ ۾ وڏو اسپتال به جوڙائي.” زينب شهلا کي ٻڌايو.
    “مؤمن به هيڏانهن اچڻ جو سوچي ئي ڏاڍو خوش ٿيندو هو آپا، کيس ڳوٺ ۾ اسڪول تعمير ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هو.” شهلا ٿڌو ساهـ ڀريندي سندس اکين جا پنبڻ آلا ٿي پيا هئا.
    “خبر ٿئي وقت سان گڏ انسان ان شيءِ کي اپنائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جنهن لاءِ هن ڪڏهن تمام گهڻي مخالفت ڪئي هوندي آهي. ادا بهرام خان هاڻي ڏاڍي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ان جا پٽ به پڙهن لکن. هتي آسپاس جي سردارن جا پٽ وڏن اسڪولن ۾ وڃڻ لڳا آهن ته ادا به هاڻي پنهنجي پٽن کي انهن اسڪولن ۾ پڙهائڻ چاهي ٿو ته جيئن هو به ماڻهن سان ڳالهه ڪري سگهي ته هن جا پٽ وڏن اسڪولن ۾ پڙهي رهيا آهن.” زينب چيو.
    “پوءِ مؤمن تي ئي ايڏي سختي ڇو ڪئي ويئي؟” شهلا چيو.
    “انقلاب لاءِ اُٿيل پهرين آواز جي ئي گونج هر ڪوئي ٻڌندو آهي ۽ ان آواز اٿاريندڙ ڏانهن ئي هر ڪوئي آڱر اٿاريندو آهي. ان کان پوءِ جيڪي ٻيا آواز اٿندا آهن انهن ڏانهن ڪٿي ڪوئي غور ڪندو آهي شهلا.” زينب جي دل جا زخم هڪ دفعو ٻيهر تازا ٿيڻ لڳا.
    “پر هتي ته خود اڱر اٿاريندڙ ئي ساڳيو ڪم ڪري رهيا آهن.” شهلا چيو.
    “ها، پر مَزي جي ڳالهه اها آهي ته سردار صاحب (زينب کي جڏهن ڀاءُ تي ڪاوڙ ايندي هئي ته ان کي سردار صاحب چوندي هئي) جو وڏو پٽ ميربل هوبهـو هن جي ڪاپي آهي. هن کي ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ داخل ڪرايائين پر هو اتان نڪري آيو ۽ هاڻي هتي ڀرسان واري شهر جي اسڪول ۾ پڙهڻ ويندو آهي.” زينب جي منهن تي عجيب مسڪراهٽ هئي.
    “جميلا” اسڪول جي ڳالهه نڪرڻ تي زينب کي ڪو خيال آيو ته هن جميلا کي سڏيو.
    “جيءُ جيجي” جميلا اندران آئي.
    “تون پنهنجي مڙس کي چئجانءِ ته سڀاڻي حويلي جي ٻين ٻارن سان گڏ عبدالعالي کي به اسڪول وٺي وڃي ۽ هن کي به ان اسڪول ۾ داخل ڪرائي.” زينب، جميلا کي ڪجهه نوٽ ڏيندي چيو.
    “جي جيجي” جميلا ادب مان چيو. هن جو مڙس سردار صاحب جي پٽن ۽ شاهمير کي شهر واري اسڪول کڻي ويندو هو انڪري زينب هن کي ئي چيو.
    رات جو ئي جميلا، زينب کي ٻڌايو ته سردار صاحب هن جي مڙس کي عبدالعالي جي داخلا کان منع ڪري ڇڏيو آهي.
    اهو ٻڌي زينب، شهلا کي ٻڌائي بهرام خان وٽ آئي.
    سردار صاحب گهر ۾ ئي هو سو زينب هن جي دروازي تي هلڪي دستڪ ڪري اندر هلي آئي.
    “توهان عالي جي داخلا کان منع ڪري ڇڏيو آهي؟” زينب اچڻ سان ئي سردار صاحب کان سوال ڪيو.
    “ها” سردار صاحب هن جي سلام جو جواب ڏيئي ٽيبل تي رکيل ڪاغذن ڏانهن ڏسڻ لڳو.
    “گهر جي ٻين ڇوڪرن سان گڏ جيڪڏهن هو به ويو ته ڇا ٿي پوندو؟” زينب پڇيو.
    “هو مؤمن جو پٽ آهي، جنهن جو دماغ ان پڙهائيءَ ئي خراب ڪيو هو. هن لاءِ اهو ئي ڪافي آهي ته مون هن کي هتي آندو آهي” سردار صاحب چيو.
    “هو هتي خوشي سان نه آيو آهي، هتي اچڻ لاءِ توهان ئي انهن کي زور ڀريو هو.” زينب ۾ خبر ناهي ڪٿان ڀاءُ جي اڳيان ڳالهائڻ جي همت اچي ويئي هئي.
    “جيڪڏهن هنن کي هتي نه وٺي اچان ها ته هو ڪراچيءَ جي روڊن تي بيٺا پنن ها. مون هن کي ڇت مهيا ڪئي آهي، هو سردار خاندان جو ليکيو ويندو، اڃا ڇا کپي ان کي؟” سردار صاحب سواليـه نظرن سان زينب ڏانهن ڏٺو.
    “بس زينب، بس! مؤمن جي ٻارن لاءِ تون جيترو ڪيو آهي ان لاءِ يقينن هو تنهـنجو شڪرگذار هوندو. تون هاڻي وڃي سگهين ٿي.” زينب وڌيڪ ڪجهه چوڻ چاهيو پر سردار صاحب هن کي چپ ڪرائي.
    زينب جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون. دروازي تي بيٺل صفا جيڪا هن کي حويلي ۾ ايندي ڏسي هن جي پويان آئي هئي، ان زينب جي اکين ۾ لڙڪ ڏٺا ته پريشان ٿي ويئي.
    “جيجي توهان ڇو پيون روئو؟” صفا هن کان معصوميت مان پڇيو.
    “ڪجهه ناهي تون پنهنجي ڪمري ۾ وڃ.” زينب هن کي چيو ۽ تڪڙا قدم کڻندي حويلي کان ٻاهر هلي ويئي.
    صفا هن ڏانهن نماڻين اکين سان ڏسندي رهي.
    زينب پراڻي حويلي پهتي ته شهلا هن جي ئي انتظار ۾ هال ۾ ويٺي هئي.
    هن جو رنل چهرو ڏسي شهلا سمجهي ويئي ته سردار صاحب انڪار ڪيو هوندو.
    “آپا توهان هروڀرو پريشان پيون ٿيو، الله پاڪ عالي جي نصيب ۾ ضرور ڪجهه سٺو ئي لکيو هوندو.” شهلا زينب کي ڏکارو ڏسي دلاسو ڏنو.
    “اسان عالي کي ڳوٺ واري اسڪول ۾ ته داخل ڪرائي سگهون ٿا نه؟” شهلا، زينب کان پڇيو.
    “پر شهلا هو ڳوٺ ۾ ڪيئن پڙهندو؟” زينب ڳوٺ جي اسڪول جو نالو ٻڌي وڌيڪ پريشان ٿي ويئي.
    “اسڪول چاهي ڪهڙو به هجي آپا، عالي جي نصيب ۾ جيتري تعليم لکيل هوندي اها هن کي ملندي ۽ هن جو پيءُ به ته هتي ئي پڙهيو هو نه.” شهلا به شايد عالي کي پوري طرح سان قسمت جي حوالي ڪرڻ جو سوچيو هو.
    “مون کي معاف ڪجان شهلا.” شهلا جي ڳالهه ٻڌي زينب زارو قطار روئڻ لڳي.
    “آپا توهان ائين نه چئو، ان ۾ توهان جو ڪو ڏوهـه ناهي.” شهلا به پنهنجي لڙڪن تي وڌيڪ ضبط نه ڪري سگهي.
    “جڏهن توهان کي اُتان وٺي آئي هئس ته مون اهو ئي سوچيو هو ته حويلي جي ٻارن سان ئي عالي کي پڙهائينداسين ۽ ڳوٺ واري اسڪول جو ته هاڻي اهو حال رهيو ئي ناهي. جڏهن مؤمن پڙهندو هو ان وقت سٺا استاد هوندا هئا. هاڻي ته ٻڌو آهي ٻـه استاد اسڪول ۾ بچيا آهن.” زينب چيو.
    “ادارا مستقبل جو فيصلو نه ڪندا آهن. آپا، انسان جو شوق ۽ محنت ئي اصل فيصلو ڪندي آهي. ميربل جو مثال توهان جي اڳيان آهي.” شهلا زينب کي سمجهايو.
    “الله ڪري ائين ئي ٿي.” زينب چيو.
    اها ڳالهه شهلا جي لاءِ ڏاڍي پريشان ڪندڙ هئي پر هوءَ زينب کي وڌيڪ پريشان ڪرڻ نه پئي چاهي.
    صبح جو زينب عالي کي ڪمدار سان گڏ ڳوٺ واري اسڪول موڪليو.
    عالي اسڪول ڏسي حيران ٿي ويو. اهو “اسڪول” ته ڪٿان به نه لڳي رهيو هو. ٽي ڪمرا هئا جن مان هڪ هيڊماستر صاحب جي آفيس هئي ۽ ٻن ڪمرن ۾ ٻار ويٺل هئا. ڪمرن جي اڳيان ورانڊو هو ان ۾ به ڪجهه ٻار ويٺل هئا ۽ ڪجهه ٻار ٻاهر وڻن جي هيٺان ويٺل هئا. ڪمدار عالي کي هيڊماستر جي آفيس ۾ وٺي آيو.
    “اچو اچو ڪمدار صاحب، توهان اڄ هتي ڪيئن؟” هيڊ ماستر ڪمدار کي آفيس ۾ ڏسي پڇيو.
    “هي آهي عبدالعالي، سردار مؤمن خان جن جو صاحبزادو. هن کي هت داخل ڪرائڻو آهي.” ڪمدار هيڊماستر کي ٻڌايو.
    مؤمن جو نالو ٻڌندي ئي هيڊ ماستر ڪرسي تي سڌو ٿي ويٺو ۽ ڪمدار سان گڏ اڇي شرٽ ۽ سرمائي رنگ جي پينٽ پاتل ڇوڪري ڏانهن ڏسڻ لڳو. هو ڪٿان به هن ڳوٺ جو نه لڳي رهيو هو.
    “ٺيڪ آهي مان هن جو نالو داخل ڪري هن کي ڪلاس ۾ ويهاريان ٿو.” هيڊماستر ڪمدار کي چيو.
    ڪمدار ڪرسي تان اٿي هيڊماستر سان هٿ ملائي هليو ويو.
    هيڊماستر عالي کي پنهنجي ڀرسان ڪندي هن جي پيشاني چمي ۽ هن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا.
    “پٽ تنهـنجو پيءُ به مون وٽ ئي پڙهيو هو ۽ تون پريشان نه ٿجانءِ، تون به ان وانگر ئي پڙهندين، ڏسجانءِ.” هيڊماستر صاحب عالي جي گهرين سرمائين اکين ۾ اداسي جا پاڇا ڏسي همٿايو ۽ هن کي هڪ ڪلاس ۾ ويهاري آيو.
    موڪل جو ٽائيم ٿيو ته زينب جميلا جي پٽ کي اسڪول موڪلي عالي کي گهرايو.
    عالي گهر پهتو ته هن جو منهـن لٿل هو. زينب ۽ شهلا ٻنهي کي خبر هئي ته هن کي اسڪول ۾ مزو نه ايندو. هو خاموشي سان پنهنجي ڪمري ڏانهن هليو ويو. شهلا هن جي پويان ئي ڪمري ۾ آئي ۽ هن جا ڪپڙا تبديل ڪرايا.
    “امي هاڻي مان ان اسڪول ۾ پڙهندس؟” هن ماءُ کان سوال ڪيو.
    “ها پٽ.” شهلا جواب ڏنو.
    “جنهن جو پيءُ مري ويندو انهن ٻارن کي ٻين گهرن ۽ ٻين ئي اسڪولن ۾ موڪلڻ ضروري هوندو آهي؟” عالي وري پڇيو.
    “ها پٽ، ۽ اوهان کي پنهنجي پيءُ جهڙو ئي ٿيڻو آهي.” شهلا وٽ ان کان علاوه ٻيو ڪو به جواب نه هو.
    شام جو زينب پاڻ سان گڏ نئين حويلي مان ٻارن کي به وٺي آئي ۽ عالي ۽ سيرت کي انهن سان ملرايو.
    “جيجي هي هاڻي هتي اسان جي گهر ۾ رهندا؟” عرفات زينب کان پڇيو.
    “عرفات هي هنن جو به گهر آهي.” زينب عرفات کي سمجهائيندي چيو.
    عالي عرفات ڏانهن ڏٺو جيڪو هن ڏانهن ڏسي ائين مسڪرائي رهيو هو، ڄڻ هن جو مذاق اڏائي رهيو هجي.
    ٻن ڏينهن ۾ ئي عالي کي احساس ٿي ويو ته هي ان جو گهر نه آهي. ”گهر ته انهن جو ئي هوندو آ جنهن جو پيءُ هجي”. عالي کي خيال آيو.
    ............................


    7

    نئين ماحول ۾ سيٽ ٿيندي چار مهينا گذري ويا. شهلا کي به زينب جي روپ ۾ هڪ مخلص دوست ملي وئي هئي. شهلا جي عدت پوري ٿي.در بيبي کان علاوه گهر جون سڀيئي عورتون پراڻي حويلي آيون ۽ قرآن خواني ڪئي ويئي.
    درناز اڄ ڪافي دير تائين شهلا سان ويهي ڳالهيون ڪندي رهي. شاهمير ۽ ماهـه نور عالي ۽ سيرت سان کيڏڻ لاءِ ٻاهر ويا. شاهمير عالي سان ڳالهائڻ ۽ دوستي ڪرڻ جي گهڻي ڪوشش ڪري رهيو هو پر عالي کي هنن سان ڳالهائڻ ۾ ڪا دلچسپي نه هئي. هو صرف سيرت جي ڪري هتي بيٺل هو. هو پنهنجو پاڻ کي هتي اجنبي محسوس ڪري رهيو هو.
    پراڻي حويليءَ ۾ ڀرسان ئي ملازمائن لاءِ ٺهيل ڪوارٽر هو. شام جو جڏهن ڪجهه ملازمائون وانديون ٿينديون هيون ته زينب ۽ شهلا سان گڏ اچي ويهنديون هيون. زينب حويلي جي ٻين عورتن کان مختلف هئي. هوءَ نوڪرياڻين سان ڪڏهن به مالڪياڻي واري طريقي سان نه ڳالهائيندي هئي.
    شهلا اڪثر سوچيندي هئي ته مؤمن ۽ زينب هن گهر ۾ جيڪر پيدا نه ٿين ها ته چڱو هو.
    “هي سڀ هتي ڇو رهنديون آهن آپا؟” شهلا زينب کان پڇيو.
    “هنن مان ڪجهـه ته ڳوٺ جون بيواهـه عورتون آهن، ڪن کي اولاد نه آهي، ڪن کي اولاد ته آهي پر پنهنجو گهر ناهي، انڪري هتي رهنديون آهن ۽ ڪجهه وري سام ۾ آيل عورتون آهن جيڪي پنهنجي مالڪن ڏي وڃڻ جي بجاءِ هتي رهڻ بهتر سمجهنديون آهن.” زينب هن کي ٻڌايو.
    “جيڪي بيواهه عورتن جا ٻار آهن، ڇا مان انهن کي هتي پڙهائي سگهان ٿي.” شهلا ڪجهه سوچيندي زينب کان پڇيو.
    “ها ڇو نه، اهو ته نيڪيءَ جو ڪم آهي.” زينب چيو.
    “تون ادا مؤمن جي لائبرري ڏٺي آهي؟” زينب اچانڪ ڪجهه ياد اچڻ تي هن کان پڇيو.
    “نه.” شهلا چيو.
    “هلي آ توکي ڏيکاريان.”
    زينب، شهلا کي مؤمن جي ڪمري جي پويان ٺهيل هڪ ڪمري ڏانهن وٺي آئي. هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ چؤڌاري ڪتابن جي لاءِ خانا ٺهيل هئا جيڪي الڳ الڳ موضوعن جي ڪتابن سان ڀريل هئا.
    شهلا اڳي ئي مطالعو ڪرڻ جي شوقين هئي سو ايترا ڪتاب ڏسي ڄڻ ته هن ۾ ساهه پئجي ويو.
    ڪافي دير هوءَ ڪتاب کولي ڏسندي رهي.
    “اڄ ئي جميلا کي چئي مان هتان جي صفائي ٿي ڪرايان.” زينب چيو.
    “ها آپا، ائين صحيح رهندو.” شهلا به چيو.
    شهلا کي وقت گذارڻ جو سٺو ذريعو ملي ويو. هوءَ پورو ڏينهن ڪتاب پڙهندي هئي، شام جو عالي ۽ ٻين ٻارن کي گهر ۾ ئي پڙهائيندي هئي.
    قرآن شريف پڙهڻ لاءِ عالي مولوي صاحب وٽ ويندو هو، جيڪو روز ٻي ڳوٺ مان هن ڳوٺ جي ٻارن کي قرآن پاڪ پڙهائڻ لاءِ ايندو هو. حويلي جي ٻارن کي هو گهر اچي سبق ڏيئي ويندو هو. پر عالي کي شهلا مسجد ڏانهن ئي سبق وٺڻ لاءِ موڪليندي هئي جتي صرف چار ٻار مس هئا.
    “آپا هي اردو لٽريچر جا ڪتاب به مؤمن جا آهن؟” شهلا هڪ ڏينهن هڪ ريڪ ۾ رکيل ڪتاب ڏسي زينب کان پڇيو.
    “نه، هي ته صفوران گهرائيندي هئي ۽ مؤمن ان کي آڻي ڏيندو هو. هوءَ ناول پڙهڻ جي ڏاڍي شوقين هئي.” زينب هن کي ٻڌايو.
    “هُن کي ڇا ٿيو هو؟” شهلا، زينب کان پڇيو.
    “شهلا کي اها ڳالهه مؤمن نه ٻڌائي آهي!” زينب اهو سوچي حيران ٿي.
    “خبر ناهي ڪهڙي بيماري ٿي هئس، ڪجهه ڏينهـن تيز بخار رهيس پوءِ اوچتو هڪ ڏينهن هيءَ دنيا ڇڏي هلي ويئي.” زينب، شهلا سان ڪوڙ ڳالهايو. هوءَ هن کي اها ڳالهه ٻڌائي هتان جي ماحول کان وڌيڪ خوفزده ڪرڻ نه پئي چاهي.
    “توهان نه پڙهندا آهيو هي ڪتاب؟” شهلا هن کان پڇيو.
    “نه، بس هاڻي دل نه چوندي آهي.” زينب ٿڌو ساهه ڀريندي چيو.
    “توهان کي هاڻي پڙهڻ گهرجي.” شهلا چيو.
    “ها تو کي ائين مصروف ڏسي منهـنجي به دل چوندي آهي ته هي ڪتاب پڙهي پنهـنجو وقت گذاريان.” زينب چيو.
    “ٺيڪ آ بس پوءِ اڄ کان توهان به ڪتاب پڙهجو.” شهلا، زينب کي چيو.
    “تو کي اگر ٻيا ڪتاب گهرائڻا هجن ته ٻڌائجان، مان گهرائي ڏينديس.” زينب، شهلا کي چيو.
    “ها آپا ضرور. پر ڇا هتي ڪو اهڙو وڏو شهر آهي جتان هر ڪتاب باآساني ملي سگهي؟” شهلا پڇيو.
    “ڀرسان واري شهر مان ته شايد ڪتاب نه ملي سگهن، پر لاڙڪاڻي مان ملي ويندا.” زينب ٻڌايو.
    “اڇا مون سمجهو هتي ڀرسان وارا سڀ علائقا اهڙا ئي هوندا.” شهلا چيو.
    “هتان جا ڪجهه علائقا اهڙا آهن بس، باقي ٻيا علائقا هتان کان بلڪل مختلف آهن.” زينب ٻڌايو.
    “مان ٿورو ادي درناز وارن ڏانهن ٿي اچان، ڪم آهي، تون به هل ايتري عرصي کان هتان کان نڪتي ئي نه آهين.” زينب شهلا کي چيو.
    “مان ڪيئن هلان آپا”، شهلا اوڏانهن وڃڻ کان ڪيٻائي رهي هئي.
    “بس مان انڪار نه ٻڌندس.” زينب، شهلا کي اٿاريندي چيو.
    شهلا آهستي آهستي زينب سان گڏ هلڻ لڳي.


    8

    “امان سائڻ پراڻي حويلي ۾ ڪير آيا آهن؟” صفا پنهنجي ڪمري جي پويان واري گِرل مان پراڻي حويلي ۾ آيل نون ماڻهن کي ڏسندي پنهنجيءَ ماءُ کان پڇيو.
    “هي تنهنجي بزدل چاچي جي زال ۽ ان جا ٻار آهن.” ماءُ کيس سخت لهجي ۾ ٻڌايو.
    “هاڻي جيجي زينب انهن سان ئي رهندي؟” صفا هڪ دفعو ٻيهر ماءُ کان سوال ڪيو.
    “ها، ۽ توکي اوڏانهن وڃڻ جي يا انهن سان ڳالهائڻ جي ڪا ضرورت ناهي. ائين سمجهه ته هي به ڪنهن نوڪرياڻيءَ جا ٻار آهن.” هُن ڌيءُ کي سختيءَ سان منع ڪيو.
    صفا اهي لفظ ٻڌي خاموشيءَ سان پنهنجي ڪمري ڏانهن هلي ويئي.
    پر هوءَ هرروز شام جو ان گِرل وٽ بيهي پراڻي حويلي کي ڏسندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن جيجي زينب سان گڏ پنهنجي شهر مان آيل چاچيءَ کي اڱڻ ۾ ويٺل ڏسندي هئي، ته ڪڏهن وري جيجي زينب کي ان جي ٻارن سان پيار ڪندي ڏسندي هئي.
    شروع ۾ ته هن کي انهن ٻارن سان ساڙ ٿيڻ لڳو پر هڪ دفعو جڏهن جيجي زينب هن کي انهن ٻارن سان ملرايو تڏهن پنهنجي ڀائرن جو انهن ٻارن سان خراب رويو ڏسي اهو ساڙ ختم ٿي ويو ۽ کيس انهن سان همدردي ٿيڻ لڳي.
    هتي بيهي انهن کي ڏسڻ هن جو روز جو معمول بڻجي ويو هو. هن کي پنهنجي چاچي ڏاڍي پسند هئي، هوءَ پنهنجي ٻارن سان ڏاڍو پيار ڪندي هئي ۽ شام جو هنن کي پڙهائيندي به هئي. جيئن هوءَ ڏسڻ ۾ حويلي جي عورتن کان مختلف هئي تيئن ئي ڳالهائڻ ٻولائڻ ۾ به بلڪل مختلف هئي. سندس ٻارن جي ٻولي ۽ لهجو به هتان وارن کان مختلف هو.
    اتي بيٺي بيٺي هوءَ شهلا کي ٻين عورتن سان ڀيٽندي رهندي هئي.
    شهلا ۽ زينب نئين حويلي پهتيون، ته اتي، ٻاهرين دروازي وٽ ئي، صفا ويٺي هئي.


    9

    “هتي ڇو ويٺي آهين صفا؟” زينب صفا جي ڀرسان ويهندي پڇيو.
    “جيجي توهان اسان کي بلڪل وساري ڇڏيو آهي.” صفا زينب جي سوال جو جواب ڏيڻ جي بدران کيس ميار ڏني .
    “نه منهـنجي جان مان توهان کي ڪيئن ٿي وساري سگهان.” زينب، صفا کي چيو.
    “جيجي منهـنجي ماسترياڻي کي حويلي اچڻ کان روڪيو ويو آهي.” صفا پنهنجي پريشاني بيان ڪئي.
    “ڇو؟ ڪنهن منع ڪيو ان کي؟” زينب پڇيو.
    “امان سائڻ.” صفا چيو.
    “ٺيڪ آهي مان ادا سان ڳالهائينديس.” زينب صفا کي دلجاءِ ڏني.
    “هلي آ، هاڻي اندر هلون.” زينب صفا کي چيو.
    “ها.” صفا به خوش ٿي اندر وڃڻ لڳي.
    شهلا هٻڪندي هٻڪندي اندر آئي.
    هي اندر داخل ٿيون ته سامهون هال ۾ طول ويهاڻن کي ٽيڪ ڏيئي دُربيبي ٽي.وي ڏسڻ ۾ مصروف هئي.
    اوڏانهن وڃڻ بدران زينب ساڄي پاسي کان ٺهيل شاهه بي بي جي ڪمري ۾ ويئي. شهلا به هن سان گڏ هئي ۽ شاهه بي بي کي سلام ڪري هن سان ملي.
    “جيجي توهان کي خبر پئي ته سائڻ صفا جي ماسترياڻي کي حويلي اچڻ کان منع ڪري ڇڏيو آهي ۽ هوءَ ويچاري پريشان ٻاهر ويٺي آهي؟” شاهه بي بي زينب کان پڇيو.
    “ها، شاهه بي بي خبر پئي. هُن ڇو منع ڪيو ماسترياڻي کي؟” زينب هن کان پڇيو.
    “وڏي سائڻ ماسترياڻيءَ کي منع ڪرڻ کان پوءِ درناز جيجي جي سامهون ائين چيو ته مان نٿي چاهيان ته منهـنجي ڌيءُ پڙهي ۽ ٻين وانگر اها به حويلي جون ڀتيون اورانگهڻ جي ڪوشش ڪري.” شاهه بي بي رئي جي پَلَوَ سان پنهنجي اکين ۾ آيل ڳوڙها صاف ڪيا.
    “پوءِ درناز ان کي ڪجهه به نه چيو؟” زينب شاهه بي بي کان پڇيو.
    “نه جيجي، جيجي درناز ته الله جي ڳئون آهي، ان ته نه ڪڏهن پنهنجي مڙس جي اڳيان ڪجهه چيو آهي نه ئي وري سائڻ جي سامهون ڪڏهن ڪُڇي آهي.” شاهه بي بي چيو.
    زينب، شهلا کي اتان ئي پراڻي حويلي واپس وٺي آئي.
    سڄو ڏينهن هوءَ پريشان رهي. دُربيبي جي چيل ڳالهين جو هن کي افسوس نه هو پر صفا جي لاءِ هوءَ پريشان هئي. جيڪڏهن هن کان اهو حق به کسيو ويو ته هوءَ گهر ۾ ويهي يا ته چري ٿي ويندي يا ته هن جي عمر به ماءُ وانگر ٻين لاءِ سازشون ڪرڻ ۾ گذري ويندي. زينب سوچيو.
    “آپا ڇا پيا سوچيو.” شهلا هن کي پريشان حال ۾ ڏسي پڇيو.
    “سوچيان پئي، ٻيا ماڻهو ته ظلم ڪندا رهندا آهن پر ڇا ڪا ماءُ به ايتري ظالم ٿي سگهي ٿي!” زينب چيو.
    “ٿي سگهي ٿو ڀاڄائي کي سمجهائڻ کان پوءِ هوءَ صفا کي اجازت ڏيئي ڇڏي، توهان ان سان ڳالهايو نه.” شهلا، زينب کي چيو.
    “منهنجي يا تنهنجي چوڻ سان ته هوءَ پنهنجي ڪيل فيصلي کي انا جو مسئلو بڻائي ڇڏيندي. مون ڪجهه ڳالهين لاءِ اڳي اهڙي ڪوشش ڪئي هئي جنهن کان پوءِ مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته هوءَ هر اها ڳالهه ڪندي جيڪا مان نه چاهيندي هوندم. انڪري مان صرف انهن ڳالهين لاءِ سوچي سگهان ٿي، ڪري ڪجهه به نٿي سگهان. ۽ هاڻي تنهنجي اچڻ کان پوءِ توسان شيئر ڪري سگهان ٿي.” زينب، شهلا کي چيو.
    “هوءَ مون وٽ به نٿي پڙهي سگهي؟” شهلا جي ذهن ۾ زينب جي پريشانيءَ جو حل سُجهي آيو.
    “تو وٽ ڪيئن پڙهندي، ڀاڄائي هن کي هيڏانهن اچڻ نه ڏيندي.” زينب کي دُربيبيءَ جي سوچ جو اندازو هو.
    “جيڪڏهن هوءَ پنهنجي ماءُ کان لڪي ڪنهن ٽائيم هيڏانهن اچي وڃي ته پوءِ؟” شهلا، زينب کان پڇيو.
    “اها ڳالهه جيڪڏهن ڪنهن کي خبر پئي ته هنگامو ٿي سگهي ٿو. پر مان جيڪڏهن سردار صاحب سان اها ڳالهه ڪيان ته شايد هو اجازت ڏيئي ڇڏي، ڇو ته هن صفا جي گهر ۾ پڙهڻ تي اعتراض هجي ها ته هوماسترياڻي کي اچڻ ئي نه ڏي ها.” زينب چيو.
    “پوءِ توهان ادا سان ڳالهايو نه.” شهلا جلدي ۾ چيو.
    زينب شهلا جي چهري تي آيل خوشي جي لهر ڏٺي.
    “توکي به هتي آڻي الاءِ ڪهڙين پريشانين ۾ وجهي ڇڏيو آهي مون، شهلا.” زينب شهلا جي چهري تان صفا جي ڪري آيل پريشاني غائب ٿيندي ڏٺو ته چيو.
    “اهڙي ڳالهه ناهي آپا، ٻيو ڪجهه نه صحيح پر آءُ گهٽ ۾ گهٽ مؤمن جي ڀيڻ جي پريشاني ۾ ان سان گڏ آهيان، منهنجي لاءِ اها به خوشي جي ڳالهه آهي. ڪوئي ته توهان جا ڏک سک ونڊڻ وارو به هجي نه، ٿي سگهي ٿو توهان الله کان ڪڏهن دعا گهري هجي ته هو توهان ڏي ڪوئي اهڙو موڪلي جنهن سان توهان پنهنجي دل جي ڳالهه ڪري سگهو.” شهلا مسڪرائيندي چيو.
    “ها مون ڪيئي دفعا الله کان پنهنجو ڪو فرشتو موڪلڻ جي دعا ڪئي هئي.” زينب به کلندي چيو.
    “آپا هاڻي توهان آرام ڪيو، مان به وڃان ٿي پنهنجي ڪمري ۾.” شهلا بيڊ تان اٿندي چيو.
    “ٺيڪ آهي.” زينب به سمهي پئي.
    ..................

    “جيجي ٻاهر مائي هدايت آئي آهي.” زينب هال ۾ ويٺي ڪپڙن تي ڀرت ڀري رهي هئي ته جميلا اچي کيس ٻڌايو.
    “ان کي اندر وٺي اچ.” زينب، جميلا کي چيو.
    ٿوري ئي دير ۾ جميلا پاڻ سان گڏ هڪ وچولي عمر جي عورت کي اندر وٺي آئي ۽ پاڻ رڌڻي ڏانهن هلي ويئي.
    “جيجي، حسينه پنهنجي ٻارن سان گڏ ڳوٺ واپس اچي ويئي آهي.” هدايت زينب کي رازداريءَ واري انداز ۾ چيو.
    “ڪڏهن آئي آهي؟” زينب هن کان پڇيو.
    “ڪجهه ڏينهن ٿيا اٿس، مون کي موڪليو اٿائين ته توهان کي ان جي اچڻ جو اطلاع ڏيان، هوءَ پاڻ به هيڏانهن اچڻ چاهي ٿي.” هدايت چيو.
    “ٺيڪ آهي ان کي چئه ته اچي ڀلي پر ٿورو خيال سان اچي ۽ سڌو هيڏانهن هلي اچي.” زينب هن کي تنبيهه ڪئي.
    مائي هدايت ته هلي ويئي پر زينب جي پريشانيءَ ۾ اضافو ڪري ويئي.
    “آپا خير ته آهي، هيءَ ڪير هئي ۽ اهڙو ڇا چئي ويئي جو توهان ايتريون پريشان پيون لڳو.” شهلا هال ۾ ايندي مائي هدايت کي ڏسي چڪي هئي ۽ ان کان پوءِ زينب کي پريشان ڏٺائين ته پڇڻ لڳي.
    “شهلا هڪڙي پريشاني وڃي ئي نٿي، ته ٻي ٿي اچي وڃي.” زينب شهلا کي چيو.
    “ڪهڙي پريشاني آئي آهي؟” شهلا پڇيو.
    زينب، جميلا جي موجودگيءَ جي ڪري شهلا کي ڪمري ڏانهن وٺي ويئي ۽ هن کي حسينه جي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو.
    “ڇا ادا جن کي اها ڳالهه ياد هوندي اڃا تائين؟” شهلا پوري ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ زينب کان پڇيو.
    “شايد نه ، پر پوءِ به هن کي احتياط ته ڪرڻ کپي نه.” زينب چيو.
    “ها… احتياط ته ڪرڻ کپي.” شهلا چيو.
    “ڇڏ ان ڳالهه کي شهلا ڏس سيرت جو گگو تيار ٿي ويو آهي اچ ته ان کي پارايون.” زينب شهلا کي هاڻي ئي تيار ڪيل گگو ڏيکاريو.
    زينب سيرتِ زهره جي لاءِ ڪاري رنگ جو گگو ٺاهيو هو جنهن تي هن ڳاڙهي پَٽَ سان ڀرت ڀريو هو. هن کي اهو گگو پارائي زينب تيار ڪيو. سيرت به ڏاڍي خوش پئي لڳي.
    شهلا هن کي ڏٺو ته هن کي به سيرت انهن ڪپڙن ۾ ڏاڍي وڻي.
    “اڄ ته بلڪل به هتان جي ڇوڪري پئي لڳي، منهنجي ڌيءُ”، شهلا، سيرت کي چيو.
    هتان جي عورتن کي گهڻو ڪري اهڙو ئي لباس پهريل هوندو هو. پر زينب اهو لباس گهٽ پائيندي هئي. هن کي شهلا گهڻو ڪري شلوار قميص ۾ ئي ڏٺو هو.
    “السلام عليڪم”، عالي اسڪول ڏانهن ايندي ئي سڀني کي سلام ڪيو.
    “وعليڪم السلام”، سڀني جواب ڏنو.
    “لالا، آءٌ ڪيئن پئي لڳان؟” سيرت ڀاءُ کي ڏسي هن ڏانهن ڀڄندي ويئي.
    عالي هن ڏانهن غور سان ڏسڻ لڳو.
    “پُڦو منهـنجي لاءِ هي ٺاهيو آهي”، سيرت ڀاءُ کي خاموش ڏسي ان کي ٻڌايو.
    “مون کي اهي ڪپڙا ناهن پسند.” عالي چيو ۽ اندر هليو ويو.
    “تنهنجي ڀاءُ کي پسند نه آهن ته ڇا ٿي پيو، اسان کي ته پسند آهن نه”، سيرت کي مايوس ڏسي شهلا هن جي ڀرسان ايندي چيو.
    ايتري ۾ حسينه دروازي وٽ اچي زينب کي سلام ڪيو.
    “اچ اچ حسينه”، زينب هن کي دروازي تي بيٺل ڏسي اندر اچڻ لاءِ چيو.
    حسينه اندر اچي زينب جا هٿ چمي اکين تي رکيا.
    زينب هن کي پنهنجي ڀرسان رکيل ڪرسيءَ تي ويهاريو.
    “هي منهـنجي ننڍي ڀاڄائي آهي حسينه”، حسينه، شهلا ڏانهن ڏسڻ لڳي ته زينب کيس ٻڌايو.
    حسينه ڪرسي تان اٿي شهلا سان به ساڳي انداز ۾ ملي.
    “ماشاءالله سائڻ ته ڏاڍي سهڻي آهي.” حسينه کان رهيو نه ٿيو ۽ شهلا جي تعريف ڪندي چيائين.
    “جيجي توهان منهـنجي ڳوٺ واپس اچڻ تي مون کان ناراض ته نه آهيو نه؟” حسينه زينب کان پڇيو.
    “نه حسينه، آخر هڪ نه هڪ ڏينهـن توکي ڳوٺ ته اچڻو ئي هو نه، مان ناراض ڇو ٿيندس.” زينب وراڻيو.
    “جيجي مان ته ڊڄان پئي ته توهان ناراض هوندؤ.” حسينه چيو.
    “تون ٻڌاءِ ڌيءُ ڪٿي اٿئي؟ نالو ڇا رکيو اٿئيس؟” زينب حسينه کان پڇيو.
    “جيجي هن کي به ڳوٺ وٺي آئي آهيان، هن جو نالو حاجره رکيو اٿم. جيجي هاڻي هوءَ خيرن سان ستن سالن جي ٿي ويئي ۽ هاڻي ته خير سان قرآن پاڪ به پڙهي پورو ڪرڻ واري آهي.” حسينه زينب کي خوش ٿيندي ٻڌايو.
    “ماشاءالله، اها ته سٺي ڳالهه آهي”، زينب هن کي چيو.
    “جيجي مان هتي توهان جو چوڻ نه ورتو هو پوءِ اتي وڃي ڏاڍو پڇتايم، نيٺ اتان واري جيجي وٽان قرآن پاڪ پڙهيم.” حسينه زينب کي اتان جون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳي.
    “تون ڏاڍي مٽجي ويئي آهين اڳي کان.” حسينه جي رويي ۽ اُٿڻ ويهڻ جي طور طريقن ۾ فرق نظراچي رهيو هو. زينب حسينه کي چيو.
    زينب کي خوشي هئي ته هوءَ حاجره جي سٺي تربيت ڪري رهي هئي.
    “ڪاش جيجي جيڪر اهو سڌارو اڳ ۾ اچي ها مون ۾.” حسينه ٿڌو ساهـ ڀريو.
    “جيجي مان توهان کان اڄ ڪجهه گهرڻ آئي آهيان.” حسينه زينب کي چيو.
    “ها چئه”، زينب هن ڏانهن ڏٺو.
    “جيجي مان توهان جي امانت کي پاڻ وٽ هميشه لاءِ رکڻ ٿي چاهيان، هوءَ منهـنجي جگر جو ٽڪرو آهي، هاڻي توهان هن کي مون کان الڳ ڪندؤ ته مان مري وينديس.” حسينه زينب کي چيو.
    “حسينه هونئن ته مان سوچيو هو ته حاجره کي هاڻي هتي پاڻ وٽ رکنديس پر تنهـنجون ڳالهيون ٻڌي مان پنهنجو فيصلو بدلايان ٿي، هتي آڻي مان هڪ ٻي آزاد پکيءَ کي قيد نٿي ڪرڻ چاهيان. تون هن جي تربيت تي پورو ڌيان ڏجانءِ ۽ جيڪڏهن هوءَ پڙهڻ چاهي ته هن کي سٺي نموني پڙهائجانءِ.” زينب، حسينه کي چيو.
    “جيجي توهان جا احسان مان ڪڏهن نه لاهي سگهنديس. منهـنجو مڙس معذور ٿي ويو آهي، پٽ کي به حويلي تي ڪم ۾ لڳرايو اٿم جيڪڏهن مون کي به توهان هتي رکو ته توهان جو هڪ ٻيو احسان ٿيندو.” حسينه هٿ ٻڌي زينب کي عرض ڪيو.
    “ٺيڪ آهي تون ايندي ڪر هتي.” زينب هن کي چيو.
    “الله توهان کي وڏي ڄمار ۽ خوشيون ڏيندو جيجي.” حسينه دعائون ڪندي واپس گهر هلي ويئي.
    “توهان ڏاڍو سٺو ڪيو جو حاجره کي ماءُ وٽ رهڻ ڏنو.” شهلا، زينب کي چيو.
    “ها هڪ ڀائٽي جي خواهش پوري نٿي ڪري سگهان، گهٽ ۾ گهٽ حاجره کي ماءُ وٽ ڇڏي ان کي اداس ٿيڻ کان ته بچائي سگهان ٿي نه.” زينب چيو.
    .........................
    “عالي جيڪڏهن ڪنهن جي ڏنل شيءِ سٺي نه لڳي ته ان کي سامهون کان ائين نه چئبو آهي جيئن توهان اڄ زينب آپا جي اڳيان چيو.” رات جو عالي کي سمهاريندي شهلا ان کي نصيحت ڪئي.
    “امي سيرت کي انهن ڪپڙن ۾ ڏسي پاڻ ئي منهنجي وات مان اهڙي ڳالهه نڪري ويئي، مون پُڦو جي ڏنل شيءِ کي خراب نه پئي چوڻ چاهيو.” عالي صفائي ڪئي.
    “آئنده خيال رکجو.” شهلا عالي کي چيو.
    “جي امي خيال رکندس.” عالي ادب مان جواب ڏنو.
    “اڃا ڪيترو خيال ڪيان، ڳوٺ جي ٻين ٻارن جي سامهون نئين حويلي جا سڀ ڇوڪرا مون کي نوڪر چوندا آهن. پراڻي حويلي ڏانهن ايندي هو هروڀرو مون کي تنگ ڪندا آهن، اها ڳالهه توهان سان ڪڏهن نه ڪندو آهيان، اڃا ڪهڙو خيال ڪيان.” عالي ٻي طرف منهن ڪندي دل ئي دل ۾ ماءُ سان ڳالهايو.
    حويلي جي ٻارن سان کيڏڻ لاءِ عالي ڪڏهن به نه ويندو هو پر شاهمير هڪ دفعو زبردستي پاڻ سان کيڏڻ لاءِ وٺي ويو ته اتي شاهمير کان علاوه ٻيا سڀ ڇوڪرا هن کي نوڪر نوڪر چوڻ لڳا، انڪري هو هاڻي انهن سان نه ويندو هو.
    “عالي”، شهلا هن کي سڏيو.
    “جي امي”، عالي پاسو ورائي ماءُ ڏانهن ڏٺو.
    “حويلي جا ٻار توهان سان کيڏڻ لاءِ ايندا آهن، توهان انهن سان ڇو نه ويندا آهيو.” شهلا عالي کي خاموش ڏسي سوال ڪيو.
    “هو سڀ مون سان کيڏڻ لاءِ نه ايندا آهن، صرف شاهمير ئي مون سان کيڏڻ چاهيندو آهي، جنهن کي هو منع ڪندا آهن ۽ پوءِ پاڻ ۾ کيڏندا آهن”، عالي کي لڳو ڄڻ هن جي دماغ ۾ هلندڙ ڳالهيون هن جي ماءُ پڙهي ورتيون هيون.
    “پوءِ توهان شاهمير سان ئي هتي کيڏندا ڪريو نه، اهو ته سٺو ڇوڪرو آهي، توهان نه هوندا آهيو تڏهن به توهان جي لاءِ ايندو رهندو آهي.” شهلا کي لڳو ته عالي کي ڪنهن نه ڪنهن ٻار سان دوستي ڪرڻ کپي، نه ته ائين ته هو اڪيلو ٿي ويندو.
    “ٺيڪ آهي امي”، عالي جواب ڏنو.
    “هاڻي ننڊ ڪريو.” شهلا عالي کي ننڊ ڪرڻ جو چئي پاڻ به سمهي پئي.
    ........................

    “ادا حويلي ۾ آهي نه؟” زينب نئين حويلي ۾ ايندي ملازمـه کان پڇيو.
    “ها جيجي.” هن جواب ڏنو.
    زينب سڌي سردار صاحب جي ڪمري ڏانهن آئي. دُربيبي به ڪمري ۾ ئي موجود هئي. زينب ان جي سامهون ئي سردار صاحب سان ڳالهائڻ مناسب سمجهيو.
    “اچ اچ زينب مس هيڏانهن اچڻ ٿيو اٿئي. لڳي ٿو پنهنجي پياري ڀاءُ جي ٻارن ۾ ايتري مشغول ٿي ويئي آهين جو اسان جي ياد ئي نٿي اچئي.” سردار صاحب سلام جو جواب ڏيڻ کان پوءِ کيس چيو.
    “اهڙي ڳالهه ناهي، مان هتي ايندي رهندي آهيان پر توهان ئي نه هوندا آهيو.” زينب هن جي ڀرسان واري صوفـه تي ويهندي چيو.
    “مون کي ڪجهه پڇڻو هو توهان کان.” زينب سردار صاحب کي چيو.
    “ها ها پڇ”، سردار صاحب چيو.
    “صفا کي جيڪا ماسترياڻي پڙهائڻ ايندي هئي، ان کي هتي اچڻ کان توهان روڪيو آهي؟” زينب هن کان ڄاڻي واڻي اهو سوال ڪيو.
    “نه، مون ته نه روڪيو آهي.” سردار صاحب جواب ڏنو.
    “ان کي اچڻ کان مون روڪيو آهي.” دُربيبي وچ ۾ ڳالهايو.
    “ڇو.” سردار صاحب هن کان پڇيو.
    “اها ماسترياڻي سڄي ڳوٺ ۾ بدنام آهي ۽ ان جي چال چلن به مون کي سٺي نه پئي لڳي، انڪري. هونئن به ڪهڙو صفا کي اڳتي پڙهڻو آهي جو هن جي پڙهائيءَ لاءِ اهڙي مائيءَ کي حويلي ۾ گهرايون.” دُربيبي ڪيتري به بهـادر هئي پر سردار صاحب جي سامهون اها ڪجهه به نه هئي. انڪري هن جلدي ۾ پنهنجي صفائي پيش ڪري هڪ ٻه ڪوڙ ڳالهائي ورتا.
    سردار صاحب زينب ڏانهن ڏٺو.
    “ڀلي هن کي اڳتي نه پڙهڻو هجي پر ادا هڪ ته صفا کي به شوق آهي، ٻيو ته هوءَ ٿورو گهڻو پڙهندي ته گهٽ ۾ گهٽ سڀاڻي کان پوءِ پنهنجي ٻارن کي ته تعليم ڏيڻ جو شعور هوندو نه ان ۾. ڏسو نه توهان ميربل ۽ عرفات کي پڙهائڻ لاءِ ڪيتري ڪوشش ڪري رهيا آهيو، پر هنن تي ڪو اثر نه ٿيو. پر جيڪڏهن ماءُ پڙهيل هوندي آهي ته اها ٻار کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ننڍي هوندي کان ئي تيار ڪندي رهندي آهي.” زينب دُربيبي کي تنقيد جو نشانو بڻايو.
    “ماسترياڻي به ته اهڙي آهي نه، ان وٽ ته مان صفا کي پڙهڻ لاءِ نٿو ڇڏي سگهان.” سردار صاحب بهانو بڻايو.
    “ان جي ڪهڙي ضرورت آهي ادا. شهلا ته گهر جو گهر ۾ ئي آهي نه. صفا ڪهڙي به وقت هن وٽ اچي پڙهي سگهي ٿي.” زينب موقعو ڏسندي ئي پنهنجي دل جي ڳالهه ڪئي.
    “ٺيڪ آهي ٻـه ٽي سال ڀلي ڪري وٺي پنهـنجو شوق پورو.” سردار صاحب به شايد سٺي موڊ ۾ هو.
    اها نرمي ۽ تبديلي وقت آندي هئي يا پنهنجي اولاد جي خواهش پر زينب کي ان تبديلي شدت سان صفوران جي ياد ڏياري .
    “توهان جي مهرباني ادا.” زينب سردار صاحب جو شڪريـه ادا ڪري، پراڻي حويلي واپس هلي آئي.
    شام جو ئي زينب صفا کي گهرائي شهلا وٽ پڙهڻ جي خوشخبري ٻڌائي. صفا تمام گهڻي خوش هئي. هوءَ پنهـنجا ڪتاب جلدي ۾ کڻي آئي ۽ اڄ کان ئي پڙهڻ شروع ڪيائين.
    شهلا کي صفا ڏاڍي پسند آئي هئي. هوءَ عام ٻارن وانگر بلڪل نه هئي. خاموش طبع ۽ معصوم هئڻ سان گڏوگڏ هوءَ ڏاڍي ڊڄڻي هئي. ٿورن ئي ڏينهن ۾ صفا شهلا سان به ٿورو ٿورو ڳالهائڻ لڳي ۽ هن جي ذهانت ڏسي شهلا هن جي تعريف ڪندي رهندي هئي. جنهنڪري صفا به خوش خوش رهڻ لڳي.
    .........................

    “جيجي هيءَ حاجره آهي.” حسينه روز شام جو پراڻي حويلي ايندي هئي. اڄ هوءَ پنهنجي ڌيءُ کي پاڻ سان گڏ وٺي آئي.
    “ماشاءالله”، زينب ان سان گڏ هڪ معصوم ۽ پياري ڇوڪري جيڪا ڏسڻ ۾ بلڪل صفا جهڙي پئي لڳي، ان کي ڏسي چيو ۽ ان جي پيشاني چمي هن کي پاڻ سان گڏ ويهاريو.
    “حاجره ڪهڙي درجي ۾ پڙهندي آهي؟” زينب، حاجره کان پيار سان پڇيو.
    “مان ٻين درجي ۾ پڙهندي آهيان.” حاجره جواب ڏنو.
    “ڳوٺ جي ماسترياڻي وٽ؟” زينب، حسينه کان پڇيو.
    “نه، ڳوٺ واري اسڪول ۾ ڇوڪرن سان گڏ ئي پڙهندي آهيان.” حسينه جي بدران حاجره، زينب کي جواب ڏنو.
    “جيجي، سائڻ ڪٿي آهي؟” حسينه، زينب کان پڇيو.
    “اها، ٻاهر اڱڻ ۾ ٻارن کي پڙهائي رهي آهي. وڃ حاجره کي به ان سان ملرائي اچ.” زينب، حسينه کي چيو.
    “حاضر جيجي.” حسينه ائين چئي اٿي ۽ حاجره کي وٺي ٻاهر آئي.
    “سائڻ السلام وعليڪم.” حسينه، شهلا کي سلام ڪيو.
    “وعليڪم السلام.” شهلا جواب ڏنو.
    “سائڻ هيءَ منهـنجي ڌيءُ آهي حاجره.” حسينه، شهلا کي ٻڌايو.
    حاجره اڳيان اچي شهلا کي سلام ڪيو.
    “عالي تون هتي به پڙهندو آهين؟” حاجره، شهلا جي ڀرسان عالي کي ڏسي پڇيو.
    “مان هتي رهندو آهيان.” عالي هن جي سوال ۽ بي تڪلفي تي حيران ٿيندي جواب ڏنو.
    “توهان عالي کي سڃاڻو ٿا؟” شهلا، حاجره کان پڇيو.
    “ها، هي منهـنجي ڀاءُ واري ڪلاس ۾ پڙهندو آهي. مان جڏهن هنن جي ڪلاس ۾ ويئي هئس ته هن کي ڏٺو هئم اُتي.” حاجره چيو.
    “هي سائڻ ننڍيءَ جو پٽ آهي.” حسينه حاجره کي ٺوٺ هڻي ٻڌايو ته حاجره پنهنهجي وات تي چپ لڳائي.
    “سائڻ منهـنجي ڌيءُ به جيڪڏهن هتي پڙهڻ لاءِ اچي ته هن کي پڙهائيندؤ؟” حسينه شهلا کان ڊڄندي پڇيو.
    “ها، ان ۾ ڊڄڻ جي ڪهڙي ڳالهه آ، جيڪو چوڻو هجئي چوندي ڪر، ڊڄندي نه ڪر مون کان.” شهلا حسينه جو ڊپ محسوس ڪندي چيو.
    “الاءِ سائڻ، سائڻن جي خبر نه هوندي آهي نه، ڪنهن وقت ڪهڙي ڳالهه انهن کي بري لڳي وڃي.” حسينه پنهنجي ڳالهه جو دليل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “آءٌ توهان جي سائڻ ناهيان، مون ته اڳي به سڀن ملازمائن کي چيو هو ته هو مون کي سائڻ نه چون پر هو ته مُڙن ئي ڪو نه.” شهلا کلندي چيو.
    “سائڻ توهان جي اهڙين ڳالهين جي ڪري توهان مون کي ڏاڍيون وڻنديون آهيو. گهر وڃي مان حاجره کي رڳو توهان جا مثال ڏيندي آهيان. الله ڪري منهنجي حاجره به توهان جهڙي ٿي.” حسينه شهلا کي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائي.
    .....................


    10

    “امان، سائڻ ته ڏاڍي سٺي آهي.” حاجره حويليءَ مان نڪرندي ئي ماءُ کي چيو.
    “ها، مان توکي نه ٻڌائيندي هئس، شهلا سائڻ جي باري ۾.” حسينه ڌيءُ کي جواب ڏنو.
    “امان لڳي ٿو ته طوفان اچڻ وارو آهي، جلدي هل گهر.” حاجره آسمان ۾ ڊوڙندڙ ڪڪر ڪارونڀارن کي ڏسندي ماءُ کي چيو.
    “الله رحم ڪري، سانوڻ جا مينهـن شروع ٿيندا ته اسان غريبن جون ته ننڍون ئي ڦٽي وينديون.” حسينه پنهنجي گهر جي دروازي مان اندر داخل ٿيندي چيو.
    “تون جيسيتائين ڇت تان ڀاءُ جو هنڌ لاهي اچ، ته مان پڻهين جي کٽ اندر ڪيان.” هوا جو زور وڌڻ لڳو ته حسينه حاجره کي چيو.
    حسينه جو مڙس فضل اڱڻ تان اٿي لٺ جي سهاري هلندو وڃي ورانڊي ۾ بيٺو.
    حاجره اڃا ڏاڪڻ تان لهي هيٺ مس پهتي ته زوردار هوا سان گڏ مينهن به شروع ٿي ويو. هوءَ جلدي ۾ اچي ورانڊي ۾ بيٺي.
    “ڪريم به الائي جي ڪٿي رهجي ويو. الله خير سان آڻيس.” گجگوڙ ٻڌي حسينه کي اچي پٽ جي ڳڻتي لڳي.
    برسات ايڏي تيز هئي جو هاڻي ان جو پاڻي اڱڻ ۾ ڀرجڻ کان پوءِ ورانڊي ۾ اچڻ لڳو. مٿان وري چئني طرفن کان ايندڙ طوفاني هوا جا گهوگهاٽ ماحول کي خوفناڪ بڻائي رهيا هئا. فضلو لٺ جي سهاري اٿي اڱڻ ۾ آيو ۽ گهٽي ڏانهن ٺهيل نالي کي کولڻ لڳو.
    “ڪريم پيءُ، تون نه ڪر، مان اچان ٿي.” حسينه مڙس کي ڏسي ٻاهر اچڻ لڳي پر حسينه جي پهچڻ کان پهريان ئي هوا جي زور تي ڀرسان ٺهيل ڀت فضل جي مٿان اچي ڪِري.
    حسينه جي رڙين تي حاجره به ٻاهر نڪري آئي. ٻئي ڄڻيون فضل جي مٿان سِرن جو ڍير پري ڪرڻ لڳيون. تيستائين هنن جي رڙين تي پاڙي وارا به اچي ويا پر تيستائين فضل پنهنجو دم ڌڻيءَ حوالي ڪري چڪو هو.
    ........................
    ڪجهه ڏينهـن کان پوءِ درناز زينب وٽ آئي ۽ هن شاهمير کي شهلا وٽ پڙهائڻ جو ارادو ظاهر ڪيو.
    “شهلا هن اسڪول جا ٻار ته وڌندا پيا وڃن.” زينب درناز سان گڏ اڱڻ ۾ ايندي چيو.
    شهلا ڪنڌ مٿي کڻي هن ڏانهن ڏٺو. زينب سان گڏ درناز کي ڏسي هوءَ اٿي ان سان ملي.
    “ادي درناز شاهمير کي تو وٽ پڙهائڻ جو پڇي رهي آهي.” زينب مسڪرائيندي چيو.
    “ان ۾ پڇڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي آپا. مون کي ته خوشي ٿيندي. مون وٽ ان کان علاوه ٻيو ڪم به ته ڪونهي نه.” شهلا زينب ۽ درناز کي چيو.
    “ٺيڪ آهي پوءِ مان سڀاڻي شاهمير کي موڪليندس.” درناز چيو ۽ ٿوري دير ويهي اٿي ويئي.
    “آپا ادي درناز توهان کان ايتري مختلف ڇو آهي، مون ڏٺو آهي ته هوءَ ڪنهن سان به ايترو ڳالهائي نه سگهندي آهي ۽ جيڪڏهن ڳالهائيندي به آهي ته هن جو آواز ٿورو ڏڪندو آهي.” رات جي ماني کائڻ کان پوءِ شهلا زينب ڏانهن آئي ته هن کان پڇيائين.
    “هوءَ شروع کان ئي خاموش طبيعت هئي، مٿان وري هن جي شادي هيبت خان سان ٿي ته هن ۾ جيڪا ٿوري گهڻي همت هئي اها به موڪلائي ويئي.” زينب، شهلا کي ٻڌايو.
    “هيبت خان ڪٿي رهندو آهي؟” شهلا هن کان پڇيو.
    “رهندو ته هو هتي ئي آهي پر هو اڪثر ادا جي ڪمن سان هيڏي هوڏي ويل هوندو آ، هو ڏاڍو شوقين قسم جو ماڻهو آهي. شادي کان پوءِ شروع وارن ڏينهـن ۾ ته هو ادي درناز کي ڏاڍو ماريندو هو. هاڻي به هو جڏهن ايندو آ ته ڀاڄائي وٽ گهڻو وقت گذاريندو آهي، پوءِ ڪڏهن ته جيترا ڏينهـن به رهندو آهي درناز سان هڪ لفظ به نه ڳالهائيندو آهي، ڪڏهن وري بس ٿورو گهڻو ڳالهائي هليو ويندو آهي.” زينب وڌيڪ ٻڌايو.
    “هوءَ ڪيڏي نه صبر واري آهي آپا، ايترا سارا ڏک هن پنهنجي دل ۾ ڪيئن سانڍيا هوندا.” شهلا روئڻهارڪي ٿي ويئي.
    “هر انسان پنهنجي اندر ڏک کڻي گهمندو ٿو رهي، ڪن وٽ درياءُ آهي ته ڪن وٽ سمنڊ.” زينب چيو.
    “الله هن جي زندگيءَ ۾ آسانيون پيدا ڪري.” شهلا درناز لاءِ دعا ڪئي.
    “آمين.” زينب چيو.
    “گرميون اچي ويون آهن سڀاڻي کان اڱڻ ۾ سمهنداسين.” زينب، شهلا کي چيو.
    “ها آپا صحيح آهي. آءٌ هاڻي پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃان ٿي، اوهين به سمهو.” شهلا زينب کي سمهڻ جو چئي پنهنجي ڪمري ڏانهن ويئي.

    اپريل مهيني جي آخر ٿي ته گرمين جي شروعات به ٿي ويئي. گرم هوائون ۽ جسم کي ساڙيندڙ تپش به جاري ٿي ويئي. صبح جو سوير کان گرمي شروع ٿي پئي جيڪا سج لهڻ تائين برقرار رهي ٿي. شهلا پنهنجي زندگي ۾ ان قسم جي گرمي پهريون دفعو ڏٺي هئي. گرمين جو هي مهينو جيئن تيئن ڪري مس گذريو ته وري مينهـن شروع ٿي ويا. جيڪي اڪثر مٽي ۽ واريءَ جي طوفان کان پوءِ وسيا پئي، رات جو اڃا سڀ سمهندا ئي مس پئي ته مينهـن شروع ٿي پئي ويو. شهلا ته ان اندر ٻاهر ٿيڻ جي چڪر مان بيزار ٿيڻ لڳي.
    لاڳيتو هڪ هفتو مينهـن وسڻ کان پوءِ هاڻي ٿوري گرمي گهٽ ٿي ۽ مينهن به بند ٿيو.
    “آپا ڪم واريون عورتون اسان جي لاءِ ۽ نئين حويلي وارن لاءِ کاڌو ٺاهينديون رهنديون آهن، ڪڏهن اسان کي به ته پنهنجي ٻارن لاءِ پاڻ کاڌو ٺاهڻ گهرجي نه.” شهلا زينب کي چيو.
    “ها، اڳ ۾ ڪجهه نه ڪجهه پچائيندي رهندي هئس، پر هاڻي هتي رهڻ ڪري اوڏانهن وڃڻ مشڪل ٿو لڳي. اڄ تون مون سان گڏ هل ۽ ڪجهه پچاءِ. مان به ته ڏسان ته تون ڪيتري سگهڙ آهين.” زينب شهلا کي مسڪرائيندي چيو.
    “ها هلو ڀلي.” شهلا به تيار ٿي ويئي.
    نئين گهر پهتيون، دروازي وٽ ئي زينب کي شاهه بي بي ڪنهن ڳالهه لاءِ روڪي ڇڏيو. شهلا اڪيلي ئي رڌڻي ڏانهن آئي.
    معمول خلاف رڌڻي ۾ دُربيبي بيٺي هئي. هوءَ ڪنهن ڳالهه تان ملازمه کي دڙڪا ڏيئي رهي هئي.
    “هن حويلي ۾ ڪنهن مائيءَ کي ڪنهن جو فڪر ئي ناهي، بس سڀني شين جي سنڀال مون کي ئي ٿي ڪرڻي پوي.” دُربيبي شهلا کي ڏسندي چيو.
    “اڄ ڪيئن هيڏانهن ڀُلي آهين مائي؟” دُربيبي شهلا کان رُکي لهجي ۾ پڇيو.
    “مان رات جي ماني جي لاءِ ڪجهه پچائڻ آئي هئس.” شهلا جواب ڏنو.
    “تون ۽ تنهنجا ٻار به هتان ئي کائو ٿا، ان لاءِ روز ايندي ڪر ڪجهه پچائڻ، هن گهر جي مردن کي ڪم وارين جي هٿ جو کاڌو نٿو وڻي هاڻي.” دُربيبي شهلا کي حڪم ڏيئي هلي ويئي.
    “ڇا ٿيو ڀاڄائي ايڏي ڪاوڙ ۾ پئي لڳي.” زينب رڌڻي جي دروازي وٽ بيٺي سڀ ڪجهه ٻڌو ۽ اندر اچي پڇڻ لڳي.
    “جيجي سائين وڏي کي منجهند واري مانيءَ وارو ٻوڙ نه وڻيو. سو ان سائڻ کي دڙڪا ڏنا، جنهن جي ڪاوڙ سائڻ اسان تي ڪڍي.” ملازمه کيس ٻڌايو.
    “جيجي اڳ ۾ ته توهان هونديون هيون ته توهان ئي پچائينديون هيون يا وري اسان کي توهان ٻڌائينديون هيون. هاڻي ڪڏهن ڪڏهن سائڻ يا درناز جيجي پچائيندي آهي پر هر روز اهي نٿيون پچائن، انڪري ٻار به انهن جي هٿ جو کائڻ جو چون ٿا.” ڀرسان بيٺل عورت چيو.
    “ٺيڪ آ اڄ ته شهلا پچائي ٿي.” زينب هنن کي ٻڌايو.
    شهلا فريج ڏٺو ته اتي مرغيءَ جو گوشت پيل هو.
    “برياني رڌيان آپا؟” شهلا زينب کان پڇيو.
    “ها ها، اها سڀ شوق سان کائيندا.” زينب چيو.
    “ٺيڪ آهي.” شهلا فريج مان مرغيءَ جو گوشت ڪڍيو ۽ ملازمه کي چانور آڻي ڏيڻ لاءِ چيو. زينب ۽ اتي بيٺل ٻيون ملازمائون هن سان برياني ٺاهڻ ۾ مدد ڪرڻ لڳيون.
    برياني کي دم تي رکي شهلا ڏهي کڻي، ان جو رائتو ٺاهيو. تيستائين عالي ۽ سيرت به هيڏانهن ئي اچي ويا ۽ آهستي آهستي رڌڻي ۾ ٻيا ٻار به گڏ ٿي ويا.
    رڌڻي ۾ گوڙ ٿي ويو. برياني مان ايندڙ خوشبوءَ جي ڪري سڀني ٻارن جي بک وڌي ويئي.
    “ڀاڄائي اڄ توهان به هتي ئي ماني کائي وڃو.” درناز شهلا کي چيو.
    شهلا، زينب ڏانهن ڏٺو.
    “ها اسان به هتي ئي ٿا کائون.” درناز دُربيبي ڏانهن ماني موڪلي سڀن ٻارن کي ماني کارائي پوءِ شهلا ۽ زينب سان گڏجي برياني کاڌي.
    برياني ڏاڍي مزي جي ٺهي، سڀني شهلا جي تعريف ڪئي.
    رات جو دير سان شهلا ۽ زينب ٻارن کي وٺي پراڻي حويلي آيون.
    “شهلا توکي ڀاڄائيءَ جي چيل ڳالهه جو ڏک ٿيو هوندو، پر تون ان جي ڳالهين سان پريشان نه ٿجانءِ.” شهلا نماز پڙهي هال ۾ ئي ويٺي هئي ته زينب وٽس اچي کيس چيو.
    “نه آپا مان پريشان نه آهيان، پر مان ته سوچيان پئي ڪڏهن ڪڏهن ڀاڄائيءَ سان ڳالهائيندي رهندم ته جيئن هنن جو رويو تبديل ٿي وڃي. هونئن به هنن جي ناراضگي مون سان ته نه آهي نه.” شهلا چيو.
    “شهلا اهڙي ڪا ڪوشش نه ڪجانءِ، جيستائين مان هن کي سڄاڻان ته هن جي نظر ۾ وڏي ۾ وڏي گنهگار تون آهين. هن جي مطابق تون مؤمن سان شادي ڪري دُربيبي کي شڪست ڏني آهي جنهن جو بدلو هوءَ توکان ڪهڙي به صورت ۾ وٺي سگهي ٿي.” زينب هن کي سمجهايو.
    “مطلب ته هوءَ ان غلط فهميءَ جو شڪار آهي ته مؤمن منهنجي ڪري هن کان شاديءَ کان انڪار ڪيو هو؟” شهلا چيو.
    “ها، جڏهن توهان جي شاديءَ جي خبر ڀاڄائيءَ کي پئي ته هوءَ ان ڳالهه جو ذميوار مون کي ۽ امان کي سمجهندي هئي پر ڪجهه ئي عرصي ۾ هن اهو چوڻ شروع ڪيو ته مؤمن تي هن مائيءَ الائي ڪهڙو جادو ڪيو جو هن پنهـنجو سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو.” زينب هن کي ٻڌايو.
    “پوءِ ادا آسانيءَ سان هن سان شادي ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويو هو؟” شهلا هن کان پڇيو.
    “خبر ناهي ادا کي هن سان ٿيل ناانصافي جو احساس هو يا هن جي حصي ۾ ايندڙ ملڪيت جو خيال، پر هو جلد راضي ٿي ويو هو. ۽ امان جي زندگيءَ ۾ ئي دُربيبي آهستي آهستي حويليءَ جو نظام پنهنجي هٿ ۾ ڪري ڇڏيو جنهن تي ادا ڪجهه به نه چيو.” زينب وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو.
    “توهان سڀ پنهنجي ضرورت جي شين لاءِ خرچ وغيره ان کان وٺندا هئا؟” شهلا پڇيو.
    “نه اسان ڀينرن ۽ امان کي الڳ خرچ ڏنو ويندو هيو. شهلا هتي گهر ۾ ويٺل نياڻيءَ جي خرچ جو گهڻو خيال رکيو ويندو آهي، ۽ ڀائر ته هنن کي ائين محسوس ڪرائيندا آهي ڄڻ اهي ئي هن گهر جون مالڪياڻيون هجن پر ڪيتريون به آسائشون مهيا ڪيون وڃن پنهـنجو گهر ته پنهـنجو هوندو آهي نه ڀلي ان ۾ اهي آسائشون به نه هجن.” زينب شهلا کي ٻڌايو.
    “ها ائين ته آهي آپا.” شهلا کي ان ڳالهه جو احساس هو.
    “اوهان جي ساهرن مان ڪوئي ايندو ويندو آهي، اوهان وٽ؟” شهلا زينب کان پڇيو.
    “ها، منهـنجي سس مون وٽ ايندي رهندي آهي. هوءَ هر موسم ۾ مون ڏي لٽا ڪپڙا، فروٽ ۽ خرچي کڻي ايندي آهي. هوءَ مون کي اوڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ گهڻو چوندي رهندي آهي.” زينب چيو.
    “پوءِ توهان هڪ دفعو به نه ويا آهيو؟” زينب پڇيو.
    “نه، شهلا اوڏانهن وڃڻ جي همت نه ٿيندي آهي منهنجي.” زينب شهلا کي ٻڌايو.
    “سٺو ٿيو جو توهان ان سان گڏ نه ويا آپا، اتي پنهنجي ڏيرن جي ذميداري بڻجي وڃو هان، هتي گهٽ ۾ گهٽ اوهان جا ڀاءُ ۽ ڀيڻ ته آهن.” شهلا چيو.
    “ها ائين ته آهي. جڏهن کان ادا، صفا منهـنجي حوالي ڪئي ته مان پنهنجو پاڻ کي ان ۾ مصروف ڪري ڇڏيو.” زينب چيو.
    “ڀاڄائي صفا کي آسانيءَ سان اوهان جي حوالي ڪري ڇڏيو؟” شهلا پڇيو.
    “ها، هڪ ته هن جي ڌيءُ تي هن جي مرضيءَ جي خلاف صفوران جو نالو رکيو ويو، ٻيو وري هن کي پنهنجي ڌيءُ کان وڌيڪ پٽ پيارو هو.” زينب هن کي ٻڌايو.
    ايتري ۾ بجلي هلي ويئي اوندهـه ٿي ويئي ته شهلا جلدي ۾ بتي کڻي ٻاهر اڱڻ ۾ ٻارن ڏانهن آئي، زينب به هن سان گڏ ٻاهر آئي.
    اچانڪ هوا بند ٿي ويئي ۽ آسمان تي ڪڪر ڇانئجڻ لڳا ته ٻُٽ ٿي ويئي.
    شهلا هٿ وارو پکو کڻي عالي ۽ سيرت کي هوا هڻڻ لاءِ ويٺي. رات ڪافي گذري ويئي هئي. ڳالهين ڳالهين ۾ ٻنهـي ڄڻين کي وقت جي خبر ئي نه پئي.
    “شهلا مان سڀاڻي ادا کي هتان جي لاءِ به هڪ اي سِي(AC) لڳرائڻ جو چوان ٿي.” زينب ٻارن کي گرميءَ ۾ ننڊ ڪندي ڏٺو ته هن کي خيال آيو.
    “نه آپا ادا کي نه چئجو.” شهلا چيو.
    “تون ان جو احسان نٿي کڻڻ چاهين ته ڀلا مان ٻي ڪنهن کي چئي پنهنجي پئسن مان ئي گهرايان ٿي.” زينب هن کي چيو.
    “آپا اڳ ۾ ئي اوهان جا ايترا خرچ آهن، وري هي نئين مصيبت ڇو ٿا پالڻ چاهيو!” شهلا زينب کي چيو.
    “شهلا مون وٽ ڪافي بچت آهي، منهنجا ڪي ٻار ته آهن ڪونه، اهي پئسا قبر ۾ ته نه کڻي وينديس نه.” زينب شهلا کي چيو.
    “پوءِ به آپا...”، شهلا زينب کي روڪڻ پئي چاهيو.
    “تون فڪر نه ڪر شهلا، ها اگر تون مون کي پنهـنجو نٿي سمجهين ته اها ڳالهه ڪر.” زينب ناراض ٿيندي چيو.
    “اهڙي ڳالهه بلڪل به ناهي آپا.” شهلا جلدي ۾ چيو.
    پوءِ سڄي رات هو ٻئي ڳالهيون ڪنديون رهيون هنن کي خبر هئي ته اهڙي گرميءَ ۾ ننڊ ته هونئن به ڪونه ايندي.
    ٻي ڏينهـن زينب ميربل کي گهرائي ان کي هتي A.C لڳرائي ڏيڻ جو چيو. ڊرائيور سان گڏ شهر وڃي A.C وٺي آيو ۽ پراڻي حويلي ۾ A.C لڳرايائين. ميربل عالي وارن جي هتي اچڻ مان خوش نه هو پر هو زينب کي انڪار نه ڪري سگهيو. پر عالي کي تنگ ڪرڻ جو هڪ نئون موقعو ميربل کي ضرور ملي ويو، هاڻي هو پنهنجي دوستن کي عالي جي سامهون ٻڌائيندو ته هن عالي وارن تي احسان ڪري انهن کي A.C لڳرائي ڏني آهي.
    ...........................


    11

    ڏک هجن يا سک پر زندگي آخرڪار گذرندي رهندي آهي. پر سندس اها خراب عادت آهي ته ڏکن مهل هوءَ آهستي ۽ سکن وقت جلدي گذري ويندي آهي.
    زندگيءَ جي لاهين چاڙهين کي منهـن ڏيندي پنج سال گذري ويا.
    عالي ستين درجي ۾ پهچي ويو. لکڻ پڙهڻ ۾ هو ايترو هوشيار هو جو هو نائين درجي جا ڪتاب به پڙهي ويندو هو. وڌيڪ هن مؤمن جي لائبرري مان ڪافي ڪتاب پڙهي ڇڏيا هئا، جنهن جي ڪري هن وٽ تمام گهڻي ڄاڻ به اچي ويئي هئي. شهلا به شهر مان مختلف ڪتاب گهرائيندي رهندي هئي ۽ عالي جي پڙهائيءَ ۾ هن جي مدد ڪندي هئي. ڏينهـن جو زياده تر حصو عالي جو لائبرري ۾ ئي گذرندو هو. سيرت کي به شهلا گهر ۾ پڙهائيندي هئي. عالي ڳوٺ واري اسڪول ۾ هن جو نالو به داخل ڪرائي ڇڏيو. ان عرصي ۾ عالي ۽ شاهمير جي سٺي دوستي ٿي ويئي پر ميربل ۽ عرفات جي دل عالي ڏانهن اڃا سخت هئي.
    مروه به هاڻي هنن وٽ پڙهڻ لاءِ اچڻ لڳي هئي. مروه ڏسڻ ۾ طبيعت ۾ صفا جي برعڪس هئي. سندس وار ننڊا ۽ ٿورا گهنڊيدار هئا. رنگ زينب وانگر گلابي هئس پر جڏهن ڪاوڙ ايندي هئس وڏين ڪارين اکين سان گڏ منهن به ڳاڙهو ٿي ويندو هئس. هوءَ عالي سان به بي تڪلفيءَ سان ڳالهائيندي هئي. عالي سيرت سان گڏ هن کي به پاڻ پڙهائيندو هو. نه ڄاڻ ڇو پنهنجي هن ننڍڙي شرارتي سوٽِ جي ڪنهن به ڳالهه جو برو نه مڃيندو هو.
    زينب ۽ شهلا روز نئين حويلي ۾ رات جي ماني پچائڻ لاءِ وينديون هيون. دُربيبي جو رويو شهلا سان پهريان کان به سخت ٿي ويو ۽ هاڻي ته هوءَ زينب سان به نه ڳالهائيندي هئي. زينب ڄاڻي واڻي شهلا سان گڏ گڏ رهندي هئي ته متان دُربيبي هن کي ڪجهه چئي وجهي.
    عالي به لفظن جي ڪڙاڻ کي محسوس ڪرڻ لڳو هو. دُربيبي جي چيل جملن کي هو نه وساري سگهندو هو.
    “امي، بابا اسان کي ايترو جلدي ڇو ڇڏي ويو؟” عالي رات جو سمهڻ وقت شهلا کان پڇيو.
    “عالي توهان جو بابا پنهنجي مرضيءَ سان اسان کي نه ڇڏي ويو آهي. اها الله تعاليٰ جي مرضي هئي، جنهن جي ڪري هو اسان کي ڇڏي ويو.” شهلا جواب ڏنو.
    “ڇا اسان کان وڌيڪ بابا جي ضرورت اوڏانهن هئي؟” عالي وري ٻيو سوال ڪيو.
    “عالي ائين نه چئبو آهي پٽ. اسان الله پاڪ جي مرضي تي سوال نٿا اٿاري سگهون. جنهن جي پيءُ کي الله پاڪ اوڏانهن گهرائيندو آهي نه زمين تي انهن سان گڏ هو پاڻ هوندو آهي.” شهلا پٽ کي سمجهايو .
    “اسان سان گڏ آهي ته هنن ماڻهن کي سمجهائي ڇو نٿو؟” عالي پڇيو.
    “وقت اچڻ سان الله پاڪ انهن کي به سمجهـه ڏيئي ڇڏيندو. الله پاڪ جي لاءِ ائين نه ڳالهائبو آهي.” شهلا پٽ جي واتان اهڙيون ڳالهيون ٻڌي هن کي چيو.
    “جيڪڏهن اهڙيون ڳالهيون ڪيون ته ڇا ٿيندو؟” سيرت ايتري دير کان هنن جون ڳالهيون ٻڌي رهي هئي. سو ان سوال ڪيو.
    “پوءِ ٿي سگهي ٿو الله پاڪ اسان کان ناراض ٿي وڃي.” شهلا چيو.
    “اهو ناراض ٿيندو ته ڇا ٿيندو؟” سيرت وري پڇيو.
    “پوءِ هو انسان کي پنهـنجو پاڻ کان پري ڪري ڇڏيندو.” بس هاڻي ڪوئي سوال نه ڪجو. في الحال توهان کي اهي ڳالهيون سمجهـه ۾ نه اينديون. شهلا کي پنهنجي ٻارن جي سوالن کان خوف محسوس ٿيڻ لڳو.
    “پر ناراض ته اسان کي ٿيڻ گهرجي نه ان کان، خبر ناهي ڪهڙي جڳهـه تي اسان کي موڪلي ڇڏيو.” ڪافي دير خاموش رهڻ کان پوءِ عالي وري ڳالهايو.
    “عالي منهنجي جان ٿورو سوچيو، جيڪڏهن اتي اسان کان گهر واپس ورتو وڃي ها ته اسان ڪيڏانهن وڃون ها، توهان جي پڙهائي جو خرچ مان ڪٿان آڻيان هان؟ هتي آڻي الله تعاليٰ اسان جو اهي مشڪلون ته آسان ڪري ڇڏيون نه. باقي جيڪي هي ٻيون تڪليفون آهن اهي يقيناً وقتي آهن جن کي اسان الله پاڪ جي طرفان آزمائش چئي سگهون ٿا.” شهلا چيو.
    “مطلب هي به هڪ امتحان آهي ايڏو وڏو؟” عالي حيران ٿيندي چيو.
    “ها، پنهنجي پيارن ٻانهن کان هو (الله) وڏا وڏا امتحان وٺندو آهي، جڏهن هو ان ۾ پاس ٿي ويندا آهن تڏهن انهن کي انعام به ڏيندو آهي.” شهلا چيو.
    “اسان پاس ٿي وينداسين امي؟” سيرت پڇيو.
    “جيڪڏهن سڌي رستي تي هلنداسين ۽ صبر ڪنداسين ته انشاءالله پاس ٿي وينداسين. ائين به ٿي سگهي ٿو الله پاڪ اسان کي هتي اڃا ڪنهن ٻي مقصد لاءِ موڪليو هجي، جنهن مان ٻين جي به بهتري ٿئي.” شهلا چيو.
    “اِها ڳالهه اسان کي ڪيئن معلوم ٿيندي ته اسان کي هتي ڇو موڪليو ويو آهي؟” عالي پنهنجي جڳهـه تي اُٿي ويٺو.
    “ان راز کي اسان پاڻ ڳولينداسين.” شهلا چيو
    “ڇا اهو ڪو چيلنج هوندو، جيئن بابا جن مون کي اڪثر ڏيندا هئا.” عالي پڇيو.
    عالي کي ايتري پراڻي ڳالهه ياد هئي، شهلا حيران ٿي.
    “ها ائين ئي سمجهو.” شهلا هن ڏانهن پيار مان نهاريو.
    “پر جيڪڏهن توهان همت هارائي ته توهان کان اهو چيلنج واپس ورتو ويندو.” شهلا پٽ کي همٿائيندي چيو.
    “لالا بابا توهان کي ڪهڙو چيلنج ڏيندو هو؟” سيرت پيءُ جو ذڪر ٻڌندي ئي پڇيو.
    “مان بابا سان ڪائي گيم کيڏندو هئس ته هو مون کي هڪ ٽارگيٽ ڏيندو هو. اسان ٻنهـي مان جيڪو اهو ٽارگيٽ پورو ڪندو هو، اهو کٽي ويندو هو.” عالي چيو.
    “Wow لالا توهان بابا سان گڏ ڪيترو انجواءِ ڪيو هوندو.” سيرت سوچيندي چيو.
    “ٿوري وقت ۾ گهڻو انجواءِ ڪيم، شايد انڪري ئي ته بابا کي مون کان الڳ ٿيڻو هو.” عالي چيو.
    “عالي، سيرت هاڻي سمهو گهڻي دير ٿي ويئي آهي.” شهلا عالي کي اداس ڏسي سمهڻ جو چيو.
    “شب بخير امي.” ٻنهـي گڏجي چيو.
    “شب بخير.” شهلا به چيو.
    .........................
    “شهلا مون کي توسان هڪ ڳالهه ڪرڻي آهي”، صبح جو زينب شهلا جي ڀرسان ويهندي چيو.
    “جي آپا چئو.” شهلا زينب ڏانهن متوجـه ٿي.
    “شهلا، زينت آپا تو ڏانهن عالي ۽ سيرت جي رشتي جو چوارايو آهي، پنهنجي ٻارن شيراز ۽ پلوَشـه جي لاءِ.” زينب شهلا کي ٻڌايو.
    “ڇا! پر آپا عالي ۽ سيرت ته اڃا ننڍا آهن ۽ زينت آپا جا ٻار به هنن جيترا ئي آهن.” شهلا حيرانگيءَ مان چيو.
    “اسان وٽ رشتا ائين ئي طئـه ٿيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ننڍپڻ ۾ ڪڏهن ڄمڻ وقت ۽ ڪڏهن اڃا ٻار پيٽ ۾ هوندو آهي تڏهن ئي.” زينب شهلا کي ٻڌايو.
    “پوءِ حويلي ۾ ٻيا ٻار به ته آهن.” شهلا چيو.
    “انهن سڀني جي به ڳالهه ٿيل آهي. ماهـه نور کي ڄمڻ وقت ئي ميربل جي نالي ڪيو ويو هو ۽ مروه کي وري شاهمير جي نالي. صفا جو رشتو به ادا شهزور سان طئه ڪري رهيو هو، پر مون ان کي چيو ته في الحال تڪڙ نه ڪيو، انڪري انهن ٿورو صبر ڪيو.” زينب چيو.
    “پر آپا مان پنهنجي ٻارن لاءِ هاڻي کان ئي ڪجهه طئه ڪرڻ نٿي چاهيان.” شهلا ڊڄي ويئي هئي.
    “مون کي احساس آهي ان ڳالهه جو شهلا، انڪري مون زينت آپا کي منع ڪري ڇڏيو آهي. توسان ان طريقي سان ڳالهه ڪري توکي تنگ پئي ڪيان.” زينب کلندي چيو.
    “مان ته ڊڄي ويس آپا.” شهلا ڪجهه دير کان جهليل ساهـ کڻندي چيو.
    “تو تائين ڳالهه پهچائڻ ضروري هئي، ان ڪري ڳالهه ڪيم.” زينب چيو.
    “مهرباني آپا.” شهلا مسڪرايو.
    ....................

    عالي شام جو روز مولوي صاحب وٽ مسجد ۾ ويندو هو. هن قرآن پاڪ پڙهي ڇڏيو پر پوءِ به دور ڪرڻ ۽ مولوي صاحب جون ڳالهيون ٻڌڻ ويندو هو. حاجره جي ڀاءُ ڪريم سان به هن جي سٺي دوستي ٿي ويئي هئي. هو وڌيڪ پڙهي ته نه سگهيو پر اوطاق تي ڪم ڪرڻ جي ڪري عالي سان ملندو رهندو هو.
    “عالي اڄ ٿوري دير ٻاهر هلون؟” شاهمير لائبرري ۾ ايندي عاليءَ کان پڇيو.
    “ڪيڏانهن؟” عالي پڇيو.
    “ڳوٺ جو هڪ ڇوڪرو آهي، ان ٻڌايو ته هن بائيڪ ورتي آهي، مون ان کي چيو هو ته مان شام جو ايندس تو وٽ، مون کي بائيڪ هلائڻ ڏجانءِ.” شاهمير ٻڌايو.
    “هلائڻ ايندي اٿئي بائيڪ؟” عالي پڇيو.
    “ها.” شاهمير چيو.
    “ڪٿان سکيئي؟” عالي پڇيو.
    “اسڪول مان چوري چوري هلي ويندو هئس، پوءِ بائيڪ ڪرائي تي کڻي سکي ورتم.” شاهمير چيو.
    “ادا ميربل کي خبر پئجي ويئي ته پوءِ خير نه هوندئي ۽ گاڏي به ته آهي نه حويلي ۾ تون اها وٺ نه ادا کان.” عالي چيو.
    “اها ته مون هلائي ڏٺي آهي پر بائيڪ جو ٻيو مزو آهي.” شاهمير مزو وٺندي چيو.
    “پر مان نه هلندس.” عالي چيو.
    “عالي تون ڪڏهن به منهـنجي ڪا ڳالهه نه مڃيندو آهين.” شاهمير ناراض ٿيندي چيو.
    “ڪيتري دير ۾ واپس ايندين؟” عالي وري پڇيو.
    “يار هڪ ته ايترا سوال ڪندو آهين جو دل ئي نه چوندي آهي توکي ڪجهه چوڻ تي.” شاهمير بيزاري مان چيو.
    “پوءِ نه چوندو ڪر. مان نٿو هلان.” عالي پنهنجو ڪتاب ٻيهر کوليو.
    “نه هلڻو هيئي ته ايترا سوال ڇو ڪيئي.” شاهمير منهـن ٺاهيندي چيو.
    “هل يار هل، خبر آ توسان نه هلندس ته تون هتان چُرندين به نه.” عالي ڪتاب بند ڪري ٽيبل تي رکيو ته شاهمير خوش ٿي ويو.
    هو ٻئي هن جي دوست وٽ آيا ۽ ان کان بائيڪ وٺي ڳوٺ جو چڪر هڻڻ لاءِ نڪري آيا. جڏهن کان عالي هتي آيو هو تڏهن کان هن ڳوٺ جون ڪجهه گهٽيون ڏٺيون هيون.
    ڳوٺ جي مُهڙ ۾ هڪ هوٽل ٺهيل هو جنهن ۾ هڪ ڪمرو ٺهيل هو. ان ۾ بينچون رکيل هيون ۽ ڪجهه بينچون ان جي دروازي وٽ ئي پيل هيون. ٽي.وي تي ڪو سنڌي ناٽڪ رنگ هلي رهيو هو. سڀني ماڻهن جو ڌيان ٽي.وي ڏانهن هو. ٽي.وي تي شايد ڪو اهڙو سين هلي رهيو هو جو ماڻهن کان اڳيان رکيل چانهه پيئڻ به وسري ويئي هئي. هڪ همراهه چانهه ڏانهن هٿ وڌايو، ڍڪ ڀرڻ لاءِ هيٺ ڏٺائين ته ان ۾ مک پئجي ويئي هئي. ان ٿورو هيڏانهن هوڏانهن ڏسي آڱر سان مک ڪڍي چانهه پيئڻ شروع ڪئي. اتفاق سان عالي ۽ شاهمير ان کي ئي ڏسي رهيا هئا. ٻنهـي کان ٽهڪ نڪري ويو.
    “سردار صاحب چانهه…؟” ايتري ۾ هوٽل وارو هنن لاءِ چانهه ۽ بسڪيٽ کڻي آيو.
    “هي هڪ ڪوپ واپس کڻي وڃ، وڏو سردار صاحب چانهه نه پيئندو آهي.” شاهمير هڪ ڪوپ کڻندي عالي ڏانهن اشارو ڪندي، ٻيو ڪوپ واپس کڻي وڃڻ لاءِ چيو.
    “سائين ائين ڪيئن ٿيندو، توهان پهريون دفعو هن هوٽل تي آيا آهيو، ٿوري ته پيئو نه.” هوٽل واري عالي کي چيو.
    “پر مان چانهه بلڪل نه پيئندو آهيان.” عالي چيو.
    هوٽل واري جو منهـن لهي ويو.
    “سردار صاحب ڪافي پئيندو اٿئي، ٻي دفعي هن لاءِ اها وٺي رکجان.” شاهمير کلندي چيو.
    “سائين اها وري ڇا هوندي آهي؟” هوٽل واري تجسس مان پڇيو.
    “اها به چانهه جهڙي ئي هوندي آهي پر شهر وارن ماڻهن اسان ڳوٺاڻن ۾ چانهه جي عادت وجهي، پاڻ هاڻي اها پيئڻ شروع ڪئي آهي.” شاهمير شرارت مان چيو.
    “ٺيڪ آهي سائين شهر ويندس ته وٺي ايندس هاڻي اها به.” هوٽل واري چيو.
    شاهمير جلدي ۾ چانهه پي اٿيو. هن کي اڃا ڀرسان واري ڳوٺ جو به چڪر هڻڻو هيو.
    “هلون؟” شاهمير عالي کي چيو.
    “ها، چانهه جو بل ته ڏي نه.” عالي اٿندي چيو.
    “چاچو هوٽل وارو مون کان بل نه وٺندو آهي.” شاهمير ائين چئي بائيڪ ڏانهن ويو.
    عالي پنهنجي کيسي مان پئسا ڪڍي زبردستي هوٽل واري کي ڏنا.
    “اڃا ڪيڏانهن پيو هلين؟” عالي شاهمير کان پڇيو.
    “ڀرسان واري ڳوٺ.” شاهمير چيو.
    “بس اڄ لاءِ اهو ڪافي آهي، واپس ڳوٺ هل، نه ته مان پاڻ ئي هليو ويندس.” عالي چيو.
    “ڀلا بائيڪ ته واپس ڪرڻ هلندين نه؟” شاهمير عالي کان پڇيو.
    “ها هل.” عالي چيو.
    شاهمير جي دوست جي گهر جي ٻاهران ئي هن جو دوست ۽ ان جو پيءُ هنن جي انتظار ۾ بيٺا هئا. ان جي منهن مان ئي لڳي رهيو هو ته هن کي پيءُ دڙڪا ڏنا آهن.
    “سائين هي اسڪوٽر اوهان وٺي ويا هيئو هن کان؟” ان جي پيءُ شاهمير کان پڇيو.
    “ها، هن ٻڌايو ته هي اسڪوٽر هن جو آهي.” شاهميرپنهنجي دوست ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
    هن جي دوست جي پيءُ پنهنجي پٽ ڏانهن کائي وڃڻ واري نظرن سان ڏٺو.
    “چڱو چاچا، هاڻي اسان هلون ٿا.” شاهمير انهن کان موڪلائي هليو آيو.
    “خوامخواهـه ويچاري کي تنهنجي ڪري دڙڪا مليا.” عالي شاهمير کي چيو.
    “مون چيومانس ڇا، ته ڪوڙ ڳالهائي ۽ مهرباني ڪري هاڻي تون اها ڳالهه حويلي ۾ ڪنهن سان نه ڪجانءِ.” شاهمير، عالي کي چيو.
    “مان ته هلڻ سان ئي ٻڌائيندس سڀني کي.” عالي مذاق ۾ چيو.
    ايتري عرصي کان پوءِ ٿورو ٻاهر نڪري عالي پاڻ کي خوشگوار محسوس ڪري رهيو هو.
    حويليءَ جي گيٽ مان اندر داخل ٿيا ته سامهون حويلي جي اندرين دروازي جي ٻاهران واري ورانڊي ۾ سڀ ٻار بيٺل هئا. ويجهو اچڻ سان خبر پئي ته ميربل پنهنجي ڀينرن لاءِ اتي جهولو لڳائي رهيو هو.
    “لالا ڏسو، ادا ميربل ڪيترو خوبصورت جهولو وٺي آيو آهي.” سيرت، عالي کي ڏسي ان ڏانهن ايندي ٻڌايو.
    ميربل جهولو لڳائي چڪو هو ۽ هاڻي هن صرف صفا ۽ مروه کي ان تي ويهاريو. ان تي صرف ٻن ماڻهن جي ئي جڳهه ئي انڪري ٻيو ڪير به ٻار ان تي نه پئي ويهي سگهيو. عالي سيرت ڏانهن ڏٺو جيڪا جهولي ۽ ان تي لڏندڙ ڇوڪرين کي حسرت مان نهاري رهي هئي.
    “سيرت اچ گهر هلون، دير ٿي ويئي آهي.” عالي سيرت جو هٿ پڪڙيندي هن کي پراڻي حويلي وٺي آيو.
    “لالا توهان کي جڏهن نوڪري ملندي ته مون کي اهڙو جهولو وٺي ڏيندؤ نه؟” سيرت عالي کان پڇيو.
    “ها، ان کان به ڀلو وٺي ڏيندس.” عالي، سيرت کي چيو.
    هوءَ ڀاءُ جي طرفان ملندڙ آسري ۾ ئي خوش ٿي ويئي.
    ..................

    “سيرت اٿي.” عالي صبح جو سيرت کي ننڊ مان اٿاريندي چيو.
    “لالا سمهڻ ڏيو نه اڄ ته آچر آهي توهان به آرام ڪيو.” سيرت اکيون کولڻ بنا ئي چيو.
    “تو لاءِ ته روز آچر هوندو آهي نه، تون ڇو سمهين پئي آهين هن مهل تائين. اٿي توکي ڪجهه ڏيکارڻو آهي.” عالي ٻيهر هن کي لوڏيو.
    سيرت اٿي ويئي ۽ ڀاءُ ڏانهن ڏسڻ لڳي.
    “ڪٿي آهي؟” هن ڀاءُ جا هٿ خالي ڏسندي پڇيو.
    “ٻاهر اچ.” عالي ٻاهر وڃڻ لڳو ته سيرت به هن جي پويان وڃڻ لڳي.
    اڱڻ ۾ لڳل وڻ ۾ عالي سيرت لاءِ هڪ خوبصورت پينگهه ٻڌي هئي. ٻن طرفن کان رسا ٻڌي وچ ۾ هن هڪ ڪاٺ جي تختي کي زور سان ٻڌو هو ۽ رسن کي گلن سان ڍڪي ڇڏيو هو.
    “لالا، هي توهان ٺاهي آهي؟” سيرت پينگهه ڏسي عالي کان پڇيو.
    “ها، تنهنجي لاءِ ٺاهي آهي هلي آ ويهه.” عالي هن کي ويهڻ جو چيو ۽ پاڻ پينگهه جي پويان وڃي بيٺو.
    سيرت پينگهه تي ويٺي ته عالي هن کي لوڏڻ شروع ڪيو.
    “لالا هي ته مروه وارن جي جهولي کان به سٺي آهي.” سيرت خوشيءَ مان چيو.
    عالي سيرت جي اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو.
    زينب ۽ شهلا هنن کي سامهون هال مان ڏسي رهيون هيون.
    “اڄ ته عالي ۽ سيرت کي ڏسي ادا مؤمن ۽ صفوران پيا ياد اچن، شهلا.” زينب اکين ۾ آيل ڳوڙهن کي روڪيندي چيو.
    شهلا هن ڏانهن ڏٺو.
    “ادا مؤمن جي به اها ڪوشش هوندي هئي ته هو صفا جي هر خواهش پوري ڪري، ۽ هو ائين ڪندو به هو، صفا جو هر ضد پورو ڪندو هو.” زينب سامهون عالي ۽ سيرت ڏانهن ڪا گهڙي ڏسندي رهي.
    .....................


    12

    ڪجهه ڏينهـن ۾ ميربل ۽ ماهـه نور جي شاديءَ جي تاريخ مقرر ڪئي ويئي. ٻارن جي سانڀر ۾ حويلي ۾ پهرين شادي ٿي رهي هئي انڪري سڀ ڏاڍا پرجوش ۽ خوش هئا. حويلي جي عورتن جي لٽن ڪپڙن آڻڻ جي ذميداري شاهه بي بي جي هوندي هئي، انڪري هر ٻي ڏينهن هوءَ ڊرائيور سان گڏجي شهر ويندي هئي.
    سردار بهرام خان جي وڏي پٽ جي شادي هئي انڪري هن کي ان جي شان و شوڪت مطابق پوري تياري ٿي رهي هئي. درناز، ماهـه نور جو سڄو ڏاج ٺاهرائڻ ۽ پسند ڪرڻ جي ذميداري زينب ۽ شهلا کي ڏيئي ڇڏي. شهلا هر شيءِ ۾ ماهه نور جي پسند جو خيال رکندي هئي پر ماهه نور کي شهلا جي پسند ڪيل هر شيءِ وڻندي هئي. شادي کان پوءِ پندرهن ڏينهن اڳ هن کي ونواهـه ۾ ويهارڻ جي رسم ٿي رهي هئي.
    شاهمير، عالي ۽ سيرت سان گڏجي پنهنجي مٿان واري گهر کي گلن سان سينگاريو، ته صفا، عرفات ۽ مروه وري هيٺين گهر کي سينگاريو، ڄڻ ته مقابلو شروع ٿي ويو.
    ماهه نور کي وارن ۾ مهندي وجهي هن جي وارن جون ڇڪي ٻـه ڳُتون ڪيون ويون. شام جو هن جو ونواهـه هو جنهن ۾ ستن سهاڳڻن کي اهي ڳُتون کولڻيون هيون.
    “درناز ڪٿي آهي؟” دُربيبي ڪمري ۾ اندر اچي پڇيو. ڦڪو وڳو پائي ماهه نور بيڊ تي ويٺي ۽ شام ٿيڻ جو انتظار ڪري رهي هئي.
    “جي ڀاڄائي.” درناز دُربيبي جي پويان ايندي پڇيو.
    “توکي پنهـنجو عقل ته هونئن به ڪونهي پر اها ته خبر اٿئي نه ته ڪنوار جي ڀرسان رنڙ ۽ بي اولاد عورتن کي نه ويهاربو آهي. تون هاڻي کان ئي منهنجي پٽ سان نڀاڳائيءَ وارا سنوڻ پئي ڪرين.” دُربيبي ڪاوڙ ۾ چيو.
    “پر ڀاڄائي ماهه نور هاڻي ئي ته ونواهـه ۾ نه ويٺي آهي نه.” درناز ڊڄندي جواب ڏنو.
    “ونواهـه واري ڏينهن صبح کان ئي ونواهـه جي حد شروع ٿي ويندي آ، مان توهان ٻنهـي کي شادي گذرڻ تائين ماهه نور جي ڀرسان نٿي ڏسڻ چاهيان.” دُربيبي، زينب ۽ شهلا سان مخاطب ٿيندي چيو ۽ درناز تي قهر آلود نظر وجهي ڪمري مان هلي ويئي.
    زينب ۽ شهلا، درناز ۽ ماهه نور کي ڪمري ۾ روئندي ڇڏي ٻاهر نڪري ويون.

    شادي اعليٰ پيماني تي ڪئي ويئي، جنهن ۾شريڪ ٿيڻ لاءِ ويجهي ۽ پري واري علائقي جا سردار ۽ سياستدان آيل هئا. وليمي جي دعوت به شادي واري ڏينهن ئي رکي ويئي هئي. ٻاهر مهمان اچڻ شروع ٿي ويا هئا سو عالي جلديءَ ۾ تيار ٿي ٻاهر وڃڻ لڳو. هن لاءِ شهلا هلڪي ڪاري رنگ جي شيرواني جوڙائي هئي، جنهن تي سونهري ڌاڳي سان هلڪو ڪم ٿيل هو، هو اها پائي پنهنجي ڀوري ناسي وارن کي ڦڻي ڏيئي هو ڪمري کان ٻاهر نڪتو ته هال ۾ زينب ۽ شهلا کي ڏسي هن جا قدم رڪجي ويا.
    “ماشاءالله، شهلا اڄ عالي جي نظر وڍي پوءِ هن کي ٻاهر موڪلجانءِ.” زينب، عالي کي ڏسندي شهلا کي چيو.
    “آپا مون هن تي دعا پڙهي ڇُوڪاري ڇڏي آهي.” شهلا کي به عالي اڄ تمام گهڻو وڻيو پئي.
    “مهرباني.”
    “پر توهان اڃان تائين هتي ويٺا آهيو، تيار به نه ٿيا آهيو؟” عالي زينب کان پڇيو.
    “ها بس ٿوري دير ۾ وڃون ٿا.” شهلا يڪدم جواب ڏنو.
    عالي پهريون دفعو هتان جي ڪنهن تقريب ۾ شريڪ ٿيو هو، انڪري هن کي ايترن ماڻهن ۾ پريشاني ٿي رهي هئي. شاهمير زبردستي هن کي هر ڪم ۾ پاڻ سان گڏ رکي رهيو هو ۽ مائٽن سان هن جو تعارف ڪرائي رهيو هو.
    عالي موقعو ڏسي تقريب پوري ٿيڻ کان پهريان ئي حويلي واپس اچي ويو. نئين حويلي مان سهرن ۽ عورتن جي کلڻ ڳالهائڻ جو آواز اچي رهيو هو. هو اتان ٿيندي پنهنجي گهر ڏانهن آيو.
    “پُڦو، امي توهان به واپس اچي ويون؟” عالي زينب ۽ شهلا کي گهر ۾ ڏسندي پڇيو.
    “ها پٽ بس ٿڪجي پيونسين، انڪري هيڏانهن هليون آيونسين.” شهلا عالي کي جواب ڏنو.
    ايترن ڏينهـن ۾ عالي اهو محسوس ڪري ورتو هو ته هن جي پُڦو ۽ ماءُ ماهه نور جي ايترو ويجهو هجڻ جي باوجود، ان جي ڪمري ڏانهن نه وڃي رهيون هيون ۽ هاڻي هو مهمانن کي کارائي پيئاري شادي جون رسمون شروع ٿيڻ کان اڳ هيڏانهن هليون آيون هيون، ته عالي کي اُڻ تُڻ لڳي.
    “تون ڇو جلدي واپس اچي وئين؟” زينب، عالي کان پڇيو.
    “مان به ٿڪجي پيس.” عالي جواب ڏيئي ٻاهر اڱڻ ۾ نڪري آيو.
    .........................


    13

    گهر ۾ شادي جو ماحول هو، صفا جي وڏي ڀاءُ جي شادي هئي، هر طرف گهما گهمي لڳي پئي هئي. صفا به تمام گهڻي خوش هئي. مٿان وري زينب جيجي ۽ شهلا چاچي به هر وقت هنن جي حويلي ۾ موجود هونديون هيون ته صفا جي خوشي ٻيڻي ٿي ويئي. صفا فرمائشون ڪري انهن ٻنهي کان پنهنجي پسند جا ڪپڙا ٺهرايا.
    پر هي ڇا، شادي جون رسمون شروع ٿيندي ئي، اهي ٻئي هن حويلي ۾ گهٽ اچڻ لڳيون ۽ جيڪڏهن آيون به ته صرف رڌڻي تائين ئي محدود هيون. “هنن جي چهري تان اها خوشي اوچتي ئي الئه ڇو غائب ٿي ويئي!” صفا سوچڻ لڳي.
    “جميلا، جيجي زينب ۽ شهلا چاچي هيڏانهن ڇو نه پيون اچن؟” صفا ماهه نور سان گڏ ويٺي هئي، جميلا پڇيو.
    “جيجي ڪنوار جي ڀرسان بيواهـه ۽ بي اولاد عورت کي نه ڇڏيو ويندو آهي، انڪري هو ٻئي پاڻ ئي هيڏانهن نه اينديون هونديون.” جميلا هن جي سوال جو جواب ڏنو.
    “پر اهي ماهه نور سان پري کان ئي ته ملي ٿيون سگهن نه.” صفا پڇيو.
    “جيجي چيو ويندو آهي ته انهن عورتن جو سايو به ڪنوار يا گهوٽ تي نه پوي ته سٺو آهي. انڪري اهي ٻئي خيال ڪنديون هونديون.” جميلا وڌيڪ ٻڌايو.
    جميلا جي وڃڻ کان پوءِ ماهه نور، صفا کي اصل ڪارڻ ٻڌايو. صفا اهو ٻڌي اُداس ٿي ويئي ۽ هيٺ لهي اچي گِرل وٽ بيهي رهي.
    سامهون اڱڻ ۾ هن عالي کي ڏٺو.
    “شايد هي به ميربل جو خيال رکندي شاديءَ جي رسمن کان اڳ هلي آيو آهي.” صفا هن کي ڏسي سوچيو.
    “آپا ماهه نور ڀاڀي تيار ٿي ويئي آهي، ان کي ڏسڻ هلون مٿي.” صفا پنهنجن خيالن ۾ بيٺي هئي ته مروه ۽ سيرت هن ڏانهن آيون ۽ هن کي مٿي هلڻ لاءِ چيو.
    عالي به مروه جو آواز ٻڌي گِرل ڏانهن جهاتي پاتي، جتي کيس گهري سائي رنگ جي خوبصورت لباس ۾ صفا نظر آئي. عالي کي اڄ هوءَ معمول کان وڌيڪ وڻي هئي، دل چاهيو هو ته هو سڄي رات کيس ڏسندو رهي پر هوءَ سندس دل جو آواز ٻڌڻ کان قاصر هئي.
    “ها اچو هلون.” صفا آخري نظر عالي تي وڌي ته هن ڏٺو ته هو به هنن ڏانهن ئي ڏسي رهيو هو. صفا جي ته ڄڻ چوري پڪڙجي پئي هئي هوءَ جلدي هنن ٻنهـي سان گڏجي مٿي ماهه نور جي ڪمري ۾ ويئي. ڳاڙهي وڳي ۽ زيورن ۾ ماهه نور بلڪل بدليل لڳي رهي هئي.
    “تون ته صفا چنڊ جو ٽڪرو پئي لڳين.” صفا ماهه نور جي ڀرسان ايندي ئي شرارتي انداز ۾ چيو.
    ماهه نور پنهنجي جهڪيل ڪنڌ کي وڌيڪ جهڪائي ڇڏيو.
    سڀئي عورتون ماهه نور جي تعريف ڪري ان کي دعائون ڏيئي رهيون هيون.
    لائُن جي رسم فجر جي آذان مهل ٿيڻي هئي تيستائين مردن لاءِ ٻاهر ڳائڻ وڄائڻ جو انتظام ٿيل هو، جنهن کان پوءِ ميربل کي گهوڙي تي ويهاري پوري ڳوٺ ۾ سرگس ڪرائڻ کان پوءِ لائن لاءِ گهر اچڻو هو. صفا ننڊ ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪمري ڏانهن هلي ويئي.
    .................
    “عالي جڏهن اسڪول مان پنـهنجو سرٽيفڪيٽ وٺين تـه ماستر صاحب کي چئي صفا جو سرٽيفڪيٽ بـه وٺي اچجان”.عالي ڳوٺ ۾ اٺَ درجا پاس ڪري هاڻي شهر واري اسڪول ۾ داخلا وٺڻ جي تياري ڪري رهيو هو انڪري زينب کيس چيو.
    “پر جيجي مان ڪهڙو اڳتي پڙهندم جو سرٽيفڪيٽ وٺان”. صفا زينب کي چيو.
    “تون ايڏي محنت ۽ شوق سان پڙهي رهي آهين ان لاءِ تو وٽ ڪو ثبوت تـه هجي نـه”. زينب هن کي چيو.
    “جيجي اسان جي اسڪول وارو سائين چوندو آ تـه هتان پڙهڻ کان پوءِ سرٽيفڪيٽ ضرور وٺجو اهو توهان کي زندگي ۾ ڪٿي بـه ڪم اچي سگهي ٿو”. زينب جي ڀرسان ويٺل حاجرا کيس چيو.
    “ها، صفوران گهر ۾ جڏهن پنج درجا پورا ڪيا تـه ادا مؤمن سان ضد ڪيائين تـه هن کي سرٽيفڪيٽ وٺي ڏي تـه جيئن هوءَ پنهنجي ننڍن کي اهو سرٽيفڪيٽ ڏيکاري سگهي ۽ انهن کي ٻڌائي تـه هوءَ بـه پڙهيل آ”. زينب هنن کي ٻڌايو.
    “عالي مون کي بـه اٺ درجا پورا ڪرڻ کان پوءِ سرٽيفڪيٽ وٺي ڏجان” . مروا زينب جي ڳالهـ ٻڌندي ئي عالي کي چيو.
    “پهرين صفا جو تـه وٺي اچان نـه”. عالي چيو ۽ صفا ڏانهن ڏٺو جنهن جي چهري تي خوشيءَ جا تاثر اچي ويا پر هن کين لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “هيءَ ڇوڪري پنهنجي خوشي ظاهر ڪرڻ کان بـه ڊڄي ٿي!” عالي دل ۾ چيو.
    ................


    14

    سماج ۾ تبديلي جيتري خاموشي سان ايندي آهي اوترو ماڻهو هن کي قبول ڪندا آهن، پر جيڪڏهن اها تيزي سان اچڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ته هن کي اوتري ئي مخالفت کي منهـن ڏيڻو پوندو آهي. سردار صاحب کي سياست جو شوق ته جاڳيو پر هن وٽ ايتري تعليم نه هئي. پوءِ به هن هيڏانهن هوڏانهن ڪري ٿورو گهڻو سياست ۾ حصو ورتو پر هن پنهنجي پٽن کي خاص انڪري تعليم ڏيارڻ جو سوچيو. ميربل کي ته هن شهر واري ڪاليج ۾ ئي داخلا وٺڻ لاءِ چيو پر عرفات ۽ شاهمير کي هن ڪيڊٽ ڪاليج ۾ داخل ڪرايو. عرفات ته شروع کان ئي ضدي ۽ خودسر هو، انڪري ڪجهه ئي مهينن ۾ هو ڪاليج مان ڀڄي آيو. شاهمير چاچي جي ڊپ کان مجبوريءَ ۾ اتي رهجي ويو. پٽ جي ضد اڳيان سردار صاحب مجبوراً هن کي ٻيهر ڀر واري شهر ۾ داخل ڪرايو. عالي به اٺ درجا ڳوٺ ۾ پورا ڪري، هاڻي ان شهر جي اسڪول ۾ نائين درجي ۾ داخلا ورتي. هن دفعي سردار صاحب کي عالي جي داخلا تي ڪو اعتراض نه ٿيو ڇو ته هن کي پڪ هئي ته عالي ايترو اڳتي نه وڌي سگهندو.
    ڳوٺ جي بنسبت هن اسڪول جي پڙهائي سٺي هئي هتان جا استاد به شاگردن تي خاص ڌيان ڏيئي رهيا هئا. اهو ڏينهـن عالي جي زندگيءَ جي سٺن ڏينهن مان هڪ هو جنهن ڏينهـن ڊاڪٽر الطاف هنن جي اسڪول ۾ ليڪچر ڏيڻ آيو. ڊاڪٽر الطاف هن ئي اسڪول جو شاگرد رهي چڪو هو ۽ هاڻي هن جي داخلا چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ٿي ويئي هئي. هو موڪلن ۾ جڏهن به هتي ايندو هو ته اسڪول ۽ ڪاليج جي شاگردن کي ليڪچر ڏيندو هو.
    ان ڏينهن به هو نائين ڪلاس وارن کي ليڪچر ڏيڻ آيو. هن جو ليڪچر ڄاڻ سان ڀرپور هو، جنهن دوران عالي هن کان سوال ڪندو رهيو. ڊاڪٽر الطاف به عالي کان ڪجهه سوال پڇيا. هن جا جواب ٻڌي هو عالي کان متاثر ٿيو ۽ سڄي ڪلاس جي اڳيان کيس ساراهيو.
    عالي کي به ڊاڪٽر صاحب متاثر ڪيو. هو ٻيو پيرڊ پورو ٿيڻ کان پوءِ استادن جي آفيس ڏانهن ڊاڪٽر الطاف سان ملڻ آيو پر هو اتي نه هو.
    “شايد ٻي ڪنهن ڪلاس ۾ ويل هوندو.” عالي سوچيو.
    ڪجهه دير انتظار ڪرڻ کان پوءِ هن سامهون ڊاڪٽر صاحب کي ايندي ڏٺو.
    “Intelligent Boy، ڪنهن جو انتظار پيا ڪريو؟” ڊاڪٽر صاحب، عاليءَ جي ڀرسان ايندي پڇيو.
    “سر مان اوهان جو ئي انتظار ڪري رهيو هئس.” عالي وراڻيو.
    “ڪو سوال پڇڻو هو؟” ڊاڪٽر صاحب پڇيو.
    “مان اوهان کي چوڻ آيو هئس ته توهان جو ليڪچر ڏاڍو سٺو هو. توهان ٻيهر ڪڏهن ايندا هتي؟” عالي پڇيو.
    “هونئن ته ٻيهر ملڻ وارين ڇُٽين ۾ اچان ها پر توهان جي طرفان ڪيل همت افزائي جي ڪري سڀاڻي به ايندس.” ڊاڪٽر الطاف جي چهري تي هڪ مهربان مسڪراهٽ هئي.
    “اوهان جي مهرباني سر.” عالي خوشيءَ مان چيو.
    ڊاڪٽر صاحب پورو هفتو هنن جي ڪلاس ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ آيو. آخري ڏينهـن تي هن عالي سان موڪلائيندي هن سان ٻيهر اچڻ جو وعدو ڪيو.
    عالي کي به هن سان ٻيهر ملڻ جي خواهش هئي. عالي هاڻي اڳ کان به گهڻو مصروف رهڻ لڳو. پوءِ به هو سيرت ۽ مروه کي اوترو ئي ٽائيم ڏيندو هو. صفا به هن جي هٿان مختلف ڪتاب گهرائيندي هئي. عالي کي به هن جي پسند جي خبر پئجي ويئي سو هن جي لاءِ هو مئگزين ۽ ڊائجسٽ به وٺي ايندو هو.
    مروه جي ذهانت ڏسي عالي ڪڏهن ڪڏهن حيران ٿيندو هو. هوءَ هن کان اهڙا اهڙا سوال پڇندي هئي جو هو ڪڏهن ڪڏهن لاجواب ٿي ويندو هو. پر هن جي سوالن جي ڪري هن ۾ ننڍين ننڍين شين کي ڄاڻڻ جو اتساهه پيدا ٿيندو هو.
    “اسلام عليڪم”، عالي اڱڻ ۾ داخل ٿيندي سلام ڪيو جتي سڀئي شام جي چانهــه پي رهيا هئا.
    سڀن عالي جي سلام جو جواب ڏنو.
    “اڄ ڀلا وڏا ماڻهو هتي ڪيئن؟” زينب عالي کي مزاق ۾ چوندي پنهنجي ڀرسان جڳهـه ڏني.
    “بس ننڍن ماڻهن جو خيال اچي ويو”. عالي بـه مسڪرائيندي جواب ڏنو.
    “چانهـه جي صلاح تـه توکي ڪري نٿا سگهون، ڪافي ٺهرائي وٺان؟” زينب عالي کان پڇيو.
    “آپا ڏاڍي سٺي ڪافي ٺاهيندي آهي”. مروا عالي جي جواب ڏيڻ کان پهرين چيو.
    “نـه هن وقت ڪافي پيئڻ جو موڊ ناهي” . عالي مروا کي چيو.
    صفا مروا ڏانهن ڪاوڙ مان گهوريو.
    “امي، مون کي سڀاڻي لاڙڪاڻي وڃڻو آهي.” عالي، صفا تان نظرون هٽائي شهلا سان مخاطب ٿيو.
    “ڇو خيريت؟” شهلا پڇيو.
    “ها سيمينار آهي. ڊاڪٽر الطاف مون کي به اهو سيمينار اٽينڊ ڪرڻ جو چيو آهي.” عالي ماءُ کي سڄي ڳالهه ٻڌائي.
    “ڪير ڊاڪٽر الطاف؟” زينب پڇيو.
    “ڊاڪٽر الطاف اسان جي اسڪول ۾ ليڪچر ڏيڻ ايندو آهي، اهو به هتان جو ئي آهي پر لاڙڪاڻي مان M.B.B.S پيو ڪري. ان سان منهنجي سٺي دعا سلام ٿي ويئي آهي، انڪري مون ڏي چورايو اٿس.” عالي وڌيڪ ٻڌايو.
    “پر توهان اڪيلا ڪيئن ويندو، پٽ؟” شهلا پريشان ٿيندي چيو.
    “امي مان هاڻي ٻار ناهيان، روزانو الاهي ماڻهو اوڏانهن ويندا آهن. مان به هليو ويندس.” عالي چيو.
    “شاهمير اڄڪلهـه هتي آيل آهي، مان ان کي چوان ٿي، ته اهو به توسان گڏ هلي.” زينب چيو.
    “شاهمير مون کان به ننڍو آهي پُڦو، توهان منهنجي لاءِ ڪجهه زياده ئي پريشان پيون ٿيو.” عالي چيو.
    “ڪهڙي سازش پئي ڪئي وڃي منهنجي لاءِ هتي؟” شاهمير اڱڻ ۾ ايندي چيو.
    “نام ليا شاهمير حاضر!” مروه جي چهري تي شرارتي مسڪراهٽ اچي ويئي.
    “عالي جي چمچي تون ته چپ ڪر.” شاهمير مروه کي چيو.
    “عالي کي سڀاڻي لاڙڪاڻي وڃڻو آهي سو تون هن سان گڏجي اوڏانهن وڃجان.” زينب، شاهمير کي ٻڌايو.
    “سڀاڻي ڪو خاص ڏينهن آ ڇا، جو سردار نواب عبدالعالي جن پنهنجي علائقي کان ٻاهر ظهور فرمائيندا؟” شاهمير عالي کي چيڙائيندي پڇيو.
    “مان ڪيڏانهن به نٿو وڃان بس.” عالي ڪاوڙ ۾ چئي اٿي ويو.
    “توهان فڪر نه ڪريو مان پاڻ ئي سڀاڻي هن سان گڏ ويندس. مان هونئن سڀاڻي جي لاءِ بابا کان گاڏي ۽ ڊرائيور گهريو هو. مون کي به لاڙڪاڻي ئي وڃڻو هو.” شاهمير، شهلا ۽ زينب کي فڪرمند ڏسي چيو.


    “چاچي عالي اٿي ويو؟” ٻي ڏينهن صبح جو سوير ئي شاهمير تيار ٿي پراڻي حويلي پهتو۽ هال ۾ شهلا کي ڏسي ان کان پڇيو.
    “نه پٽ، اڃا نه اٿيو آهي.” شهلا جواب ڏنو.
    “مان اٿاريانس ٿو.” شاهمير، عالي جي ڪمري ڏانهن ويندي چيو.
    “اسان جون ننڍون ڦٽائي پاڻ آرام سان ستو پيو آهين.” شاهمير عالي جي منهن تان چادر لاهيندي چيو.
    “اڄ ڀلا سج ڪٿان اڀريو آ جو تون ايڏو جلدي اٿي وئين؟” عالي شاهمير کي تيار ٿيل ڏسي پڇيو.
    “بس يار ڪاليج ۾ هائوس ماسٽر ۽ هتي تون، ٻنهـي جي ڪاوڙ کان مون کي ڊپ لڳندو آهي، انڪري امي کي رات ئي چئي ڇڏيو هو ته صبح جلدي اٿاري. هاڻي اٿي جلدي تيار ٿي.” شاهمير، عالي کي چيو.
    عالي جلدي تيار ٿي آيو، شهلا هنن لاءِ ناشتو کڻي آئي. ٻئي ڄڻا ناشتو ڪري اچي گاڏي ۾ ويٺا.
    “تون به سيمينار اٽينڊ ڪندين نه؟” عالي گاڏي ۾ ويهڻ سان ئي شاهمير کان پڇيو.
    “جي نه سردار صاحب! مان اوهان وانگر پڙهائيءَ سان ايڏو پيارو نٿو ڪيان جو موڪلن ۾ به ان جي پويان خوار ٿيان.” شاهمير کلندي چيو.
    “مون توکي ڪيترا دفعا منع ڪيو آهي ته مون کي سردار صاحب نه چوندو ڪر.” عالي شاهمير کي سختيءَ سان چيو.
    “۽ مون به توکي ڪيترا دفعا چيو آهي ته مون کي به سردار صاحب چوڻ نه وڻندو آهي.” شاهمير هن کي جواب ڏنو.
    “ڏسڻ ۾ ته تون سردار ٿو لڳين.” عالي کيس جواب ۾ چيو.
    “پر تون ته جديد دور جي سردارن جي خوبين تي پورو ٿو لهين نه، هينڊسم، سمارٽ ۽ انٽيليجنٽ.” شاهمير کيس ساراهيو.
    “پر جديد دورُ ته سرداري نظام کي مڃي ئي نٿو.” عالي چيو.
    “اسان جو علائقو جديد دؤر ۾ نٿو ڳڻي سگهجي، مون کي پنهنجي علائقي کي قديم دور مان ڪڍڻو آهي ۽ مون کي پنهنجي علائقي لاءِ تو جهڙو سردار کپي.” شاهمير ڪجهه سنجيده ٿيندي چيو.
    “تون جنهن علائقي ۾ رهين ٿو اهو صرف سردار بهرام خان جو آهي، تنهـنجو ناهي.” عالي جي چهري تي به سنجيدگي اچي ويئي.
    “حقيقت ياد ڏيارڻ جي مهرباني.” شاهمير جواب ڏيئي گاڏي جي شيشي مان ٻاهر ڏسڻ لڳو.
    “تون سيمينار اٽينڊ ڪر، مان ٽن چئن ڪلاڪن ۾ واپس اچي ويندس.” شهر ۾ پهچي عالي کي سيمينار هال ۾ ڇڏيندي شاهمير عالي کي پنهنجو پروگرام ٻڌايو.
    “ٺيڪ آهي.” عالي چيو.
    شاهمير هليو ويو، پر عالي هن جي باري ۾ ئي سوچي رهيو هو. عالي کيس پهريون دفعو ايترو سنجيده ٿيندي ڏٺو هو. ان جي باري ۾ سوچيندي هو هال ۾ آيو، جتي سيمينار شروع ٿي چڪو هو.
    انهن خيالن مان نڪري عالي سيمينار ڏانهن ڌيان ڏنو. اتي آيل ڊاڪٽر مختلف بيمارين ۽ انهن جي بچاءَ جي باري ۾ ڄاڻ ڏيئي رهيا هئا. عالي هنن جون ڳالهيون غور سان ٻڌي رهيو هو. ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ سيمينار ختم ٿيو ته عالي ڊاڪٽر الطاف سان مليو. ان هنن کي ٻين ڊاڪٽرن سان ملرايو. ان کان پوءِ عالي ٻاهر آيو جتي شاهمير هن جو انتظار ڪري رهيو هو.
    “ماني کائڻ هلون ڪيڏانهن؟” شاهمير، عالي کان پڇيو.
    “نه، دير ٿي ويندي، ڳوٺ ٿا هلون.” عالي آسمان ڏانهن ڏٺو اونداهي پکڙجڻ لڳي هئي.
    “ٺيڪ آهي، پر مون کي جڏهن گهڻا ڏينهـن ڇُٽيون ملنديون ته کيرٿر جبل جي طرف گهمڻ هلنداسين، اتي شڪار به ڪنداسين، ڏاڍو مزو ايندو.” گاڏي ۾ ويهندي ئي شاهمير هن کي ٻي دفعي جو به سڄو پروگرام ٻڌايو.
    “تون اوڏانهن اڳ ڪڏهن ويو آهين؟” عالي پڇيو.
    “ها، ٻه ٽي دفعا بابا سائين جن سان گڏ ويو هئس. پر پنهـنجن دوستن سان وڃڻ ۾ ته ٻيو مزو هوندو نه.” شاهمير چيو.
    “ڪا ضرورت ناهي ايڏي پلاننگ ڪرڻ جي، في الحال تون پنهنجي پڙهائي تي ڌيان ڏي. جڏهن تون پنهنجي گاڏي وٺندين ته پوءِ هلنداسين.” عالي هن تي ڪاوڙ ڪئي.
    “مون کي ته پوري پڪ هئي تون ائين ئي چوندين.” شاهمير چيو.
    “خبر به اٿئي ته پوءِ چيئي ڇو؟” عالي وراڻي ڏني.
    “مون سوچيو متان سيمينار اٽينڊ ڪرڻ کان پوءِ تنهنجا خيالات مٽجي ويا هجن.
    ها سيمينار تي ياد آيو، ڪيئن رهيو سيمينار؟” شاهمير پڇيو.
    “تمام سٺو، ۽ ڄاڻ سان ڀرپور، تون به هجين هان ته توکي به ڄاڻ ملي وڃي ها. عالي هن کي سيمينار جي موضوع جي باري ۾ مختصر ٻڌايو. حويلي پهچندي پهچندي رات ٿي ويئي.

    “السلام عليڪم چاچا سائين.” حويلي جي اندرين دروازي وٽان سامهون کان سردار صاحب اچي رهيو هو. عاليءَ ڀرسان گذرندي کيس سلام ڪيو.
    “وعليڪم السلام! ڪيڏانهن ويا هيئو؟” سردار صاحب پڇيو.
    “لاڙڪاڻي ۾ منهـنجي دوست طرفان دعوت هئي اوڏانهن ويا هئاسين.” شاهمير تڪڙ ۾ جواب ڏنو.
    “موڪلن جي ڏينهن ۾ ته اوطاق جو چڪر لڳائيندا ڪيو.” سردار صاحب شاهمير کي چيو.
    “بس ماما سائين موڪلون ئي ٿورا ڏينهـن آهن، انڪري گهر ۾ ئي وقت پيو گذري وڃي.” شاهمير کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته هو ڪهڙو جواب ڏي.
    “ايندا رهندا ڪيو اوطاق ۾ ته جيئن ماڻهن سان هاڻي کان ئي ڄاڻ سڃاڻ وڌي توهان جي به.” سردار صاحب عالي ڏانهن ڏسندي چيو.
    “ٺيڪ آ چاچا سائين.” عالي جواب ڏنو.
    سردار صاحب اوطاق ڏانهن هليو ويو.
    “ڇا ڳالهه آهي يار، اڄ ڪيئن سردار صاحب کي تنهنجو خيال اچي ويو.” شاهمير عالي کي چيو.
    “خبر ناهي.” عالي ائين چئي پنهنجي گهر ڏانهن راهي ٿيو.
    گهر ۾زينب ۽ شهلا هن جي انتظار ۾ ويٺيون هيون. ٻنهي جي هٿ ۾ تسبيح هئي. هنن ٻنهي کي ڏسندي عالي کي کل اچي ويئي.
    “ايتري دير ڇو ڪيئي؟ اسان سمجهو تون شام تائين اچي ويندين، ايتري دير ڪيئي ته اسان پريشان ٿي وياسين.” زينب هن کي ڏسندي ئي سوال پڇڻ شروع ڪيا.
    “مان ڪنهن جنگ تي ٿوروئي ويو هئس جو توهان پنهنجا هي حال ڪري ڇڏيا آهن… اڃا ايتري به دير نه ٿي آهي جو توهان پريشان ٿي ويون آهيو.” عالي زينب جي ڀرسان اچي ويٺو.
    “سياري جي رات جا 8 به ڏهن جي برابر هوندا آهن، ڏسين نٿو هر طرف ڪيتري خاموشي ٿي ويئي آهي.” زينب، عالي کي چيو.
    “مون ته شاهمير جي چوڻ تي اتي ماني به نه کاڌي سيمينار کان پوءِ جلدي ڳوٺ لاءِ نڪاسين. پر توهان جي ڪاوڙ ڏسي لڳي ٿو هتي به ماني نه ملندي.” عالي مسڪرائيندي چيو.
    “توهان جي انتظار ۾ ماني اسان به نه کاڌي آهي، مان هاڻي ئي ماني کڻي ٿي اچان.” شهلا رڌڻي ڏانهن ويندي چيو.
    ..........................

    آچر جو ڏينهـن هو، عالي دير سان اٿيو. هميشه وانگر هو اُٿڻ سان ئي اڱڻ ۾ لڳايل ننڍڙي باغيچي ڏانهن آيو، جنهن ۾ هن مختلف قسم جا ٻوٽا پوکيا هئا. ڪجهه دير انهن کي پاڻي ڏيڻ کان پوءِ وهنجي ڪپڙا تبديل ڪري حويليءَ کان ٻاهر نڪري آيو. هن کي سردار صاحب جي رات واري ڳالهه ياد اچي ويئي ته هن پنهنجو رخ اوطاق ڏانهن ڪيو.
    عالي پهريون دفعو اوطاق ۾ آيو هو. اوطاق جي هڪڙي پاسي گيراج ٺهيل هئي، ٻي طرف ننڊڙو لان هو، جنهن جي پريان قطار ۾ مختلف جانورن ۽ پکين جا پڃرا رکيل هئا. سامهون کان اوطاق ۾ اندر وڃڻ لاءِ وڏو دروازو هو.
    سردار صاحب سامهون ئي ڪنهن ماڻهوءَ سان گڏ طوطن جي پڃري وٽ بيٺو هو. عالي به هنن ڏانهن آيو ۽ کين سلام ڪيائين. سردار صاحب مسڪرائيندي هن جي سلام جو جواب ڏنو ۽ خلافِ معمول، هن جي پٺي ٺپي.
    سردار صاحب جو اهو روپ عالي جي سامهون اڄ ظاهر ٿيو هو.
    “سائين هي ادا مؤمن جو پٽ اٿوَ عبدالعالي.” سردار صاحب پاڻ سان گڏ بيٺل شخص جنهن کي ڪاٽن جي اڇي ڊريس ۽ ڪلهن تي وڏي ڪاري چادر پاتل هئي.
    “بابا مرشد کان دعا وٺو.” سردار صاحب، عاليءَ کي چيو.
    عالي ان ڏانهن وڌيو ته ان شخص پٺي ٺپي کيس دعا ڏني.
    “هي به اوهان وٽ ئي رهندا آهن نه بهرام خان؟” شاهه صاحب سردار صاحب کان پڇيو.
    “بس ان کي معاف ڪري تڏهن ئي ان جي گهر واري ۽ ٻارن کي هتي وٺي آيو هئس.” سردار صاحب هُن کي ٻڌايو.
    “پٽ هي اسان جا مرشد آهن سيد ڪامران شاهه، سائين وڏي جن جا صاحبزادا.” عالي جي منهـن تي حيرت ڏسي سردار صاحب چيو.
    “ها سائين، اوهان وڏي دل ڪري هنن کي هتي آندو آهي نه ته ڪير ٿو اهڙن ڀائرن جو ايترو خيال رکي جنهن خاندان جي ريتن رسمن جو ئي خيال نه رکيو هجي.” شاهه صاحب چيو
    “ها سائين، ڇا ڪيون آخر ڀاءُ جي اولاد آهي نه وٺي اچانِ هان ته رلندا وتن هان.” سردار صاحب، پنهنجي مرشد سڳوري سان سُر ملايو. هن کي ته ڄڻ اها ڳالهه عالي تائين پهچائڻ جو موقعو ملي ويو.
    “سردار صاحب هي طوطا مون کي ڏاڍا پسند آيا آهن.” شاهه صاحب منهن ڦيري سردار صاحب سان مخاطب ٿيو.
    “سائين هي خاص گهرايا ئي توهان جي لاءِ آهن، توهان کي پسند آيا ته معنيٰ اسان جي ڪاميابي آهي نه.” سردار صاحب کلندي چيو.
    “مان خوامخواهه هيڏانهن ڇو آيس.” عالي دل ۾ سوچيو. ۽ پڃري ۾ رکيل طوطن ڏانهن ڏٺو.
    “هلو اندر ٿا هلون.” سردار صاحب ٻنهي کي چيو.
    شاهه صاحب به اندر وڃڻ لڳو ته عالي به مختلف پڃرن ۾ رکيل خوبصورت پکين کي ڏسندو اندر هليو ويو.
    سردار صاحب ۽ شاهه صاحب کي ته جانورن ۽ پکين تي ڳالهائڻ جو موضوع ملي ويو هو. عالي ٿوري دير ويهي انهن کان موڪلائي گهر هليو آيو.
    گهر آيو ته صفا ۽ مروه به اتي ويٺيون هيون، عالي هنن کي ڏسي ڪجهه حيران ٿيو ڇو ته اهي ان وقت هيڏانهن نه اينديون هيون.
    “فڪر نه ڪريو. اڄ توهان وٽ پڙهڻ ڪونه آئي آهيان. امان سائڻ حويلي ۾ نه هئي، انڪري موقعي جو فائدو وٺي هيڏانهن هليون آيون سين.” مروه عالي جي منهن جا تاثر ڏسي هن کي ٻڌايو.
    “مون اوهان کان پڇيو؟” عالي مروه کي چيو.
    “ها توهان دل ئي دل ۾ پڇيو.” مروه به جواب ڏنو.
    “چاچي جن ڪيڏانهن ويا آهن؟” عالي ڳالهه مٽائي، ڇو ته هن واقعي دل ۾ اهو ئي سوچيو پئي.
    “ماهه نور اميد سان آهي انڪري ان کي مرشدن جي ڳوٺ وٺي ويئي آهي دعا جي لاءِ.” زينب، عالي کي ٻڌايو.
    عالي کي خبر هئي ته خوشي هجي، ڏک، سڀ کان پهرين هتي مرشدن کي ياد ڪيو ويندو آهي. ڪنهن کي ڪا تڪليف هجي ته پوءِ به جيڪڏهن مرشد ان کي ڊاڪٽر ڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏيندا هئا تڏهن ئي ان لاءِ حويلي ۾ ڊاڪٽر کي گهرايو ويندو آ.
    “عالي توکي هاڻي موبائيل فون وٺڻ گهرجي.” زينب، عالي کي چيو.
    “ڇو؟” عاليءَ يڪدم پڇيو.
    “توکي ڪيڏانهن اچڻ وڃڻ ۾ دير ٿي ٿئي ته پوءِ پريشاني نه ٿيندي نه. نئين حويلي جي فون تان توڏي فون ڪري پڇي وٺنداسين.” زينب چيو.
    “ها پوءِ اگر فون رسيوِ نه ڪيان ته اوهان ويتر پريشان ٿي وڃون.” عالي لائبرري ڏانهن ويندي چيو.
    “آپا صحيح پئي چوي عالي.” شهلا به چيو.
    “ٺيڪ آهي ان ڳالهه کي ڏسنداسين.” عالي ائين چئي لائبرري هليو ويو. لائبرري ۾ هڪ شيلف ۾ مؤمن جون پراڻيون ڊائريون رکيل هونديون هيون. عالي هميشه سوچيندو هو ته ماءُ کان ان شيلف جون چاٻيون وٺي. انهن کي ڏسي عالي واپس شهلا وٽ آيو.
    “امي مون کي بابا سائين جن جي بُڪ شيلف جون چاٻيون گهرجن.”
    “عالي ٻي ڪنهن جي ڊائري نه پڙهبي آهي.” شهلا سمجهي وئي ته عالي کي پنهنجي پيءُ جي ڊائري پڙهڻي هئي .
    “پوءِ توهان سنڀالي ڇو رکيون آهن؟”
    “بس توهان جي بابا سائين جي ٻين نشانين سان گڏ اهي به سنڀالي رکيون آهن.” شهلا چيو.
    “امي سڀ ڪجهه ته مون کي خبر آهي، اهي پڙهڻ سان ڇا ٿيندو، پليز ڏيو نه چاٻيون.” عالي التجا ڪئي.
    شهلا عالي کي چاٻيون آڻي ڏنيون.
    “ٿينڪ يُو امي.” عالي، ماءُ کان چاٻيون وٺندي چيو.
    مؤمن کي ڊائري لکڻ جي تمام گهڻي عادت هئي. ان جي شيلف ۾، ڊائريون پيون هيون، جن جي وچ ۾ زينب جا مؤمن ڏي لکيل خط به پيا هئا. سڀ کان پهرين عالي اها ڊائري کنئي جيڪا مؤمن پهريون دفعو لکي هئي. ڊائري جي پهرين صفحي تي مؤمن جو نالو ايڊريس ۽ ڪلاس لکيل هو. اها تڏهن جي ڊائري هئي جڏهن هو مئٽرڪ ۾ هو. عالي ڊائري پڙهڻ شروع ڪئي.
    ..........................


    15

    عالي جي برٿ ڊي هئي ۽ صفا کيس ڪو گفٽ ڏيڻ پئي چاهي. هن کي خبر هئي ته هو پنهنجي برٿ ڊي سيليبريٽ نه ڪندو آهي تنهن هوندي به شهلا چاچِي ۽ جيجي زينب هن لاءِ ان ڏينهن ته ڪجهه نه ڪجهه ٺاهينديون هيون. صفا به هن لاءِ ڪجهه خاص ڪرڻ جو سوچي رهي هئي.
    گفٽ گهرائڻ لاءِ هن کي ڪنهن نه ڪنهن جي مدد ته وٺڻي هئي، انڪري هن شاهمير سان ڳالهه ڪئي. جيڪو ان ڪم لاءِ فوراً راضي ٿي ويو.
    شاهمير کيس هڪ گهڙي، پرفيوم ۽ هڪ ننڍڙو شوپيس آڻي ڏنو.
    آچر واري ڏينهن عالي جي سالگرهـه هئي. دُربيبي به ماهه نور سان گڏ مرشدن جي ڳوٺ ويل هئي سو صفا گفٽ پيڪ ڪري پراڻي حويلي کڻي آئي.
    اتي آئي ته زينب جيجي ۽ شهلا به عالي جي برٿ ڊي جي حوالي سان تياري ڪري رهيون هيون جيڪا هُنن شام جو ملهائڻ جو سوچيو هو. عالي گهر ۾ نه هو انڪري صفا گفٽ پنهنجي رئي جي پلو ۾ لڪائي مروه ۽ سيرت سان گڏ اچي ويٺي.
    ٿوري ئي دير ۾ عالي گهر آيو پر مروه سان ٿوري ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان پوءِ اسٽڊي روم ڏانهن هليو ويو. وري واپس آيو ته شهلا چاچي کان مؤمن جون ڊائريز پڙهڻ لاءِ انهن جي لاڪر جون چاٻيون وٺي وري واپس هليو ويو.
    صفا کي همت ئي نه پئي ٿي ته هوءَ عالي کي گفٽ ڏيئي سگهي. پنهنجي جڳهه تي ويٺي ڪافي دير کان اهو ئي سوچي رهي هئي ته عالي کي گفٽ ڪيئن ڏي. هوءَ اتي ويٺي ته هئي پر هن جو ذهن، اندر عالي وٽ هو.
    گهڻي دير گذرڻ کان پوءِ عالي ٻاهر آيو ته صفا دل ئي دل ۾ شڪر ادا ڪيو. عالي هن ڏانهن نهارڻ بنا ئي سامهون ويٺل شهلا ڏانهن اڳتي وڌيو.
    هو شهلا کي ڪراچي واپس وڃڻ لاءِ چئي رهيو هو.
    هي اوچتي عالي کي ڇا ٿي ويو! صفا کي ائين لڳو ڄڻ هن جي دل ڪنهن زور سان پنهنجي مُٺ ۾ بند ڪري ڇڏي هجي.
    صفا پهريون دفعو عالي کي ايتري ڪاوڙ ۾ ڏٺو هو. منهن سان گڏ سندس اکيون به ڳاڙهيون ٿي ويون هيس، پر سندس اکين جي ڪنڊن مان ڏک جي شدت به ليئا پائي رهي هئي. هُن جي اکين ۾ غم ۽ غصي جي شدت ڏسي صفا جو روح بي چين ٿيڻ لڳو. کيس جيئن ئي صفا ۽ مروه جي موجودگيءَ جو احساس ٿيو ته هو پنهنجي ڪمري ڏانهن هليو ويو.
    پر صفا جي دل ۾ طوفان مچي ويو. آخر اهڙو ڇا لکيل هو مؤمن چاچا جي ڊائريءَ ۾ جو عالي اهو فيصلو ڪيو. ان اڻ تڻ ۾ صفا پنهنجي گهر ته آئي پر هن کي هڪ گهڙي لاءِ به سک نه پئي آيو. هن جي دل کان ڄڻ ڌڙڪڻ ئي وسري ويو. کيس لڳو ته هوءَ صبح جو اُٿندي ته پراڻي حويلي ۾ ڪوئي به نه هوندو.
    ......................


    “زندگي جڏهن تلخ حقيقتن تان پردو کڻندي آهي ته ان جو ڀيانڪ روپ سامهون اچي ويندو آهي. گهڙي کن لاءِ پنهـنجو ئي وجود دنيا ۾ بي معنيٰ لڳندو آهي.”
    ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ عالي لاءِ ايترو مشڪل نه هو ڇو ته ان حقيقت جون ڪجهه جهلڪيون ته هو ننڊپڻ کان ڏسندو پئي آيو. پر پوءِ به هو پنهـنجو پاڻ کي تسلي ڏيندو هو ته ائين نه هوندو. سردار صاحب جي اصليت ڄاڻڻ کان پوءِ هن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته هو ڇا ڪري؟ هن وقت تائين هو ائين ئي سمجهندو هو ته الله تعاليٰ واقعي هن کي هتي ڪنهن مقصد لاءِ موڪليو آهي ۽ هن کي ڪو چيلنج پورو ڪرڻو آهي پر اڄ هن کان اهي سڀ ڳالهيون وسري ويون. کيس هي گهر، هتان جا ماڻهو ۽ هن ڳوٺ کان ئي نفرت ٿيڻ لڳي. هن اُتي بيٺي ئي هڪ فيصلو ڪيو ۽ تڪڙو لائبرري مان ٻاهر نڪتو.
    هو لائبرري مان نڪتو ته تقريباً شام ٿي چڪي هئي.هو سڌو شهلا وٽ آيو.
    “امي اسان هي ڳوٺ ڇڏي واپس هلي رهيا آهيون.” هن شهلا کي چيو.
    عالي جي ڳالهه ٻڌي سڀئي عالي ڏانهن ڏسڻ لڳيون ۽ سڀني تي حيرت طاري ٿي ويئي.
    “توهان تياري ڪيو مان هلڻ جو بندوبست ٿو ڪيان.” عالي وڌيڪ چيو.
    شهلا، زينب ڏانهن ڏٺو.
    “عالي مون کي خبر ناهي ته تون ادا مؤمن جي ڊائري ۾ ڇا پڙهيو آهي پر ڪوئي به فيصلو ايڏي جذبات ۾ نه ڪبو آهي.” زينب پنهنجي جڳهه تان اٿي عالي ڏانهن آئي.
    “مون کي خبر ناهي ته اهيو فيصلو غلط آهي يا صحيح پر اسان هتان وڃي رهيا آهيون.” عالي ڪاوڙ تي ضبط ڪندي ماءُ ڏانهن ڏٺو.
    شهلا هن جي ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ سرخ ٿيل اکين ڏانهن ڏسي ڊڄي ويئي.
    “عالي پليز هتان نه وڃو.” مروه پنهنجي جڳهه تان اٿي اچي عالي جو هٿ پڪڙي چيو.
    عالي هنن کي هتي ڏسي وڌيڪ ڪجهه نه ڳالهايو. هن ڪاوڙ ۾ مروه جو هٿ پنهنجي هٿ مان ڇڏائي پنهنجي ڪمري ڏانهن هليو ويو.
    هن جي لوندڙين ۾ سور جون شديد لهرون اڀري رهيون هيون هو اتي ئي بيڊ تي ليٽي پيو.
    “عالي.” ٿوري دير ۾ زينب هن ڏانهن آئي ۽ هن جي پيشاني تي آيل وارن کي هٽائيندي هن کي سڏ ڪيو.
    “پُڦو، پليز مون کي سمجهائڻ جي ڪوشش نه ڪجو. مان پنهنجي پيءُ جي قاتلن جي وچ ۾ نٿو رهڻ چاهيان نه ئي وڌيڪ هن ماحول جو حصو بڻجڻ چاهيان ٿو.” عالي بيڊ تان هيٺ لهڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “ڇا تون پنهنجي پيءُ جي دولت ائين غلط هٿن ۾ ڏيئي پنهـنجي پيءُ وانگر پاڻ تي بزدليءَ جو ٺپو لڳرائي هليو ويندين؟” زينب، عالي جي ڪلهي تي هٿ رکي کيس پنهنجي ڀرسان ويهاريو.
    “مون کي نه کپي اها دولت نه ئي وري مون کي ڪو شوق آهي پاڻ کي بهادر سڏرائڻ جو.” عالي لاپرواهيءَ مان چيو.
    “توکي خبر آهي سردار صاحب مؤمن کي مارائڻ نه پيو چاهي. مؤمن کي جيڪا گولي لڳي هئي سا شهلا لاءِ هلائي ويئي هئي ۽ هاڻي جيڪڏهن تون هتان هليو ويندين ته شهلا سان گڏ سيرت کي مارائڻ به هنن لاءِ ڪو مسئلو نه هوندو.” زينب چيو.
    “مان پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ جي حفاظت ڪري سگهان ٿو.” عالي پُڦي ڏانهن ڏک ۽ ڪاوڙ منجهان نهاريو.
    “انهن جي حفاظت ته مؤمن به ڪري سگهيو ٿي تڏهن ئي ته هن انهن تان پنهنجي جان به قربان ڪري ڇڏي. جيڪڏهن توکي به قربان ڪيو ويو ته پوءِ انهن ٻنهـي جو ڇا ٿيندو؟” زينب به ڏُکاري ٿي ويئي .
    “ضروري ناهي ته هر دفعي ائين ٿي.” عالي پنهنجي ضد تان لهڻ لاءِ تيار نه هو.
    “ايڏي ظلم جي داستان پڙهي به توکي اندازو ناهي ته هي ڇا ڇا ڪري سگهن ٿا.” زينب بيوسيءَ مان پڇيو.
    “توهان کي انهن ڳالهين جي خبر هئي، تڏهن به توهان بابا کي خبردار نه ڪيو.” عالي زينب کي ميار ڏني.
    “مون کي ڪا خبر نه هئي اهي سڀ ڳالهيون، مؤمن جي قتل کان پوءِ منهـنجي ۽ شهلا جي سامهون آيون. عالي مون کي اڳي اها خبر هجي هان ته ڇا مان ائين ٿيڻ ڏيان هان؟” زينب هن ڏانهن افسوس مان نهاريندي پڇيو.
    “مان ڇا ڪيان پڦو، بابا سائين جون ڊائريز پڙهڻ کان پوءِ مان هتي بلڪل به نٿو رهڻ چاهيان ۽ امي کي ته هتي به خطرو آهي نه؟” عالي روئندي زينب جي هنج ۾ منهـن رکي ڇڏيو.
    “مؤمن چوندو هو ته توهان کي ڪنهن قيمتي شيءِ جي چورائجي وڃڻ جو ڊپ هجي ته ان جي حفاظت چور کي ئي سونپي ڇڏيو. ان سان ٻه فائدا ٿيندا، هڪ ته ان چور ۾ ذميداري جو احساس پيدا ٿيندو ٻيو وري توهان جي شيءِ به محفوظ رهندي. انڪري ئي مان توهان کي هتي آڻڻ لاءِ شهلا کي به راضي ڪيو هو ۽ سردار صاحب کي جيڪڏهن شهلا کي ڪجهه ڪرڻو هجي ها ته هن مهل تائين ڪري ڇڏي ها.” زينب عالي جي وارن ۾ آڱريون ڦيريندي پيار ڪيو.
    عالي خاموشيءَ سان زينب جون ڳالهيون ٻڌندو رهيو.
    “شهلا جي حوالي سان اهي خدشا تون دل مان ڪڍي ڇڏ ۽ هتان وڃڻ جو ارادو في الحال وساري ڇڏ.” زينب کيس وري سمجهايو.
    ڊائري پڙهڻ سان عالي جي دل و دماغ ۾ جيڪو طوفان آيو هو سو ڪجهه ماٺيڻو ٿيو.
    “هلي آ هاڻي ٻاهر هلي ماني کائون.” زينب عالي کي اٿاريندي چيو.
    عالي زينب سان گڏ ٻاهر آيو.
    شهلا ۽ سيرت دسترخوان وڇائي ماني لڳائي.
    عالي دسترخوان تي اچي ويٺو ته هو پر ماني کائڻ تي هن جي دل نه پئي چئي. شهلا هن کي ماني کائڻ لاءِ چيو ته هو بي دليءَ سان ماني جا گرهـ ڀڃڻ لڳو.
    هڪ ڏينهـن ۾ ئي عالي بدليل لڳي رهيو هو. شهلا کي هن جي چهري تي وڌيڪ سنجيدگي نظر اچڻ لڳي.
    “پندرهن سالن جي عمر ۾ ئي هو هڪ ذميوار مرد لڳي رهيو هو. هن جي عمر اڃا انهن شين جي فڪر ڪرڻ جي ته نه هئي پر قسمت تي ماءُ جي دعائن جو به شايد اثر نٿو ٿئي.” شهلا، عالي ڏانهن ڏسندي سوچيو.
    هن عالي کي پنهنجي هٿ سان گرهه کارائي سندس پيشاني چُمي.
    عالي ماني کائي پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو.
    ٿوري ئي دير ۾ شهلا هن جي لاءِ کير کڻي آئي. عالي کي کير ڏيندي سندس ڀرسان اچي ويٺي.
    “عالي پٽ، توهان پريشان نه ٿيو، ايڏي وڏي آزمائش ته الله پاڪ پنهنجن پيارن ٻانهن کان وٺندو آهي نه.” شهلا، عالي کي ٻيهر اها ڳالهه ياد ڏياري.
    “امي مون کي لڳي ٿو ته مان ڪنهن ٻه واٽي تي اچي ويو آهيان. هڪ طرف بابا جو بدلو آ ته ٻي طرف ان جي شروع ڪيل مقصد کي پورو ڪرڻ جي خواهش.” عالي ماءُ کي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائيندي چيو.
    “عالي بدلي وٺڻ کان معاف ڪرڻ بهتر هوندو آهي، جيڪڏهن توهان ڪنهن کي معاف ٿا ڪيو ته پوءِ ان جو حساب ڪتاب توهان الله تي ڇڏي ڏيو. مون به معاف ڪرڻ کان پوءِ الله تي ڇڏي ڏنو آهي.” شهلا جي اکين ۾ اداسي جا پاڇا نمايان ٿي پيا هئا.
    “امي برداشت نٿو ٿي مون کان.” عالي تڙپندي چيو.
    “عالي منهنجو بابا اڪثر مون کي گوتم ٻڌ جو هي قول ٻڌائيندو هو ته، “تڪليف يقيني آ پر ان کي سهڻ اختياري آهي”، اهو ٻڌائڻ سان هو شايد مون کي اهو احساس ڏياريندو هو ته منهـنجي تڪليف کان ته هو واقف آهن پر ان تڪليف کي برداشت ڪرڻ صرف منهـنجي اختيار ۾ آهي. آءٌ سمجهان ٿي ته الله پاڪ منهنجي پٽ جي اندر پاڻ ئي تڪليف کي برداشت ڪرڻ جي اهڙي سگهه ڏني آهي جو هو ڪڏهن به ڪنهن مشڪل وقت ۾ نااميد ٿي پنهنجي مقصد تان هٿ نه کڻندو. ان لاءِ ئي ته منهنجي پٽ مون کي ايترين تڪليفن جي باوجود ڪڏهن نااميدي ظاهر نه ڪئي آهي.” شهلا هن کي پيار مان چيو.
    شهلا جي ڳالهه عالي جي دل جو ڪجهه وڌيڪ بار هلڪو ڪيو. هو اتي ئي ماءُ جي هنج ۾ سمهي پيو.
    ............................


    16

    سڄي رات هن جاڳي گذاري، فجر جي آذان آئي ته هوءَ نماز پڙهڻ کان اڳ ئي پراڻي حويلي ڏانهن ٺهيل گِرل وٽ اچي بيٺي. هن ڏٺو ته اڱڻ ۾ لڳل سِنڪ تي شهلا وضو ڪري رهي هئي. ۽ اندر هال ۾ به روشني هئي جتان زينب جيجي به ٻاهر اچي رهي هئي. پراڻي حويلي ۾ سڀني کي موجود ڏسي صفا الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيو ۽ پنهنجي ڪمري ۾ اچي نماز پڙهي.
    “آپا، عالي ۽ سيرت واپس هليا ويا؟” صفا جيئن ئي سلام ورايو ته مروه کانئس سوال ڪيو.
    “تون ڪيڏي مهل اٿي آهين؟” صفا هن جي سوال جو جواب ڏيڻ جي بدران هن کان سوال ڪيو.
    “مان هاڻي ئي اٿي آهيان. آپا مون خواب ۾ ڏٺو ته عالي وارا هتان وڃن پيا ۽ جيجي زينب به ساڻن گڏ ويئي پئي.”
    “تنهنجو خواب سچو ناهي مروه، هو اتي ئي آهن.” صفا مصلحي تان اٿي اچي ڀيڻ کي خوشيءَ مان ٻڌايو. سندس اکين ۾ جوت جاڳي پئي هئي.
    “آپا.” مروه صفا کي سڏ ڪيو.
    “جي.” صفا هن ڏانهن ڏٺو.
    “توهان عالي لاءِ جيڪو گفٽ ورتو هو، اهو ان کي ڇو نه ڏنو؟” مروه صفا کان پڇيو.
    “ڪهڙو گفٽ؟” صفا کي حيرت ٿي ته مروه کي گفٽ جي باري ۾ ڪيئن خبر پئي.
    “مون کي خبر آهي توهان عالي لاءِ گفٽ ورتو آهي پر ان کي ڏيئي نه سگهيا آهيو.” مروه مسڪرائيندي چيو.
    “عالي صحيح چوندو آ، تون ڏاڍي چالاڪ آهين مروه.” صفا به مسڪرايو.
    “مان ان کي توهان جي طرفان اهو گفٽ ڏيان؟” مروه جي اکين ۾ شرارت اڀري آئي.
    “ڪا ضرورت ناهي، مان پاڻ ئي ڏيئي ڇڏيندس، تون سمهه هاڻي.” صفا ائين چئي واپس مصلحي ڏانهن هلي ويئي. سندس گلابي ڳَل شرم وچان ويتر گلابي ٿي ويا .

    ..........................


    17

    عالي جي مئٽرڪ جي امتحان جو نتيجو اچي ويو، هن پهرين پوزيشن کنئي هئي. صفا نئين حويلي ۾ اخبار ۾ خبر پڙهي خوشيءَ ۾ جلدي جلدي وچون دروازو کولي پراڻي حويلي آئي، بي خبريءَ ۾ هن جا قدم عالي جي ڪمري ڏانهن کڄي آيا.
    اندر داخل ٿي ته عالي سامهون ئي بيٺو هو. هو شايد هاڻي ئي ننڊ مان اٿيو هو ۽ الماري مان ڪپڙا ڪڍي رهيو هو. عالي کي ڏسي هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هوءَ ڇا چوي.
    “ڇا ٿيو اڄ ڪا خاص خبر آهي ڇا اخبار ۾؟” عالي هن جي هٿ ۾ جهليل اخبار ڏسندي پڇيو.
    “ها.” صفا عالي جي نالي تي آڱر سان هن کي سندس نالو ڏيکاريو.
    عالي ڪجهه نه سمجهندي هن کان اخبار ورتي ۽ پڙهڻ لڳو.
    صفا هن کي اخبار ڏيئي ٻاهر هلي ويئي.
    اخبار پڙهندي ئي هن جي اکين ۾ بي اختيار پاڻي اچي ويو. هو سمجهي نه سگهيو ته هي ڳوڙها رزلٽ ڏسي خوشي ۾ ڪِريا يا رزلٽ ڏسڻ کان پوءِ پنهنجي پيءُ جو خيال اچڻ تي ڪِريا.
    شهلا ۽ زينب به واري واري سان ڪمري ۾ داخل ٿيون ۽ عالي کي مبارڪ ڏيڻ لڳيون. سڄو ڏينهن گهر ۾ ان خوشيءَ کي ملهايو ويو. شهلا ۽ زينب گهر ۾ ئي هن لاءِ مٺائي ٺاهي، صفا حويلي وڃي پسند جون شيون ٺاهيون.
    عالي جي ڪاميابي تي ڊاڪٽر الطاف به ڏاڍو خوش هو. هن عالي کي ٻي ڪنهن شهر جي سٺي ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ جو مشورو ڏنو پر عالي هن کي ٻڌايو ته هو ٻي ڪنهن شهر ۾ داخلا نٿو وٺي سگهي. اهو ٻڌي ڊاڪٽر الطاف هن کي هتي ئي رهي پڙهڻ لاءِ همٿايو.
    ڊاڪٽر صاحب به هاڻي ان شهر ۾ ئي رهندو هو سو روز ڪاليج کان پوءِ عالي هن وٽ اچي پڙهندو هو ۽ هن جي ڪلينڪ تي ڪم ڪندو هو. گهر واپس اچي هو سيرت ۽ مروه کي پڙهائيندو هو. هي ٻئي تمام گهڻي محنت ڪري رهيون هيون. عالي دل ئي دل ۾ سوچي ڇڏيو ته هو سيرت کي ضرور پڙهائيندو، چاهي ان لاءِ هن کي ڪجهه به ڪرڻو پوي.
    “سيرت تون پڙهائي پوري ڪري پوءِ ڇا ٿيڻ جو سوچيو آهي.” هڪ دفعي عالي پڙهائي جي دوران ئي هن کان ئي سوال ڪيو.
    “مان بابا سائين جن وانگر ليڪچرر ٿيندس.” سيرت به اڳي ئي اهو سوچي ڇڏيو هو انڪري ايڏو جلدي جواب ڏنائين.
    “مروه تون ڇا سوچيو آهي؟” سيرت وري مروه کان ساڳيو سوال ڪيو.
    “مان ته عالي وانگر ڊاڪٽر ٿيندس.” مروه به تڪڙو جواب ڏنو.
    “مان ڊاڪٽر ڪٿي ٿيو آهيان؟” عالي هن کان پڇيو.
    “توهان سوچيو ته اهو ئي آهي نه.” مروه چيو.
    “پوءِ ضروري آ ته جيڪو مان سوچيان تون به اهو سوچين پنهنجي لاءِ؟” عالي هن کان پڇيو.
    “ها مون کي ضروري لڳندو آهي.” مروه جواب ڏنو.
    “توهان جون ٻيون عادتون ته مان پاڻ ۾ نٿي وجهي سگهان پر جيڪو توهان ٿيڻ چاهيو ٿا اهو ته ڪري سگهان ٿي نه؟” مروه عالي کي خاموش ڏسي وضاحت ڏني.
    “ٺيڪ آهي، الله توکي ڪامياب ڪندو.” عالي پنهنجي جان ڇڏائڻ لاءِ چيو. هن کي خبر هئي ته مروه ويچاري جي خواهش دل ئي دل ۾ رهجي ويندي، پر هن دل سان تمنا ڪئي ته ڪاش هُن جي خواهش پوري ٿيئي.
    ..............................

    رات جو عالي اسٽڊي روم مان نڪري پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃي رهيو هو ته ڪنهن زور زور سان هال جو دروازو کڙڪايو هن گهڙيال ڏي ڏٺو رات جا ٻه ٿيا هئا. هن وقت ڪير هوندو، عالي اهو سوچيندو دروازو کولڻ ويو.
    “توهان هن وقت! سڀ خيريت آهي نه؟” عالي دروازي تي جميلا کي ڏسي پڇيو. ايتري ۾ زينب ۽ شهلا به آواز ٻڌي پنهنجن ڪمرن مان نڪري آيون.
    “جيجي ماهه نور کي ڏاڍي تڪليف ٿي ويئي آهي، حويلي جي دائي به اِتي ڪونهي ڪا. مان سوچيو توهان کي اطلاع ڪيان.” جميلا زينب ڏانهن اچي هن کي ٻڌايو.
    “پوءِ اڃا تائين ڊاڪٽرياڻي کي نه گهرايو اٿوَ؟” زينب هن کان پڇيو.
    “جيجي هاڻي سائين ميربل کيس شهر مان وٺڻ ويو آهي.” جميلا وراڻيو.
    “ڊاڪٽرياڻي کي وٺي اچڻ ۾ ٽائيم لڳي ويندو ان کان بهتر نه هو ته ماهه نور کي به وٺي وڃن هان؟” شهلا چيو.
    “هن گهر جي عورتن کي اسپتال نه وٺي ويندا آهن، انهن لاءِ ڊاڪٽر کي گهر وٺي ايندا آهن.” زينب چيو.
    “توهان سڀ اوڏانهن ته هلو، ٿي سگهي ٿو ڊاڪٽرياڻي اچي ويئي هجي.” عالي چيو.
    زينب ۽ شهلا نئين حويلي ۾ آيون، عالي به گهر جو دروازو صحيح طرح بند ڪري اوڏانهن ويو.
    سردار صاحب هيٺ هال ۾ ويٺو هو، هن جي ڀرسان ئي دُربيبي به ويٺي هئي. ماهه نور مٿي پنهنجي ماءُ وٽ هئي ڇو ته هن جو پهريون ٻار هو. هتان جي رواج موجب پهريون ٻار ڇوڪري پنهنجي ماءُ جي گهر ڄڻيندي آهي. هي سڀ مٿي آيا. ماهه نور تڪليف ۾ تڙپي رهي هئي. شهلا ماهه نور جي حالت ڏسي ڪجهه سوچيندي ڪمري کان ٻاهر آئي.
    عالي ۽ عرفات ڀرسان واري ڪمري ۾ ئي ويٺا هئا.
    “ڳوٺ مان ڪجهه دوائون ملي سگهنديون؟” شهلا عالي ۽ عرفات ڏانهن ڏسندي پڇيو.
    “ها ڳوٺ ۾ هڪ دڪاندار آهي، جيڪو پنهنجي دڪان تي دوائون به رکندو آهي.” عرفات ٻڌايو.
    “مان دوائون ٻڌايان ٿي، سِگهو وڃي آڻي ڏيو.”
    “پر امي توهان.” عالي ڪجهه چوڻ چاهيو.
    “هي وقت سوال جواب ڪرڻ جو ناهي، توهان جلدي وڃو.” شهلا عالي جي ڳالهه ڪٽيندي چيو.
    عالي، عرفات سان گڏجي هليو ويو.
    ڪمري ۾ درناز ماهه نور جي ڀرسان ويهي قرآن جي تلاوت ڪري رهي هئي.
    عرفات ۽ عالي به سِگهو واپس اچي ويا. هنن کي هڪ ڊرپ ۽ هڪ انجيڪشن ئي ملي، باقي ٻيون دوائون نه مليون. عالي توهان کي انجيڪشن ته لڳائڻ ايندي آهي، انڪري توهان ماهه نور کي ڊرپ لڳايو.
    عالي جلدي ۾ ماهه نور کي ڊرپ لڳائي. شهلا انجيڪشن به ڊرپ ۾ وڌي ۽ عالي کي ٻاهر موڪليو.
    اڃا ڪجهه دير ٿي ته دُربيبي به ٻاهر اچي ويئي.
    “هن وقت ڪيڏانهن ويا هيئو؟” دُربيبي عرفات کان پڇيو.
    “ڀاڄائي ميربل سان رابطو ٿيو توهان جو؟” زينب دُربيبي جو آواز ٻڌي جلدي ڪمري مان ٻاهر آئي ته جيئن هوءَ هن کي ڪمري ۾ وڃڻ کان روڪي سگهي.
    “ها هو شهر مان نڪتا آهن.” دُربيبي جواب ڏنو.
    ايتري ۾ اندران نئين ڄاول ٻار جي روئڻ جو آواز آيو.
    زينب جلدي ۾ ڪمري ڏانهن ڊوڙ پاتي. دُربيبي به حيران ٿيندي هن جي پويان ويئي.
    “مبارڪ هجئي ڀاڄائي پوٽو ڄائو اٿئي.” درناز ننڍڙي کي دُربيبي ڏانهن کڻي ايندي چيو.
    دُربيبي ماهه نور کي لڳل ڊرپ ۽ ان جي ڀرسان بيٺل شهلا کي ڏسي سڀ ڪجهه سمجهي ويئي.
    هن اڳتي وڌي درناز کان ٻارڙو ورتو ۽ ان کي به مبارڪ ڏنائين.
    عرفات جلدي هيٺ وڃي سردار صاحب کي به ٻڌايو. پوٽي جي خوشخبري ٻڌي هن ان وقت ئي اتي بيٺل نوڪرياڻين ۾ پئسا ورهايا.
    ايتري ۾ ميربل ڊاڪٽرياڻي کي وٺي حويلي پهتو. هوءَ مٿي آئي ته زينب هن سان ٻار ڄمڻ جي ڳالهه ڪئي.
    ڊاڪٽرياڻي شهلا جي همت کي ساراهيو.
    “جهڙي حالت ماهه نور جي هئي، ان ۾ جيڪڏهن شهلا نه هجي هان ته ماءُ ۽ ٻار ٻنهـي کي خطرو هو.” ڊاڪٽرياڻي ماهه نور ۽ ٻار جو معائنو ڪرڻ کان پوءِ هنن کي ٻڌايو.
    شهلا، زينب ۽ عالي سان گڏ پراڻي حويلي آئي.
    “امي توهان کي نٿو لڳي ته توهان اڄ خطرناڪ رسڪ کنيو هو.” حويلي ۾ داخل ٿيندي عالي ماءُ کي چيو.
    “مون کان ماهه نور جي حالت ڏٺي نه پئي ٿي. ان وقت مون کي اهو ئي صحيح لڳو.” شهلا کيس جواب ڏنو.
    “مون کي اڄ خبر پئي آهي ته منهـنجي ماءُ ڪيتري بهادر آهي.” عالي ماءُ کي ساراهڻ کان بنا رهي نه سگهيو.
    “مهرباني.” هاڻي وڃي آرام ڪريو. شهلا هن کي ائين چئي ڪمري ۾ هلي ويئي.
    زينب ۽ عالي به پنهـنجن پنهـنجن ڪمرن ڏانهن ويا.


    18

    عالي جو فرسٽ ائير جو رزلٽ به پوئين دفعي وانگر سٺو آيو. ڊاڪٽر الطاف کيس پاڻ کان سينئر شاگردن سان ملرايو جيڪي مختلف ميڊيڪل ڪاليجن ۾ وڃڻ جي تياري ڪري رهيا هئا. هي به هاڻي کان ئي انهن سان گڏ تياري ڪرڻ لڳو. ڪاليج کان پوءِ هو انهن سان گڏ لائبرري ۾ ويهي پڙهندو هو.
    “شهلا! عالي جي پڙهائي ۾ ايڏي دلچسپي ڏسي خوشي ته ٿيندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن مان ڊڄي به ويندي آهيان.” هڪ ڏينهن زينب شهلا سان پنهنجي دل جو کٽڪو بيان ڪيو.
    “آپا ڊڄي ته مان به ويندي آهيان، پر بس هر وقت اها دعا ڪندي آهيان ته الله سائين هن جا رستا آسان ڪري.” شهلا چيو.
    “آمين.” زينب چيو.
    “السلام عليڪم.” ماهه نور هال ۾ داخل ٿيندي سلام ڪيو.
    شهلا ۽ زينب هن جي سلام جو جواب ڏنو ۽ تپاڪ سان هن سان مليون. هوءَ شادي کان پوءِ پهريون دفعو هيڏانهن آئي هئي.
    زينب به هن کي پيار ڪري ننڍڙي بالاچ کي هن کان ورتو.
    “اڄ وڏا ماڻهو اسان ڏانهن ڪيئن ڀُليا آهن.” سيرت به پنهنجي ڪمري مان نڪري اچي ماه نور سان ملي.
    “مس مس ته ماهه نور آئي آهي، هن کي تنگ نه ڪيو سيرت.” شهلا، سيرت کي چيو.
    “ها تڏهن ئي چوانس پئي.” سيرت، زينب کان بالاچ کي وٺندي چيو.
    “السلام عليڪم.” عالي اندر اچي سڀني کي سلام ڪيو.
    “وعليڪم السلام .... لالا ڏسو اڄ ڪير آيو آهي.” سيرت، ڀاءُ جي سلام جو جواب ڏيئي هن کي خوشيءَ مان ٻڌايو.
    “ڪيئن آهيو آپا؟” عالي ماهه نور کي ڏسي هن کان پڇيو.
    “مان ٺيڪ آهيان. تون ڪيئن آهين ۽ تنهنجي پڙهائي ڪيئن پئي هلي؟” ماهه نور، عالي کان پڇيو.
    “ٻئي ٺيڪ پيا هلون.” عالي سيرت کان بالاچ کي وٺندي چيو.
    “آپا بالاچ جي طبيعت صحيح آهي؟” عالي هن کي کڻندي ئي ماهه نور کان پڇيو.
    “ها بس ٿورو بخار اٿس.” ماهه نور جواب ڏنو.
    “ڊاڪٽر کي ڏيکاريو اٿوَ؟” عالي پڇيو.
    “نه اڃا.” ماهه نور وراڻيو.
    “مون کي به ٿورو ڪمزور پيو لڳي اڄ.” زينب به چيو.
    “ها ڏسو نه جيجي خير سان ڏيڍ سال جو ٿي ويو آهي پر صحت مان هڪ سال جو به نٿو لڳي. مان ته هن جي خوراڪ جو به ڏاڍو خيال ٿي رکان پوءِ به.” ماهه نور چيو.
    “ائين ٿيندو آهي، ڪنهن ٻار جي هاٺي ئي اهڙي هوندي، وڏڙو ٿيندو ته پاڻ ئي صحيح ٿي ويندو.” زينب ماهه نور کي دلجاءِ ڏني.
    “پوءِ به آپا ادا ميربل کي ضرور چئجو ته هن کي ڪنهن سٺي ڊاڪٽر کي ڏيکاري.” عالي بالاچ جي هٿن پيرن ۽ اکين کي تپاسيو.
    بالاچ کي ڏسي عالي جي دماغ ۾ هڪ خدشو پيدا ٿيو، پر هن ان ڳالهه جو ذڪر ڪنهن سان نه ڪيو.
    ماهه نور گهر واپس آئي ته هن کان عالي جي چيل ڳالهه وسري ويئي پر ڪجهه ئي ڏينهـن ۾ هن بالاچ جي چهري جي پيلاڻ ۽ اکين جي اڇاڻ محسوس ڪئي. ميربل آيو ته هن ان سان ذڪر ڪيو ۽ ان کي عالي جو نياپو به ڏنو.
    ميربل به اها ڳالهه محسوس ڪئي. هو ٻي ڏينهـن ئي بالاچ کي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي ويو.
    ڊاڪٽر، بالاچ جو معائنو ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه رپورٽون لکي ڏنيون. ميربل ان جون رپورٽون ڪرائي ڊاڪٽر ڏانهن کڻي آيو.
    “مسٽر ميربل! توهان جي مسز رشتي ۾ توهان جي ڇا ٿئي؟” ڊاڪٽر ميربل کان پڇيو.
    “اها منهـنجي پڦاٽ آهي.” ميربل ٻڌايو.
    “توهان جي پٽ کي ٿيليسيميا جي بيماري آهي.” ڊاڪٽر ميربل کي چيو.
    “اها ڪهڙي بيماري آهي؟” ميربل هن بيماري جو نالو اڳ ۾ ڪڏهن به نه ٻڌو هو انڪري ڊاڪٽر کان پڇائين.
    “هي رت جي بيماري آهي جنهن ۾ ٻار جو رت نه ٺهندو آهي. ان لاءِ ان کي هر مهيني رت جون ٿيلهيون لڳنديون آهن.” ڊاڪٽر صاحب ميربل کي آسان ٻوليءَ ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “منهنجو پٽ ٺيڪ ته ٿي ويندو نه؟” ميربل پريشاني مان پڇيو.
    “ها توهان کي هن جو علاج سٺي نموني ڪرائڻ گهرجي پر هن جو علاج هاڻي تيستائين هلندو جيستائين هي زندهه هوندو.” ڊاڪٽر هن کي پريشان ڏسي وڌيڪ تفصيل نه ٻڌائي.
    ميربل پنهنجي معصوم پٽ ڏانهن بيحد ڏک منجهان ڏٺو.
    “سائين ان علاج لاءِ توهان سٺي ۾ سٺي اسپتال ٻڌايو. مان پنهنجي پٽ جو اتان ئي علاج ڪرائيندم.” ميربل ڏک ۽ پريشاني مان چيو.
    “ڪراچي ۽ لاهور ۾ ان علاج لاءِ سٺا سينٽر آهن جتي توهان جي پٽ جو سٺي نموني علاج ٿي سگهي ٿو.” ڊاڪٽر هن کي ٻڌايو ۽ ڪراچي وڃي ڪجهه ڊاڪٽرن سان ملڻ جو مشورو ڏنو.
    “توهان جي مهرباني.” ميربل، ڊاڪٽر کان موڪلائيندي هن سان هٿ ملايو.
    ميربل اهڙي ڏکاري خبر ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو. ڳوٺ ڏانهن ايندي هو سڄي واٽ بالاچ کي ائين ڪڇ ۾ کڻي ويٺو هو ڄڻ ڪوئي ان کي هن کان ڦري رهيو هجي.
    “عالي کي خبر هئي ته ميربل اڄ بالاچ کي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي ويو هو. هي ان جي طبيعت پڇڻ جي ارادي سان نئين حويلي ڏانهن آيو.
    “اڄڪلهه جي ماين جي خبر ئي نٿي پوي ٻارن کي اڃا ڪجهه ٿيو مس آهي ته انهن کي مڙسن جي حوالي ٿيون ڪري ڇڏين. اسان ته پنهنجي ٻارن کي ان وقت ئي مرشدن ڏانهن کڻي ويندا هئاسين. جن جي دعا سان ان وقت ئي ٻار ٺيڪ ٿي ويندو هو.”
    دُربيبي هال ۾ ويٺي تيز آواز ۾ شاهه بي بي سان سرٻاٽ ڪري رهي هئي.
    “ادا ميربل اچي ويو؟” سلام ڪرڻ کان پوءِ عالي ماهه نور کان پڇيو.
    “نه اڃا نه آيا آهن.” ماهه نور ٻڌايو.
    ايتري ۾ ميربل جي گاڏيءَ جو آواز آيو ته عالي ٻاهر نڪري آيو.
    حويلي جي اندرين دروازي وٽ عالي کي ميربل مليو.
    “ادا خير ته آهي، دير ڪيوَ؟” ميربل جي چهري تي پريشاني ڏسي عالي هن کان پڇيو.
    ميربل هٿ ۾ پڪڙيل رپورٽون عالي کي ڏيئي اندر هليو ويو.
    عالي صبح کان ئي دعائون ڪيون هيون ته هن جا خدشا غلط ثابت ٿين پر ائين نه ٿي سگهيو. عالي رپورٽون پڙهي ڪجهه دير اتي ئي بيٺو رهيو. هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ميربل کي ڪيئن دلاسو ڏي.
    ماهه نور بيڊ تي ويٺي بالاچ جا ڪپڙا بدلائي رهي هئي. عالي ميربل جي ڀرسان اچي ويٺو.
    “ادا ان بيماريءَ جو علاج آهي، توهان بالاچ کي ڪراچي کڻي وڃو، اتي سٺا ڊاڪٽر آهن. ڊاڪٽر الطاف کان مان توهان کي ڪنهن سٺي ڊاڪٽر جو ڏس وٺي ڏيان ٿو.” عالي، ميربل کي چيو.
    بيماري جي ڳالهه ٻڌي ماهه نور جو ڌيان به هنن ڏانهن ڇڪجي ويو.
    “مان اڄ ئي بابا سائين سان ڳالهه ٿو ڪيان.” ميربل چيو.
    عالي اتان اٿي پراڻي حويلي ڏانهن ويو.
    عالي پراڻي حويلي اچي زينب ۽ شهلا سان بالاچ جي بيماري جو ذڪر نه ڪيو، پر شام جو مروه هنن وٽ آئي، ته کين اها ڳالهه ٻڌايائين.
    “عالي تون ته بالاچ جي بيماري جي ڳالهه ئي نه ڪئي، اسان سان؟” زينب، عالي کي اڱڻ ۾ ايندي ڏٺو ته پڇيو.
    “بس مون سوچيو اوهان سڀ پريشان ٿي وينديون ۽ ان وقت ئي ماهه نور ڏانهن هليون وينديون. هوءَ اڳي ئي پريشان هئي اوهان کي ڏسي ويتر پريشان ٿي وڃي هان.” عالي جواب ڏنو.
    “عالي اها بيماري ڇو ٿيندي آهي؟” مروه پنهنجي ذهن ۾ آيل سوال پڇيو.
    “اها هڪ موروثي بيماري آهي. جيڪا ماءُ پيءُ ٻنهـي مان ڪنهن تي ٿورو به اگر مائينر ٿيليسيميا جو اثر هوندو ته اهو انهن جي اولاد تي ٿيندو، جنهن کي ميجر ٿيليسيميا چئبو آهي.” عالي هن کي تفصيل سان ٻڌايو.
    “پوءِ هاڻي بالاچ جو ڇا ٿيندو؟” مروه پڇيو.
    “هن بيماري ۾ ماڻهو جي جسم ۾ رت نه ٺهندو آهي ۽ ان کي وقتن بوقتن رت جي ضرورت پوندي آهي. انڪري هاڻي بالاچ کي به ٿوري وقت کان پوءِ رت ڏنو ويندو.” عالي هنن کي وڌيڪ سمجهايو.
    “پوءِ ادا ميربل جا ٻيا ٻار به ائين ئي هوندا؟” سيرت ڪجهه سوچيندي سوال ڪيو.
    “شايد ها، ان لاءِ ئي ڊاڪٽرن جو مشورو هوندو آهي ته شادي کان پهرين ٿيل بلڊ ٽيسٽ ڪرائڻ انتهائي ضروري آهي ۽ حمل جي دوران به بلڊ گروپ چيڪ ڪرائي سگهجي ٿو پر اسان وٽ اڃا انهن ڳالهين جو شعور ڪونهـي، ان لاءِ اها بيماري هاڻي ٻارن ۾ وڌندي پئي وڃي.” عالي پنهنجي ڄاڻ مطابق هنن کي اُن بيماريءَ جي باري ۾ ٻڌايو.
    “مطلب بالاچ هميشه علاج هيٺ ئي رهندو؟” زينب به عالي جون ڳالهيون غور سان ٻڌي رهي هئي.
    “ها پُڦو، ۽ ان بيماري وارا ٻار وڌ ۾ وڌ 25 سالن جي ڄمار ماڻي سگهندا آهن.” عالي افسوس مان چيو.
    “پر ان ڳالهه جو ذڪر ڪوئي به ماهه نور يا ادا ميربل سان نه ڪري.” عالي سڀني کي خاموش ڏسي چيو.
    سڀني کي ماهه نور ۽ ميربل جي تڪليف جو احساس هو. سڀئي خاموش رهيا ۽ سڀني جي اڳيان ننڍڙي بالاچ جو معصوم چهرو اچڻ لڳو.
    ميربل سردار صاحب سان سڄي ڳالهه ڪئي. سردار صاحب ڳالهه ٻڌي فڪرمند ٿيو.
    “ٺيڪ آ تون ماهه نور کي وٺي ڪراچي هليو وڃ.” سردار صاحب چيو.
    “ماهه نور ڇو؟” ڀرسان ويٺل دُربيبي چيو.
    “خبر ناهي هن کي ڪيترا ڏينهـن لڳن، بالاچ ماءُ کان بنا ڪيئن رهندو.” سردار صاحب چيو.
    “مان پنهنجي ننهـن کي اڪيلي نه ڇڏينديس. مان به ان سان گڏ وينديس.” دُربيبي چيو.
    “ٺيڪ آهي، ڪا ملازمه به تيار ڪر ۽ سڀاڻي ئي ڪراچي هليا وڃو، مان ملازمن کي فون ڪري اُتان واري بنگلي جي صفائيءَ جو چوان ٿو.” سردار صاحب چيو.

    “خبر ناهي منهـنجي گهر تي ڪهڙي بدنصيب جو پاڇو پئجي ويو.” ٻي ڏينهن زينب ۽ شهلا ماهه نور کان موڪلائڻ آيون ته انهن کي ڏسي دُربيبي چيو.
    ميربل هنن کي وٺي ڪراچيءَ لاءِ روانو ٿيو.
    عالي ڊاڪٽر الطاف سان رابطو ڪري هنن کي اتان جي هڪ سٺي ڊاڪٽر جو نمبر وٺي ڏنو.
    ڪراچي پهچي ميربل ٻي ڏينهـن ئي بالاچ کي ان ڊاڪٽر وٽ کڻي ويو. جنهن هن کي ان بيماريءَ جي باري ۾ وڌيڪ ٻڌايو ۽ علاج شروع ڪيو.
    ............................


    19

    شاهمير جي ڪاليج جون موڪلون هيون. ميربل جي غيرموجودگي ۾ سردار صاحب هن کي حڪم ڏيئي ڇڏيو ته هو اوطاق تي ويهي. ايترن ڏينهـن کان هو آيل هو، پر هڪ دفعو به عالي سان نه ملي سگهيو هو. اڄ سردار صاحب به اوطاق تي ئي هو انڪري هي ان کان اجازت وٺي اوطاق مان نڪري سڌو پراڻي حويلي آيو.
    “سردار صاحب! توهان جي قيمتي وقت مان ٿورو وقت اسان کي ملي سگهي ٿو؟”
    شاهمير خاموشيءَ سان اسٽڊي روم ۾ داخل ٿي عالي جي ڀرسان ايندي چيو.
    “اڄ ڀلا هتي ڪيئن؟” عالي هن کي اتي ڏسندي چيو.
    “بس يار اڄ مس وڃي اوطاق مان نڪرڻ ٿيو آهي.” شاهمير ڪرسي تي ويهندي چيو.
    “مزو آيئي، پاڻ کي سردار صاحب سڏائيندي.” عالي ڪتاب بند ڪري هن ڏانهن ڏٺو.
    “نه يار ڪهڙو مزو سڄو ڏينهن عجيب و غريب قصا ٻڌي ٻڌي بيزار ٿي ويس. هاڻي ڪجهه رحم ڪر مون تي ۽ ٻاهر هل.” شاهمير معصوم شڪل ٺاهيندي ڏانهس ڏٺو.
    “هاڻي مهرباني ڪري انڪار نه ڪجانءِ.” شاهمير، عالي کي خاموش ڏسي چيو.
    “هل هلون ٿا.” عالي ٽيبل تان پنهنجي موبائل کڻي ڪرسيءَ تان اُٿيو.
    “مهرباني سائين.” شاهمير به اٿيو.
    “امي مان ٿوري دير ۾ اچان ٿو.” عالي، شهلا کي ٻڌائڻ لاءِ ان جي ڪمري ۾ ويو.
    “ڪيڏانهن ٿا وڃو پٽ؟” شهلا پڇيو
    “مامي شهر ۾ ڪم آهي ٿورو، ڪجهه سامان وٺڻو آهي.” شاهمير به شهلا جي ڪمري ۾ ويو ۽ کيس ٻڌايائين
    “ٺيڪ آهي پر سويٽر وغيره ته پائي وڃو، ايترو سيءُ آهي.” شهلا جلدي ۾ وڃي عالي جي ڪمري مان ٻنهي ڄڻن لاءِ سويٽر کڻي آئي.
    “ڪاش منهنجي ماءُ به توهان جهڙي ڪيئرنگ هجي ها.” شاهمير سويٽر پائيندي شهلا کي چيو.
    “هل هاڻي جلدي ڪر، ناشڪرا انسان.” عالي شاهمير کي هلڻ جو چئي ٻاهر وڃڻ لڳو ته هو به سندس پويان آيو.
    شاهمير کي بائيڪ هلائڻ سٺي لڳندي هئي، انڪري هن ڪمدار کان سندس بائيڪ جون چاٻيون ورتيون. ٻئي ڄڻا ان بائيڪ تي شهر ويا.
    “اڄ آخري دفعو اٿئي، هاڻي جيستائين منهـنجي ڪٿي داخلا نه ٿي وڃي، تيستائين رلڻ جو پروگرام نه ٺاهجان.” عالي هن جي پويان بائيڪ تي ويهندي چيو.
    “حاضر ڊاڪٽر صاحب!” شاهمير پنهنجي سيني تي هڪ هٿ رکي فرمانبرداري مان وراڻيو.
    شاهمير ڳوٺ واري هوٽل تي اچي بائيڪ بيهاري.
    “اڄ به هتي بيهڻ ضروري هو، شهر هلون پيا ته اتي ڪٿي چانهه پي ڇڏين ها نه”، عالي بائيڪ تان لهندي شاهمير ڏانهن ڪاوڙ مان ڏٺو.
    “ها، هتان کان ئي ته اسان جون يادون شروع ٿيون ٿين.” شاهمير شاهاڻي انداز ۾ ڪرسيءَ تي ويهندي چيو.
    هوٽل جو مالڪ پاڻ اٿي هنن وٽ آيو.
    “اڄ ڀلا تون به اڌ ڪوپ پي ڏس.” شاهمير، عالي کي چيو.
    “مهرباني، تون ئي پي.” عالي چيو.
    “سائين ايڏن ڏينهـن کان پوءِ اسان ڏانهن آيا آهيو.” هوٽل واري هنن کي چيو.
    “بس چاچا، سردار صاحب جن مصروف ٿي ويا آهن.” شاهمير عالي ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
    “سائين! مون توهان جي ڪري هوٽل تي هاڻي ڪافي ٺاهڻ به شروع ڪري ڇڏي آ، يڪو توهان جو انتظار هوندو هو ته توهان اچو ته توهان کي به پياريان.” هوٽل واري عالي کي خوشيءَ مان ٻڌايو.
    “اڇا اها ته سٺي ڳالهه آهي.” عالي به مسڪرائيندي جواب ڏنو.
    “هاڻي ته ان مان به ڪمائي ٿيندي هوندئي؟” شاهمير هن کان پڇيو.
    “ها سائين شڪر آ الله جو ماڻهن کي وڻي ٿي ڏاڍي. ٻيو ته وري اها ڊش اينٽينا به لڳرائي اٿم هاڻي ته ماڻهن جي پيهه لڳي پئي آهي.” هوٽل واري خوش ٿيندي چيو.
    “چڱو ڀلا اڄ مون کي به پيار اِها ڪافي ۽ چاچا ڪافي واري ڪمائيءَ ۾ اڌ حصو منهنجو اٿئي، آخر ڏس ته توکي مان ئي ڏنو هو نه.” شاهمير کلندي هوٽل واري کي چيو.
    “حاضر سائين حڪم آهي توهان جو.” هوٽل وارو ائين چئي اندر ويو.
    شام ٿي ويئي هئي ڳوٺ جا ماڻهو به آهستي آهستي هوٽل ۾ اچي ويهڻ لڳا هئا. هوٽل ۾ هاڻي اڳي کان گهڻيون بينچون پيل هيون. ماڻهو ٽي.وي ۾ هڪ سنڌي چينل تي هلندڙ فلم ڏسي رهيا هئا. ان ۾ وڏيري ۽ هڪ ڌاڙيل جو جهيڙو هلي رهيو هو. ماڻهو فلم ڏسڻ ۾ ايترا ته مشغول هئا جو انهن کي آس پاس جو ڪو هوش ئي نه هو. فلم ۾ وقفو آيو ته ان جو نالو “دريا پار” لکجي آيو جنهن جي ڀرسان ان ساڳي ڌاڙيل جي تصوير ٺهيل هئي جنهن ۾ هو ڪلاشنڪوف هٿ ۾ کڻي بيٺل هو. شايد اهو ئي فلم جو هيرو به هو. وقفي دوران ماڻهو فلم تي تبصرو ڪرڻ لڳا.
    “سائين ڪافي وٺو.” هوٽل وارو پاڻ هنن لاءِ ڪافي کڻي آيو هنن ٻنهي ڪافي پيتي، فلم ٻيهر شروع ٿي ويئي، ٽي.وي ۾ رڳو گولين ۽ بم ڌماڪن جا آواز پئي آيا.
    “هلون هاڻي.” شاهمير، عالي کي چيو.
    “ها.” عالي به اٿيو.
    هي ٻئي ڄڻا هوٽل کان ٻاهر آيا ته ڳوٺ جا ڪجھه نوجوان اڇن ڪپڙن سان آهستي آهستي هوٽل ۾ داخل ٿيا. انهن مان ڪجهه جي ڪلهن ۾ ڪلاشنڪوف لڳل هيون. عالي کي لڳو ڄڻ اهي ان ساڳي فلم مان نڪري ٻاهر آيا هجن.
    “بلڪل سنڌي فلم جو سيٽ پيو لڳي هي ته.” شاهمير بائيڪ تي ويهندي هوٽل ڏانهن ڏسي چيو.
    “هل يار ان کان اڳ جو اسان کي به فلم فيور ٿي وڃي.” عالي به ويهندي چيو.
    ٻئي کِلندا کِلندا شهر پهتا.
    شاهمير کي شهر مان پنهنجي لاءِ ڪجهه شيون وٺڻيون هيون، اهي وٺي ڳوٺ واپس اچڻ لڳا. سج لهي ويو ته رستا به سنسان ٿي ويا. سياري ۾ هونئن به رستا جلدي خالي ٿي ويندا آهن. هو اڃا شهر کان ٿورو ٻاهر مس نڪتا ته هنن جي اڳيان ٻه همراهه اچي بيٺا ۽ هنن جي بائيڪ روڪي. ٻنهـي جي هٿ ۾ پسٽل هئا. شاهمير گاڏي روڪي ته هُنن ٻنهـي کي لهڻ لاءِ چيو.
    هو هنن کي روڊ جي پاسي تي وٺي ويا ته اتان اڃا ٻه ٻيا همراهه به نڪتا. هڪڙو بائيڪ اسٽارٽ ڪري هليو ويو.
    شاهمير هن سان ڪاوڙ ۾ تيز ڳالهائڻ لڳو ته هنن ان جي وات تي ڪپڙو ٻڌي هن جا هٿ به ٻڌي ڇڏيا.
    ايتري ۾ عالي جي موبائيل جي گهنٽي وڳي ته انهن مان هڪڙي همراهه اڳيان وڌي عالي جي پينٽ جي کيسي مان موبائيل ڪڍي ۽ بند ڪري ڇڏي. ان کان پوءِ هنن عالي جو به وات ۽ هٿ ٻڌي ڇڏيا.
    هنن جي کيسن جي تلاشي وٺي سڄو سامان ڪڍي هنن کي پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چيو.
    هي ٻئي انهن سان گڏ هلڻ لڳا.
    هلندي هلندي پنج ڪلاڪ ٿي ويا هئا. سڄو رستو پٿريلو هيو هي ٻئي ڏاڍا ٿڪجي پيا. سيءُ به ايترو هو جو هنن جي پيرن هلڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيو. مٿان وري اونداهه به ايتري جو هنن کي بلڪل اندازو نه هو ته هو ڪهڙي جڳهه تان گذري رهيا آهن. بس هڪ همراهه وٽ هڪ سرچ لائٽ هئي، جنهن جي پويان هي هلي رهيا هئا.
    ٿوري دير کان پوءِ هڪ جڳهه تي هو ويٺا ته هي ٻئي به ويهي رهيا. ويهڻ کان پوءِ ته هنن جي پيرن ۾ اڃا وڌيڪ سور ٿيڻ لڳو. اڃا ٿوري دير مس گذري ته وري هنن کي هلڻ لاءِ چيو ويو.
    “پنهـنجا ڪپڙا لاهي هن مان ٽپو.” ڪجهه اڳيان هليا ته اڳيان پاڻيءَ جو کڏو هو هڪ همراهه هنن جا هٿ کوليندي چيو.
    ٻين سڀني به پنهنجا ڪپڙا لاٿا.
    عالي ۽ شاهمير ڪنڌ جي اشاري سان ڪپڙا لاهڻ کان انڪار ڪيو.
    “سياري جي مند ۾ اسان پنهنجي مهمانن جو گهڻو خيال رکندا آهيون، انڪري انهن کي ڪپڙا لهرائي پوءِ ٽپائيندا آهيون ته جيئن انهن کي ٿڌ نه لڳي. پر سائين توهان جي مرضي ڪپڙن سوڌو ئي ٽپو.” هڪ همراهه ٽهڪ ڏيئي چيو.
    هو ٻئي ڪپڙن سميت ئي پاڻي ۾ لٿا. پاسن کان ته پاڻي ٿورو هو پر وچ ۾ چڱو خاصو پاڻي هو. هنن جا ڪپڙا ڪلهن تائين آلا ٿي ويا. پاڻي مان ته هو جيئن تيئن نڪري آيا پر هاڻي فيبروريءَ جي ٿڌي هوا هنن کي سَٽي رکيو.
    “جيڪر ڪپڙا لاهيون ها.” ٻنهـي دل ۾ سوچيو.
    نيٺ وڌيڪ ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ هو هڪ جبل وٽ پهتا. جبل جي پاسي کان ٿيندا ان جي پويان ٺهيل هڪ ڪوٺي وٽ اچي بيٺا. ڪوٺيءَ جي دروازي کي تالو لڳل هو. هڪ همراهه کيسي مان چاٻي ڪڍي دروازي ڏانهن وڌيو. اوڻٽيهه اونداهه ۾ ٽارچ جي روشنيءَ ۾ صرف ڪوٺِيءَ جو دروازو ئي نظر اچي رهيو هو. ٽارچ وارو همراهه ٻاهر ئي بيٺو، ٻيو همراهه هنن کي اندر وٺي ويو.
    “هتي پاڻي پيو هوندو اُڃ لڳيوَ ته پيئجو.” ان همراهه هنن کي چيو ۽ هنن جا هٿ کولي ٻاهر وڃي دروازو ٻاهران بند ڪري ڇڏيو.
    “عالي اسان کي اغوا ڪيو ويو آهي!” شاهمير وات تان ڪپڙو لاهيندي ئي چيو پر هن جي نڙي سڪي وڃڻ جي ڪري آواز ڏاڍو مشڪل سان پئي نڪتو.
    “اها ته مون کي به خبر آ، پر ڇو ڪيو ويو آهي اغوا؟” عالي به وات تان ڪپڙو لاهي مشڪل سان ڪجهه لفظ چيا.
    “مون کي ڪهڙي خبر؟” شاهمير اوندهه ۾ ٻنهـي هٿن سان عالي کي ڳولهڻ لڳو.
    “تون مون کي نظر نٿو اچين عالي.” شاهمير کي عالي نه مليو ته هن چيو.
    “مان هيٺ زمين تي ويٺو آهيان.” عالي جواب ڏنو.
    “ڏاڍا ٿڪجي پياسين يار.” شاهمير به هيٺ ويهندي چيو.
    “اڃ لڳي اٿئي؟” عالي هن کان پڇيو.
    “ها.” شاهمير چيو.
    “مان پاڻي ڳوليان ٿو.” عالي چيو ۽ زمين تي هٿ هڻڻ لڳو.
    “خيال سان ڳولهجانءِ ڪٿي هاري نه ڇڏين.” شاهمير چيو.
    “ملي ويو.” عالي ڀرسان رکيل دلي ۾ هٿ وجهندي چيو.
    دلي جي مٿان ئي گلاس رکيل هو. عالي آرام سان دلي مان پاڻي ڀري شاهمير کي ڏنو.
    “شڪر آهي الله پاڪ جو.” شاهمير پاڻي پي عالي کي گلاس ڏنو.
    “يار لڳي ٿو ته انڌا ٿي ويا آهيون، هاڻي احساس ٿو ٿئي ته انڌا ڪيئن ڏسندا هوندا.” شاهمير چيو.
    “چريا انڌا ڏسندا آهن ڇا.” عالي چيو.
    “اڙي ها.” شاهمير پنهنجي مٿي تي هٿ هڻي کلڻ لڳو.
    “تون کلين ٿو، ٿورو سوچ گهروارن جي ڪهڙي حالت هوندي، امي ۽ پڦو ته خبر ناهي ڪيئن هونديون.” عالي پريشان ٿيندي چيو.
    “تون فڪر نه ڪر ماما سائين ويٺو آهي نه ڏسجان اسان سڀاڻي تائين پنهنجي گهر ۾ هونداسين.” شاهمير پڪ سان چيو ۽ زمين تي رکيل تڏي تي ئي ليٽي پيو پر عالي کي شهلا وارن جو فڪر هو.
    “مان پنهنجي موبائيل به اوطاق ۾ ئي وساري آيو هئس. شڪر آهي گهٽ ۾ گهٽ اها ته بچي ويئي. ان ۾ منهنجي گرل فرينڊز جا نمبر هئا.” شاهمير عالي جو ڌيان مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “هي مذاق جو وقت ناهي شاهمير.” عالي سختيءَ سان چيو.
    “ها يار مون کي ڏاڍو سيءُ پيو لڳي، هي وقت ته پنهنجي ڪمبل کي ياد ڪرڻ جو آهي، ۽ شڪر آهي مامي سويٽر ڏنو هو اڌ رستي تائين ته ڪمِ آيو، ان باقي آلي ٿيڻ کان پوءِ ته ناني ياد ڏياري ڇڏيائين.” شاهمير عالي کي تنگ ڪيو.
    عالي هن جي ڳالهه ٻڌي خاموشيءَ سان ڀت کي ٽيڪ لڳائي ويهي رهيو.
    “عالي تون روئين ته نه پيو نه.” شاهمير، عاليءَ کي خاموش ڏسي چيو.
    “نه”. عالي .
    “عالي توکي ماڪوڙا کائن پيا؟” شاهمير هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهه مٽائڻ چاهي.
    “ها.” عالي جواب ڏنو.
    “يار قبر ۾ به اهڙا ئي ڪيڙا ماڪوڙا ۽ انڌيرو هوندو نه.” شاهمير پڇيو.
    “ٻڌو ته ائين ئي آهي.” عالي جواب ڏنو.
    شاهمير کي پورو يقين هو ته هنن کي گهر واپس ڪرڻ لاءِ سردار صاحب زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو هوندو ۽ صبح تائين هو هنن جو پتو ڳولي لهندو. انڪري عالي جي پريشاني ختم ڪرڻ لاءِ هو هن کان عجيب و غريب سوال ڪري رهيو هو.
    “يار اسان ته هنن ماڪوڙن جا چڪ ئي برداشت نٿا ڪري سگهون. ٻڌو آهي قبر ۾ نانگ ۽ وڇون به جام هوندا آهن، انهن سان منهـن ڪيئن ڏينداسين.” شاهمير چيو.
    “ٽريلر هاڻي ڏسي ڇڏ فلم اڳيان ٿئي. توبهه ڪري پنهنجا اعمال سڌاريندين، ته قبر ۾ روشني هوندئي.” عالي هن کي چيو.
    جابلو علائقي جي ماڪوڙن جي چڪن هنن جي چمڙي ڳاڙهي ڪري ڇڏي. شاهمير کي ته روئڻ اچي رهيو هو پر هن عالي جي اڳيان ظاهر نه ٿيڻ ڏنو.
    “صبح ٿي ويئي آهي.” عالي دروازي جي ڏار مان ايندڙ روشنيءَ کي ڏسي چيو.
    ٻئي ڄڻا دروازي وٽ اچي ويهي رهيا.
    “عالي ان کي ئي اميد جو آخري ڪِرڻو چوندا آهن، جنهن کي ڏسي ڀڄندا آياسين.” شاهمير عالي کي چيو.
    “اميد جو آخري نه پهريون ڪِرڻو.” عالي چيو ۽ دروازي کي هيڏانهن هوڏانهن جانچڻ لڳو.


    20

    “آپا رات جا 8 ٿي ويا آهن، عالي وارا اڃا تائين ناهن آيا.” شهلا ۽ زينب اڃا نئين حويلي ۾ ئي هيون ته شهلا زينب کي چيو.
    “متان پنهنجي حويلي ويو هجي.” زينب چيو.
    “نه اتي به نه آيو آهي. هاڻي ئي اتان سيرت آئي ته ان ٻڌايو.” شهلا پريشاني ۾ چيو.
    “مان فون ڪري پڇانس ٿي.” زينب هال ۾ رکيل فون ڏانهن آئي.
    عالي جي نمبر تي ڪال ويئي پر اها ڪنهن به رسيوِ نه ڪئي. هن ٻيهر نمبر ملايو ته نمبر بند هو. زينب پريشان ٿي ويئي ۽ شهلا کي ٻڌايائين ته ٻنهي ڇوڪرن جا نمبر بند آهن.
    “عالي مون کي پنهنجي هڪ دوست ۽ ڊاڪٽر الطاف جو نمبر ڏنو هو. مان حويلي مان کڻي ٿي اچان.” سيرت مروه سان گڏ وڃي نمبر کڻي آئي.
    زينب ٻنهـي نمبرن تي ڪال ڪري پڇيو، پر ٻنهي کي عالي جي خبر نه هئي.
    “ڇا ٿيو آهي خيريت ته آهي؟” ڪجهه دير کان پوءِ سردار صاحب به حويلي آيو ته سڀني کي پريشانيءَ ۾ ڏسي پڇيائين.
    “شاهمير ۽ عالي شام کان نڪتل آهن اڃا گهر نه پهتا آهن. ٻنهـي جا نمبر به بند آهن.” زينب هن کي ٻڌايو.
    “شاهمير جو موبائيل ته اوطاق ۾ وسري ويو هو، مون بند ڪري پاڻ وٽ رکيو آهي. ٿي سگهي ٿو عالي جي فون ۾ چارج نه هجي. اچي ويندا ڪنهن دوست ڏانهن ويا هوندا.” سردار صاحب ائين چئي اندر ويو ۽ ملازمه کي ماني کڻي اچڻ لاءِ چيائين.
    سردار صاحب جي ڳالهه ٻڌي سڀ اتي ئي انتظار ڪرڻ لڳيون. ڪافي دير گذرڻ بعد به جڏهن هو واپس نه آيا، ته سردار صاحب ڪمري مان نڪري آيو. هن کي به پريشاني ٿيڻ لڳي.
    “گاڏيون ته سڀ اوطاق ۾ بيٺيون آهن، هي ٻئي ڇا تي ويا آهن.” سردار صاحب کي خيال آيو ته هن زينب کان پڇيو.
    “خبر ناهي ادا.” زينب جواب ڏنو.
    سردار صاحب ٻاهر ويو، هن ڪمدار کان پڇيو ته اُن هن کي ٻڌايو ته شاهمير هن کان اسڪوٽر جي چاٻي ورتي هئي.
    سردار صاحب سمجهي ويو ته اسڪوٽر تي هئڻ جي ڪري هنن سان شايد ڪو حادثو ٿيو آهي.
    سردار صاحب گهر اچي حويلي جي عورتن کي ٻڌايو ته پريشان ٿيڻ جي ڳالهه ناهي، صبح تائين خبر پئجي ويندي ته هو ڪٿي آهن؟ سردار صاحب اوطاق ڏانهن هليو ويو ۽ اتي وڃي انهن جو پتو لڳائڻ لاءِ ماڻهن سان فون تي ڳالهائڻ لڳو.
    گهر ۾ سڀئي عورتون قرآن پاڪ ڪڍي پڙهڻ لڳيون. شهلا ۽ درناز ته مصلي تي ئي ويٺيون هيون ۽ روئي روئي الله کان پنهنجي پٽن جي سلامتيءَ جي دعا ڪرڻ لڳيون.
    صبح ٿي ويئي پر هنن جي ڪا خبر چار نه پئي. سڀني کي ذهن ۾ الائي ڪهڙا ڪهڙا وهم ۽ وسوسا اچڻ لڳا هئا.
    ڪجهه ئي دير ۾ سردار صاحب اوطاق مان ماڻهو موڪلي چورايو ته ڇوڪرن جي خبر ملي ويئي آهي خيريت سان آهن ۽ شام تائين گهر پهچي ويندا. شهلا ۽ زينب پراڻي حويلي ۾ اچي شام ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳيون.
    هوڏانهن سردار صاحب رات کان ڪوشش ڪري رهيو هو پر اڃا تائين سندس ڇوڪرن جي خبر نه پئي هئي. گهر جي عورتن جي پريشاني گهٽائڻ لاءِ هن کين اهڙي تسلي ڏياري ته ڇوڪرن جي خبر پئجي ويئي آهي، پر هن لاءِ اها شرمندگي جي ڳالهه هئي ته گهر جا ڇوڪرا سندس ئي علائقي مان لاپتا ٿيا هئا.
    هيبت خان به خضدار مان پهچي ويو هو، هو به پٽ لاءِ ڏاڍو پريشان هو. هن به پنهنجي هر سڃاڻ واري ڏي فون ڪري، هنن کي ڳولهڻ جو چئي ڇڏيو.
    ڪافي دير کان پوءِ سردار صاحب ڏي فون آئي، کيس خبر پئي ته ڇوڪرا ڪنهن وٽ يرغمال آهن.


    21

    “دروازو ايترو مضبوط ناهي، رات جيڪڏهن خبر هجي ها ته ان مان اسان نڪري سگهون پيا.” عالي چيو.
    “ها، ٻاهر ته ڪوئي بندو بشر نظر نه پيو اچي.” شاهمير عالي کي چيو.
    “سڀ ننڊ پيا هوندا.” عالي جواب ڏنو.
    “ڌاڙيل به ننڊ ڪندا هوندا ڇا. انهن کي ته هر وقت پنهنجي ڦاسايل شڪار نڪري وڃڻ ۽ پوليس جو ڊپ هوندو نه.” شاهمير عالي کي چيو جيڪو اٿي دروازي جو جائزو وٺي رهيو هو.
    ايتري ۾ ڪنهن جي قدمن جو آواز آيو، هي ٻئي دروازي کان هٽي پوئتي ٿي بيٺا. دروازو کليو ته هڪ همراهه جنهن جي ڪاري ڏاڙهي هئي ۽ کيس ڪاري پڳ ٻڌل هئي، اهو سندن ڀرسان آيو. “ڪيڏانهن وڃڻ جي تياري آهي نوجوان؟” ان همراهه، عالي کان پڇيو.
    عالي ڪو جواب نه ڏنو.
    “گهڻو هوشيار ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪيو. هتان ڪوئي نڪري ناهي سگهندو، نڪري به وڃو ته هن علائقي مان ڀڄي نه سگهندؤ.” ان همراهه کين ڌمڪايو.
    هي همراه پنهنجي حليئي مان ڌاڙيلن جو سردار پئي لڳو.
    “اسان پاڻ ڪيڏانهن ڇو وينداسين. ڇڏي ته اسان کي تون ايندين. اسان کي پڪڙائي تو وڏي غلطي ڪئي آهي، تو کي ان جو حساب ڏيڻو پوندو.” شاهمير کيس ڪاوڙ مان چيو.
    “تون وري مون کي ڊيڄارين ٿو ڙي.” ان همراهه شاهمير کي گريبان مان پڪڙي کيس ٻه چار چماٽون وهائي ڪڍيون.
    “هٿ ڪڍ مون مان، تو کي خبر ناهي مان ڪير آهيان.” شاهمير پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    عالي به اڳيان اچي کيس ڇڏائڻ لڳو.
    “اڙي نورا ان کان اڳ جو هي اسان کي ٻڌائي، توهين هن کي ٻڌائي ڇڏيو ته اسين ڪير آهيون؟” ان همراهه شاهمير کي لت هڻندي ٻاهر بيٺل همراهه کي چيو ۽ پاڻ ٻاهر هليو ويو. هڪ ٻيو ماڻهو به اندر آيو، ٻنهـي ڄڻن شاهمير ۽ عالي جو وات ٻڌي هنن کي لٺين سان مارڻ شروع ڪيو.
    عالي کي لڳو ته شايد هي ڌاڙيل سردار صاحب سان ڪنهن دشمنيءَ جي بدلي ۾ هنن کي هتي کڻي آيا آهن.
    ڪجهه ئي دير ۾ شاهمير ته بي هوش ٿي زمين تي ڪِري پيو، پر عالي ان ڏانهن جيئين ئي وڌيو ته ان بي حس ماڻهن سڄي ڪاوڙ عالي تي ڪڍي. ٿوري دير ۾ جڏهن هو هن کي ماري ماري ٿڪجي پيا ته ٻيهر دروازو بند ڪري ٻاهر هليا ويا.
    عالي جي وات مان رت پئي نڪتو، پر هن سگهو ئي پاڻ کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي. پنهنجي وات تان پٽي لاهي عالي شاهمير جي وات تان پٽي کولي ۽ اٿاري کيس پاڻي پياريو.
    عالي جي جسم ۾ ڄڻ ساه ئي نه هو کانئس سور برداشت نه پئي ٿيو، هو به اتي ئي ليٽي پيو. ٿڌ جي ڪري هنن جا هٿ پير برف ٿيڻ لڳا هئا.
    “عالي يار لڳي ٿو سردار صاحب کي اڃا اسان جي خبر نه پئي آهي.” شاهمير جي اميد ختم ٿيڻ لڳي هو عالي جي تڪليف ڏسي روئڻهارڪو ٿي ويو.
    سيءَ، بک ۽ سور جي تڪليف سبب هنن کان آواز ئي نه پئي نڪتو.
    “مون کي ته لڳي ٿو ته هي سردار صاحب جا ڪي دشمن آهن.” عالي چيو.
    “ها يار ائين به ٿي سگهي ٿو. تڏهن ئي هو منهنجي ڳالهه ٻڌي ڪاوڙ ۾ اچي ويو.” شاهمير چيو.
    ايتري ۾ دروازو کليو، هڪ همراهه دروازي وٽ ماني رکي، دروازو بند ڪري هليو ويو.
    “يار بک لڳي آهي شڪر آهي هنن کي ٿورو ته خيال آيو.” شاهمير ماني ڏسي چيو.
    “ها، اٿي ته ماني کائون.” عالي کيس چيو ۽ اٿي ماني کڻڻ لاءِ اٿيو ته کيس احساس ٿيو ته ڌڪن جي ڪري سندس هڪڙو پير زخمي ٿي پيو هو. شاهمير عالي جو پير ڏسي پريشان ٿي ويو ۽ اٿي ماني کڻي عالي جي ڀرسان اچي ويٺو.
    “هي ڪهڙي ڀاڄي آهي؟” عالي شاهمير کي وڌيڪ پريشان ڪرڻ نٿي گهريو، ان لاءِ پنڊي تي رکيل ماني جي مٿان رکيل پيالي ۾ ٻوڙ ڏسي پڇيو.
    “هي مِتيرن جو ٻوڙ آهي. جابلو علائقي جا ماڻهو اڪثر هن تي ئي گذارو ڪندا آهن.” شاهمير ٻڌايو.
    “ٻوڙ ته سٺو پڪل آهي.” عالي هڪ گرهـ کائيندي چيو.
    “ها بک ۾ ته بصر به سٺو لڳندو آهي.” شاهمير به گرهـ کنيو. اڌ اڌ ماني کائڻ کان پوءِ هنن جي جسم ۾ ڪجهه سگهه آئي.
    “تون هاڻي هنن جي سامهون سردار صاحب جو نالو نه کڻجان جيستائين هو پاڻ ان جو نالو نه کڻن.” عالي شاهمير کي نصيحت ڪئي.
    “ها يار اڳوڙي واري حالت اڃا وسري ناهي مون کان ۽ توکي ته ڏاڍا ڌڪ لڳا آهن.” شاهمير عالي جي پيرن ڏانهن ڏسي چيو.
    “سردار توهان کي ٻاهر گهرايو آهي.” ايتري ۾ دروازو کولي هڪ همراهه اندر اچي کين چيو.
    “وري ڪهڙو سردار صاحب!” عالي دل ئي دل ۾ چيو. شاهمير کيس سهارو ڏئي اٿاريو ۽ آهستي آهستي ٻئي ڄڻا هُن ماڻهو جي پويان هلڻ لڳا.
    جبل جي اوٽ ۾ هڪ جڳهه تي ڪاري پڳ وارو ڌاڙيل ۽ ڪجهه ٻيا ماڻهو ويٺا هئا. هڪ همراهه وڏي پٿر تي ويٺو، ڏاڍي سريلي آواز ۾ راڳ ڳائي رهيو هو. عالي ۽ شاهمير به اتي اچي ويٺا.
    “توهان مان ڳائڻ ايندو آهي ڪنهن کي؟” اتي ويٺل هڪ همراهه کانئن پڇيو.
    “نه.” ٻنهـي انڪار ڪيو.
    “ايندو ته هوندو پر سردار صاحب جي سامهون ڳائڻ لاءِ به همت کپي.” راڳ ڳائيندڙ همراهه ڪاري پڳ واري ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
    “هنن جي موبائل ڪنهن وٽ آهي؟” سردار پڇيو.
    “سائين مون وٽ آهي.” ڀرسان ويٺل همراهه موبائيل کيسي مان ڪڍندي چيو.
    “هن کي ڏي ته پنهنجي پيءُ جو نمبر ملائي ڏي.” سردار صاحب هنن ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
    “منهنجو پيءُ هن دنيا ۾ ڪونهـي.” عالي انڪار ڪندي موبائيل واپس ڪئي.
    “گهر جي ٻي ڪنهن مرد جو نمبر ملاءِ.” سردار چيس.
    “مون کان علاوه گهر ۾ ٻيو ڪو مرد ڪونهي.” عالي جواب ڏنو.
    “هن ٻي کي ڏي ته اهو پنهنجي پيءُ جو نمبر ملائي. اڙي تنهنجو پيءُ ته جيئرو آهي نه.” سردار شاهمير کان پڇيو.
    “بابا سائين جن جو نمبر ياد ناهي.” شاهمير ڊڄندي ورندي ڏني.
    سردار پنهنجي جڳهه تان اٿيو ۽ اچي شاهمير جي منهـن تي هڪ زوردار چماٽ وهائي ڪڍي.
    “هاڻي ياد آيو.” سردار هن کان پڇيو.
    “هن کي واقعي نمبر ياد نه هوندو.” عالي پنهنجي جڳهه تان اٿيو ۽ شاهمير جي ڀرسان اچي چيو.
    شاهمير جي وات مان رت نڪري رهيو هو.
    عالي هن ڏانهن بيوسيءَ سان ڏٺو.
    “منهنجي موبائيل ۾ اسان جي گهر جو نمبر آهي، توهان ان تي ڪال ڪريو.” عالي چيو.
    هو سمجهي چڪو هو ته هو ڪنهن دشمنيءَ ۾ اغوا نه ڪيا ويا آهن بلڪـه هنن کي ڀنگ جي لاءِ اغوا ڪيو ويو آهي. هاڻي هو سوچي رهيو هو ته هنن کي پنهنجي باري ۾ ٻڌائڻ کپي يا نه، ته هي ڪير آهن.
    “نمبر ڪڍي ملاءِ.” عالي کي فون ڏيندي سردار چيو.
    عالي اڃا نمبر ئي نه ملايو ته سردار جي فون جي گهنٽي وڳي.
    “هلو.” سردار فون تي ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    جي سائين، ٻه! ها مون وٽ آهن ته سهي.
    “سائين نالا ڇا اٿن؟” سردار ڪنهن سان فون تي ڳالهائي رهيو هو،سندس منهن تي پريشاني صاف ظاهر هئي.
    “توهان جا نالا ڇا آهن؟” سردار هنن کان نالا پڇيا.
    “عبدالعالي ۽ شاهمير.”
    “سائين هي توهان جا ڇوڪرا آهن! پر سردار صاحب مون کي ته منهـنجي همراهن ٻڌايو ته هي ٻئي اسڪوٽر تي هئا.”
    عالي ۽ شاهمير هن جي واتان سردار صاحب جو نالو ٻڌو ته ٻنهـي جي جان ۾ جان اچي ويئي.
    “سائين معافي ملي، مان هاڻي ئي ڇوڪرن سان گڏ حاضر ٿو ٿيان.” سردار ائين چئي فون بند ڪئي سندس منهن جا رنگ ئي اُڏي ويا.
    “اڙي انڌئو هي ڪهڙو ظلم ڪيوَ! سردار صاحب جا ڇوڪرا ڇو کڻي آيا آهيو.” سردار فون بند ڪندي ئي ڪاوڙ ۾ پنهـنجن ماڻهن کي چيو.
    “پر سردار هي ته اسڪوٽر تي سوار هئا.”
    “اڙي سردارن کي اسڪوٽر تي گهمڻ جو شوق نٿو ٿي سگهي ڇا.” هن ڪاوڙ مان پنهنجي ساٿي کي چيو.
    “سائين مان هاڻي سردار بهرام خان جي اڳيان ڪهڙو منهـن کڻي ويندس. توهان کي جيڪا سزا ڏيڻي آهي مون کي هتي ڏيئي ڇڏيو پر سردار صاحب جي اڳيان پنهنجي مار جي ڳالهه نه ڪجو.” سردار ٻنهي ڇوڪرن اڳيان هٿ ٻڌندي چيو.
    “توهان ان وقت ئي هن موڳن کي سردار صاحب جو نالو ٻڌايو ها ته هنن جي جرئت ئي نه ٿئي هان توهان کي هٿ لڳائڻ جي.” سردار ٻي ڪنهن کي ڳالهائڻ جو موقعو ئي نه ڏيئي رهيو هو.
    “ٻڌائڻ جو موقعو ئي نه ڏنن” شاهمير جواب ڏنو.
    سڀئي همراهه هنن جي ڀرسان اچي گڏ ٿيا. ان سڀني جي منهـن تي پريشاني هئي.
    “سائين هي دفعو معاف ڪيو.” جيڪي هنن کي اغوا ڪري آيا هئا، انهن مان هڪ چيو.
    “اڙي وڃ هاڻي گاڏي ڪاهي آ.” سردار ان کي ڪاوڙ مان نهاري چيو.
    “حاضر بابا.” هو ائين چئي تڪڙو تڪڙو هلي ويو.
    هن کي گاڏي ڪاهي اچڻ ۾ به تقريباً هڪ ڪلاڪ لڳو، ان وقت ۾ خبر ناهي ڪيترا دفعا هڪ هڪ ڄڻي هنن کان معافيون ورتيون.
    “مون کي پنهنجي گهر ڳالهائڻو آهي.” عالي، سردار کي چيو.
    “ها ها سائين ڳالهايو ڀلي.” سردار کيس موبائيل واپس ڪندي چيو.
    عالي حويلي جو نمبر ملايو. فون ڪنهن ملازمه کنئي، عالي کيس شهلا کي فون ڏيڻ لاءِ چيو.
    “عالي.” ٿوري دير کان پوءِ شهلا جو آواز فون مان آيو.
    “امي مان خيريت سان آهيان، توهان پريشان نه ٿجو.” عالي ماءُ جي آواز مان سندس پريشاني محسوس ڪندي کيس آٿت ڏني.
    “توهان ڪهڙي مهل ايندؤ، شاهمير ڪٿي آهي.” شهلا پڇيو.
    “شاهمير به ٺيڪ آهي، اسان بس هاڻي هتان نڪرڻ وارا آهيون. مان فون بند ٿو ڪيان گهر اچي ڳالهايون ٿا.” عالي چيو.
    “ٺيڪ آهي پٽ الله نگهبان.” شهلا کيس دعا ڏني ۽ الله جو شڪر ادا ڪيو.
    گاڏي به پهچي ويئي هي سردار سان گڏ ڳوٺ روانا ٿي ويا.
    رستي ۾ رڳو مٽي ئي مٽي هئي. گاڏي جا ٽائر سڄا مٽيءَ جي اندر هئا. گاڏي جي شيشن مان ٻاهر ڏسڻ سان ڌوڙ کان علاوه ٻيو ڪجهه نظر نٿي آيو.
    ڌوڙ وارو رستو مشڪل سان ختم ٿيو ته پٿريلو رستو شروع ٿي ويو. شاهمير کي ته گاڏي ۾ ئي ننڊ اچي ويئي پر عالي جي لاءِ رستو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺي رهيو هو.
    سور ۽ ٿڪاوٽ جي ڪري عالي کي چڪر اچي رهيا هئا. شام ٿي چڪي هئي سيءَ جو زور به وڌي ويو. عالي کي ته اُلٽي اچڻ لڳي.سردار عالي جي حالت ڏسي هن کي ويڙهڻ لاءِ لوئي ڏني.
    آخرڪار رات جي نائين بجي هنن جي گاڏي اوطاق ۾ اچي بيٺي ته عالي شاهمير کي اٿاريو.


    22

    اوطاق ۾ سامهون ئي سردار صاحب هيبت خان ۽ عرفات بيٺا هئا. هيبت خان اڳتي وڌي شاهمير کي ڀاڪر پاتو. ڌاڙيلن جي سردار، سردار صاحب جي پيرن تي هٿ رکي ان جي اڳيان هٿ ٻڌي بيهي رهيو.
    عالي هي سڄو منظر ڏسي رهيو هو،سڀ شاهمير کي ڀاڪر پائڻ کان پوءِ کيس اندر وٺي وڃي رهيا هئي، عالي جي اکين اڳيان ڌنڌ ڇانئجڻ لڳو،هو گهر وڃڻ لاءِ واپس پڙيو ئي هو ته ڪنهن کيس اچي ڀاڪر پاتو. هي جيڪو به هو پر هن جو تعلق حويلي سان نه هوندو. عالي سيڪنڊ جي سوين حصي ۾ اندازو لڳايو.
    هن عالي کي پاڻ کان الڳ ڪيو ته عالي سندس منهن ڏانهن نهاري هڪ ٿڪيل مرڪ مرڪيو.
    “توهان هتي!” ڊاڪٽر الطاف کي سامهون ڏسي عالي حيران ٿيو.
    “ها مان صبح ئي هتي پهچي ويو هئس، رات تنهنجي گم ٿيڻ جي خبر پئي. يار تو ته پريشان ڪري ڇڏيو.” ڊاڪٽر صاحب کيس وري پنهنجائپ مان سيني سان لڳايو.
    “هتي ڪوئي ته هو، جنهن کي عالي جي اچڻ جو به انتظار هو.”
    سامهون سردار صاحب شاهمير کي ڀاڪر ۾ ڀري اوطاق ۾ اندر وٺي وڃي رهيو هو.
    عالي جي اکين ۾ بي اختيار لڙڪ اچي ويا جن کي هن مشڪل سان ضبط ڪيو. هو پنهنجي ڪمزوري ڪنهن جي اڳيان ظاهر ڪرڻ نه پيو چاهي.
    “تنهنجي طبيعت ٺيڪ نه پئي لڳي عالي.” ڊاڪٽر صاحب هن جي پيشاني تي هٿ رکندي چيو.
    “سر مون کي امي وارن سان ملڻو آهي.” عالي ڳيت ڏيئي پنهنجي جذبات تي قابو پائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “ٺيڪ آهي تون گهر کان ٿي پوءِ جلدي هيڏانهن اچ.” ڊاڪٽر صاحب کيس هدايت ڏني.

    گهر ۾ سڀني کي خبر پئجي ويئي هئي ته هي ٻئي اچي ويا آهن، انڪري سڀئي عورتون حويلي جي اندرين دروازي وٽ ئي بيٺيون هيون.
    شهلا ۽ زينب وڏي گيٽ وٽان عالي کي ايندو ڏسي هن ڏانهن وڌيون ۽ واري واري سان هن کي پيار ڪرڻ لڳيون.
    “هڪ ڏينهـن ۾ منهنجي پٽ جي ڪهڙي حالت ٿي ويئي.” عالي جي منهن کي هٿ لاهيندي شهلا چيو.
    سيرت درناز ۽ شاهه بي بي به اچي عاليءَ سان مليون.
    عالي ۾ اتي بيهڻ جيتري به سگهه نه هئي، انڪري هن شهلا ۽ زينب کي پراڻي حويلي وٺي هلڻ جو چيو.
    هي ٻئي هن کي اتي وٺي ويون. عالي بيڊ تي سمهندي ئي غش ٿي ويو.
    “شهلا مان ادا وارن کي چوان ٿي ته ڊاڪٽر کي گهرائي وٺن.” زينب، عالي جي حالت ڏسندي چيو.
    زينب نئين حويلي آئي ته شاهمير به پهچي ويو. هوءَ شاهمير سان ملي ۽ هيبت خان کي عالي جي طبيعت جو ٻڌايائين.
    هيبت خان اوطاق مان وڃي ڊاڪٽر صاحب کي وٺي آيو، شاهمير کيس پراڻي حويلي وٺي آيو.
    عالي جو جسم بخار ۾ تپي باهه ٿي رهيو هو. ڊاڪٽر هن جو معائنو ڪري، پاڻ سان گڏ آندل بيگ مان دوائون ڪڍيون.
    ڪافي دير تائين هو عالي جي ڀرسان ويهي هن کي پٽيون ڪندو رهيو.
    اڌ رات ٿي ويئي، عالي جو بخار ٿورو گهٽ ٿيو ته ڊاڪٽر صاحب کيس دوائون کارائي آرام ڪرڻ لاءِ چئي اوطاق ۾ هليو ويو.
    شاهمير جي به طبيعت صحيح نه هئي هن ان کي به دوائون ڏيئي آرام ڪرڻ جو چيو.
    .......................

    جڏهن عالي جي اک کلي ته منجهند جا 2 ٿي رهيا هئا ڪجهه دير ته کيس سمجهه ۾ نه آيو ته هو ڪٿي آهي. ٿوري ئي دير ۾ هن کي گذريل ٻن ڏينهن جون ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون. کيس ياد آيو ته رات دير تائين ڊاڪٽر الطاف به هن وٽ هو.
    “ڊاڪٽر صاحب ڪٿي آهي امي.” عالي سامهون ڪرسيءَ تي ويٺل ماءُ کان پڇيو.
    “اهو واپس هليو ويو، پٽ توهان ڪيئن آهيو هاڻي.” شهلا هن جي ڀرسان آئي.
    “مان ٺيڪ آهيان امي” عالي وراڻيو ۽ ويهاڻي سان ٽيڪ لڳائي ويٺو.
    “چاچي عالي اٿيو آهي؟” ايتري ۾ مروه ڪمري جي دروازي وٽ اچي پڇيو.
    “ها پٽ هاڻي ئي اٿيو آهي.” شهلا جواب ڏنو.
    “صبح کان الائي ڪيترا دفعا توهان کي ڏسڻ آئي آهي.” شهلا عالي کي ٻڌايو.
    “عالي تنهنجي طبيعت ڪيئن آهي هاڻي.” مروه بيڊ تي چڙهي عالي جي ڀرسان اچي ويٺي.
    “مان ٺيڪ آهيان هاڻي. شاهمير ڪيئن آهي؟” عالي هن کان پڇيو.
    “اهو به ٺيڪ آهي.” مروه جواب ڏنو.
    ڪمري مان آواز ٻڌي زينب به صفا ۽ سيرت سان گڏ اندر آئي.
    سڀئي عالي جي ڀرسان ويهي هن جي طبيعت پڇڻ لڳيون.
    “هتي ته وڏي محفل لڳي پئي آهي، اسان کان ته ڪو پڇڻ وارو به ڪونهـي.” شاهمير ڪمري ۾ ايندي چيو.
    “ائين به ناهي، پهرين ته توهان ڏي آيا هئاسين.” صفا کيس چيو.
    “آپا بس توهان جو سِرُ ئي ته آهي جيڪو هن ناچيز جو خيال رکندو آهي.” شاهمير مروه ڏي نهـاريندي صفا کي چيو.
    “پٽ طبيعت ڪيئن آهي هاڻي توهان جي، معاف ڪجو مان به توهان ڏانهن نه اچي سگهيس، عالي جي طبيعت ايڏي خراب هئي.” شهلا شاهمير کي معذرت ڪندي چيو.
    “مامي اهڙي ڳالهه ناهي مان به ته رات اِتي ئي هئس.” شاهمير ڪرسي تي ويهندي چيو.
    “طبيعت ڪيئن آهي سردار صاحب.” شاهمير اُتي رکيل صوفـه تي صفا جي ڀرسان ئي ويٺو.
    “مان ٺيڪ آهيان، تون ڪيئن آهين؟” عالي هن کان پڇيو.
    “مان به ٺيڪ آهيان. پر جسم ۾ اڃا تائين ڏاڍو سور آهي.” شاهمير پنهنجو هٿ ڌڪ لڳل ٻانهن تي رکي ٽهڪ ڏنو.
    عالي به مرڪڻ لڳو.
    “هاڻي تون عالي کي پاڻ سان گڏ ڪيڏانهن به نه وٺي وڃجانءِ، سمجهئي؟” مروه شاهمير کي چيو.
    “ڄڻ هر دفعي ائين ٿيندو ڇا”. شاهمير چيو.
    “ڀلي ٿي يا نه پر عالي نه هلندو. ها نه عالي؟” مروه دعوا ڪندي عالي ڏانهن سواليه نظرن سان ڏٺو.
    “پاڻ کان وڏن سان ائين نه ڳالهائبو آهي مروه ڪيترا دفعا سمجهايو آهي.” عالي مروه کي تنبيهه ڪئي.
    “مون به توکي ڪيترا دفعا چيو آهي ته مون کي پنهنجي ڪزنس سان تڪلف سان ڳالهائڻ ۾ مزو نه ايندو آهي ۽ هي ته توکان به ننڍو آهي.” مروه شاهمير ڏي اشارو ڪندي چيو.
    “انهن سان بدتميزي سان ڳالهائڻ ۾ ته مزو اچئي ٿو، پر انهن تي حڪم ته نه هلاءِ نه.” شاهمير چيو.
    “مون توتي ته حڪم نه هلايو نه.” مروه چيو.
    “جڏهن ته هلائڻ مون تي ئي گهرجئي.” شاهمير چپن ۾ چيو پر ڀرسان ويٺل صفا ٻڌي ورتو. ۽ هن ڏانهن ڏسي مسڪرائڻ لڳي.
    “ڇا چيئي؟؟” مروه صفا کي مسڪرائيندي ڏٺو ته شاهمير کان پڇيائين.
    “بس بس هاڻي وري جنگ شروع نه ڪجو.” زينب ٻنهـي کي چيو.
    “عالي تون آرام ڪر، تنهنجي طبيعت پوري طرح صحيح ناهي اڃا.” مروه عالي کي چيو.
    “ٺيڪ آهي عالي جي چمچي.” شاهمير هن کي وري تنگ ڪيو.
    “تون وچ ۾ نه ڳالهاءِ عالي جا ڊرائيور.” مروه وٽ به جواب تيار هو، هميشه وانگر.
    “مروه.” عالي مروه ڏانهن ناراض ٿيندي ڏٺو.
    “تنهنجي ڪري ڇڏيانس ٿي.” مروه عالي کي چئي بيڊ تان اٿي ويئي.
    “تون به هروڀرو ويچاري کي تنگ ڪندو آهين.” شهلا شاهمير کي چيو.
    “مامي هي ويچاري آهي، ڏسو نٿا ڪهڙا جواب ٿي ڏي. گهر جي ڪا به ڇوڪري ائين نه ڳالهائيندي آهي. حاجره سان رهي رهي ان جهڙي ٿيندي ٿي وڃي.” شاهمير کلندي چيو.
    “گهر جون سڀ ڇوڪريون هڪ جهڙيون ته نه ٿي سگهنديون نه .” زينب، شاهمير کي چيو.
    “مختلف آهي تڏهن ته ايڏي پياري آهي.” شاهمير وري آهستي چيو جيڪو صفا ٻڌي ورتو.


    23

    ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سردار صاحب شاهمير ۽ عالي کي اوطاق ۾ گهرائي کين اخبار ۾ اها خبر پڙهائي ته جِن ڌاڙيلن کين اغوا ڪيو هو انهن مان ٻن کي پوليس مقابلي ۾ ماريو آهي ۽ ڪجهه ڌاڙيلن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
    عالي اهڙي خبر پڙهي سردار صاحب ڏانهن ڏٺو جنهن جي چهري تي فاتحانه مرڪ هئي. سندس مرڪ مان صاف ظاهر هو ته هن پنهنجي بي عزتي جو بدلو وٺي ڇڏيو آهي.
    وڌيڪ ڪجهه ڏينهـن کان پوءِ عالي جي طبيعت بهتر ٿي ته هن امتحانن جي تياري شروع ڪئي. امتحانن ۾ باقي ٻه مهينا هئا انڪري هر ڳالهه وساري هن صرف امتحانن ڏانهن ڌيان ڏنو.
    سندس امتحان تمام سٺا ٿيا. هن ميڊيڪل جي ٽيسٽ جي تياري شروع ڪري ڇڏي. ڊاڪٽر الطاف هن جي هر طرح سان مدد ڪري رهيو هو. هڪ دفعو ٻيهر ڊاڪٽر صاحب هن کي تياري لاءِ ٻي شهر موڪلڻ چاهيو پر عالي انڪار ڪري ڇڏيو.
    شايد هن پنهنجي قسمت کي هتي ئي آزمائڻ جو قسم کڻي ڇڏيو هو.
    هن ملڪ جي مختلف ڪاليجن ۾ اسڪالرشپ لاءِ به پنهنجو فارم ڀري موڪلي ڇڏيو.
    قسمت جي ديوي کي به هن تي رحم اچي ويو جو هن تي مهربان ٿيڻ جو سوچي ڇڏيائين.
    عالي پاڪستان جي ٽن ڪاليجن ۾ ٽيسٽ ڏني، جنهن ۾ هو سٺي پوزيشن حاصل ڪري ڪامياب ٿيو. ڊاڪٽر الطاف کيسDow University of Health Sciences ۾ داخلا وٺڻ جي صلاح ڏني.
    عالي، پنهنجي ماءُ کي ٻڌايو ته ماءُ به هِن کي ان ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ جي صلاح ڏني.
    عالي جي هر ڪاميابي سان گڏ پراڻي حويلي ۾ رونق اچي ويندي هئي. هن دفعي ته هن جي منزل تي پهچڻ جي خوشي سڀني جي چهرن مان ظاهر هئي.
    “آپا ادا سان ڳالهه ته ڪرڻي پوندي نه. عالي جي وڃڻ کان پوءِ اگر انهن کي خبر پئي ته هُنن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳندي.” عالي کي سردار صاحب کان اجازت جي ڪا پرواهـ نه هئي پر زينب ۽ شهلا هن لاءِ پريشان هيون. هڪ ڏينهن شهلا زينب سان پنهنجي پريشاني جو ذڪر ڪيو.
    “ها. مان به اهو پئي سوچيان.” زينب چيو.
    زينب جميلا کي سڏ ڪري ميربل کي گهرايو.
    پٽ جي بيماري کان پوءِ ميربل جي دل عالي ڏانهن صاف ٿي ويئي هئي. هن ڪيترائي دفعا عالي کان پنهنجي ڪيل غلطين جي معافي وٺڻ چاهي پر هن جي همت نه ٿيندي هئي.
    زينب کيس گهرائي عالي جي داخلا جي ڳالهه ٻڌائي.
    عالي جي ڊاڪٽري ۾ سليڪشن جو ٻڌي ميربل کي خوشي ٿي.
    “ميربل هاڻي تون ئي سردار صاحب سان اها ڳالهه ڪر.” زينب ميربل کي چيو.
    “جيجي بالاچ جي علاج جي لاءِ مان اسپتالن جا چڪر ڪاٽڻ مهل ايتري مشڪلن جو منهن نه ڏسان ها ته شايد مان به بابا سائينءَ وانگر ان جي مخالفت ڪريان ها پر هاڻي هن جي سليڪشن جو ٻڌي مون کي دلي خوشي ٿي آهي.” ميربل پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪيو.
    “پوءِ توهان ادا سان صحيح طرح ڳالهه ڪندوءُ نه؟” شهلا ميربل کان ڏانهن پُراميد نظرن سان ڏٺو.
    “ها چاچي ضرور ڪندس. اسان کي ته انهن ڳالهين جي اهميت جو اندازو ان وقت ئي ٿيڻ گهرجي هان جڏهن توهان ماهه نور کي تڪليف مان بچائي اسان جو ٻار بچايو هو.” ميربل پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪيو.
    “شڪر آهي گهٽ ۾ گهٽ توکي ته اهو احساس ٿي ويو.” زينب چيو.
    “ٺيڪ آهي جيجي مان هلان ٿو هاڻي ٻيو ڪوئي به ڪم هجي ته مون کي چئي ڇڏيندا ڪيو.” ميربل اٿندي چيو.
    “الله جي امان.” زينب کيس رخصت ڪيو.
    ......................

    “بابا سائين توهان سان هڪ ڳالهه ڪرڻي آهي.” ميربل، سردار صاحب کي چيو.
    “ها چئه.” سردار صاحب ميربل ڏانهن متوجه ٿيو.
    “بابا سائين عبدالعالي ڪراچي جي هڪ وڏي ميڊيڪل ڪاليج ۾ پوزيشن کڻي پاس ٿيو آ. هاڻي هو اوڏانهن وڃڻ ٿو چاهي.” ميربل آهستي آهستي ڳالهه شروع ڪئي.
    “هُن توکي مون کان اجازت گهرڻ لاءِ چيو آهي؟” سردار صاحب ميربل کان پڇيو.
    “ها بابا سائين هو توهان جي اجازت سان وڃڻ چاهي ٿو.” ميربل پيءُ کي چڱي نموني سڃاڻي پيو انڪري هن ڪوڙ ڳالهايو.
    “هو مؤمن جو پٽ آهي، اتي وڃي وري هو خاندان لاءِ مصيبت ڪندو، انڪري بهتر آهي ته هو پنهنجي پڙهائي اتي ئي پوري ڪري.” سردار صاحب جواب ڏنو.
    “بابا سائين خاندان ۾ ڪوئي ڊاڪٽري پڙهيل هوندو، ته ان سان وڏو فائدو ٿيندو، توهان نه ڏٺو ته شهلا چاچي ٿورو گهڻو ان جي باري ۾ ڄاڻي پئي ته ڪيئن اسان جي مدد ڪئي هئائين.”
    ۽ بالاچ جي بيماري جي باري ۾ به جيڪڏهن عالي مون کي نه ٻڌائي ها ته شايد هن مهل تائين مون کي خبر ئي نه پوي ها. اتي به ڊاڪٽر الطاف جي ڪري مون کي بالاچ لاءِ سٺو ڊاڪٽر ملي ويو آهي.” ميربل پيءُ کي سمجهائيندي چيو.
    “پر هو ڇوڪرو ته اسان کي پنهنجو سمجهي ئي نٿو. ڏسين نٿو ته نه هو ڪڏهن هيڏانهن اوطاق ڏانهن آيو آهي، نه ئي وري اسان سان ڳالهائيندو آهي. ڪهڙي پڪ آهي ته هو ڳوٺ ڇڏي نه ويندو.” سردار صاحب ميربل ڏانهن سواليه نظرن سان ڏٺو.
    “بابا سائين هو ننڍو آهي، توهان کان ٿورو ڊڄندو هوندو. جيڪڏهن اسان کي پنهـنجو نه سمجهي ها ته اسان لاءِ ايترو ڪجهه ڇو ڪري ها! ۽ هو پڙهي پوندو تڏهن به توهان جو ئي نالو ٿيندو ته سردار صاحب پنهنجي ڀائٽي کي ڪنهن سٺي مقام تي پهچايو آهي.” ميربل آخري وار ڪيو.
    اها ڳالهه ٻڌي سردار صاحب جي نرڙ تي آيل گهنج غائب ٿي ويا.
    “ٺيڪ آ پر هن کي وري به سمجهائي ڇڏجانءِ.” سردار صاحب چيو.
    “حاضر بابا سائين.” ميربل پيءُ کي مطمئن ڪندي چيو.


    24

    ”آپا، عالي سڀاڻي ڪراچي ويندو توهان هلندؤ نه ان سان ملڻ لاءِ؟” وقت پنهنجي سيني ۾ ڪيئي راز کڻي تيزيءَ سان گذرندو رهيو. عالي جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ٿي ويئي، مروه کي اِن ڳالهه جي خبر پئي ته هوءَ ڀيڻ وٽ آئي.
    “ها”، صفا جواب ڏنو.
    “پوءِ ان کي گفٽ به ڏجو.” مروه شرارت مان مسڪرايو.
    “تون هروڀرو جون صلاحون نه ڏيندي ڪر مون کي.” صفا وراڻيو.
    “آپا، عالي ته پنهنجي خوشي جو به اظهار صحيح طرح سان نٿو ڪري. منهـنجي سليڪشن ٿي هان ته مان ته حويلي مٿي تي کڻان هان.” مروه هن کي چيو.
    “هو هميشه کان اهڙو ئي آهي، ڪڏهن پنهنجي ڪنهن به احساس کي ظاهر نه ڪندو آ، خوشي هجي يا ڏک.” صفا، مروه ڏانهن ڏٺو.
    “بلڪل توهان جهڙو آهي، پر سمجهڻ وارا ته پاڻ ئي سمجهي ويندا آهن نه، دل جي اکين سان ڏسي ڪري.” مروه وري کيس تنگ ڪرڻ لڳي.
    “ها جيئن تون سمجهي ويندي آهين.” صفا به مسڪرايو.
    صفا ڪجهه سوچيو ۽ پوءِ پنهنجي الماڙي مان اهو گفٽ ڪڍي پراڻي حويلي ويئي.
    عالي جي ڪمري ۾ اچي هوءَ دروازي وٽ بيهي رهي.
    “صفا، اچو، ڪوئي ڪم آهي؟” عالي کيس دروازي وٽ ڏسي پڇيو.
    صفا آهستي آهستي اندر آئي.
    “مروه ڪٿي آ ڀلا اڃان تائين مون سان ملڻ ڪونه آئي آهي.” عالي صفا کي اڪيلي ڏسي کانئس مروه جو پڇيو.
    “خبر ناهي اها ڪٿي هئي، هي مون توهان لاءِ آندو آهي.” صفا عالي ڏانهن گفٽ وڌائيندي چيو.
    “هي گفٽ ڪهڙي خوشيءَ ۾؟” عالي پڇيو.
    “توهان جي سليڪشن جي خوشيءَ ۾.” صفا اهو نه چئي سگهي ته هن اهو گفٽ ڪافي اڳ ورتو هو.
    “مهرباني.” عالي صفا کان گفٽ وٺندي چيو.
    “توهان کي اُتان ڪجهه به کپي ته مون کي چئجو، مان اتان وٺي ايندس.” عالي چيو.
    “آپا توهان هتي آهيو، مان توهان کي ڳوليان پئي.” مروه ڪمري ۾ داخل ٿيندي چيو، جڏهن ته هوءَ ڄاڻي واڻي سيرت جي ڪمري ڏانهن وئي هئي ته جيئن صفا عالي کي گفٽ ڏئي سگهي.
    “ڇو پئي ڳولين.” صفا هن کان پڇيو.
    “هيڏانهن وٺي اچڻ لاءِ.” مروه جواب ڏنو.
    “ٺيڪ آهي. مان شهلا چاچي سان ملي اچان ٿي.” صفا ڪمري مان نڪري ويئي.
    “مان تو سان پيڪنگ ڪرايان؟” مروه عالي کان پڇيو.
    “تون ڇڏ مان پاڻ ئي ڪندس.” عالي مروه کي چيو.
    “آخرڪار مون کي به ته ڪنهن ڪاليج وڃڻو پوندو ته تون به ته مون سان ڪرائيندين نه.” مروه هن کي چيو.
    “تون ڪيڏانهن ويندينءَ؟” عالي صفا جي ڏنل گفٽ جي مٿان ڪپڙو رکندي پڇيو.
    “هونئن ته منهنجي خواهش هئي ته جتي توهان پڙهندؤ مان به اتي ئي پڙهندس پر هاڻي مون سوچي ڇڏيو آهي ته جتي توهان چوندؤ اتي پڙهندس.” مروه هن کي ٻڌايو.
    “اڇا اڃا ٻي به ڪا پلاننگ آهي ته اها به ٻڌائي ڇڏيو، ميڊم.” عالي هن ڏانهن ڏسندي چيو.
    “بس ايتري ئي خواهش آهي منهنجي. ۽ توهان ان کي مذاق نه سمجهجو، مان بلڪل سيريس آهيان.” مروه هن ڏانهن اشهد اڱر سڌي ڪري چيو.
    “تنهنجي باري ۾ فيصلو ڪرڻ جو حق صرف چاچا کي آهي، ۽ ٻيو جنهن سان هو توکي منسوب ڪندا، اهو ڪري سگهي ٿو.” عالي مروه کي جذباتي ٿيندي ڏٺو ته ائين چيائين.
    “ان کي مان جيئن چوندم تئين ڪندو. جيڪڏهن ائين نه ڪيائين ته پوءِ هن کي به منهنجي خبر آهي.” مروه بي پرواهيءَ مان چيو.
    هن جي لا پرواهي ڏسي عالي جي حيرانگي جي انتها نه رهي. عالي کي لڳو مروه هن جي ڳالهه ٻڌي حيران ٿيندي پر هن ته اڳ ۾ ئي شاهمير جي باري ۾ به سوچي رکيو هو.
    “اهڙي ڳالهه آهي ته هو جڏهن ايندو ته هاڻي ئي هن سان ڳالهائي ڇڏيندم.” مروه عالي کي خاموش ڏسي وڌيڪ ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    “تون ايڏي تڪڙ نه ڪر مروه، مون ته سمجهيو پئي ته توکي اها خبر به نه هوندي پر تو ته سڀ ڪجهه سوچي ڇڏيو آهي.” عالي حيرت مان مروه ڏانهن ڏسي رهيو هو.
    “توکي خبر ناهي ته مان ڇا ڇا سوچيو آهي ۽ اها ڳالهه ته مون کي ننڍي لاءِ ئي ٻڌائي ويئي هئي. شروع ۾ ته مون کي اها ڳالهه خراب لڳي هئي، پر آهستي آهستي مون کي لڳو ته شاهمير ايترو به برو ناهي جيترو مون هن کي سمجهو هو.” مروه مسڪرايو.
    عالي، مروه جي ڳالهين تي حيران هو. هوءَ شاهمير کان تقريباً چار سال ننڍي هئي پر ڳالهين مان ائين پئي لڳي ڄڻ شاهمير هن کان چار سال ننڍو هجي.
    “جيڪڏهن هن توکي پڙهڻ جي اجازت نه ڏني ته پوءِ؟” عالي هن کان پڇيو.
    “مون کي پڪ آهي هو مون کي اجازت ڏيندو.” هن جي گهري ڪارين اکين ۾ غضب جو يقين هو.
    “ٺيڪ آهي، الله ڪندو هو تنهنجي هر خواهش پوري ڪندو.” عالي هن کي دل سان دعا ڏني.
    “هاڻي توهان صفا آپا جي گفٽ کولي ڏسو، مان هلان ٿي.” مروه کلندي چيو ۽ ڪمري مان ٻاهر هلي ويئي.
    “هيءَ ڇوڪري ڏاڍي خطرناڪ آهي.” هن جي ڳالهه ٻڌي عالي بي يقينيءَ ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ سوچيو.
    هن صفا جي گفٽ کولي ته هن ۾ گهڙي ۽ پرفيوم هئا. هوءَ چري ان گفٽ مان برٿ ڊي وارو شوپيس ڪڍڻ ڀلجي ويئي هئي، عالي ان شوپيس تان برٿ ڊي وشز پڙهي مسڪرايو ۽ گفٽ پنهنجي بيگ ۾ رکي ڇڏيو.
    سندس دل هڪ نئين جذبي سان همڪنار ٿي رهي هئي. هن جي ڇهين حس کيس ڪجهه غلط ٿيڻ جو اشارو ڏيئي رهي هئي، پر ان جذبي جو احساس ايترو مٺو هو جو هن دل جي هڪ به نه ٻڌي ۽ پنهنجي ذهن ۾ ايندڙ ٻين خيالن کي خاموش ڪرائي ڇڏيو.
    صبح جو 9 بجي واري گاڏيءَ ۾ عالي سيٽ بڪ ڪرائي هئي هن نئين حويلي وڃي به سڀني کان دعائون وٺي موڪلايو. شهلا جي اکين ۾ لڙڪ هئا.
    “عالي پنهـنجو خيال رکجو ۽ دل لڳائي پڙهائي ڪجو.” رات کان ئي شهلا عالي کي نصيحتون ڪرڻ شروع ڪيون هيون.
    “ها امي! اها ڳالهه توهان هزار دفعا چئي چڪا آهيو. مون کان جيترو ٿي سگهيو پنهـنجو خيال رکندس.” عالي پنهنجي سيني تي سڄو هٿ رکي چيو.
    ڊرائيور، عالي کي ڪوچ تائين ڇڏيو، پوءِ ڳوٺ واپس هليو ويو.
    سفر دوران عالي کي پنهنجي ماءُ شهلا ۽ سيرت جو خيال هو. هن انهن کي ڪڏهن ڳوٺ ۾ اڪيلو ڇڏڻ جو نه سوچيو هو. پڙهائي پوري ڪري امي وارن کي به هيڏانهن وٺي ايندس، هن سوچيو.
    ڊاڪٽر الطاف ايم.فل (M.Phil) ڪرڻ لاءِ ملائيشيا وڃي رهيو هو. ٻن ڏينهـن کان پوءِ ان جي فلائيٽ هئي، هو به ڪراچي ۾ ئي هو. عالي شام جو ڪراچي پهچي ان وٽ ويو جتان هي ٻئي گڏجي عالي جي هاسٽل تي ويا.
    هاسٽل پهچي ڊاڪٽر الطاف، عاليءَ سان گڏ هن جي ڪمري تائين آيو. هر ڪمري ۾ ٽن ڇوڪرن جي الاٽمينٽ هئي. عالي جي ڪمري ۾ ٻه ڇوڪرا اڳي ئي ويٺا هئا. ڊاڪٽر صاحب انهن سان پنهـنجو ۽ عالي جو تعارف ڪرايو.
    “منهنجو نالو ڪامران آهي ۽ آءُ به فرسٽ ايئر جو شاگرد آهيان.” هن ڊاڪٽر صاحب کي اردو ۾ ٻڌايو.
    “آءُ فيصل، فائينل ايئر. ٻي شاگرد به پنهـنجو تعارف ڪرايو.”
    ڊاڪٽر صاحب هن کي اتي ڇڏي واپس هليو ويو.
    فيصل ڏاڍو سٺو ڇوڪرو هو. هُن عالي ۽ ڪامران کي هاسٽل ۽ ڪاليج جي باري ۾ ٻڌايو.
    عالي پنهـنجو سامان ڪڍي الماري ۾ رکيو ۽ ڪتاب پنهنجي بيڊ جي ڀرسان واري ٽيبل تي رکيا.


    25

    “شهلا تون ڇو ايتري پريشان پئي ٿئين، اسان جو عالي هوشيار آهي، الله ڪندو ته هو ٺيڪ طرح سان اتي رهي سگهندو.” شهلا کي خاموش ويٺل ڏسي زينب چيو.
    “ها آپا ڄاڻان ٿي پر هو ڪڏهن گهر کان ٻاهر اڪيلو نه رهيو آهي نه انڪري اُلڪو ٿي پيو آهي. خبر ناهي خير سان پهتو هوندو الائي جي نه.” شهلا چيو.
    “اتي ٻيا آيل شاگرد به ته پنهـنجن گهرن کي ڇڏي آيا هوندا نه، عالي ته ٻڌائي پيو ته ٻين ملڪن کان به شاگرد اتي پڙهڻ ايندا آهن، ڏس اهي ته پنهـنجو ملڪ به ڇڏي ٿا اچن.” زينب هن کي سمجهايو.
    “سائڻ سائين عبدالعالي جن جي فون آئي آهي.” جميلا هال ۾ داخل ٿيندي شهلا کي ٻڌايو.
    شهلا جميلا جي ڳالهه ٻڌي، جلديءَ ۾ نئين حويلي ڏانهن ويئي. زينب ۽ سيرت به هن سان گڏ وڃڻ لڳيون.
    “السلام عليڪم امي.” شهلا رسيور کنيو ته عالي هن کي سلام ڪيو.
    “وعليڪم السلام، عالي ڪيئن آهيو پٽ، سفر ڪيئن گذريو، توهان جا روم ميٽس ڪير آهن؟ اهي سٺا ته آهن نه؟” شهلا هڪ دم ايترا سوال ڪري وئي.
    “امي مان ٺيڪ آهيان، ماحول به سٺو آهي هتان جو، ٻه روم ميٽس آهن، هڪ ڪامران جيڪو دبئي جو آهي ۽ ٻيو فيصل اهو پاڪستان جو ئي آهي. ٻئي ڏاڍا سٺا آهن.” عالي به هڪ ساهيءَ ۾ ئي جواب ڏيئي ڇڏيا.
    “ماني کاڌي اٿو؟ توهان کي رات جو ننڊ ته اچي ويندي نه پٽ؟” شهلا جا ته سوال ئي ختم نه پئي ٿيا.
    “ها امي ماني سٺي هوندي، اڃا ڪونه کاڌي آهي ۽ ٿڪاوٽ جي ڪري رات ڏاڍي ڀلي ننڊ ايندي. هاڻي توهان جا سوال ختم ٿي ويا هجن ته مون کي به پنهنجي خيريت ٻڌايو.” عالي پڇيو.
    “هتي به سڀ خيريت آهي.” شهلا جواب ڏيئي وري عالي کان اتان جا احوال پڇڻ لڳي.
    ان کان پوءِ عالي زينب، سيرت ۽ مروه سان ڳالهائي فون بند ڪئي.
    “مامي هاڻي ته خوش ٿي وڃو ته عالي سان ڳالهايوَ.” ڀرسان ويٺل ماهه نور شهلا کي چيو.
    “ها، عالي جو آواز ٻڌي منهـنجي پريشاني ختم ٿي ويئي آهي.” شهلا چيو.
    “ماهه نور تون ڪيڏانهن وڃين پئي؟” ماه نور جي تياري ڏسي زينب کائنس پڇيو.
    “ها جيجي. امان سائڻ بالاچ کي مرشد ڏانهن وٺي هلڻ جو چيو آهي.” ماهه نور جواب ڏنو.
    “ماهه نور جلدي ڪر يڪو تائين ڇا پئي ڪرين.” دُربيبي پنهنجي وڏي چادر ٺاهيندي هال ۾ گهِڙي.
    “ها امان سائڻ بس بالاچ کي ماني کارائي ڇڏي آهي.” ماهه نور چيو.
    “اوڏانهن ڇو پيا کڻي وڃو بالاچ کي، هُن جو علاج ته ڪراچيءَ مان ڪرايو پيا نه؟” سيرت ماهه نور کان پڇيو.
    “ها بس جهاڙ رکرائڻ لاءِ چيو آهي امان سائڻ.” ماهه نور جواب ڏنو.
    “هاڻي تون پوري ڳوٺ کي ٻڌائيندينءَ ڇا ته مان توکي زوري پئي وٺي وڃان. مون کي ته اڳي ئي خبر هئي ته تنهنجي دل مون سان هلڻ لاءِ تيار نه آهي.” دُربيبي ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    “امان سائڻ منهنجو مطلب اهو نه هو.” ماهه نور چيو.
    “سڀ مطلب سمجهان ٿي تنهـنجا.” دُربيبي ائين چئي دروازي ڏانهن وڃڻ لڳي ته ماهه نور بالاچ کي کڻي تڪڙي تڪڙي هن جي پويان هلي ويئي.
    درناز خاموشي سان پنهنجي ڌيءُ کي ويندي ڏسندي رهي.


    26

    ٻي ڏينهـن صبح جو عالي تيار ٿي، ڪامران ۽ فيصل سان گڏ ڪاليج ويو.
    ڪاليج جي عمارت جهڙي ٻاهران شاندار هئي تهـڙي اندران. ڪلاس شروع ٿيڻ ۾ باقي ٿورو ٽائيم هو، سو هو مختلف ڪلاسن کان گذرندا پنهنجي ڪلاس تائين پهتا. ڪلاس ۾ ڪل 150 شاگرد هئا جن ۾ اڪثريت ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي هئي. پهريون ڪلاس ڊين جو هو هُن پنهـنجو تعارف ڪرائڻ کان پوءِ شاگردن کي تعارف ڪرائڻ لاءِ چيو. تعارف ٻڌڻ کان پوءِ هن سبجيڪٽ جو تعارف ڪرائي پڙهائڻ شروع ڪيو.
    ليڪچر ختم ٿيڻ کان پوءِ ٻي ليڪچر ۾ اڃا ٽائيم هو، انڪري ڪامران، عالي کي ٻاهر وٺي آيو. ٻاهر ڪاريڊور ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون گهمي رهيا هئا. پهرئين ڏينهـن شاگرد شاگردياڻيون هڪ ٻئي سان ملي پنهنجو تعارف ڪرائي رهيا هئا. هي ماحول عالي لاءِ بلڪل نئون هو. سڀني جي وچ ۾ ايڏي بي تڪلفي ڏسي عالي پاڻ کي اتي Uncomfortable محسوس ڪيو. انڪري هو واپس ڪلاس ۾ اچي ويو.
    ٻيو ليڪچر به شروع ٿيو ته پروفيسر پنهـنجو تعارف ڪرائي پڙهائڻ شروع ڪيو. ليڪچر ختم ٿيندي ئي اڳيان سيٽ تي ويٺل هڪ ڇوڪريءَ پروفيسر کان ڪجهه سوال پڇيا جن جا جواب ڏيئي هو هليو ويو. ڪلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ شاگرد ان ڇوڪريءَ ڏانهن ستائشي نظرن سان ڏسڻ لڳا.
    ان کان پوءِ به ٻه ليڪچر ٿيا، جن ۾ ان ڇوڪريءَ ائين ئي پروفيسر کان سوال ڪيا. هن جا سوال ٻڌي عالي کي مروه ياد اچي ويئي. جيڪا ڪڏهن ڪڏهن عالي کي پاڻ ڏانهن متوجه رکڻ لاءِ ائين سوال ڪندي رهندي هئي. شايد هيءَ ڇوڪري به تڏهن ئي اهڙا سولا سوال پڇي رهي آهي. اهو سوچي، عاليءَ جي چپن تي هلڪي مرڪ اچي ويئي.
    "یار یہ تو بلا لگ رہی ہے۔" ڪامران، عالي جي ڪن ۾ چيو.
    عالي، ڪامران ڏانهن نظر وڌي، پوءِ ڪتاب ڏانهن ڏسڻ لڳو.
    ٻي ڏينهن عالي ليڪچر شروع ٿيڻ کان پهرين ڪلاس ۾ پهتو، هن جي ڀرسان واري سيٽ خالي هئي، انڪري اها ئي ڪلهه واري ڇوڪري عالي جي ڀرسان اچي ويٺي.
    “ايڪس ڪيوز مي توهان اٿي هن سيٽ تي ويهو، هتي منهنجي فرينڊ ويهندي.” ان ڇوڪريءَ عاليءَ کي چيو.
    عالي هن ڏانهن ۽ هن جي دوست ڏانهن ڏٺو ۽ خاموشيءَ سان اُٿي ٻي ڪرسيءَ تي ويٺو. اها ڇوڪري عالي جي سيٽ تي ويٺي ۽ ان جي پريان ان جي دوست ويٺي. ٻئي ڄڻيون ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳيون.
    ايتري ۾ ڊين ڪلاس ۾ اچي ويو ۽ هن ليڪچر ڏيڻ شروع ڪيو.
    “زارا اڄ به هي پوڙهو اسان جو دماغ کائيندو صبح سوير ئي.” ان ڇوڪريءَ جي دوست ان کي انگريزيءَ ۾ چيو. جنهن تي وري ٻئي کلڻ لڳيون. زارا جا هٿ تڪڙا تڪڙا رجسٽر تي هلڻ لڳا، هُن جون اکيون پروفيسر ڏانهن هيون پر هن جا هٿ ان جا چيل لفظ پنن تي اتاري رهيا هئا.
    عالي هن کي ايتري تيز رفتاريءَ ۾ لکندي ڏسندي ٿڪجي آخر ان منظر تان نظر هٽائي ۽ ليڪچر ٻڌڻ لڳو. ليڪچر ختم ٿيندي ئي وري هن ڇوڪري پروفيسر کان سوال پڇڻ شروع ڪيا.
    “توهان فضول سوال پڇي ڪلاس جو ٽائيم ضايع ڪري رهيا آهيو.” ڪجهه سوالن جا جواب ڏيڻ کان پوءِ پروفيسر زارا کي چيو ته زار به چپ ٿي ويئي.
    ....................

    عالي کي اُتي پڙهندي هڪ مهينو گذري ويو ته ڊين پوري ڪلاس جي ٽيسٽ ورتي. ڪلاس جي اڌ شاگردن جي ته ٽيسٽ ڏسندي ئي بلڊپريشر گهٽ ٿي ويو. عالي جي لاءِ ٽيسٽ ايتري مشڪل نه هئي ۽ هن کي فيصل اڳ ۾ ئي ٻڌايو هو ته ڊين هميشه سرپرائز ٽيسٽ وٺندو آهي. انڪري پنهنجي طرفان تياري ڪري ڇڏي هئي.
    ٻي ڏينهـن صبح جو ئي رزلٽ، نوٽيس بورڊ تي لڳل هئي. عالي جيئن ئي پهتو ته ڪلاس جي ڪجهه ڇوڪرن اچي کيس مبارڪ ڏني. عالي رزلٽ ڏٺي ته ٽيسٽ ۾ 25 مارڪن مان صرف ٻن شاگردن جو 23 مارڪون آيون هيون. عالي ۽ معز رفيق. عالي رزلٽ ڏسي ڪلاس ۾ گهڙيو ته سامهون کان ايندڙ هڪ شاگرد کيس روڪيو.
    “معز رفيق.” ان شاگرد عالي ڏانهن هٿ وڌائي پنهنجو تعارف ڪرايو.
    “عبدالعالي.” عالي به هن ڏانهن هٿ وڌايو.
    معز، عاليءَ جي ڀرسان ئي ويهي رهيو.
    ڊين جو ڪلاس شروع ٿيو ته ان عالي ۽ معز جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي.
    ان ڏينهـن کان پوءِ معز ۽ عالي جي دوستي ٿيڻ لڳي. معز جي فيملي دبئي ۾ رهندي هئي، هو پاڪستان پنهنجي پڙهائيءَ لاءِ آيو هو.
    هر مهيني هنن جي ٽيسٽ ٿيندي رهي جنهن ۾ ٻئي ڄڻا اڳتي رهندا هئا.

    “تون گهر نه ويندين ڇٽين ۾؟” سيمسٽر پورو ٿيو ته عالي ڳوٺ وڃڻ جي تياري ڪئي، انڪري هن معز کان پڇيو.
    “نه ايترا ٿورا ڏينهـن آهن، نٿو وڃي سگهان.” معز جواب ڏنو.
    “مون سان گڏ هل ڳوٺ؟” عالي کيس ڳوٺ هلڻ جي دعوت ڏني.
    “منهـنجي پيءُ جو ڳوٺ به ان طرف ئي آهي ۽ مون کي ڏاڍو شوق آهي اهو علائقو گهمڻ جو. هن دفعي نه، پر ڪڏهن نه ڪڏهن توسان گڏ ضرور هلندس.” معز هن کي ٻڌايو.
    “اڇا، ڪهڙو ڳوٺ آهي؟” عالي کانئس پڇيو.
    “سکر، پر اوڏانهن ڪڏهن منهنجو پيءُ به نه ويو آهي. بابا جي پيدائش کان پوءِ منهنجو ڏاڏو هتي شفٽ ٿيو هو پوءِ بابا جيئن ئي بزنس شروع ڪئي، ته ٻاهرين ملڪن ۾ رهڻ شروع ڪيائين ته پاڪستان ڏانهن مڙي به نه ڏٺائين.” معز ٻڌايو.
    “ٺيڪ آهي ڪڏهن گهڻا ڏينهـن ڇُٽيون ملنديون ته هلجانءِ. شاهمير توکي سڄو علائقو گهمائيندو. ان جو به شوق پورو ٿي ويندو.” عالي مسڪرائيندي چيو.
    شاهمير جي باري ۾ عالي معز کي اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو. تياري مڪمل ڪري هو معز کان موڪلائي ڳوٺ هليو ويو.


    27

    “عالي تون هتي!” عالي ڳوٺ ڪنهن کي اطلاع نه ڏنو هو، انڪري حويلي جي گيٽ وٽ شاهمير ڪاري پينٽ ۽ بادامي رنگ جي ٽي شرٽ پاتل عالي کي ڏسي حيرت ۾ رڙ ڪئي.
    “ڇو نٿو اچي سگهان ڇا؟” عالي کيس ڀاڪر پائيندي چيو.
    “تنهنجو ئي گهر آهي اچي سگهين ٿو.” شاهمير به هن کي ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو.
    “يار ڪمزور پيو لڳين ڏاڍو.” شاهمير پيرن کان منهن تائين عالي جو جائزو ورتو.
    “تون گهڻن ڏينهـن کان پوءِ ڏٺو آهي نه انڪري ائين ٿو لڳئي.”
    “مامي، جيجي، سيرت ڪٿي آهيو؟” شاهمير پراڻي حويلي ۾ داخل ٿيندي ئي وڏي آواز ۾ سڀني کي سڏيو.
    “ڇا ٿيو شاهمير خير ته آهي!؟” شهلا ڪمري مان نڪرندي چيو.
    شاهمير جي پويان عالي کي ڏسي ڪمري جي دروازي وٽ ئي بيهي رهي.
    عالي اڳيان اچي پنهنجي اميءَ جا پير ڇُهيا، زينب ۽ سيرت به ٻاهر آيون ۽ عالي سان مليون.
    “ڪيڏو ڪمزور ٿي ويو آهين ۽ مون کي فون تي چوندو رهين ته امي مان موٽو ٿي ويو آهيان.” سندس ماءُ سامهون ويٺل عالي سان شڪايت ڪئي.
    “لالا مون کي ته توهان اڳي کان به وڌيڪ هينڊسم لڳي رهيا آهيو.” سيرت ڀاءُ کي ڏسي مسڪرايو.
    عالي ٻنهـي جون ڳالهيون ٻڌي بس مسڪرائيندو رهيو.
    رات جي ماني تائين شاهمير به اتي ئي رهيو. عالي سان ڪچهري ڪري هو واپس نئين حويلي هليو ويو.

    “اڄ ايتري دير سان گهر آيو آهين ڀلا؟” صفا هال ۾ ئي ويٺي هئي شاهمير به هن ڏانهن آيو ته صفا هن کان پڇيو.
    “ٻڌايو اڄ شهلا چاچي وارن وٽ ڪير آيو آهي؟” شاهمير صفا جي سوال کي نظرانداز ڪندي پڇيو.
    “عالي؟” صفا عالي جو نالو وٺي شاهمير ڏانهن سواليه نظرن سان ڏسڻ لڳي.
    “ها.” شاهمير، صفا ڏانهن ڏسي شرارت مان مسڪرايو.
    “ڪيڏي مهل آيو آهي؟” صفا پڇيو.
    “شام آيو آهي.” شاهمير ٻڌايو
    صفا جي چهري تي ڄڻ زندگي اچي ويئي. شاهمير هِن کي تنگ ڪرڻ جو ارادو ملتوي ڪري مٿي وڃڻ لڳو.
    “آپا مان مٿي ٿو وڃان ننڊ پئي اچي.” شاهمير صفا جي سوال جو جواب ڏيئي مٿي وڃڻ لڳو.
    “ها مان به پنهنجي ڪمري ڏانهن ٿي وڃان آرام ڪرڻ” صفا به اٿندي چيو.
    “شب بخير آپا.” شاهمير چيو ۽ ڏاڪڻيون چڙهندو مٿي هلي ويو.
    صفا جا قدم لاشعوري طور تي پراڻي حويلي جي گِرل ڏانهن کڄي ويا. هن لوهي گيٽ ۾ هٿ وجهي، پراڻي حويليءَ ڏانهن ڏٺو. عالي اڱڻ ۾ رکيل صندل تي ليٽيو پيو هو. کيس اڇو پهراڻ پاتل هو ۽ چنڊ جي روشنيءَ ۾ هن جا ڀورا ناسي وار سونهري لڳي رهيا هئا. صفا کي هو اڳي کان به وڌيڪ پرڪشش لڳو.
    صفا ان جي نظرن جو تعاقب ڪندي، آسمان ڏانهن ڏٺو. آسمان تي چوڏهينءَ جو چنڊ چمڪي رهيو هو، جنهن کي هو غور سان ڏسي رهيو هو. هن اڳ ۾ به عالي کي اتي ئي چنڊ کي گهوريندي ڏٺو هو. کيس ياد آيو ته عالي کان هڪ دفعي مروه پڇيو هو ته توکي چنڊ وڻندو آهي يا ستارا؟ تنهـن تي عالي هن کي جواب ڏنو هو ته هن کي چنڊ وڻندو آهي پر جڏهن هو آسمان تي روشن هوندو آهي تڏهن.
    صفا هن کي تيستائين ڏسندي رهي جيستائين عالي به گِرل ڏانهن نهاريو. صفا کي ڏسي هن جي دل وري هڪ نئين انداز ۾ ڌڙڪڻ شروع ڪيو، پر ڪجهه ئي دير ۾ هو ڄڻ ڪنهن خوف وچان اتان اُٿي اندر هليو ويو.
    “مان چنڊ جيتري خوبصورت ته ناهيان پر اهڙي به ته نه هوندم جو هو مون ڏانهن هڪ نظر به نه وجهي.” صفا پنهنجي ڪمري ڏانهن ويندي سوچيو.
    ڪمري ۾ اچي هن پنهنجي ڊائري کولي ۽ ڪجهه لکڻ شروع ڪيو.
    “مري وڃڻ کان پوءِ جڏهن مان هڪ ستارو بڻجي وينديس ته پوءِ به تون مون ڏانهن نه ڏسندين؟
    مڃان ٿي ته چنڊ توکي وڻندو آهي پر،
    مهيني جا شروع وارا ڇهه ست ڏينهـن ۽
    آخر وارا اٺ نَوَ ڏينهـن،
    چنڊ آسمان تي نه هوندو آهي،
    ته پوءِ اِن وقت به تون مون ڏانهن نه ڏسندين؟
    مڃان ٿي مان هڪ روشن ستارو بڻجي نه سگهنديس
    پر ڪڏهن ڪڏهن جهڙ روشن ستارن جي اڳيان
    ايندو آهي ته ڌنڌلا ستارا ظاهر ٿي پوندا آهن،
    ڇا ان وقت به تنهنجي نظر مون تي نه پوندي؟
    صبح جو فجر وقت هڪ ستارو
    جيڪو گهڻو چمڪندو آهي،
    ان جي ويجهو هڪ ننڊڙو ستارو به هوندو آهي،
    جيڪڏهن مان اهو بڻجي وڃان
    ته ڇا تڏهن به تنهنجي هڪ غيرارادي نظر
    مون ڏانهن نه ايندي؟
    جڏهن رات جو بارش کان پوءِ ماڻهو آسمان
    تي ستارا نڪرڻ جو انتظار ڪندا آهن.
    ۽ اوچتو هڪ ننڍڙو ستارو نڪري ايندو آهي.
    ماڻهو ان کي پاڻ وٽ ٻڌي رکڻ جي خواهش ڪندا آهن.
    جيڪڏهن مان اهو ٿي وڃان
    ته پوءِ به مون کي پاڻ وٽ ٻڌي نه رکندين؟”
    صفا پنهنجي ڊائري بند ڪري سمهڻ لاءِ بيڊ ڏانهن هلي ويئي.

    ........................

    صبح جو سوير ئي عالي جي اک کلي ويئي،سندس اکين اڳيان اهو ئي حسين چهرو هو جيڪو رات جو سمهڻ کان پهرين هو ڏسي سمهيو هو.سندس دل ۾ هڪ عجيب خوشي هئي ته رات اڱڻ ۾ ويهي جنهن جو انتظار پئي ڪيائين اها هن جي دل جو آواز ٻڌي اتي آئي هئي. چهري تي پرسڪون مسڪراهٽ وکري وئي. ٻاهران ٻارن جو آواز اچي رهيو هو جيڪي شهلا کان قرآن پاڪ جو سبق وٺي رهيا هئا.
    عالي فريش ٿي ٻاهر آيو ته سندس ماءُ ٻارن کي فارغ ڪري ڇڏيو هو. پر، پاڻ اڃا هيٺ فرش تي ئي ويٺي هئي.
    “ايڏو جلدي اٿي ويئو؟” شهلا هن کي ڏسندي ئي چيو.
    “ها بس ننڊ پوري ٿي ويئي.” عالي چيو ۽ اچي ماءُ جي هنج ۾ مٿو رکي سمهي پيو.
    شهلا هن جي وارن ۾ پيار سان آڱريون ڦيرائڻ لڳي.
    “امي سيرت اٺ جماعتون پوريون ڪري ڇڏيون آهن، مان سوچيان پيو ته هاڻي هن جي داخلا ڪنهن سٺي اسڪول ۾ ڪرايان.” عالي اٿي ويٺو.
    “ايڊميشن ته ڪرائجيس پر پوءِ هوءَ امتحان ڪيئن ڏيندي عالي توهان کي ته خبر آهي هتان جي ماحول جي.” شهلا، عالي کي چيو.
    “ان ماحول جو اسان سان ڪو تعلق ناهي امي، مان سيرت کي ڪيئن به ڪري پڙهائيندس. هونئن به اسان کي هميشه هتي ناهي رهڻو جو هتان جي ماحول جي حساب سان هلون.” عالي جواب ڏنو.
    “ائين نٿو ٿي سگهي عالي.” شهلا پريشان ٿيندي چيو.
    “مطلب توهان به پنهنجي سوچ هتان جي ماحول جي حساب سان ٺاهي ڇڏي.” عالي حيران ٿيندي ماءُ ڏانهن ڏٺو.
    “آءُ ڪجهه نٿي ڪري سگهان عالي، ڇو ته آءُ ڪنهن جي احسانن جي ٻوجهه هيٺ آهيان.” شهلا جي منهن تي پريشاني هئي.
    “توهان اگر ڪجهه نٿيون ڪري سگهو ته بس مون کي سيرت جي ايڊميشن جي اجازت ڏيو، ٻيو سڀ مان پاڻ ڪري وٺندس.” عالي پيار مان ماءُ جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ کنيو.
    “بلڪه مان ان جي ايڊميشن ڪراچيءَ ۾ ڪرائيندس، هتي ايڊميشن هوندس ته مون کان بنا امتحان ڏيڻ ۾ مشڪل ٿيندس.” عالي جي ذهن ۾ اوچتو خيال آيو.
    “عالي توهان کي ڇا ٿي ويو آهي پٽ، هتي ڪڏهن ڀرسان واري شهر ۾ ئي ڇوڪريون پڙهڻ لاءِ نه ويون آهن، ته ڪراچي ڪيئن هلي سگهندي سيرت؟!” شهلا پڇيو.
    “امي اتي امتحان ڏيڻ وڌيڪ آسان رهندو. ادا ميربل هر مهيني ماهه نور آپا سان گڏ ڪراچي ايندو آهي، سال ۾ هڪ دفعو سيرت کي اوڏانهن گهرائڻ منهـنجي ذميداري آهي، مان بس ان اسڪول مان سليبس توهان کي وٺي ڏيندس، توهان سيرت جي پڙهائي ۾ مدد ڪجو.” عالي ماءُ کي سمجهايو.
    “ادا کي خبر پئجي ويئي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟” شهلا پڇيو.
    “انهن کي خبر نه پوندي. اڃا هتي ايڊميشن وٺان هان ته هنن کي جلدي خبر پئجي وڃي هان. اتي ته ڪوئي هنن جو ڄاڻ سڃاڻ وارو به ناهي.” عالي چيو.
    ايتري ۾ سيرت به اتي آئي ته عالي کيس اها ڳالهه ٻڌائي.
    “لالا توهان صبح صبح ئي مون کي اهڙي سُٺي خبر ٻڌائي آهي، هاڻي ته سڄو ڏينهـن سٺو گذرندو.” سيرت خوشيءَ مان چيو.
    عالي ڀيڻ جي چهري تي خوشي ڏسي مرڪيو.
    مروه کي عالي جي اچڻ جي خبر پئي ته هن ان وقت ئي پراڻي حويلي جو رخ ڪيو.
    “عالي، عالي!” پراڻي حويلي ۾ داخل ٿيندي ئي مروه عالي کي سڏيو.
    “مان هتي آهيان مروه، پُڦو جي ڪمري ۾.” عالي، مروه جو آواز ٻڌندي ئي جواب ڏنو.
    “اِها ته چيٽنگ آهي، اچڻ کان پهرين گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته ٻڌائين هان.” مروه ڪمري ۾ اندر ايندي ئي عالي سان شڪايتون شروع ڪري ڏنيون.
    “سلام ته ڪر چري ڇوڪري.” زينب کيس ٽوڪيو.
    “تون ايترن ڏينهن ۾ هڪ دفعو به مون کي ياد نه ڪيو، ۽ مان وري سڄي حويلي مان صرف توکي اطلاع ڪيان ها.” عالي به هن کي ميار ڏني.
    “هاڻي ائين ٿي سگهي ٿو ڇا ته مروه بهرام خان کان ڪڏهن عالي وسري سگهي، توهان کي ان جو احساس ٿيڻ نه ڏنم اها ٻي ڳالهه آهي.” مروه عالي کي چيو.
    “عالي تون هن ڇوڪري کي بگاڙي ڇڏيو آهي، هن اگر اهڙيون حرڪتون ٻين جي سامهون ڪيون ته سڄو ڏوهه تو تي اچي ويندو.” زينب عالي کي چيو.
    “پُڦو جاني هتي اچي ئي ته مان ائين ڪندي آهيان، ۽ ڪير آهي اهڙو جيڪو عالي کي ڪجهه چوي.” مروه اڄ زينب کي پيار مان ڀاڪر پائيندي جيجي جي بدران پڦو چيو.
    “مون کي يقين آهي ته مروه ٻي ڪنهن جي سامهون اهڙي حرڪت نه ڪندي.” عالي مروه ڏانهن شفقت مان ڏٺو.
    “اها ئي ته ڳالهه آهي نه، عالي کان علاوه ڪوبه مون تي يقين نه ڪندو آهي.” مروه معصوم شڪل ٺاهي.
    “ڊرامي باز.” عالي جي ڀرسان ويٺل سيرت کيس چيو ته هوءَ کلڻ لڳي.
    “صفا ڪٿي آهي؟” عالي هن کان پڇيو.
    “امان سائڻ جي ڊپ کان لڪي پئي هئي ڪٿي، انڪري مان هلي آيس.” مروه چيو.
    “بس تون هڪڙي ئي اسان جي گهر ۾ بهـادر آهين. ٻيا ته سڀ بزدل آهن.” شاهمير، صفا سان گڏ ڪمري ۾ ايندي چيو.
    “توکي پنهنجي گهر ۾ به مزو ايندو آهي يا نه.” مروه آهستي آواز ۾ ڀڻڪيو.
    “نه، جيئن تو کي هتي مزو ايندو آهي تيئن مون کي به هتي ئي مزو ايندو آهي.” شاهمير وراڻي ڏني.
    “عالي تون هتي ڪيترا ڏينهـن آهين؟” شاهمير عالي کان پڇيو.
    “ٽي ڏينهـن.” عالي ٻڌايو.
    “بس ايترا ٿورا ڏينهـن.” شاهمير چيو.
    “ها، وري ٻيو سيمسٽر شروع ٿيندو.” عالي ٻڌايو
    “اهي ٿورا ڏينهن عالي کي گهر ۾ رهڻ ڏجانءِ، مون کي هن کان کوڙ ساتريون ڳالهيون پڇڻيون آهن.” مروه شاهمير کي چيو.
    “ٺيڪ آهي.” شاهمير چيو.
    “في الحال ته تون مون سان گڏ اسڪول هل، ٿورو ڪم آهي.” عالي شاهمير کي چيو.
    “ڪهڙو ڪم آهي.” شاهمير پڇيو.
    “هل رستي ۾ ٻڌايانءِ ٿو، امي اسان اچون ٿا ٿوري دير ۾.” عالي ڪمري مان نڪرندي ماءُ کي اطلاع ڏنو.
    “مون کي سيرت جو سرٽيفڪيٽ وٺڻو آهي.” عالي شاهمير کي رستي ۾ ٻڌايو.
    “ڇو؟” شاهمير هن کان پڇيو ته هن پنهـنجو ارادو هن جي اڳيان ظاهر ڪيو.
    “اها ته سٺي ڳالهه آ پر توکي نٿو لڳي ته رسڪي Riskey ڪم آهي اهو؟” شاهمير هن کان پڇيو.
    “هجي به، جيڪو ٿيو ان کي ڏسي وٺبو.” عالي لاپرواهي مان جواب ڏنو.
    “ٺيڪ آ جلدي هل ته هلون، ڪٿي ماستر صاحب اٿي نه وڃي.” شاهمير چيو.
    اسڪول پهچي هنن کي خبر پئي ته ماستر صاحب ڪجهه ڏينهـن کان اسڪول نه پيو اچي، هن جي طبيعت خراب آهي.
    عالي پريشان ٿيو ڇو ته هن وٽ ٿورا ڏينهن هئا.
    “ماستر صاحب جي ڳوٺ هلون؟” شاهمير پڇيو.
    “ها.” عالي جلدي وراڻيو.
    شاهمير ٻي استاد کان ماستر صاحب جي ڳوٺ جو نالو پڇيو ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا حويلي آيا.
    شاهمير جلدي وڃي هيبت خان کان ان جي گاڏي جي چاٻي وٺي آيو ته ٻئي ڄڻا ماستر جي ڳوٺ ڏانهن روانا ٿيا.

    “شاهمير مون کي توکان هڪ فيور Favor کپي.” رستي ۾ عالي هٻڪندي شاهمير سان ڳالهه شروع ڪئي.
    “ها ٻڌاءِ نه، ايڏو تڪلف ڇو پيو ڪرين؟” شاهمير عالي ڏانهن ڏٺو.
    “مان سوچيان پيو سيرت سان گڏ مروه جي به ايڊميشن ڪرايان، پر ان لاءِ تنهنجي ساٿ جي گهرج پوندي.” عالي پراميد نگاهن سان شاهمير ڏانهن ڏٺو.
    “پر جيڪڏهن بابا سائين وارن کي خبر پئجي ويئي ته مون سان گڏ مروه جي به شامت اچي ويندي.” شاهمير وراڻيو.
    “ائين به ته ٿي سگهي ٿو نه ته ڪنهن کي خبر نه پوي. پوءِ سوچ ته مروه تنهنجي ڪيتري شڪرگذار ٿيندي.” عالي شاهمير کي سمجهايو.
    “ٺيڪ آهي، مان سوچي پوءِ توکي ٻڌائيندس.” شاهمير سنجيدگي مان کيس جواب ڏنو.
    ماستر صاحب جو ڳوٺ تمام ننڍو هو. ڳوٺ جي شروع ۾ ٿوري مٿاهين تي ڪچي سرن سان هڪ ننڍڙي مسجد ٺهيل هئي جنهن کي چيڪي مٽي جي گاري سان ڍڪيو ويو هو.
    هي ماستر صاحب جي پڇا ڪندا سندس گهر پهتا.
    ماستر صاحب جو پٽ هنن کي گهر وٺي ويو، جتي ورانڊي ۾ رکيل هڪ کٽ تي ماستر صاحب ليٽيو پيو هو.
    عالي هن سان ملي ان جي خيريت معلوم ڪئي ۽ پوءِ پنهنجي اچڻ جو مقصد ٻڌايو.
    “پٽ منهنجي طبيعت هاڻي بهـتر آهي، مان انشاءالله سڀاڻي اچي توهان کي سرٽيفڪيٽ ڏيندس.” ماستر صاحب هنن کي ٻڌايو.
    عالي پنهنجي کيسي مان ٻٽون ڪڍي ماستر صاحب کي ڪجهه پئسا ڏنا ۽ هن کان موڪلايو.
    گرمين جي موسم هئي، گاڏي کان ٻاهر ڄڻ ته باهه وسي رهي هئي. هي ٻئي ڄڻا ٿوري دير لاءِ ٻاهر ڇا نڪتا پگهر ۾ شل ٿي ويا.
    گاڏيءَ ۾ ويهڻ سان ئي شاهمير A.C هلائي، ٿوري دير سيٽ تي ٽيڪ لڳائي ويٺو.
    ٿوري دير کان پوءِ هن گاڏي اسٽارٽ ڪئي.
    هو اڃا ٿورو اڳتي هليا ته رستي تي هڪ ماڻهو بيٺو هو جنهن جي پويان بيٺل وڻ جي هيٺان هڪ عورت ليٽي پئي هئي ۽ هڪ ٻار ان جي ئي ڀرسان بيٺو هو.
    عالي شاهمير کي گاڏي روڪڻ جو چيو.
    “هتي ڇو بيٺا آهيو؟” شاهمير گاڏي روڪي ان ماڻهوءَ کان پڇيو. سائين منهنجي گهرواري کي ڏاڍي تڪليف آهي. کيس اميد واري آهي، پريان هڪ ڳوٺ ۾ دائيءَ ڏانهن وڃڻو آهي پر ڪا سواري نه پئي ملي.”
    عالي لٿو ۽ ان همراهه سان گڏ ان عورت کي گاڏي ۾ ويهاريو. هن جو ننڍڙو پٽ ماءُ کي تڪليف ۾ ڏسي رڙيون ڪري رهيو هو.
    “تڪليف ڪهڙي وقت کان آهي توهان جي گهرواريءَ کي؟” گاڏي ۾ ويهڻ کان پوءِ عالي ان کان پڇيو.
    “سائين صبح کان اٿس، منهـنجو گڏهه به ڪلهه ئي مري ويو آ انڪري ٻين جي سوارين جي انتظار ۾ اتي اچي بيٺو هئس.” ان ماڻهو هِن کي ٻڌايو.
    عالي هر هر ان عورت ڏانهن ڏسي رهيو هو، جيڪا هن ٻن غير مردن جي موجودگي ۾ تڪليف کي خاموشيءَ سان برداشت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي پر ڪنهن ڪنهن وقت هن کان آواز نڪري پئي ويو. هن جو مڙس هن کي دلاسو ڏيئي رهيو هو ته بس هاڻي ڳوٺ پهچڻ وارو آهي.
    شاهمير به گاڏي جي رفتار تيز ڪري ڇڏي پر ڪجهه ئي دير ۾ پويان ايندڙ آواز بند ٿي ويا.
    عالي پويان ڏٺو ته ان عورت جو ڪنڌ پنهنجي مڙس جي ڪلهي تي لڙڪيل هو. هن شاهمير کي گاڏي روڪڻ لاءِ چيو ۽ جلدي ۾ پنهنجي سيٽ تان لهي پٺيون دروازو کوليو. هن ان عورت جي نبض چيڪ ڪئي.
    عالي ان جي مڙس کي سيٽ تان لاهي ان جون اکيون ۽ دل جي ڌڙڪن چيڪ ڪئي پر عزرائيل جي رفتار شاهمير جي گاڏي جي رفتار کان تيز ثابت ٿي هئي. عالي خالي نگاهن سان گاڏي مان ٻاهر بيٺل ان عورت جي مڙس ڏانهن ڏٺو، جنهن هن جي نظرن کي پڙهندي ئي پنهنجي پٽ کي سيني سان لڳائي روئڻ شروع ڪيو.
    عالي ان کي واپس گاڏي ۾ ويهاريو ۽ شاهمير گاڏي کي واپس هن جي ڳوٺ ڏانهن موڙيو.
    “سائين منهنجو ته نصيب ئي ڦٽل آهي، پوئين مهيني ئي وڏي پٽ کي ڪالرا ٿي اهو به ائين ئي اکين جي اڳيان تڙپي تڙپي مري ويو هاڻي ان جي ماءُ به مون کي ڇڏي ويئي.” ان همراهه روئندي هنن کي ٻڌايو.
    عالي جي اکين مان به بي اختيار لڙڪ ڪِرڻ لڳا. سندس اکين اڳيان زمين تي پيل پنهنجي پيءُ جو لاش ۽ ان جي اردگرد ڦهليل رت هئي. دل هڪ دفعو ٻيهر ڪنهن عزيز وجود کان محروم ٿيڻ جي احساس هيٺ ٻڏي ويو. هو هن معصوم ٻار جي غم کان واقف هو جيڪو هن مهل رڙيون ڪري روئي رهيو هو. هو ڄاڻي پيو ته بس هي ڪجهه ڏينهـن ئي ماڻهن جي سامهون پنهنجي قسمت تي روئي سگهندو، پوءِ ته دنيا هن کي ايترو مضبوط بنائي ڇڏيندي جو هو اڪيلائيءَ ۾ به نه روئي سگهندو.
    انهن جي ڳوٺ پهچي عالي ۽ شاهمير ان ماڻهو سان گڏ ان جي گهرواري کي گهر اندر آندو جتي ٻيا به ٽي چار ٻار موجود هئا، ۽ ان عورت کي کٽ تي سمهيل ڏسي امان امان ڪري کٽ کي چنبڙي پيا. گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. هي ٻئي اتان نڪري واپس ڳوٺ لاءِ روانا ٿيا.
    سڄو رستو هن ٻنهـي مان ڪنهن هڪ ٻئي سان نه ڳالهايو. شاهمير، عالي سان گڏ ئي هن جي گهر آيو. هن شهلا ۽ زينب کي عالي کي ڊسٽرب نه ڪرڻ لاءِ چيو.
    عالي ته اچڻ سان ئي پنهنجي ڪمري ڏانهن هليو ويو. هن جي اکين جي اڳيان هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي پيءُ جو رت سان ڀريل لاش اچي ويو. هن جي ڪنهن ۾ معصوم ٻارن جون پنهنجي ماءُ لاءِ ڪيل دانهُن جا پڙاڏا گونجي رهيا هئا.
    خبر ناهي ڪيترا ٻار روز ائين پنهنجي والدين جي مهربان ساين کان محروم ٿي ويندا هوندا ۽ خبر ناهي ڪيترين مائرن جون هنجون روز اجڙنديون هونديون.
    اهي ڳالهيون سوچيندي سوچيندي خبر ناهي ڪهڙي مهل هن کي ننڊ اچي ويئي.
    هن جي اک شام جو کلي، هو فريش ٿي ٻاهر آيو ته اتي سڀ ويٺا هئا. عالي جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون هيون.
    “تنهنجون اکيون ڇو ايتريون ڳاڙهيون ٿي ويون آهن.” مروه عالي کي ڏسي ان کان پڇيو.
    “گهڻي ننڊ ڪئي آهي انڪري. اڄ ڀلا ڪوئي پڙهي نٿو سڀئي ڳالهيون پيا ڪيو.” عالي ڳالهه مٽائي.
    “اسان ڪراچي وڃڻ جي پلاننگ پيا ڪريون.” مروه خوشيءَ وچان ٻڌايو.
    “ڪراچي؟” عالي حيرانگيءَ مان پڇيو.
    “ها. ادا ميربل اسان کي چيو آهي ته هن دفعي جڏهن هو بالاچ کي اوڏانهن وٺي ويندا ته اسان کي به ڪراچي گهمائڻ وٺي ويندا.” مروه هن کي ٻڌايو.
    عالي، ماءُ ڏانهن ڏسي مسڪرايو.
    “اهو ته ڏاڍو سٺو.” عالي جون اکيون شڪر ۾ آسمان ڏانهن کڄي ويون.
    عالي جي اڌ مشڪل ته آسان ٿي ويئي هئي، “ادا ميربل سان ڳالهائڻ ۾ ايتري مشڪل نه ٿيندي.” عالي سوچيو.
    شهلا، عاليءَ جو چهرو ڏسي سمجهي ويئي ته هو ڇا سوچي رهيو آهي، هوءَ به هن ڏانهن ڏسي مُرڪي.
    “عالي اسان جڏهن اوڏانهن اچون ته توکي ڇُٽي ڪرڻي پوندي. اسان توسان گڏ ئي گهمنداسين.” مروه هن کي چيو.
    “حاجره هي سڀ ته گهمڻ جي پلاننگ ڪري رهيون آهن، توهان ته پڙهو نه.” عالي، حاجره کي ڏٺو ته هن کي چيو.
    “حاجره اڄ سوير ئي پڙهي ڇڏيو آهي.” شهلا هن کي جواب ڏنو.
    “حاجره ڪاليج ۾ مزو اچي ٿو؟” عالي هن کان پڇيو.
    “ها ادا مون کي ڪاليج ۾ ڏاڍو مزو ايندو آهي ۽ ميڊم پڙهائي ۾ منهنجي ڏاڍي تعريف ڪندي آهي.” حاجره عالي کي ٻڌايو.
    “اها ته تمام سٺي ڳالهه آهي. مون وٽ ڪجهه ڪتاب پيا آهن، مان ڪڍي رکندم اڄ، توهان اهي سڀاڻي کڻي وڃجو.” عالي کيس چيو.
    “ها کڻي ويندم.” حاجره چيو.
    “عالي، توهان حاجره جي ڪارنامي تي ان جي تعريف نه ڪئي.” شهلا، عالي کي چيو.
    “ڪهڙو ڪارنامو؟” عالي پڇيو.
    “هن کي ته خبر ئي ناهي.” زينب چيو.
    “هن ڳوٺ جي هڪ ماڻهو کي زخمي ڪري وڌو.” مروه کلندي چيو ۽ سڀئي کلڻ لڳيون.
    “ادا هو مون کي روز گهٽيءَ ۾ تنگ ڪندو هو، مان به هڪڙي ڏينهـن ڏنڊو کڻي مٿي ۾ هنيومانس.” حاجره عالي کي سڄي ڳالهه ٻڌائي.
    “واهه واهه توهان ته ڏاڍا بهـادر آهيو. ڇوڪرين کي ائين ئي هجڻ گهرجي، اسان جون صفا ۽ سيرت ته ڏاڍيون ڊڄڻيون آهن.” عالي هُن ٻنهي ڏانهن ڏٺو.
    صفا هڪدم سان ڪنڌ مٿي ڪري عالي ڏانهن ڏٺو.
    “ان جو مطلب مان بهادر آهيان نه حاجره وانگر.” مروه خوشيءَ مان چيو.
    “ها تون حاجره جي جڳهه تي هجين هان ته ان ماڻهو کي ماري اچين ها.” شاهمير اڱڻ ۾ ايندي چيو.
    “تون هميشه ان وقت ئي ڇو ايندو آهين جڏهن مان ڪا ڳالهه ڪري رهي هوندي آهيان.” مروه شاهمير کي چيو.
    “تون هر وقت ڳالهائيندين ته مان تنهنجي خاموش ٿيڻ جو انتظار ته نه ڪندس نه ته جڏهن ميڊم مروه خاموش ٿي ته پوءِ اچان.” شاهمير، زينب جي ڀرسان ويهندي چيو.
    “عالي مان سڀاڻي ايندس تون ڪيڏانهن نه وڃجانءِ مون کي مضمون چيڪ ڪرائڻو آهي.” مروه اٿي ۽ وچين دروازي ڏانهن ويئي.
    “او.ڪي ميڊم.” عالي چيو.
    حاجره، صفا ۽ سيرت شهلا سان گڏ اندر هليون ويون.
    “عالي.” شاهمير، عالي کي سڏيو.
    “جي.” عالي چيو.
    “مروه جي اسڪول ۾ داخلا ٿيل آهي؟” شاهمير هن کان پڇيو.
    “ها.” عالي جواب ڏنو.
    “تون سيرت سان گڏ مروه جي به ايڊميشن ڪراءِ.” شاهمير چيو.
    زينب حيران ٿيندي شاهمير ڏانهن ڏٺو.
    “تون پڪ سان ٿو چئين نه؟” عالي هن کان پڇيو.
    “ها.” شاهمير جواب ڏنو.
    “Thank you so much شاهمير.” عالي جي منهن مان خوشي ظاهر ٿيڻ لڳي.
    “پر شاهمير ائين نه ٿئي جو سڀاڻي کان پوءِ عالي کي ڪجهه ٻڌڻو پئي.” زينب کي عالي جي پريشاني ٿيڻ لڳي.
    “نه جيجي ائين نه ٿيندو، عالي تون هُن جي ايڊميشن وٺ، پوءِ اڳيان الله هن جي مدد ڪندو.” شاهمير عالي کي همٿايو.
    “شاهمير ائين نه ٿئي جو بعد ۾ هُن جي خواهش کي اڌ ۾ ئي ختم ڪيو وڃي. جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ مروه کي وڌيڪ ڏک ٿيندو.” عالي چيو.
    “تون اڳيان جو فڪر نه ڪر، يار بس في الحال هُن جي هيءَ خواهش پوري ڪر.” شاهمير چيو.
    زينب پنهنجي جڳهه تان اٿي بي اختيار شاهمير جي پيشاني چمي.
    “ٺيڪ، مان سڀاڻي هن جو به سرٽيفڪيٽ وٺي ايندم، تون هن سان ايڊميشن جي ڳالهه ڪري ڇڏجانءِ.” عالي، شاهمير کي چيو.
    “عالي پليز، اها ڳالهه به هن سان تون ئي ڪجانءِ، خبر ٿئي ته اسان ٻئي ڪيترا ٺهيل آهيون پاڻ ۾.” شاهمير مسڪرائيندي چيو.
    “ٺيڪ آهي، پر هاڻي توهان جي وچ ۾ صلح بندي ٿيڻ گهرجي.” عالي به مسڪرايو.
    “اڃا وقت لڳندو.” شاهمير مسڪرائيندي جواب ڏنو.
    زينب هن ٻنهي جون ڳالهيون ٻڌي دل ۾ هنن کي دعائون ڏيڻ لڳي.
    عالي صبح جو ئي وڃي ماستر صاحب وٽان سرٽيفڪيٽ کڻي آيو.
    عالي نئين حويلي وٽان گذري رهيو هو ته دروازي وٽ ئي هن کي دُربيبي نظر آئي.
    “السلام عليڪم چاچي.” عالي هُن کي سلام ڪيو.
    “وعليڪم السلام.” دُربيبي هن جي سلام جو جواب ڏيئي منهـن ٻي طرف ڪري ڇڏيو.
    عالي به پراڻي حويلي ڏانهن وڃڻ لڳو.
    “ڏٺئي ايترا سال مائي شهلا حويلي ۾ رهي آهي تڏهن به ٻارن کي ٿورا به هتان جا طور طريقا نه سيکاري سگهي آهي.” دُربيبي ڀرسان بيٺل ملازمه کي چيو.
    “مان ته ننڊپڻ کان ئي هنن کي ائين سلام ڪندو آهيان ڪڏهن اڳ ۾ ته هنن مون کي نه ٽوڪيو آهي، اڄ ڇا ٿيو!” عالي اهو سوچيندو پراڻي حويلي پهتو.
    “سيرت مروه کي سڏي اچ.” هال ۾ ئي عالي کي سيرت نظر آئي ته هن کيس مروه کي سڏي اچڻ لاءِ چيو.
    وچين دروازي جي هڪڙي چاٻي هاڻي مروه پاڻ وٽ رکي ڇڏي هئي. سيرت هن کي آواز ڏيندي هئي ته هوءَ اچي ويندي هئي.
    سيرت مروه کي سڏي آئي ته مروه جي هٿ ۾ ڪجھه پنا هئا.
    “مان صبح کان تنهنجو انتظار پئي ڪيان.” مروه عالي جي ڪمري ۾ ايندي چيو.
    “فڪر نه ڪر اڃا به صبح ئي آهي.” عالي چيو.
    “هي مضمون چيڪ ڪري ڏي.” مروه هٿ ۾ جهليل ڪاغذ عالي ڏانهن وڌائيندي چيو.
    “مون ڇو گهرايو اهو ته پڇين به نٿي.” عالي کيس ٽوڪيندي چيو.
    “او مون کان ته وسري ويو. ڇو سڏيو هو؟” مروه پڇيو.
    “هاڻي مضمون چيڪ ڪري پوءِ ٻڌائيندس.” عالي ائين چئي مضمون پڙهڻ لڳو.
    “ٺيڪ آهي.” مروه هن جي سامهون واري ڪرسي تي ويهي رهي.
    “هن دفعي اهڙو مضمون لکيو آهي جو تو کي ائين لڳندو ڄڻ هي مضمون تو لکيو آهي.” مروه چيو.
    “مطلب تون مون کي ڪاپي ڪيو آهي؟” عالي پڇيو.
    “بلڪل! لکڻ وقت مون پنهنجي جڳهه تي توکي رکيو ۽ سوچيم ته تون هجين هان ته ڇا لکين ها.” مروه فخريه انداز ۾ چيو.
    “پوءِ مان هي چيڪ نه ڪندس.” عالي مضمون واپس ڪندي وراڻيو.
    “ڇو!؟” مروه سبب پڇيو.
    “مون کي منهنجو ئي مضمون ناهي پڙهڻو.” عالي جواب ڏنو.
    “پر لکيو ته مون آهي نه ائين سمجهو مون توهان جي خيالن کي پنهنجي لفظن ۾ لکيو آهي.” مروه وضاحت ڏني.
    “ٻين جي سوچ کان متاثر ٿي ان جو پوئلڳ ٿي وڃڻ سان پنهنجي ئي شخصيت جو نقصان ٿيندو آهي. هر انسان جي سوچڻ جون ڪجھ Dimensions هونديون آهن جيڪي ان جي شخصيت کي نوان رخ ۽ نوان لاڙا ڏين ٿيون. انڪري پهرين پنهنجي اصل شخصيت کي سڃاڻ پوءِ ٻين کي Follow ڪر.” عالي سمجهايو.
    “پر اهو ته فطري آ نه ته جنهن شخص مان اسان متاثر ٿيندا آهيون، ان جون خوبيون اپنائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون.” مروه پنهنجو پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “نه سڀ ماڻهو ائين نه ڪندا آهن. صرف اهي ماڻهو ائين ڪندا آهن جيڪي پنهنجي اصليت کان واقف نه هوندا آهن.” عالي يڪدم وراڻيو.
    “۽ پنهنجي اصل کي ڪيئن ڳولي سگهجي ٿو؟” مروه به هاڻي بحث ڪرڻ جي موڊ ۾ هئي.
    “پنهنجي اصل کي ڪيئن ڳولي سگهجي ٿو، سيرت؟”
    “ان سوال جو جواب اوهان کي فلاسافي جي شوقين سيرتِ زهرا ڏيندي جنهن تقريباً ننڊپڻ کان ئي اهڙن مضمونن جو مطالعو ڪيو آهي.” عالي ڪمري ۾ ايندڙ سيرت کان پڇڻ کان پوءِ مروه کي چيو.
    “انسان جو پيدا ٿيڻ، هو جنهن جڳهه تي پيدا ٿيئي ٿو، جنهن جڳهه تي هو پنهنجي زندگي گذاري ٿو، اتي هجڻ جو مقصد، پنهنجي صلاحيتن جي پوري ڄاڻ هجڻ ۽ اهڙا ڪي ٻيا سوال هوندا آهن جن جا جواب جڏهن ملي ويندا آهن ته انسان کي پنهنجي اصل جي خبر پئجي ويندي آهي.” سيرت به هنن کي تفصيل سان جواب ڏنو.
    “ڇا هر انسان کي انهن سوالن جا جواب ملي ويندا آهن؟” مروه هن کان پڇيو
    “نه، ڪجهه انسان ته انهن سوالن جا جواب ڳوليندي ڳوليندي ئي دنيا مان هليا ويندا آهن، ڪجهه ماڻهن کي انهن سوالن جي جواب جي ڪا ضرورت ئي نه هوندي آهي ۽ ڪجهه ماڻهن وٽ ته اهي جواب تلاش ڪرڻ جو وقت ئي نه هوندو آهي.” سيرت چيو.
    “توهان کي ڪيترو وقت لڳو انهن سوالن جا جواب ڳولهڻ ۾؟” مروه عالي کان پڇيو.
    “مون ڪٿي چيو، ته مون کي جواب ملي ويا آهن!” عالي مروه ڏانهن حيرت مان ڏٺو.
    “ڪيترو ٽائيم لڳي سگهي ٿو؟” مروه ٻيهر سوال ڪيو.
    “خبر ناهي هڪ لمحو، هڪ ڏينهـن، مهينو سال يا پوري زندگي به لڳي سگهي ٿي.” عالي جواب ڏنو.
    “الا!.... ايترو انتظار! مان ته ڪڏهن نه ڪيان.” مروه بيزاريءَ مان چيو.
    “ضروري ناهي توکي به ايترو وقت لڳي، ڪجهه الله جا خاص بندا هوندا آهن جن جي زندگي جو هر پهلو انهن جي اڳيان آئيني وانگر صاف هوندو آهي، ٿي سگهي ٿو ته توهان کي گهٽ وقت لڳي.” عالي مروه جي منهـن جا تاثر جاچيندي چيو.
    “پر مروه ته صرف پنهنجون فرمائشون پوريون ڪرائڻ لاءِ دنيا ۾ آئي آهي! انڪري اها عالي جي ڪاپي ڪندي پنهنجي خواهش پوري ڪندي.” مروه فخريه انداز ۾ مسڪرائيندي ڳالهه کي ساڳي موڙ تي آندو.
    “جي بلڪل ميڊم. مون چيو نه ته ڪجهه ماڻهو الله تعاليٰ کان خاص اعزاز وٺي ايندا آهن.” عالي به مرڪندي چيو.
    And for this special Reward, I am grateful to him مروه پنهنجي هٿ جي اڱر مٿي ڪندي چيو.
    “هي وٺ ۽ وري ٻيهر الله جو شڪر ادا ڪر.” عالي مروه کي سرٽيفڪيٽ هٿ ۾ ڏيندي چيو.
    مروه سرٽيفڪيٽ ڏسي ڏاڍي خوش ٿي.
    “مان اڄ ئي بابا کي چوندم ته منهنجي ڪنهن سٺي اسڪول ۾ داخلا ڪرائي.” مروه پرجوش ٿيندي چيو.
    “توکي لڳي ٿو ته چاچا سائين جن توکي ڪٿي داخلا وٺي ڏيندا؟” عالي هن کان پڇيو.
    “ها ڇو نه، اڳي ته مان ننڍڙي هئس بابا کي سمجهائي نه سگهان ها انڪري ڳوٺ ۾ ايڊميشن ورتي هئم، پر هاڻي ته سمجهائي سگهان ٿي نه.” مروه بي نيازيءَ مان چيو.
    “ٺيڪ آهي ڪري ڏس ڪوشش، مان ته سيرت سان گڏ تنهنجي ايڊميشن ڪراچي جي هڪ اسڪول ۾ ڪرائڻ جو سوچي رهيو هئس.” عالي چيو.
    “ڪراچي لاءِ ته بابا راضي نه ٿيندو نه.” مروه افسوس مان چيو.
    “سردار صاحب ڪٿان جي لاءِ به راضي نه ٿيندو.” زينب ڪمري ۾ ايندي پنهنجي لاڏلي ڀائيٽي کي چيو.
    “۽ سٺو ٿيندو ته تون ان سان اها ڳالهه به نه ڪجانءِ.” زينب هن جي ڀرسان اچي ويٺي.
    “پر ائين اگر بابا سائين کي ان ڳالهه جي خبر پئجي ويئي ته؟” مروه جي منهن تي فڪرمندي اڀري.
    زينب جي ڳالهه ٻڌي هوءَ به ان پهلو تي سوچڻ لڳي.
    “انهن کي خبر نه پوندي، بس امتحانن وارن ڏينهن ۾ توهان جو اوڏانهن اچڻ مشڪل ٿيندو.” عالي چيو.
    “اها اجازت مان بابا سائين کان وٺندم.” مروه چيو.
    “پوءِ ته صحيح آهي. مان ادا ميربل کي به چوندم.” عالي به مطمئن ٿيو.
    مروه خوشي ۾ ڊوڙندي پنهنجي گهر ڏانهن آئي.
    صفا رڌڻي ۾ هئي، هوءَ سڌو هن وٽ هلي آئي.
    “آپا مون سان گڏ ڪمري ۾ هلو، ڳالهه ٻڌائڻي آهي توهان کي.” مروه صفا کي هٿ کان ڇڪيو.
    “هتي ئي ٻڌاءِ مون کي ڪم آهي.” صفا چيو.
    “توهان اچو ته صحيح.” مروه ضد ڪيو.
    “مروه الائي ڪڏهن وڏي ٿيندينءَ. اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي جيڪا صرف ڪمري ۾ ئي ٿي سگهي ٿي؟” صفا هن سان گڏ ڪمري ڏانهن ويندي چيو.
    ڪمري ۾ ايندي ئي مروه ڪمري جو دروازو بند ڪيو.
    “آپا عالي منهنجي ۽ سيرت جي ايڊميشن ڪراچي جي هڪ اسڪول ۾ پيو ڪرائي.” مروه هن ڏانهن ايندي کيس رازداريءَ مان ٻڌايو.
    “هُن بابا سائينءَ کان اجازت ورتي آهي؟” صفا حيرت مان پڇيو.
    “نه، ۽ هن بابا سائين کي ٻڌائڻ کان به منع ڪيو آهي.” مروه چيو.
    “جيجي ۽ شهلا چاچي کي؟” صفا اڃان تائين حيران هئي.
    “ها، جيجي به چيو آهي ته بابا کي نه ٻڌايان، هو ان ڳالهه لاءِ ڪڏهن ها نه ڪندو.” مروه ٻڌايو.
    “ها، هو چون ته صحيح پيون.” صفا خلا ۾ گهوريندي جواب ڏنو.
    “پر آپا مان اهو سوچيو آهي ته بابا سائين کان اجازت وٺان. توهان کي خبر ته آهي ته هو منهنجي هر ڳالهه مڃيندا آهن.” مروه چيو.
    “غلط، بابا سائين تنهنجي هر اها ڳالهه مڃيندا آهن جيڪا انهن جي اصولن جي خلاف نه هوندي آهي. تون هڪ دفعو اهڙي ڪا شيءِ گهري ته ڏس جيڪا هنن جي اصولن جي خلاف هجي پوءِ توکي خبر پئجي ويندي ته تنهنجي ڪيتري مڃي ويندي آهي.” صفا پنهنجي سوچن مان ٻاهر ايندي چيو.
    “ان ۾ بابا سائين جي اصولن کي ڇا ٿيندو آپا، هاڻي ته ڳوٺ جون ڪافي ڇوڪريون وڃن ٿيون شهر پڙهڻ لاءِ. حاجره کي ئي ڏسو اها ته هڪ ملازمه جي ڌيءُ آهي.” مروه ڀيڻ سان چڙي پئي.
    “مان گهڙي کن لاءِ اهو سوچي به وٺان ته بابا جي سوچ تنهنجي خاطر هڪڙي لمحي لاءِ ها ڪرڻ تي هنن کي مجبور به ڪري پوءِ به هنن جي انا ان کان تمام گهڻي مٿاهين آهي.” صفا چيو.
    “پر هڪ دفعو ته بابا سائينءَ کان پڇي ڏسان نه، ائين ته مون کي لڳندو ته مان ڪوئي گناهه ڪري رهي آهيان.” مروه ڀيڻ کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “معنيٰ ته تون بابا سائين سان ڳالهه ڪري نه صرف پنهنجي پر سيرت جي به پڙهائي رد ڪندينءَ!” صفا جهڙڪيندي چيو.
    “ضروري ته ناهي نه ته بابا انڪار ڪري. متان هو مون کي ڏسي ها ڪري.” مروه اميد مان چيو.
    “تون وڏي غلط فهميءَ جو شڪار آهين مروه، لڳي ٿو ته تنهنجي اها خوشفهمي دور ڪرڻي پوندي.” صفا ڪجهه سوچيندي چيو.
    “مطلب؟” مروه هن جي ڳالهه نه سمجهي.
    “هي وٺ ۽ پڙهه.” صفا پنهنجي جڳهه تان اُٿي ۽ پنهنجي الماڙي مان ڪجهه ڊائريون ڪڍي مروه ڏانهن وڌايون.
    “هي ڪنهن جون ڊائريون آهن؟” مروه ڊائريون وٺندي پڇيو.
    “چاچا مؤمن جون اهي ڊائريون جنهن کي پڙهندي ئي عالي هتان وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو.” صفا هن کي ياد ڏياريو.
    “هي توهان وٽ ڪيئن آيون؟” مروه پڇيو.
    “مان ان ڏينهـن کان ئي عالي جي اهڙي جذباتي فيصلي جو ڪارڻ ڄاڻڻ چاهيان پئي. ڪجهه ڏينهـن اڳ ان جي غير موجودگيءَ ۾ مون ان جي اسٽڊي مان هي کنيون.” صفا هن کي ٻڌايو.
    “هي تنهنجي پڙهائڻ لاءِ ته هتي نه رکيون هيون پر اڄ مون کي لڳو ته شايد هي اتي ان ڪري ئي رهجي ويون آهن. هاڻي تون اهي پڙهي فيصلو ڪر ته بابا سائين کي اها ڳالهه ٻڌائڻي آهي يا نه.” صفا ائين چئي ڪمري مان هلي ويئي.


    28

    مروه هڪ ڊائري کولي. اها ڊائري سال 1980ع جي هئي.
    ڊائري جي پهرين ورق تي مؤمن جو نالو لکيل هو.
    ڊائري جا شروع وارا صفحا خالي هئا. ان کان پوءِ فيبروري جي مهيني ۾ مؤمن پنهنجي ٻارهين جي امتحانن جي باري ۾ لکيو هو. ان کان پوءِ وري هن پنهنجي امتحان ٿي وڃڻ جي باري ۾ لکيو هو.
    مروه اهي سڀ پڙهندي ورق اٿلائيندي رهي.
    رزلٽ کان پوءِ يونيورسٽي ۾ اپلاءِ ڪرڻ جي باري ۾ لکيل هو. جنهن کان پوءِ ڊائري جا سڀ پنا خالي هئا سواءِ آخري چند پنن جي.
    مروه اهي پنا پڙهڻ شروع ڪيا.
    “26 آڪٽوبر تي هتان ڳوٺ ويس ته صفوران هميشه وانگر مون کي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي. هن مون کي ڇهين جماعت جا ڪتاب آڻڻ لاءِ چيو هو سو هن کي اهي ڪتاب مليا ته هوءَ خوش ٿي ويئي ۽ ان ڏينهـن ئي مون کي پڙهائڻ لاءِ چيائين.”
    “هن پنج درجا به ائين ئي گهر ۾ پڙهيا هئا سو ڇهين درجي پڙهڻ لاءِ به هوءَ پرجوش هئي.”
    مان به هن کي ۽ زينب کي پڙهائيءَ ۾ مصروف ڏسي مطمئن هئس. انهن وٽ ٻيو ڪو ڪم نه هو، ٻاهر ته هو ڪڏهن ويون نه هيون ان ڪري انهن جي بوريت ختم ڪرڻ لاءِ مون ايترو ئي ڪيو ته مون کي خوشي محسوس ٿيڻ لڳي.
    ان دفعي ڳوٺ ۾ چڱا ڏينهـن رهيس. هڪ ڏينهن منجهند جو مان پنهنجي ڪمري ۾ ستل هئس ته مون کي رڙين جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ٿورو غور ڪيم ته اهي رڙيون ٻاهران پئي آيون. ننڊ جو خمار پورو لٿو ته محسوس ڪيم ته اهي رڙيون صفوران جون هيون ۽ ان جي پويان زينب جون رڙيون ٻڌڻ ۾ آيون پئي. مان اٿي تڪڙو ٻاهر وڃڻ لڳس، مان اڃا پنهنجي ڪمري کان ٻاهر ئي مس نڪتو هئس ته پسٽل جا ٻه فائر ٿيا. مان ڊوڙ پائي حويلي جي دروازي وٽ آيس جتي صفوران فرش تي ڪريل هئي ۽ هن جي چوڌاري رت پيو هو، هوءَ تڙپي رهي هئي مون جلدي وڃي هن کي کنيو پر ڪجهه لمحن ۾ ئي هن جو روح پرواز ڪري ويو.
    ڪنڌ مٿي کڻي سامهون بيٺل بهـرام خان کي ڏٺم، اهو ساڳئي ئي جڳهه تي بيٺو صفوران جي لاش ڏانهن ڏسي رهيو هو.
    “هيءَ ڪاري آهي بابا، اسان جي نوڪر کي خط پئي ڏنائين ۽ ان به کيس خط ڏنو.
    ايتري ۾ بابا سائين ۽ سردار سبزل خان به پهچي ويا ته بهرام خان انهن کي ائين چئي اندر هليو ويو.
    بابا سائين ۽ سردار صاحب جي منهن تي به ڪاوڙ اڀري آئي. مان ڊوڙندو اندر بهرام خان جي پويان ويس ۽ ان کي ڪالر کان جهليم.
    “تون هڪ دفعو اهو خط پڙهي ته ڏسين هان نه.” مون هُن کي ڪاوڙ مان چيو، مون کي پنهنجي ڀيڻ تي يقين هو پڪ هئي ته هُن اهو خط زينت آپا کي لکيو هوندو.
    مان تو جهڙو بي غيرت نه آهيان. بهرام خان پنهـنجو پاڻ ڇڏايو. مون ان جي هٿ مان خط ورتو.
    هو مون کي گاريون ڏيندو اندر هليو ويو.
    “سائين، جيجيءَ پاڻ نوڪر کان خط نه ورتو هو، هُن کي مون آڻي ڏنو هو ۽ جيجي کان خط وٺي، مون ئي ان نوڪر کي ڏنو، پر سائين جن ڏسي ورتو.” هڪ ملازمه اچي مون کي ٻڌايو.
    مون خاموشيءَ سان هن ڏانهن ڏٺو.
    “سائين اسان کي ته جيجي اهو ئي چوندي هئي ته اهي خط توهان جا ۽ جيجي زينت جا آهن، الله جي واسطي مون کي ڪجهه نه ڪجو. ان ملازمه هٿ ٻڌي مون کي عرض ڪيو.
    اهي خط منهـنجا ئي هوندا هئا. مان ائين چئي خط پڙهڻ لڳس خط آپا زينت جو ئي هو.”
    صفوران جو لاش هال ۾ رکيو ويو. گهر ۾ خوف کان ڪو روئي به نه پيو. زينب ته اُن وقت ئي بيهوش ٿي ويئي هئي جنهن کي اڃا تائين هوش ئي نه آيو هو.
    مان اهو خط کڻي بابا ڏانهن ويس.
    بابا پنهنجي ڪمري ۾ سردار صاحب سان گڏ ويٺو هو. مون وڃي کيس اهو خط ڏنو.
    اهو خط پڙهي بابا سائين جي اکين ۾ پاڻي اچڻ لڳو. مان اتان نڪري ٻاهر آيس ۽ زينب کي ڏاڍي مشڪل سان هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪيم.
    صفوران کي دفنائڻ لاءِ جڏهن کڻي وڃڻ لڳاسين ته حويلي ۾ رڳو دانهـون هيون، جيڪي اڄ تائين منهنجي ڪنن ۾ گونجنديون رهن ٿيون.امان، زينب ۽ درناز آپا انهن سڀني کي ڏسي مون کي حويلي کان وحشت ٿيڻ لڳي.”
    “مان پنهنجي لاڏلي ڀيڻ کي دفنائي پنهنجو سامان کڻي واپس ڪراچي هليو آيس.”
    “مان پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ڀيڻ جو گنهـگار سمجهي رهيو آهيان. ڪاش مان هن لاءِ ڪجهه ڪري سگهان ها.
    مان جڏهن به هاڻي زينب ڏانهن خط لکان ٿو ته ان کي پوسٽ ڪرڻ جي منهنجي همت ئي نه ٿي ٿئي.”
    مروه جڏهن اهي صفحا پڙهي پورا ڪيا ته ان جي اکين ۾ اڻ کٽ بي يقيني هئي. هن جلدي ۾ ٻي ڊائري کولي. هي ڊائري ان وقت جي هئي جڏهن مؤمن جي شادي ٿي چڪي هئي ۽ عالي جي پيدائش کان پوءِ بهرام خان مؤمن کي ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون هيون. جيڪي هن صرف پنهنجي ڊائري سان ئي شيئر ڪيون هيون.
    اهي سڀ پڙهڻ کان پوءِ مروه ڪيتري دير تائين روئندي رهي.

    “ڪهڙو فيصلو ڪيئي؟” صفا خبر ناهي ڪهڙي وقت ڪمري ۾ آئي هئي، ان هن کان پڇيو.
    “آپا مون کي يقين نٿو اچي ته بابا سائين……” مروه، صفا کي ڀاڪر پائي سڏڪن ۾ شروع ٿي ويئي.
    “اسان جي يقين ڪرڻ نه ڪرڻ سان حقيقت بدلجي نٿي سگهي مروه، هي ته ڪجهه راز آهن اڃا خبر ناهي ڪهڙيون ڳالهيون هونديون جيڪي اسان جي علم ۾ ناهن.” صفا جي اکين ۾ به لڙڪ هئا.
    “آپا ان لاءِ ئي بابا توهان سان گهٽ ڳالهائيندو آهي ۽ ڳالهائڻ مهل توهان سان نظرون نه ملائي سگهندو آهي. شايد توهان کي ڏسي هنن کي پنهـنجو گناهه ياد اچي ويندو هوندو.” مروه ڪجهه سوچيندي چيو.
    “مون کي نٿو لڳي ته انهن کي پنهنجي ڪيل گناهه جو ڪو احساس به هوندو. هنن جي نظر ۾ ته اهو ثواب جو ڪم هوندو.” صفا سخت لهجي ۾ چيو.
    “گنهـگار کي پنهنجي گناهه جو احساس ڏيارڻو ئي پوندو.” مروه پنهنجو پاڻ سان ڀڻڪيو.
    صفا هن ڏانهن ڏٺو.
    “آپا مان سردار صاحب کي ٻڌائڻ کان بنا ئي ايڊميشن وٺندس.” مروه کي پنهنجي پيءُ تي ڪاوڙ هئي.

    “مروه اڄ ڀلا ايڏي چپ چپ آهين؟” حاجره مروه کي ڪافي دير کان خاموش ويٺل ڏسي پڇيو.
    ““ڪڏهن ڪڏهن خاموش رهڻ به صحيح هوندو آهي.” مروه چيو.
    “اهو احساس توکي ڪجهه جلدي نه ٿيو آهي، سيرت مسڪرائيندي هن ڏانهن ڏٺو.
    “ڏاڍي دير سان ٿيو آهي.” مروه جواب ڏنو.
    “جيڪڏهن اهو احساس اڳ ۾ ٿيئي هان ته ڇا ڪرين ها؟” سيرت پڇيس.
    “صحيح ماڻهن سان صحيح وقت تي ڳالهايان ها.” مروه خلا ۾ گهوريندي چيو.
    “معنيٰ پوءِ توکي ان وقت خبر هجي ها ته صحيح ماڻهو ڪهڙا آهن؟” حاجره وضاحت پڇي.
    “ها، خاموش رهڻ وارا ماڻهن جي اصليت کي ٿورو گهڻو سمجهي ويندا آهن.” مروه چيو.
    “ڇا ٿيو اٿئي اڄ ڀلا. اهڙيون ڳالهيون پئي ڪرين.” سيرت هن جي ڀرسان اچي ويٺي.
    “ڪجهه نه سيرت، عالي توسان گڏ منهنجي به ايڊميشن ڪرائيندو نه اسڪول ۾؟” مروه ڳالهه مٽائيندي پڇيو.
    “ها.” سيرت چيو.
    توهان ڪهڙي اسڪول ۾ ٿا وٺو ايڊميشن حاجره پڇيو.
    مروه کي لڳو، هن کي حاجره جي سامهون اها ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي ها، پر هوءَ هنن جي سٺي دوست آهي، اڄ تائين هُن ڪا به ڳالهه حويلي کان ٻاهر ناهي ڪڍي اهو سوچي مروه پاڻ کي تسلي ڏني ۽ حاجره کي ڪراچيءَ جي اسڪول ۾ ايڊميشن وٺڻ جي ڳالهه ٻڌائي ڇڏي.
    “ڏسجو توهان کي ڏاڍو مزو ايندو پڙهڻ ۾، اتان جا ته ڪتاب به سٺا هوندا.” حاجره خوش ٿيندي چيو.
    “حاجره هي وٺو ڪتاب جيڪي مون توهان کي چيا هئا.” عالي پنهنجي ڪمري مان نڪري هنن ڏانهن آيو ۽ حاجره کي ڪتاب ڏنا.
    ادا Thank you حاجره چيو.
    عالي مسڪرائيندو واپس ڪمري ڏانهن ويو.
    مروه پنهنجي وجيهه سؤٽ کي غور سان ڏسڻ لڳي جنهن هن جي گنهگار پيءُ کي ايترو جلدي معاف ڪري ڇڏيو هو.
    ........................


    29

    عالي واپس هاسٽل پهچي معز سان ايڊميشن جي ڳالهه ڪئي.
    “تون فڪر نه ڪر، ٻئي گڏجي اهڙو اسڪول ڳولي وٺنداسين جيڪو اسان سان ان معاملي ۾ تعاون ڪري.” عالي جي ڳالهه ٻڌندي ئي معز چيو.
    پوءِ ٻنهـي گڏجي ڪجهه اسڪولن جا چڪر لڳايا، نيٺ هڪ اسڪول جو پرنسيپال ان ڳالهه لاءِ راضي ٿيو پر هو پهرين سيرت ۽ مروه جو انٽرويو وٺڻ پيو چاهي.
    عالي ڳوٺ فون ڪري مروه کان اچڻ جو پروگرام پڇيو.
    هنن جي اچڻ ۾ ڪجهه ڏينهن هئا. عالي پرنسيپال سان اها ڳالهه ڪئي، ته هو ان لاءِ راضي ٿي ويو.
    عالي کي هاڻي انهن جي اچڻ جو انتظار هو.
    نئون سيمسٽر شروع ٿيو ته عالي به پنهنجي پڙهائي طرف ڌيان ڏيڻ لڳو. هن جي پهرين سيمسٽر جي رزلٽ به سٺي آئي هئي. معز ۽ عالي جي تقريباً هڪ جيتري پرسنٽيج هئي.
    ڪلاس شروع ٿيڻ ۾ اڃا ٽائيم هو، عالي معز کي ڪنهن ٽاپڪ جي باري ۾ ٻڌائي رهيو هو ته زارا هنن ڏانهن آئي.
    “هاءِ گائيز (Hi guyes)”، هُن هٿ هنن ڏانهن وڌائيندي چيو.
    “هيلو.” معز به هن ڏانهن هٿ وڌايو.
    “زارا”، هن وري عالي ڏانهن هٿ وڌايو ۽ پنهنجو تعارف ڪرائيندي هنن جي ڀرسان واري ڪرسي تي ويهي رهي.
    ٿوري دير خاموش رهڻ کان پوءِ هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    “توهان ٻنهي کي سٺي رزلٽ لاءِ مبارڪون.” هن انگريزي ۾ چيو.
    “Thank you.” ٻنهي جواب ڏنو.
    ايتري ۾ هن جي دوست به اچي ويئي ۽ اها به پنهنجو تعارف ڪرائي هنن جي ڀرسان ئي ويهي رهي. ان جو نالو سدره هو ۽ هوءَ به دبئي مان هتي پڙهڻ لاءِ آئي هئي.
    معز به هن کي ٻڌايو ته هو دبئي مان آيو آهي ته هوءَ هن سان ڳالهين ۾ شروع ٿي ويئي.
    ڪلاس ۾ پروفيسر جي آمد ٿي ته عالي شڪر پڙهيو.
    “ڪيترو بورنگ ليڪچر هو نه اڄ……!” ڪلاس ختم ٿيندي ئي زارا، عالي کي چيو.
    عالي هُن ڏانهن ڏسي منهن ٻي طرف ڪري ڇڏيو.
    “ليڪچر نه پر اصل ۾ منهنجو دوست بورنگ آهي،” معز، زارا کي جواب ڏنو.
    “اسان جي صحبت ۾ رهندو ته هي اهڙو نه رهندو.” زارا مسڪرائيندي چيو.
    “هي ڪجهه ٻي قسم جو ڇوڪرو آهي، هن تي توهان جا فارمولا اثر نه ڪندا.” معز چيو
    ٻئي کلڻ لڳا.
    ائين ئي هر ليڪچر کان پوءِ اهي ٻئي ڇوڪريون هنن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪنديون رهيون.

    “هي ڪجهه زياده فري نه پيون ٿين؟” واپسي ۾ هاسٽل ڏانهن ايندي عالي، معز کي چيو.
    “جيڪڏهن هو فري ۾ فري پيون ٿين ته ان ۾ ته اسان جو فائدو آهي نه.” معز کلندي چيو.
    “اهڙو فائدو ڪنهن فائدي جو ناهي.” عالي چيو.
    “معنيٰ ته توکي ان ۾ ڪا دلچسپي ناهي.” معز پڇيو.
    “بلڪل نه!” عالي جواب ڏنو.
    “ته پوءِ اڄ کان اهي ٻئي فائدا منهـنجا.” معز ٽهڪ ڏيندي چيو.
    “اهي فائدا ڪهڙي وقت نقصان ڏانهن وٺي ويندئي، ڪا خبر ئي نه پوندئي.” عالي چيو.
    “تون گڏ آهين ته مون کي ڪو نقصان نه پهچندو.” معز، عالي جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو.
    “اڄ ڳوٺ ڏانهن سيرت واريون اچن پيون. مان سڀاڻي ڪاليج نه هلندس.” عالي معز کي ٻڌايو.
    “منهنجي گاڏي ساڻ کڻي وڃجانءِ.” معز چيو.
    “نه مان پاڻ ئي هليو ويندس.” عالي منع ڪئي.
    “تڪلف ۾ پوڻ جي ضرورت ناهي عالي. صبح جو چاٻي وٺي وڃجانءِ نه ته مون کان برو ڪو ٻيو نه ٿيندئي.” معز ڌمڪي ڏيندي چيو.
    “اهو ته هونءَ به ڪوئي ناهي.” عالي کلندي چيو.

    “صبح جو عالي ڪراچيءَ واري بنگلي تي پهتو. سڀئي رات ئي پهچي ويا هئا.”
    سڀ اڃا هاڻي ئي اٿيا هئا ۽ چانهه پي رهيا هئا.
    عالي سڀني کي سلام ڪري اتي ئي ويهي رهيو.
    “ادا توهان اسپتال ڪهڙي وقت ويندؤ؟” عالي، ميربل کان پڇيو.
    “بس ٿوري دير ۾ نڪران ٿو.” ميربل جواب ڏنو.
    ميربل ڪمري ڏانهن ويو ته عالي، سيرت ۽ مروه کي تيار ٿيڻ لاءِ چيو.
    ٿوري ئي دير ۾ ميربل بالاچ کي اسپتال کڻي ويو ته عالي به ٻنهي ڇوڪرين کي وٺي اسڪول لاءِ نڪتو.
    گهر ۾ ماهه نور، صفا ۽ درناز هيون، جن کي عالي ايڊميشن جو ٻڌايو هو.
    اسڪول جي پرنسيپال ۽ هڪ ٽيچر هنن جو انٽرويو ورتو. ٻنهي ڄڻين ڏاڍي سٺي طرح سان انٽرويو ڏنا ۽ سندن ايڊميشن ٿي ويئي.
    گهر واپس اچي هي ڪيتري دير تائين ماهه نور ۽ صفا کي اسڪول جون ڳالهيون ٻڌائينديون رهيون.
    “بابا توهان جي اڌ ۾ ڇڏيل مقصد کي پورو ڪرڻ لاءِ اڄ مون پهريون قدم کنيو آهي، دعا ڪجو ته ڪامياب ٿيان.” عالي هنن ٻنهـي کي خوش ڏسي دل ۾پنهنجي پيءُ کي ياد ڪندي ان سان ڳالهايو.
    “سيرت تون دنيا جي خوشنصيب ڇوڪري آهين جنهن کي الله پاڪ اهڙو سٺو ڀاءُ ڏنو.” مروه سيرت کي چيو.
    “الله جو شڪر آهي اها ته مان آهيان، مون صرف هڪ دفعو لالا کي چيو هو ته لالا مروه جا ڀائر ڪيترا سٺا آهن هن جي هر فرمائش پوري ڪن ٿا، ان کان پوءِ لالا منهنجون اهي خواهشون به پورين ڪيون جن جي تمنا مون اڃا پوري طرح سان پاڻ سان به نه ڪئي هئي.” سيرت عالي ڏانهن ڏسندي چيو.
    “مان به ڪا گهٽ خوش قسمت ناهيان، مون کي به ته عالي جهڙو سؤٽ مليو آهي نه جنهن مون کي ايتري صبر سان برداشت ڪيو آهي.” مروه ڪجهه سوچيندي اچانڪ چيو.
    “توهان ويهي ان ڳالهه تي الله جو شڪر ادا ڪيو مان هلان ٿو.” عالي اٿندي چيو.
    “تون چيو هو ته اسان اينداسين ته تون ڇُٽي ڪندين.” مروه عالي کي ياد ڏياريو.
    “ڇُٽي نٿو ڪري سگهان، ٻيو ته دوست جي گاڏي به واپس ڪرڻي آهي، مان ڇنڇر تي ايندس.” عالي هنن سان ٻيهر اچڻ جو واعدو ڪيو.
    “ٺيڪ آهي ضرور اچجو.” مروه چيو.

    ڇنڇر تي شام جو ئي عالي گهر آيو، ميربل کان بالاچ جي علاج جي باري ۾ حال احوال پڇيو.
    ميربل هن کي بالاچ جون رپورٽس ڏيکاريون ۽ ٻڌايو ته ڊاڪٽر هن کي ڪنهن ٿيراپي جو چيو آهي.
    “ها ادا رت ۾ آئرن وڌڻ جي ڪري ڪيليشن ٿيراپي ڪئي ويندي آهي ته جيئن ٻي ڪا بيماري نه پيدا ٿي وڃي. عالي ميربل کي ٻڌايو. سومر تي مان به توهان سان گڏ هلندس.” عالي هن کي خاموش ڏسي چيو.
    “ٺيڪ آهي. تون ڇوڪرين کي ڪيڏانهن گهمائڻ وٺي وڃ.” ميربل چيو.
    “توهان به هلو نه.” عالي هن کي اداس ڏسي هلڻ لاءِ چيو
    “نه بس تون وڃ انهن سان گڏ.” ميربل ٿڪل هو ان ڪري انڪار ڪيائين.
    عالي به گهڻو ضد نه ڪيو ۽ سڀني کي گهمائڻ لاءِ وٺي ويو.
    “مان ته پوري رات اڄ ٻاهر ئي گهمندم.” مروه عالي کي چيو.
    “ڇو؟” عالي چيو.
    “پهريون دفعو ڪيڏانهن ٻاهر آيا آهيون ايترو حق ته آهي نه.” مروه کيس تنگ ڪيو.
    “توکي ٻاهر ڪڍڻ صحيح ناهي، تنهنجو دماغ ڪهڙي وقت به خراب ٿي سگهي ٿو.” سيرت هن کي چيو.
    “هاڻي ٻيهر مروه جو ٻاهر نڪرڻ بند.” عالي مروه کي تنگ ڪندي مٿس رعب ڪيو.
    “ائين چوندؤ ته مان گهر ئي نٿي هلان.” مروه چيو.
    هوٽل ۾ رات جي ماني کائي هو شاپنگ ڪرڻ لاءِ ويا. هڪ دڪان تي عالي کي هڪ ڊريس پسند آئي، ڪاري رنگ جي قميص تي گلابي ڌاڳي سان ڪم ٿيل اها ڊريس هن کي صفا لاءِ ڏاڍي وڻي. هن ڪڏهن ڪنهن ٻي جي لاءِ ڊريس پسند نه ڪئي هئي پر اها ڊريس ڏسي هن کي لڳو ته صفا ان ڊريس ۾ ڏاڍي سٺي لڳندي. هي ٻين کي هڪ دڪان تي ڇڏي پاڻ واپس ان دڪان تي آيو ۽ا ها ڊريس پيڪ ڪرائي.
    هن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته هو اها ڊريس صفا کي ڪيئن ڏيندو. هن جي هٿ ۾ شاپنگ بيگ ڏسي مروه ضرور هن کان سوال ڪندي. ائين سوچيندو هو ان دڪان ۾ آيو جتي هو سڀ ڪا شيءِ ڏسڻ ۾ مصروف هيون.
    اڄ عالي کي شاهمير جي ڪمي محسوس ٿي رهي هئي، هو هجي هان ته عالي جي مشڪل آسان ٿي وڃي هان.
    عالي صفا جي ڀرسان اچي بيٺو ته صفا هن ڏانهن ڏٺو. عالي خاموشي سان گفٽ هن ڏانهن وڌايو. صفا ڪجهه نه سمجهندي هن کان گفٽ پيڪ ورتو.
    عالي جلدي ۾ پوئتي ٿي درناز جي پاسي ۾ وڃي بيٺو.
    رات دير سان سڀ گهر واپس آيا. گهر اچي مروه سڀني لاءِ چانهه ٺاهي آئي.
    “اڄ ڪا مووي به ڏسنداسين.” مروه جون ته فرمائشون ئي نٿي کُٽيون.
    “ٺيڪ آهي، عالي ڊي وي ڊي لڳائي ان ۾ مووي لڳائي. 4 بجي تائين مووي ختم ٿي ته سڀئي آرام ڪرڻ لاءِ پنهنجن ڪمرن ڏانهن هليا ويا.”
    صبح جو سڀني جي اک دير سان کلي، منجهند جي ماني کائي عالي ميربل سان گڏ ٿوري دير لاءِ ٻاهر نڪري ويو.
    شام جو عالي سڀني کي پاڻ سان گڏ ڀرسان واري پارڪ ۾ وٺي ويو.
    ٻي ڏينهن عالي ڪاليج مان ڇُٽي ڪئي ۽ ميربل سان گڏ اسپتال ويو ۽ واپسي تي ئي هو هاسٽل اچي ويو.
    ڪجهه ڏينهن ڪراچيءَ ۾ رهائي ميربل سڀني کي ڳوٺ واپس وٺي ويو. پنهنجي ڀينرن جي چهرن تي خوشي ڏسي هن کي به خوشي ٿي رهي هئي.

    مروه جي دل ۾ پنهنجي پيءُ لاءِ عزت ۽ احترام ختم ٿي چڪو هو. هن جي دل هُن سان ڳالهائڻ تي به نه چوندي هئي پر هن جيڪو سوچيو هو اُن لاءِ هن جو سردار صاحب سان ڳالهائڻ ضروري هو. هوءَ ڪوشش ڪندي هئي ته ان سان پهريان وانگر ئي ڳالهائي.
    “بابا اسان هاڻي سال ۾ هڪ دفعو ضرور ڪراچي وينداسين.” هن سردار صاحب کي ڪراچي جون ڳالهيون ٻڌائڻ کان پوءِ چيو.
    “ها ٺيڪ آهي.” سردار صاحب چيو.
    “پر بابا جنهن وقت مان پاڻ چوندم ان وقت ئي موڪلجو.” مروه ٻيهر چيو.
    “حاضر منهنجي شهزادي.” سردار صاحب چيو ته هوءَ خوش ٿي ويئي.
    شام جو جڏهن هوءَ شهلا ڏانهن آئي، ته هُن کي به اتان جي هر ڳالهه ٻڌائيندي رهي.
    “بس به ڪر هاڻي، اسان کي ته ائين ٿو لڳي ڄڻ اسان به توسان گڏ گهمڻ هليا هئاسين؟” شهلا جي ڀرسان ويٺل حاجره چيو.
    “پوءِ ان بهاني توهان به گهمي آيو نه.” مروه چيو.
    “جنهن دفعي مان ويندس ان دفعي حاجره کي ضرور وٺي وينديس.” زينب چيو.
    “پوءِ ته ڏاڍو مزو ايندو.” سيرت ۽ مروه هڪ ئي وقت چيو.


    30

    هڪ سال گذري ويو، مروه ۽ سيرت، سردار صاحب کان لڪي امتحان ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون. امتحان پاس ٿيڻ جي خوشي پنهنجي جڳهه تي پر ان ڳالهه کي راز رکڻ جي ڪاميابيءَ سان هنن کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ته هنن ڪا وڏي جنگ فتح ڪئي هجي.
    ماهه نور کي ٻيو پٽ ڄائو. عالي، ميربل کي ان جون شروع ۾ ئي ٽيسٽون ڪرائڻ لاءِ چيو. رپورٽ آئي ته خبر پئي ته هو به ساڳيءَ بيماري جو شڪار هو. انڪري هاڻي ميربل ۽ ماهه نور گهڻو وقت ڪراچي ۾ ئي رهندا هئا.
    عالي جو به ٻيو سال پورو ٿيو ته هو ڪجهه ڏينهن لاءِ ڳوٺ ويو. عرفات جو رويو به هاڻي عالي سان بهـتر ٿي ويو هو. عالي هن کي اڪثر پڙهڻ جي تنبيهه ڪندو رهندو هو. ۽ هو به هاڻي گهڻو ڪري شام جو شهلا وٽ ايندو هو.
    شاهمير به ٻارهين جا امتحان ڏيڻ کان پوءِ ڪراچي هلي ويو جتي عالي هن کي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ چيو. شاهمير جا ڪجهه دوست به اتي ٽيسٽ ڏيئي رهيا هئا انڪري ان به عالي جي دل رکڻ لاءِ ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ ها ڪئي.
    هن کي خبر نه هئي ته عالي هن جي ها کان پوءِ هٿ ڌوئي هن جي پويان پئجي ويندو. هن ٽيسٽ جي تياري ڪئي اوترا مهينا عالي هنن جي ڪراچي واري بنگلي تي ئي رهيو. نيٺ شاهمير کي سنجيده ٿي پڙهڻو پيو. پيءُ سان صلاح ڪرڻ کان پوءِ هن پوليٽيڪل سائنس ۾ داخلا ورتي.

    “سردار صاحب ڏسو ٿا نه پنهنجي ڀاڄائيءَ جا ڪم، صحيح چوندا آهن ته “ڏيهه ٻڌي پر ڏيرياڻي نه ٻڌي”، توهان جي ڀاڄائي ان ڳالهه کي ثابت ڪري ڏيکاريو.” دُربيبي سردار صاحب کي چيو.
    “ڇا ڪيائين وري؟” سردار صاحب ڪاغذ ڏسڻ ۾ مصروف هو پر هن زال جي ڳالهه ٻڌي ڪنڌ مٿي ڪيو.
    “الائي گهڻا سال اڳ زينت جي ڌيءُ ۽ پٽ سان عالي ۽ سيرت جا رشتا طئه ڪري ڇڏيا اٿئين ۽ اسان کي خبر به ناهي.” دُربيبي ٻڌايو.
    “توکي ڪنهن ٻڌايو؟” سردار صاحب اها ڳالهه ٻڌي هن ڏانهن متوجه ٿيو.
    “مون سان هڪ ملازمه ڳالهه ڪئي، مان ته هر وقت هنن جي خبر رکندي آهيان سردار صاحب. بس هوءَ مائي ئي اسان کي پنهنجو نه سمجهندي آهي.” دُربيبي. سردار صاحب جي ان ڳالهه ۾ دلچسپي ڏسي کيس چيو.
    “مان سڀاڻي ئي هن سان ڳالهائيندس.” سردار صاحب ڪجهه سوچيندي چيو.
    “توهان هاڻي مون کي منهنجي ٻارن جو رشتو هن سان ڪرڻ لاءِ نه چئجو.” دُربيبي کي سردار صاحب جي ارادي جي خبر هئي ۽ ان جو ارادو بدلائڻ لاءِ هوءَ موقعي جي تلاش ۾ هئي. ڪالهه ئي هڪ ملازمه هن سان شهلا کان زينت جي رشتي گهرڻ واري پراڻي ڳالهه ڪئي ته دُربيبي کي موقعو ملي ويو.
    “پوءِ باقي ڪٿي ڪندينءَ صفا جو رشتو؟” سردار صاحب هن کان پڇيو.
    “مان ته شروع ۾ ئي زرينه جي پٽ شهزور سان هن جو رشتو ڪرڻ جو سوچيم هيم پر جڏهن شهلا هتي آئي، ته سوچيم متان توهان پنهنجي ڀائٽي کي پنهنجو ڏياٽو بڻائڻ جو سوچيو، انڪري زرينه کي آسرو نه ڏنم پر حقيقت اها آهي ته زرينه جو اسان ۾ آسرو آهي ۽ هوءَ ننڍي لاءِ کان ئي صفا سان ڏاڍو پيار ڪندي آهي. زينب جڏهن هن کي ڇڏي پراڻي حويلي ويئي ته ان وقت زرينه ئي صفا کي پاڻ سان گڏ رکيو. صفا به هن کي ڀائيندي آهي ڏاڍو.” دُربيبي هڪ ڪوڙ مٿان ٻيو ڪوڙ ڳالهايو.
    “ٺيڪ آهي، زينت به پنهنجي آهي ان جي ڌيءُ به حويلي ۾ ايندي ته صحيح آهي. تون ڀلي زرينه سان صفا جي رشتي جي ڳالهه ڪري ڇڏ.” سردار صاحب هن جي ڳالهه مان مطمئن ٿيو.
    دُربيبيءَ جون ته خوشيءَ ۾ واڇون ٽڙي ويون. هوءَ ڪمري مان نڪري هال ۾ آئي ته جيئن اڄ ئي ان رشتي کي پڪو ڪري ڇڏي.
    هن ملازمه کي صفا ۽ مروه کي پراڻي حويلي مان وٺي اچڻ جو چيو.
    عالي به ڳوٺ پهتو ته پراڻي حويلي ۾ ڄڻ ته رونق لڳي ويئي هئي.
    “عرفات هاڻي توکي به عالي ۽ شاهمير وانگر محنت ڪري ڪنهن سٺي شعبي ۾ داخلا وٺڻي آهي.” شام جو سڀ پراڻي حويلي جي هال ۾ ويٺا هئا ته زينب، عرفات کي چيو ۽ اڳيان رکيل ڊرائي فروٽ جي پليٽ هن ڏانهن وڌائي.
    “جيجي مان انهن جيترو هوشيار ناهيان.” عرفات پليٽ مان ڪجهه بادام کڻندي چيو.
    “تون اسان ٻنهـي کان وڌيڪ هوشيار ۽ همت وارو آهين. تون چاهين ته ڪجهه به ڪري سگهين ٿو.” عالي هن کي همٿايو.
    “هاڻي هروڀرو منهنجي دل نه رکو.” عرفات، عالي کي چيو.
    “نه عالي، واقعي صحيح پيو چوي عرفات. مون توهان سڀني ٻارن کي پڙهايو آهي پر مروه ۽ توهان جو ذهن ماشاءالله سڀني کان سٺو آهي ۽ انسان جڏهن هڪ دفعو چوندو آهي ته مون کي ڪجهه نه ٿو اچي ته اها ڳالهه ئي هُن ۾ اهو يقين پيدا ڪري ڇڏيندي آهي ته هو واقعي ڪجهه نٿو ڄاڻي ۽ اها ڳالهه هُن کي اڳتي وڌڻ نه ڏيندي آهي.” شهلا حقيقت بيان ڪئي ڇو ته عرفات واقعي هر طرح سان سڀني کان تيز هو.
    “ٺيڪ آهي چاچي مان ڪوشش ڪندس.” عرفات جواب ڏنو.
    “صفا، مروه، عرفات اڄ ته سڀ هڪ هنڌ ويٺا آهن. “بس بيت الله جي ڪمي آهي نه ته عمرو ٿي وڃي هان.” شاهمير هال ۾ ايندي هميشه وانگر اچڻ سان ئي سڀني جي چهرن تي مسڪراهٽ آڻي ڇڏي.
    “اڌ عمرو هاڻي ڪري ڇڏ باقي اڌ اوڏانهن وڃي ڪجان.” عرفات وراڻيو.
    عرفات جي ڳالهه تي سڀئي کلڻ لڳا.
    “جيجي توهان ٻنهـي کي سائڻ وڏي سڏي رهي آهي.” جميلا هال ۾ اچي صفا ۽ مروه کي چيو.
    هو ٻئي اتان اٿي هليون ويون.
    عالي ٿورو حيران ٿيو ڇو ته پهرئين ڪڏهن به دُربيبي هنن کي نياپو ڪري نه گهرايو هو.

    “امان سائڻ خير ته آهي، توهان اسان کي اچانڪ پراڻي حويلي مان گهرايو.” مروه ايندي ئي ماءُ کان سوال ڪيو.
    “ها خير آهي، صفا توکي جيترو پڙهڻو هو پڙهيئي، هاڻي پراڻي حويلي وڃڻ جي ڪا ضرورت ناهي.” دُربيبي صفا ڏانهن ڏسندي چيو.
    “پر امان سائڻ……” صفا ڪجهه چوڻ چاهيو.
    “بس بس، گهڻا سوال جواب نه، هاڻي پنهنجي ڪمري ۾ وڃ.” دُربيبي هن کي دڙڪو ڏيئي چيو.
    صفا خاموشيءَ سان اندر هلي ويئي.
    “امان سائڻ ڇا ٿيو آ توهان کي، توهان اڳ ۾ ته ڪڏهن ائين نه روڪيو آهي اسان کي.” مروه ماءُ جي ويجهو ايندي پڇيو.
    “هر ڳالهه جو هڪ وقت هوندو آهي. تون وڃ ۽ زرينه کي سڏي اچ.” دُربيبي، مروه کي به خاموش ڪرائي ڇڏيو.
    رات جو ئي نئين حويلي ۾ مٺائي ورهائي ويئي ۽ زرينه صفا تي رئو وجهي، ان کي مٺائي کارائي.
    “مان ته هن جي ڄمندي ئي پنهنجي شهزور جي ڪنوار بڻائڻ جو سوچيو هو.” زرينه صفا ڏي منهن ڪري چيو.
    صفا کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ڪنهن يڪدم هن کان سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت کسي ورتي هجي.
    هميشه هن جي آواز کي خاموش ڪرائڻ واري هن جي ماءُ هن جي خوابن کي به ختم ڪري ڇڏيو، ۽ صفا هميشه وانگرپنهنجي ماءُ جي حڪم اڳيان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
    ......................

    “السلام عليڪم چاچي سائڻ!” عالي نئين حويلي جي هال ۾ اچي دُربيبي کي سلام ڪيو. هو شهلا جي چوڻ تي دُربيبي سان ملڻ آيو هو ۽ هن دفعي هن ’چاچي’ جي پويان سائڻ جو اضافو ڪيو هو ڇو ته هن محسوس ڪيو هو ته دُربيبي کي سائڻ سڏرائڻ سٺو لڳندو آهي.
    “وعليڪم السلام، عبدالعالي تون ڪڏهن آيو آهين ڳوٺ؟” دُربيبي هن کان پڇيو.
    “جي ڪلهه ئي آيو آهيان.” عالي جواب ڏنو.
    “ڏاڍي سٺي موقعي تي آيو آهين، ويهه نه پٽ، وٺ هي مٺائي کاءُ.” دُربيبي خلاف معمول عالي کي ويهڻ لاءِ چيو.
    “دُربيبي جي ايڏي مٺي لهجي جي عالي کي عادت نه هئي، هو اتي رکيل هڪ صوفه تي ويٺو پر سندس ڇهين حس کيس ڪجهه غلط هجڻ جو اشارو ڪري رهي هئي.”
    “مون کي عرفات ۾ ٿورو ڪم هو.” عالي اٿڻ جو بهانو ڪيو.
    “ها، ها ملي وٺجان، ان سان به پر هي مٺائي ته کاءُ.” دُربيبي مٺائي جي پليٽ هن ڏانهن ڪندي چيو.
    “مٺائي! ڇا جي خوشي ۾؟” عالي پڇيو هن جي دل الائي ڇو هٿ اڳيان ڪرڻ لاءِ نه پئي چئي.
    “مون صفا جو رشتو پنهنجي شهزور سان طئه ڪيو آهي، ان خوشيءَ ۾.” دُربيبي عالي جي منهن کي غور سان ڏسڻ لڳي.
    “نه چاچي سائڻ اِها مٺائي مون کي پسند نه آهي.” عالي پنهـنجو اڳيان وڌايل هٿ پوئتي ڪندي چيو.
    “مان هلان ٿو.” لفظ ڄڻ هن جي نڙيءَ ۾ ڦاسي پيا هئا، هو اتُان اٿي عرفات جي ڪمري ڏانهن وڃڻ لڳو.
    دُربيبي جي منهـن تي فاتحانه مسڪراهٽ اچي ويئي هن ريموٽ کڻي ٽي.وي هلائي.
    عرفات جي ڪمري ڏانهن ويندي عالي جي طبيعت اهڙي ٿي ويئي جو هن گهڙي کن لاءِ اتي بيهي سوچيو ته هن وقت ڪنهن سان به ملڻ نه گهرجي. ان ارادي سان هو پوئتي موٽيو ته هن کي پويان ڪنهن سڏيو.
    “ڪاش اڄ مان هتي نه اچان هان!” هو پهريون دفعو ڪنهن جو مقابلو ڪرڻ کان ڪيٻائي رهيو هو.
    “ڪنهن سان ملي بغير ئي واپس پيا وڃو.” مروه هن جي اڳيان اچي کيس چيو.
    “بس اچانڪ ڪو ڪم ياد اچي ويو آهي، ان لاءِ وڃان پيو.” عالي ڏاڍي مشڪل سان جواب ڏنو.
    “مون کي خبر آهي ڪوئي ڪم ناهي توکي، مون سان گڏ هل.” مروه ائين چئي ڏاڪڻيون چڙهڻ لڳي.
    عالي به هن جي پويان وڃڻ لڳو. عالي کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ اڄ روزِ محشر هجي ۽ فرشتا هن کي حساب ڪتاب لاءِ وٺي وڃي رهيا هجن.
    شاهمير وارن جي گهر مان ئي مٿي ڇت ڏانهن ويندڙ ڏاڪڻين تي مروه بيهي رهي ۽ عالي کي مٿي وڃڻ جو اشارو ڪيائين. عالي مئل قدمن سان ڏاڪڻيون چڙهي مٿي آيو.
    ڇت تي رکيل ڪرسين جي پويان صفا پٺيري بيٺي هئي. هُن جي وڏن ڪارن وارن جي چوٽي هوا جي زور تي لڏي رهي هئي.هن کي ڏسي عالي خواهش ڪئي ته جيڪر هو ڪنهن جادو ذريعي هتان غائب ٿي سگهي ها.
    عالي جي قدمن جو آواز ٻڌي صفا هن ڏانهن منهن ڪيو. صفا هن کي ڏسي ٿوري حيران ٿي پر هوءَ سمجهي ويئي ته هن کي مروه ئي هيڏانهن موڪليو آهي.
    صفا جون اکيون مسلسل روئڻ ۽ رات ننڊ نه ڪرڻ جي ڪري سُڄي ڳاڙهيون ٿي ويون هيون. عالي پهريون دفعو هن جي اکين ڏانهن ايترو غور سان ڏٺو ۽ ڏسندو ئي رهجي ويو. اهي اکيون هن سان ڪجهه شڪايتون ڪري رهيون هيون پر هاڻي اهي شڪايتون دور ڪرڻ عالي جي وس ۾ نه هو.
    “توهان ٺيڪ ته آهيو نه؟” عالي خاموشيءَ کي ٽوڙيندي صفا کان پڇيو.
    “ها.” صفا هن ڏانهن ڏسندي چيو.
    “هن نئين رشتي لاءِ اوهان لاءِ دعاڳو هوندس، اميد ٿو ڪيان اوهان مون کي معاف ڪري ڇڏينديون.” عالي کي سمجهه ۾ نه آيو ته هو ڇا چوي.
    صفا خاموش رهي.
    عالي کي خبر هئي ته هن صفا کي غلط ڳالهه چئي ڇڏي آهي پر هو هن کي ڪو ڪوڙو دلاسو به ته نه پئي ڏيئي سگهيو نه.
    “منهنجي پيءُ ۽ ماءُ پنهنجي چالبازين سان جيڪي ڄار وڇايو هو، ان ۾ اڄ انهن جو پنهنجو اولاد ئي ڦاسي پيو آهي، ان ۾ توهان جو ڪو ڏوهه ناهي.” صفا جو لهجو زخمي هو.
    “هنن کي توهان لاءِ اهوئي بهـتر لڳو هوندو.” عالي هن جي ڳالهه سمجهندي به نظرانداز ڪئي.
    “هنن جي ڌوڪيبازين جو نشانو بڻجڻ کان پوءِ به توهان انهن جو پاسو پيا کڻو؟” صفا افسوس وچان چيو.
    “صفا مان انهن جي ارادن کان پهرئين ئي واقف هئس، تنهن هوندي وقتي طور منهنجي دل ۾ به شايد ڪو فطري جذبو پيدا ٿيو هو ۽ منهنجي حرڪتن شايد اوهان جي دل ۾ به اهو احساس پيدا ڪيو، پوءِ به ڪوشش ڪندو هئس ته اسان ٻنهي جي وچ ۾ اهڙو ڪو تعلق پيدا نه ٿئي، پر اها عمر ئي اهڙي هوندي آهي جو انسان پاڻ تي ڪنٽرول ئي نه ڪري سگهندو آهي.” عالي سوچي سمجهي اهڙن لفظن جي چونڊ ڪري رهيو هو جنهن سان صفا اهيو سمجهي ته عالي جي دل ۾ هُن لاءِ ڪو خاص جذبو ناهي.
    “ڇا واقعي توهان جي دل ۾ منهنجي لاءِ ٻيو ڪو جذبو نه هو؟” صفا ڏک مان پڇيو.
    “نه، صفا، اسان کي حويليءَ ۾ آندو، ضرور ويو هو پر مان ڄاڻان پيو ته اسان کي قبول ڪڏهن به نه ڪيو ويندو، توهان کي ۽ مروه کي مان اهي خوشيون ڏيڻ پيو چاهيان، جنهن جي توهان کي خواهش هئي. توهان جڏهن امي وٽ پڙهڻ شروع ڪيو ته امي ٻڌائيندي رهندي هئي ته توهان کي پڙهڻ جو شوق آهي ان ڪري مان توهان جو خيال رکندو هئس. مان ان ذهين ڇوڪري کي ضايع ڪرڻ نه پيو چاهيان پر افسوس جو ان جي لاءِ ڪوبه فيصلو ڪرڻ منهنجي هٿ ۾ نه هو.” عالي پنهنجي جذبن کي قابو ڪندي چيو.
    “پنهنجي جذبن کي لڪائي ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ اڳيان واري ماڻهو کي مطمئن ڪرڻ ڪيترو مشڪل آهي.” عالي سوچيو.
    “اها ڇوڪري ته ضايع ٿي ويئي پر توهان جڏهن سيرت ۽ مروه کي ضايع ٿيڻ کان بچائي انهن کي پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ انهن جي ائين سپورٽ ڪندؤ ته اها ڇوڪري ائين سمجهندي ڄڻ هن پنهنجي زندگيءَ جو مقصد حاصل ڪري ڇڏيو هجي.” صفا ائين چئي هيٺ هلي ويئي.
    عالي آسمان ڏانهن نهاريو. رات ٿيڻ واري هئي پر اُتي اڃا اهو چنڊ به نه هو جنهن ۾ هو صفا جو چهرو ڏسندو هو. هن جو ڪنڌ هيٺ جهڪي ويو ۽ هو سست قدمن سان پراڻي حويلي آيو.

    عالي کي خبر هئي ته دُربيبي هن جي پيءُ کان بدلو وٺڻ لاءِ ئي ائين ڪيو آ. زندگي ۾ اڳي به هن قربانيون ڏنيون هيون پر هن دفعي هن جي دل هن کي معيارون ڏيئي رهي هئي. مادي خواهشون پوريون نه ٿيڻ تي هن جي دل ۾ اهڙو احساس ڪڏهن به پيدا نه ٿيو هو پر اڄ هن کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هن ڪو بزدلي جو ڪم ڪيو آهي.
    هن کي خبر هئي ته دربيبي کي هو پسند ناهي، پر پوءِ به صفا جي خاطر هڪ دفعو هن ان سان ڳالهائڻ جي همت ڪئي ۽ ٿوري دير کان پوءِ ٻيهر نئين حويلي آيو.
    دُربيبي پنهنجي ڪمري ۾ هئي. هو ٻاهر ويٺل رضيه کان پڇي هن جي ڪمري ڏانهن ويو پر هن جا قدم دروازي وٽ ئي رڪجي ويا.
    “مون کي خبر هئي ته اِها شهلا مؤمن وانگر منهنجي اولاد کي به ڀڙڪائيندي. اِن مائيءَ ته اسان جي خاندان جون ريتون، رسمون ٽوڙڻ جو قسم کائي ڇڏيو آهي.” اندران دُربيبي جو گرجندڙ آواز آيو.
    “امان سائڻ منهنجو مطلب اهو نه هو ته توهان شهلا چاچي جي خواهش پوري ڪيو، پر توهان ٿورو صفا جي خوشيءَ کي به ته مدنظر رکو نه.” اندران مروه جو آواز آيو.
    “هوءَ توکي وچ ۾ آڻي منهنجي خلاف استعمال ڪري رهي آ ٻيو ڪجهه به ناهي، سمجهيئي؟” دُربيبي چيو.
    “امان شهلا چاچي جو ان ۾ ڪو ڏوهـه ناهي. توهان صفا جي ماءُ هوندي به ان جي احساسن کي سمجهي ڇو نه سگهيون آهيو ڪڏهن به!!!” مروه ماءُ سان شڪايت ڪئي.
    “پنهـنجي رت جي رشتن جو لحاظ ڪري سردار صاحب هنن کي هت آندو هو، پر انهن نمڪ حرامن مان مون کي اها ئي اميد هئي. اسان جي ٽڪڙن تي پلجندي هنن منهنجي گهر کي نانگن وانگر پنهنجو زهر منهنجي گهر ڀاتين جي دلين ۾ مون لاءِ ڀري ڇڏيو آهي.” دُربيبي زهريلي لهجي ۾ چيو.
    “نفرت کي جڏهن گهڻي عرصي لاءِ دل ۾ رکيو ويندو آهي ته اها زهر بڻجي ويندي آهي امان. اهو زهر ايترن سالن کان اوهان پنهنجي دل ۾ رکيو ۽ هاڻي اهو زهر توهان پنهنجي اولاد جي زندگي ۾ ڄاڻي واڻي ڀريو آهي. شروع ۾ توهان اسان کي اوڏانهن وڃڻ کان روڪيندا رهيا پر پوءِ توهان اهو سوچي اسان کي وڃڻ ڏنو ته جيئن عالي يا سيرت جي ذريعي توهان مؤمن چاچا کان بدلو وٺي سگهو.” مروه به اڄ سچ چوڻ جو سوچي ڇڏيو هو.
    “مروه پنهنجي زبان کي قابو رک.” دُربيبي ڪاوڙ مان چيو.
    “توهان ڇا ٿا سمجهو ته اسان ننڍڙا ٻار آهيون، توهان جي لفظ ۽ لهجي ۾ ڀريل نفرت کي اسان سمجهي نه سگهنداسين! توهان ڏاڍو ظلم ڪيو آهي.” مروه تڙپندي چيو.
    “ٺيڪ آهي، جيڪڏهن تون سڀ ڪجهه سمجهي ويئي آهين ته پوءِ اها ڳالهه به دماغ ۾ رکي ڇڏ ته مان مؤمن جي زال ۽ ان جي ٻارن جي وجود کان به نفرت ٿي ڪيان، انهن کي هڪ لمحو به هتي برداشت نٿي ڪري سگهان، ته پوءِ انهن سان رشتيداري ته پري جي ڳالهه آهي.” دُربيبي ائين چئي ڪاوڙ ۾ منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو.
    “توهان خوش نه ٿجو ته توهان پنهـنجو بدلو وٺي ڇڏيو آهي. پر ٻڌي ڇڏيو الله پاڪ توهان کان هڪ بيواهه ۽ يتيمن تي ظلم ڪرڻ جو بدلو وٺي ڇڏيو آهي.
    شهلا چاچي ۽ عالي کان ته اها ڳالهه شايد ڪجھه وقت ۾ وسري وڃي پر توهان جي ڌيءُ پوري زندگي توهان وانگي تڙپندي گذاريندي.” مروه ماءُ کي آگاهه ڪيو.
    “صفا جي جڳهه تي جيڪڏهن ميربل يا عرفات هجن ها تڏهن به منهنجو فيصلو اهو هجي ها.” دُربيبي چيو.
    عالي وڌيڪ ٻڌڻ نه پيو چاهي، انڪري واپس وڃڻ لڳو.
    “ٺيڪ آهي امان سائڻ الله ڪندو، ڪڏهن اهو وقت ايندو جڏهن توهان عالي جي اڳيان پنهنجي ڪنهن اولاد جي خوشي لاءِ جهولي ڦهلائيندؤ.” مروه اهو چئي ٻاهر هلي آئي.
    مروه سامهون ئي عالي کي ويندو ڏٺو ته ان جي پويان آئي.
    “عالي.” هن عالي کي سڏيو.
    “جي.” عالي هن ڏانهن مڙيو.
    “تون هتي ڪيئن آيو هئين؟” مروه عالي کان پڇيو.
    “پهريون ۽ آخري دفعو ڪوشش ڪرڻ آيو هئس.” عالي وراڻيو.
    “تون سڀ ٻڌي ورتو؟” مروه پڇيو.
    “ها.” عالي وراڻيو.
    “عالي تون صفا کي هتان هميشه لاءِ وٺي هليو وڃ.” مروه جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو.
    “مروه مان ائين ڪري پنهنجي والدين تي لڳايل ڪوڙن الزامن کي سچ ثابت ڪيان؟” عالي هن ڏانهن سواليه نظرن سان ڏٺو.
    “مان پنهنجي ڀيڻ کي ائين تڙپندي نٿي ڏسي سگهان.” مروه روئندي چيو.
    “ان کي سمجهائجانءِ ته ان جي محبت هڪ طرفي هئي. ان ڪري اهو ئي بهتر رهندو ته هوءَ پنهنجي نئين زندگي سٺي نموني گذاري.” عالي چيو ۽ جلدي پراڻي حويلي ڏانهن هليو آيو.

    صفا جي شادي جي تاريخ به ڪجهه ئي ڏينهن ۾ طئه ڪئي ويئي.
    زينب ۽ شهلا کي خبر پئي ته ٻنهـي هڪ ٻئي سان صفا جي لاءِ عالي جي خواهش ظاهر ڪئي.
    “آپا بس نصيب جي ڳالهه آهي، هونئن به ان رشتي لاءِ ڪو راضي نه ٿي ها.” شهلا چيو.
    “شهلا مان ادا کي راضي ڪري وٺان هان، بس مون کي ٿورو اڳي خبر پئي ها.
    عالي به ڪيڏو افسرده رهڻ لڳو آهي.” زينب چيو.
    “وقت سان گڏ سمجهي ويندو آپا! هو ڪمزور ناهي.” شهلا کي پٽ تي يقين هو.
    “شهلا مان صفا جي دل ۾ عالي جي محبت تڏهن کان ڏٺي آهي، جڏهن کان هو اڃا ٻار هئا. هاڻي ان کي ائين ختم ٿيندي ڏسي ڏک ته ٿيندو نه.” زينب افسرده هئي.
    “ڪهڙيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن؟” عالي اڄ ڪيترين ڏينهن کان پوءِ شام جو هنن سان گڏ ويهڻ لاءِ ٻاهر آيو.
    “بس مڙئي عورتن جي ڪچهري پئي هلي.” زينب ڀائٽي کي پيار ڪندي ڀرسان ويهاريو.
    “ مان سڀاڻي واپس پيو وڃان.” عالي سڀني کي ٻڌايو.
    “توهان جون ڇٽيون ته اڃا آهن نه، ايڏو جلدي ڇو پيا وڃو.” سيرت سندس اچانڪ وڃڻ جو پروگرام ٻڌي پريشان ٿي.
    “بس ڪم آهي ٿورو. عالي بي ڌياني ۾ جواب ڏيئي رهيو هو. ٽنهي اهو محسوس ڪري ورتو ته عالي ذهني طور هتي موجود ناهي.”
    “لالا توهان جي طبيعت ته صحيح آهي نه؟” سيرت پڇيو.
    “مون کي ڇا ٿيندو سيرت؟ مان ٺيڪ آهيان.” عالي بيزاريءَ مان جواب ڏنو، پر هن اتي ويٺل ٽنهي عورتن جي پريشاني محسوس ڪري ورتي ۽ يڪدم پنهنجو پاڻ کي سنڀالي ورتو.
    ٽئي عالي جي دل رکڻ خاطر مسڪرائڻ لڳيون ۽ عالي انهن ٽنهـي جي ڪري دير تائين هنن سان کلي کلي ڳالهيون ڪندو رهيو. کيس ان وقت ئي احساس ٿيو ته هن پنهنجو ڏک ٿورو به هنن اڳيان ظاهر ڪيو ته هو وڌيڪ پريشان ٿي وينديون.
    ٻي ڏينهن عالي صبح سوير واري گاڏي ۾ ئي ڪراچي هليو پيو.


    31

    ڪلاس شروع ٿيڻ ۾ اڃا ٻه ٽي ڏينهن هئا، هو پهچڻ سان ئي سمهي پيو. شام جو سڄو ڏينهن ننڊ ڪرڻ کان پوءِ به هن جي دل اٿڻ لاءِ نه پئي چئي.
    معز کي خبر پئي ته عالي آيو ته هو جلدي هن ڏانهن ويو.
    “ڪهڙي وقت پهتو آهين؟” معز هن جي بيڊ جي ڀرسان اچي پڇيو.
    “منجهند.” عالي جواب ڏنو ۽ اٿي ويٺو.
    “حال ڇو اهڙا ڪري ڇڏيا اٿئي؟” معز هن ڏانهن غور سان ڏٺو. هن دفعي عالي کيس ڪمزور لڳي رهيو هو.
    “ٺيڪ آهيان، تون ڪيڏانهن نه ويو هئين؟” عالي هن کان پڇيو.
    “نه يار مان پنهنجي مالڪن کي ايترو پيارو ڪٿي آهيان.” معز جواب ڏنو.
    “توکي ته اهي پيارا هوندا نه.” عالي چيو.
    “جڏهن ٻي طرف کان موٽ نه ملي ته هيڏانهن به ته پيار ۾ گهٽتائي ايندي نه؟” معز پڇيو.
    “ڪاش منهنجي طرف کان موٽ نه ملڻ تي صفا جي دل مان به پيار گهٽجي وڃي.” عالي دل ۾ دعا ڪئي.
    “ڇا ڳالهه آهي هن دفعي ڳوٺان اداس موٽي آيو آهين.” معز پڇيو.
    “نه اهڙي ڳالهه نه آهي، بس اتي گهڻا ڏينهن رهيس نه، انڪري هاڻي گهر وارن جي گهڻي ياد پئي اچي.” عالي ڳالهه ٽاري.
    “ڇا تنهنجي گهر وارا به تنهنجي لاءِ ائين اداس هوندا؟” معز هن کان پڇيو.
    “ها، اهي مون کان وڌيڪ اداس هوندا.” عالي ذهن ۾ پراڻي حويلي جو تصور ڪيو.
    “تون ڪيڏو خوشنصيب آهين عالي، تنهنجي گهر وارا تنهنجي ڪيتري پرواهه ڪن ٿا.” معز چيو.
    “اها ته سڀني جي گهر وارا ڪندا آهن.” عالي چيو.
    “سڀني جي گهر وارا نه ڪندا آهن عالي.” معز حسرت مان چيو.
    “ائين ناهي هوندو. ڪڏهن ڪڏهن ڪوئي ظاهر نه ڪري سگهندو آهي پر والدين کي هميشه فڪر هوندو آهي پنهنجي ٻارن جو.” عالي چيو.
    “ائين آهي، منهـنجا والدين ان ڳالهه جو وڏو ثبوت آهن.” معز چيو.
    عالي ڪڏهن به هن کان ڪو ذاتي سوال نه ڪيو هو، نه ئي وري پنهـنجون ذاتي ڳالهيون هن سان شيئر ڪيون هيون، پر اڄ معز هن سان پاڻ ئي پنهنجي گهر جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو.
    “اسان صرف ٻه ڀائر آهيون، منهنجو وڏو ڀاءُ مون کان چار سال وڏو آهي. شروع ۾ بابا جو ڪاروبار لنڊن ۾ هوندو هو پر جڏهن مان نَون سالن جو ٿيس ته ڪنهن سبب جي ڪري اسان دبئي شفٽ ٿياسين. منهنجو وڏو ڀاءُ سرمد غيرمعمولي صلاحيتون رکندڙ شاگرد هو. اسڪول ۾ هر مقابلي ۾ اول ايندو هو. جنهن جي ڪري هي بابا جو پسنديده پٽ بڻجي ويو. هن جي ڪاميابي جيتري وڌندي ويندي هئي اوتريون ئي بابا جون اميدون مون مان وڌنديون هيون. منهنجي پڙهائي ۾ دلچسپي ته هئي پر مان بابا کي سرمد جهڙي موٽ نه ڏيئي سگهندو هئس. آهستي آهستي بابا جون اميدون مون مان گهٽجڻ لڳيون ۽ مون وارو ٽائيم به بابا سرمد کي ڏيڻ لڳو. امي به پنهنجي سرڪل جي عورتن ۾ سرمد جو تعارف فخر سان ڪرائيندي هئي.
    بابا جو خيال هو ته مان لنڊن يا ڪينيڊا مان بزنس جي ڊگري وٺان ۽ مون کي خبر هئي ته بابا کي پاڪستان پسند نه آهي، انڪري مون بزنس جي بجاءِ ميڊيڪل کنئي ۽ لنڊن/ ڪينيڊا جي بجاءِ پاڪستان کي ٽِڪ ڪيو. جڏهن کان هتي آيو آهيان بابا ته هڪ دفعو به نه ڳالهايو آهي. امي هڪ ٻه دفعا پنهنجي مصروف زندگيءَ مان ڪجهه ٽائيم ڪڍي مون سان ڳالهايو آهي. هنن کي اڃا به ائين لڳي رهيو آهي ته مان پاڪستان مان بيزار ٿي ڪهڙي به وقت دبئي هليو ويندس.” معز پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي جيڪا هئي ته مختصر پر ٿوري دير لاءِ عالي کان پنهنجو ڏک به وسري ويو.
    “تون اداس نه ٿي، هو تنهـنجا والدين آهن، يقيناً انهن کي تو مان ڪجهه اميدون هونديون. اها ته فطري ڳالهه آهي نه. وقت گذرڻ سان هو پاڻهي تنهنجي ڳالهه سمجهي ويندا.” عالي هن کي آٿت ڏني.
    “وقت گذرڻ سان هو اگر سمجهي به ويا ته مان نه سمجهي سگهندس. مان هاڻي انهن کان گهڻو پري نڪري ويو آهيان.” معز چيو.
    “انهن کان پري ڪيڏانهن ويندين، هڪ نه هڪ ڏينهن توکي انهن ڏانهن وڃڻو آهي.” عالي چيو.
    “بابا پاڪستان کي جيترو ناپسند ڪندو هو نه مان ان کي اوترو پسند ڪندو آهيان، انهن کي منهنجي ضرورت ناهي ته ڇا ٿيو هتي ته ماڻهن جي ڪم اچي سگهان ٿو نه.” معز هاڻي واپس وڃڻ لاءِ تيار نه هو.
    “بلڪل ضرورت آهي ملڪ کي به پر والدين کي به ضرورت هوندي آهي، تون ڏسجانءِ جڏهن تون هڪ سٺو ڊاڪٽر ٿي ويندين، هتان ته هو توسان ڪيڏو پيار ٿا ڪن.” عالي هڪ دفعو ٻيهر سمجهايو.
    “پوءِ اهو ته مطلبي رشتو ٿيو نه، جڏهن ته اولاد ۽ والدين جي رشتي ۾ ڪا لالچ نه هوندي آهي. ها ڪجهه ڪيسن ۾ اولاد ته لالچي هوندي آهي پر والدين ته ناهن هوندا نه.” معز جواب ڏنو.
    “تون هن وقت جذباتي ٿي سوچي رهيو آهين.” عالي چيو.
    “ٿي سگهي ٿو ائين هجي پر تون هن وقت چالاڪي ڪري رهيو آهين. مون کان سڀ ڳالهيون پڇئي پر پنهـنجون ڳالهيون لڪائي ڇڏيئي.” معز کلندي چيو.
    “اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي، منهنجي بابا جون ڪجهه خواهشون هيون جيڪي مان پوريون ڪرڻ چاهيان ٿو. انهن مان هڪ خواهش اها هئي ته انهن جي علائقي ۾ تعليم کي غلط نه سمجهيو وڃي، مرد ۽ عورت ٻئي آسانيءَ سان تعليم حاصل ڪن جيڪو هڪ مشڪل ٽاسڪ آهي.” عالي چيو.
    “صرف اها ڳالهه آهي؟” معز هن جا تاثر جاچڻ لڳو.
    “توکي ٻڌڻ ۾ اها ڳالهه ننڍڙي ٿي لڳي پر اتي ڪجهه ڏينهن لاءِ هلي ڏس ته توکي خبر پئجي ويندي.” عالي چيو.
    “مان حيران آهيان ته تون ان ڳالهه لاءِ ايترو فڪرمند رهندو آهين. ان حوالي سان توکي منهنجي ڪا به مدد کپي ته بي ججهڪ چئجان عالي مان به ان نيڪ ڪم ۾ حصو وٺڻ چاهيانءِ ٿو.” معز چيو.
    “بلڪل.” عالي وراڻيو.
    معز سان ايتريون ڳالهيون ڪري عالي جي دل هلڪي ٿي ويئي هئي. معز جهڙو دوست عطا ڪري الله پاڪ هن تي احسان ڪيو آهي. عالي سوچيو


    32

    والدين جي فيصلي تي خاموشي سان ڪنڌ هيٺ ڪرڻ کان پوءِ صفا سوچي ڇڏيو هو ته هوءَ پنهنجي نئين رشتي کي پوري سچائي ۽ ايمانداري سان نڀائيندي.
    شروع وارا ڪجهه ڏينهن ته شهزور جو رويوهن سان صحيع هو پر پوءِ آهستي آهستي هن پنهنجي اصليت ظاهر ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ٿوري ٿوري ڳالهه تي ذليل ڪرڻ شروع ڪيائين. اهيو سڀ دُربيبي جي سامهون هو پر هاڻي وقت هٿن مان نڪري ويو هو. سندس ڌيءُ جي حوالي ٿي چڪي هئي.
    صفا هر وقت پئي مڙس کي خوش ڪرڻ جا جتن ڪندي رهندي هئي پر هڪ ته شهزور گهر ۾ تمام گهٽ ايندو هو ٻيو جڏهن به ايندو هو ته ساڻس بدسلوڪي ڪندو هو. دُربيبي جي پڇڻ تي صفا ڪڏهن به شهزور جي ان رويي جو نه ٻڌايو. بس شايد هوءَ هاڻي ان شين جي عادي بڻجي ويئي هئي.

    وقت زندگيءَ جون سمجهاڻيون سمجهائيندو گذري رهيو هو. صفا جي شادي کي هڪ سال گذري ويو. عالي ان وچ ۾ صرف هڪ دفعو ڳوٺ ويو هن هڪ دفعو به صفا کي نه ڏٺو. هن جي دل شدت سان چاهيو ته صفا هڪ دفعو هنن جي گهر اچي پر هوءَ نه آئي. مروه سان گڏ گهڻو وقت گذاريائين پر هن هڪ دفعو به صفا جو ذڪر نه ڪيو.
    مروه ۽ سيرت جي فرسٽ ايئر جي ايڊميشن به عالي ڪراچي ۾ ئي ڪرائي هئي. هو ٻئي ڄڻيون پڙهائيءَ لاءِ اڳي کان گهڻيون سنجيده ٿي ويون هيون.
    عالي، حسينه ڏانهن به چڪر لڳايو ته حاجره کيس ٻڌايو ته هن BSc ۾ ايڊميشن ورتي آهي. عالي ان جي ڳالهه ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. سندس خبر هئي ته حاجره کي BSc ۾ ايڊميشن لاءِ ڪيتري مشڪل سان اجازت ملي هوندي. ڳوٺ وارين ماين جي ڳالهين جي ڪري هن جو ڀاءُ کيس اجازت نه پيو ڏي پر حسينه به چئي ڇڏيو ته ڪوئي ڪجهه چئي پر مان پنهنجي ڌيءُ کي پڙهائيندس.
    عالي حسينه جي اها ڳالهه معز کي به ٻڌائي ته هن به حسينه جي ڳالهه کي ساراهيو.
    “بس يار ماڻهو جيستائين ڪنهن جي ڳالهين ۾ ٽنگ نه اڙائين تيستائين مزو نه ايندو اٿن.” معز چيو.
    “تون ڏسجان جڏهن ڪجهه ڇوڪريون ڳوٺ مان پڙهي ڪنهن سٺي مقام تي پهچنديون ته اهي ساڳيا ماڻهو انهن جي تعريف ڪندي نه ٿڪبا.” عالي چيو.
    “۽ پنهنجي نياڻين کي به انهن جهڙو ٿيڻ جي نصيحت ڪندا.” معز عالي جي ڳالهه ۾ اضافو ڪيو.
    “انشاءالله.” عالي چيو.
    “تنهـنجون ڳالهيون ٻڌي منهنجي دل چوندي آهي ته مان به توسان گڏ ان نيڪ ڪم جو حصو بڻجان. اسان جي ڊگري مڪمل ٿيندي ته ڪجهه مهينن لاءِ مان توسان اوڏانهن هلندس.” معز چيو.
    “سوچڻ آسان آهي، توهان پنهنجي زندگي لنڊن ۽ دبئي جهڙن ملڪن ۾ گذاري آهي. هتي هر وقت ڪنهن جي ڌمڪي هيٺ رهندي پنهنجي مقصد کي جاري رکي گذر نه ڪري سگهندا معز.” عالي کيس آگاهه ڪيو.
    “ان سپر لگزريئس اپر ڪلاس فيملي پنهنجي لاءِ نفرت کان علاوه ڪجهه نه ڏنو آهي مون کي. ان دنيا جا ماڻهو صرف پنهنجي لاءِ سوچيندا آهن ۽ جيڪڏهن انهن کي ڪو فڪر هوندو به آهي ته صرف پنهنجي لائق فائق اولاد جو. مون جهڙن جي لاءِ اتي جڳهه ناهي.” معز جي اکين ۾ اڄ ڪجهه سوائي نفرت هئي.
    “ڇا ڳالهه آهي اڄ ڪجهه گهڻو جذباتي نه پيو ٿئين؟” عالي پڇيو.
    “هُن به مون کي هميشه لاءِ پاڻ کان الڳ ڪري ڇڏيو عالي.” معز پنهنجي پيرن ڏانهن ڏسندي چيو. شايد هن جي اکين ۾ لڙڪ هئا، جن کي هو لڪائي رهيو هو.
    “ڇا ٿيو معز؟” عالي هن جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ پڪڙيو.
    “بابا سرمد جو مڱڻي ان ڇوڪري سان ڪرائي ڇڏي جنهن کي مان پسند ڪندو هئس.” ڪجهه لمحا چپ رهڻ کان پوءِ معز جواب ڏنو.
    “تون ان جي باري ۾ ڪنهن کي ٻڌائين ها نه پهرين.” عالي چيو.
    “سڀني کي خبر هئي يار، هوءَ بابا، دوست جي ڌيءُ آهي اسان ٻئي ننڍي لاءِ کان گڏ هئاسين اسان جي هڪ ٻئي لاءِ پسنديدگي سڀني جي اڳيان هئي.” معز ڪڏهن به پهريون ايڏو ڏکايل نظر نه آيو، هو جيترو اڄ هو.
    “پوءِ ان ڇوڪري به ڪجهه نه چيو ڪنهن کي؟” عالي هن کان پڇيو.
    “نه. هن جي اڳيان اسان ٻنهـي جو آپشن رکيو ويو هُن پاڻ ئي سرمد کي چوز ڪيو آهي.” معز ٻڌايو.
    “ٿي سگهي ٿو، هوءَ شروع کان سرمد کي ئي پسند ڪندي هجي.” عالي اندازو لڳايو.
    “تون نٿو سمجهين عالي، هوءَ به اسٽيٽس جي چڪر ۾ اچي ويئي.” معز جي اکين ۾ اداسي لهي آئي.
    “اهو ته تنهنجي لاءِ بهـتر ٿيو نه، شادي کان پوءِ توکي ان جي اصليت جي خبر پئي هان ته پوءِ توکي وڌيڪ ڏک ٿي ها.” عالي چيو.
    “هاڻي پنهنجي لاءِ اهڙي ڇوڪري پسند ڪجانءِ، جيڪا Status fobia جو شڪار نه هجي.” عالي هن کي خاموش ڏسي چيو.
    ڳالهيون ڪندي ڪندي رات ٿي ويئي خبر ئي نه پئي. عالي جي فون جي بيل وڳي ته ٻنهـي دريءَ کان ٻاهر ڏٺو. عالي ٻاهر نڪري فون تي ڳالهايو ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ واپس آيو، ته هن جي منهـن تي پريشاني هئي.
    “ڇا ٿيو خير ته آهي؟” معز هن کان پڇيو.
    “ڳوٺ ۾ مسئلو ٿي پيو آهي، جنهن جي ڪري سڄي فيملي هتي آئي آهي.” عالي مختصراً معز کي ٻڌائڻ لڳو.


    33

    “جيجي، چاچي ڪٿي آهيو؟ عرفات پريشاني ۾ هنن کي سڏيندو، پراڻي حويلي جي هال ۾ داخل ٿيو.”
    “ڇا ٿيو پٽ، خير ته آهي؟” شهلا ڪمري مان نڪري آئي.
    “نه چاچي خير ناهي. بابا سائين توهان سڀني کي ڪراچي وٺي وڃڻ لاءِ چيو آهي.” عرفات هن کي ٻڌايو.
    ايتري ۾ زينب به حسينه ۽ حاجره سان گڏ ڪمري مان نڪتيون.
    “پر ڇو؟” زينب هن کان پڇيو.
    “جيجي مان ڪلهه ئي ڪراچيءَ مان آيو آهيان، اڃا اوطاق ۾ به نه ويو هئس، ته بابا سائين جن حڪم ڏنو. شايد ٻئي ڪنهن قبيلي سان ڪوئي جهيڙو ٿي پيو آهي.” عرفات ٻڌايو.
    “ها جيجي، اسان جي ڳوٺ جي هڪ ماڻهو جيڪو اوطاق تي ئي ڪم ڪندو هو، تنهـن سردار گهرام خان جي ڌيءُ کنئي آهي. اڄ صبح ئي مون سان منهنجي پٽ اها ڳالهه ڪئي.” حسينه زينب کي ٻڌايو.
    “جيجي توهان سڀ جلديءَ ۾ پنهـنجو ڪجهه ضروري سامان کڻو، ته هلون.” عرفات جلدي ڪندي چيو.
    ايتري ۾ جميلا به ڊڪندي پراڻي حويلي پهتي.
    “جيجي الله جو نالو ٿوَ، منهنجي ڌيءُ کي به پاڻ سان گڏ وٺي وڃجو، هن مسئلي جي ڪري خبر ناهي ته ڳوٺ ۾ نياڻيون محفوظ رهنديون الائي جي نه!؟” جميلا اچڻ سان ئي زينب کي هٿ ٻڌي چيو.
    “ڇا ٿيو جميلا.” زينب هن کان پڇيو.
    “جيجي سائين وڏي چيو آهي ته ڇوڪرين کي ڳوٺ ۾ خطرو آهي ان ڪري منهنجي ڌيءُ کي به وٺي وڃو هونئن به سائينءَ ملازمن لاءِ الڳ گاڏي ڪئي آهي.” جميلا ٻڌايو.
    زينب ڪجهه، سوچيندي حاجره ڏانهن ڏٺو.
    “حاجره تون به گڏ هل اسان سان.” زينب، حاجره کي چيو.
    حسينه جي ته ڄڻ دل جي ڳالهه زينب ٻڌي ورتي هئي.
    “ها جيجي صحيح آهي، هن کي به وٺي وڃو.” حسينه، زينب ڏانهن شڪر گذاريءَ مان ڏٺو.
    جلدي ۾ سڀني ٿورو گهڻو سامان کنيو ۽ گاڏين ۾ ويٺيون. دُربيبي، شاهه بي بي ۽ درناز حويلي ۾ ئي رهيون.زينب، صفا، سيرت ۽ مروه هڪڙي گاڏي ۾ ويٺيون، ٻي گاڏي ۾ شهلا، ماهه نور، حاجره ٻن ملازمائن سان گڏ هئي.
    گاڏي ڳوٺ کان ڪافي پري نڪري ويئي ته شهلا وارن جي گاڏي جي اڳيان ڪجهه هٿياربندن اچي هنن جي گاڏي جهلي. عرفات زينب وارن جي گاڏي ۾ هو. شهلا وارن سان گڏ چنگيز خان هو. هنن جي گاڏي روڪي هو ڪافي دير تائين فائرنگ ڪندا رهيا. پوءِ انهن مان ٻه ڄڻا اڳتي آيا ۽ گاڏي جو پويان وارو دروازو کوليائون.
    سڀني عورتن جي منهن تي چادرون هيون. هو سڀني عورتن کي غور سان ڏسڻ لڳا.
    حاجره دروازي جي ڀرسان ئي ويٺل هئي، هنن جلدي ۾ حاجره کي هٿ وجهي هيٺ لاٿو. حاجره رڙيون ڪرڻ لڳي، گاڏيءَ ۾ ويٺل ٻيون عورتون به دانهـون ڪرڻ لڳيون پر هو حاجره کي وٺي خبر ناهي ڪيڏانهن هليا ويا. انهن جا ڪجهه ماڻهو اڃا تائين گاڏي جي چوڌاري بيٺل هئا.
    ڪجهه دير گذرڻ کان پوءِ هنن ڊرائيور کي چيو ته گاڏي اوڏانهن ئي ڪاهي وڃ جيڏانهن هو وڃي پيو، نه ته هو سڀني کي ماري ڇڏيندا. ڊرائيور به گاڏي جي رفتار وڌائي. اتان نڪرندي ئي چنگيز خان بهرام خان ڏي فون ڪري ان کي صورتحال ٻڌائي ته ان ٻنهي گاڏين کي گڏجي ڪراچي وڃڻ جو حڪم ڏنو.
    سڄي واٽ سڀ عورتون خيريت سان پهچائڻ لاءِ الله کي ٻاڏائينديون رهيون.
    ........................

    عالي ان وقت ئي معز سان گڏ ڪراچي واري گهر آيو. سڀئي پريشان هئا. هتي اچي عالي کي حاجره جي باري ۾ خبر پئي ته هن جي پريشاني وڌي ويئي. هو بار بار ميربل کان فون ڪري حاجره جي متعلق پڇي رهيو هو پر هن کي ان جي ڪا به خبر نه هئي.
    “پُڦو ڪنهن کي به حاجره جي ڪا خبر ناهي. ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي چاچا سائين وارا ائين خاموشيءَ سان ڇو ويٺا آهن.” عالي زينب سان ملندي چيو.
    “جيستائين ٻي قبيلي جي مائي واپس نه ٿي ملي انهن کي تيستائين حاجره جي ڪنهن کي ڪا خبر نه هوندي.” زينب ٻڌايو.
    “جيڪڏهن هوءَ پنهنجي مرضيءَ سان ويئي آهي ته هاڻي واپس ڇو ايندي.” عالي چيو.
    “ادا وارا ته ان کي ڳولهڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيا هوندا.” زينب چيو.
    “اهي ڇو ڳوليندا هوندا!؟” مروه پڇيو.
    “هڪ ته ان قبيلي وارا ادا جا مخالف آهن ٻيو ته جنهن انهن جي ڇوڪري کنئي آهي ان جو تعلق به اسان جي اوطاق سان آهي. اسان جي حويلي ۽ ڳوٺ ٻنهـي کي خطرو آهي انڪري ادا وارا ان مائي کي ڳولي واپس ڪندا، تڏهن ئي اسان تان اِها مصيبت ٽرندي.” زينب ٻڌايو.
    “ان کان پهرين اهو مسئلو ڳالهين سان نٿو نبري سگهي.” عالي پڇيو.
    “حاجره کي کڻي هنن شروع ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هو ڳالهين لاءِ تيار ناهن.” زينب چيو.
    “عالي تون ڳوٺ کي ڏسين ها ته بلڪل ائين لڳئي ها ڄڻ جنگ جو ميدان هجي! بابا سائين وارن ڳوٺ جي چؤطرف هٿيارن سان ماڻهن کي بيهاري ڇڏيو آهي، حويلي جي چوڌاري الڳ ماڻهو بيٺل آهن.” عرفات عالي کي ڳوٺ وارو منظر ياد ڪندي ٻڌائڻ لڳو.
    “پوءِ چاچي وارن کي به هيڏانهن وٺي اچو هان نه.” عالي کي ته فڪر ٿيڻ لڳو.
    “بس سردار صاحب جو حڪم هو ته اهي اتي ئي رهن، انڪري اهي نه آيون.” زينب چيو.
    “جيڪڏهن هنن اسان کي حاجره واپس نه ڪئي ته پوءِ اسان جي ڳوٺ وارا به هنن جي مائي کڻندا؟” سيرت، زينب کان پڇيو.
    “ٿي سگهي ٿو حاجره کي موٽائڻ جي ڪوشش ائين نه ڪئي وڃي ڇو ته هوءَ هڪ ملازمه جي ڌيءُ آهي. پر ان جڳهه تي حويلي جي ڪا ڇوڪري هجي هان ته پوءِ اسان جي ڳوٺ وارا هنن جون هڪ نه پر ٽي چار يا جيتريون به انهن جون مايون هٿ اچن ها اوتريون کڻن ها.” زينب جي منهن تي تنزيه مرڪ هئي.
    “حاجره جو ڀاءُ به ته ايتري همت نٿو ڪري سگهي جو هو پنهنجي ڀيڻ کي واپس آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪري.” شهلا افسوس مان ڳالهايو.
    “ها، بس هاڻي کٽن ان جا ڀاڳ.” زينب افسوس مان چيو.
    “هاڻي ڪافي دير ٿي ويئي آهي سڀئي سمهو وڃي.” زينب سڀني کي چيو.
    “مان معز کي پاڻ سان گڏ وٺي آيو هئس، انڪري مان هاسٽل تي واپس پيو وڃان.” عالي سڀني کان موڪلايو.
    “ٺيڪ پٽ الله جي امان. هاسٽل پهچي فون ڪجان.” شهلا عالي کي نصيحت ڪئي.
    “ها امي.” عالي سڀن کان موڪلائي ٻاهر آيو.
    “يار تنهـنجو چاچو ته ڏاڍو امير ماڻهو ٿو لڳي.” معز بنگلي جي ٻاهران سيڪيورٽي ڏسي عالي کي چيو.
    “ها يار، اميرن جي ڪري غريب ٿا ڦاسن، اهڙي اميري ڪهڙي ڪم جي.” عالي ڏک مان چيو.
    “ڇا ٿيو آهي؟” معز پڇيو.
    عالي معز کي حاجره جي باري ۾ ٻڌايو.
    “چوري ڪري چيهو، ڳئون ڀري ربو”، سردار صاحب ته پنهنجي حويلي جي نياڻين کي ڪڍي ڇڏيو پر ڳوٺ ۾ هن وقت نياڻين جي پيئرن جون ننڊون حرام هونديون. هر وقت انهن کي اهو اُلڪو هوندو ته خبر ناهي ڪهڙي وقت در تي ڪو کڙڪو ٿي ۽ هنن جي عزت ٻي ڪنهن جي ڪيل گناهه جي سزا لوڙي.” معز چيو.
    هاسٽل تي پهچي به عالي حاجره ۽ ڳوٺ وارن لاءِ پريشان رهيو. انهن جي باري ۾ سوچيندي سوچيندي هن کي خبر ناهي ڪهڙي مهل ننڊ اچي ويئي.
    ............................

    حاجره جي ڪا خبر نه پئي هئي، هنن کي هتي پندرهن ڏينهن گذري ويا.
    سيرت ۽ مروه جا امتحان به ٿيڻ وارا هئا، ان ڪري عالي گهر چڪر ضرور لڳائيندو هو ته جيئن سيرت ۽ مروه جو ڌيان ڳوٺ واري مسئلي تان هٽائي سگهي.
    هنن عالي جي مدد سان امتحان ڏنا ۽ هنن جا پيپر به سٺا ٿيا هئا. پر پوءِ به مروه عالي کي هر هر چئي رهي هئي ته هن جا پيپر ايترا سٺا نه ٿيا آهن.
    اڄ آخري پيپر ڏيئي هو عالي سان پيپر جون ڳالهيون ڪري رهيون هيون ته عرفات ڀڄندو عاليءَ وٽ آيو.
    “عالي ادا ميربل جي فون آئي آهي ته شهزور کي گوليون لڳيون آهن.” عرفات، عالي جي ڀرسان اچي هن کي آهستي ڪن ۾ چيو.
    “پر ڪيئن؟ هاڻي ڪٿي آهي هو؟” عالي اٿي بيٺو ۽ عرفات کان پڇڻ لڳو.
    “ٻي قبيلي وارن ڳوٺ تي حملو ڪيو هو ۽ ادا ميربل ادا شهزور کي کڻائي هيڏانهن اچي رهيو آهي.” عرفات هن کي وڌيڪ ٻڌايو.
    سيرت ۽ مروه به اها ڳالهه ٻڌي ورتي پر عالي هنن کي ٻي ڪنهن سان اها ڳالهه ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏيو.
    ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ميربل فون ڪري ٻڌايو ته هو ڪراچي هاسپيٽل جيئن ئي پهتا ته ٿوري دير کان پوءِ ئي شهزور فوت ٿي ويو.


    34

    زندگي وقت سان گڏ ئي گذرندي رهي ٿي پر ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ڄڻ وقت گذرندو ٿو وڃي پر زندگي اتي ئي بيٺي آهي.
    حاجره کي اغوا ڪري هڪ ننڍڙي ڪوٺي ۾ بند ڪيو ويو. هن کي اڄ اتي ٻيو ڏينهن هو.
    “مون کي هتي ڪيستائين رهڻو پوندو؟” هڪ عورت وٽس ماني رکي هلي ويندي هئي، اڄ اها عورت حاجره وٽ آئي ته هن کانئس پڇيو.
    “اڃا ته سائين وارا تنهنجي معاملي ۾ صبر ۾ آهن، پر ڪجهه ڏينهن ۾ جيڪڏهن هنن جي ڌيءُ جي ڪا خبر نه پئي ته پوءِ تنهـنجو برو حشر هوندو.” ان عورت کيس چيو.
    “پر منهنجي غلطي ڪهڙي آهي، ڇا هو مون کي منهنجي غلطي ٻڌائڻ کان بنا ئي ڪنهن انجام تي پهچائي ڇڏيندا!؟” حاجره نماڻي انداز ۾ هُن کان پڇيو.
    “اها ته مون کي ناهي خبر پر هن وقت مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته توهان کي حويلي وٺي وڃان.” هُن پنهنجي اچڻ جو مقصد ٻڌايو.
    “حويلي ڇو؟” حاجره پڇيو.
    “متان هاڻي تو کي اتي رهائن.” هُن اندازو لڳايو.
    حاجره ان سان گڏ ئي حويلي ڏانهن وڃڻ لڳي. هو جتي رهيل هئي اهو تهخانو هو جنهن جي ڏاڪڻين تان مٿي آئي،اتان کان وڏي حويلي جي پٺ هنن جي طرف هئي.
    حويلي جي پاسي مان ننڍڙي گهٽي مان ٿيندي هو ٻئي ٻاهر آيون جتي ٿورو پري حويليءَ جو وڏو گيٽ هو. اها عورت کيس حويلي وٺي وڃڻ بجاءِ حويليءَ جي پاسي ۾ ٺهيل هڪ گهر ۾ وٺي آئي. ان گهر جو دروازو ٽپندي ئي حاجره کي سامهون ٻه عورتون نظر آيون. هڪ اڱڻ ۾ رکيل کٽ تي ويٺي هئي. اها عورت ڪافي عمردراز هئي، اها عورت چپن ۾ ڪجهه پڙهندي هٿ ۾ جهليل تسبيح جا داڻا سوري رهي هئي. ٻي عورت اڱڻ ۾ ئي ٺهيل چلهه تي ڪجهه پچائي رهي هئي. اها عورت پهرين عورت کان عمر ۾ ڪافي ننڍي پئي ڏسڻ ۾ اچي.
    “اچي وئينءَ صدوري، ڏاڍي دير لاتئي.” کٽ تي ويٺل عورت حاجره سان گڏ عورت سان مخاطب ٿي.
    “ڀلي آئين امان، هلي آ هتي ويهه.” هن حاجره کي کيڪاريو ۽ هِن لاءِ کٽ تي ويهڻ جي جڳهه ٺاهي.
    چلهـه تي ويٺل عورت به اٿي آئي ۽ حاجره سان اچي ملي.
    “امڙ ڪهڙي ڳوٺ جي آهين؟” پوڙهي عورت حاجره کان پڇيو.
    “سردار دلاور خان ڳوٺ جي آهيان.” حاجره پنهنجي ڳوٺ جو نالو ٻڌايو.
    “جنهن، سائينءَ جي ڇوڪري کنئي آهي اهو تنهـنجو ڇا ٿي؟” ان عورت حاجره کان ٻيو سوال ڪيو.
    “مون کي ته ڪا خبر ناهي ته ڪنهن اهو ڪم ڪيو آهي جنهن جي سزا مون کي ڏني ويئي.” حاجره چيو.
    “متان تنهنجي ڪنهن ڀاءُ کنئي هجي.” ان عورت ٿوري دير کان پوءِ وري ڳالهايو.
    “منهنجو هڪڙو ئي ڀاءُ آهي اهو شهر ۾ نوڪري ڪندو آهي ۽ پنهنجي زال سان گڏ اتي ئي رهندو آهي. مان ۽ امان ڳوٺ اڪيلا رهندا آهيون.” حاجره ٻڌايو.
    “بس امان تون دل نه لاهه الله واهي اٿئي. جيستائين هتي آهين، هن گهر کي پنهـنجو گهر سمجهجانءِ.” ان عورت حاجره کي دلجاءِ ڏني. حاجره خاموشي سان ڪنڌ هيٺ جهڪائي ڇڏيو.
    “مان هتان جي سردار صاحب جي وڏي پُڦي آهيان ۽ هيءَ منهنجي ماسات آهي. هي صدوري به اسان سان ئي رهندي آهي.” ان عورت پنهـنجو ۽ پاڻ سان گڏ ٻي عورت جو تعارف ڪرايو.
    “ڌيءُ تنهـنجو نالو ته پڇڻ ئي وسري ويو.” ان عورت پنهنجي وات تي هٿ جون اڱريون رکندي چيو.
    “منهنجو نالو حاجره آهي.” حاجره ٻڌايو.
    “صدوري حاجره جو هٿ منهن ڌوراءِ ته ماني کائون.” عشاء جي آذان ٿي ويئي هئي ۽ چلهه تي ويٺل عورت ماني به پچائي هئي، ان ڪري هنن ماني کائڻ جو چيو.
    ماني کائڻ کان پوءِ اڱڻ ۾ کٽون رکيون ويون، حاجره جي کٽ جي هڪ طرف صدوري جي کٽ هئي، ته ٻي طرف ان ٻنهي عورتن جون کٽون هيون.
    اڻڄاتل ماڻهن جي وچ ۾ هڪ اهڙي معاملي جي ڪري اغوا ٿي اچڻ کان پوءِ جنهن جي انجام جي ڪا خبر ئي نه هجي، حاجره جي ننڊ ته ڪوهين ڏور هلي ويئي هئي.
    “ڏس ته ڪهڙي نه مورن جهڙي سهڻي ڇوڪري آهي. ويچاري جي گهر وارن جون ته ننڊون ئي ڦٽي ويون هونديون.” ان پوڙهي عورت ٻيءَ کي چيو.
    ڪجهه دير گذري ته ڀرسان وارين کٽن تان انهن ٻنهي عورتن جا آواز اچڻ لڳا. هو ٻئي آهستي ڳالهائي رهيون هيون پر خاموشي ايتري هئي جو انهن جا آواز حاجره تائين باآسانيءَ پهتا پئي.
    “هن جي زندگي ٻين جي ڪيل ڏوهن جي ور چڙهي ويندي، ٻيو وري ڇا، ها نه جيجي؟” ٻي عورت پوڙهي عورت کان پڇيو.
    “سردار صاحب جا پٽ به ته آهن نه، اهڙي جوان جماڻ ڇوڪري ڏسي متان ان کي پاڻ وٽ رکي ڇڏين.” هن جواب ڏنس.
    “پر اڄ جيڪي هن خبرون ڪيون آهن اهي ته صدوريءَ سائين وارن وٽ پهچائي ڇڏيون آهن. مٿان وري هنن کي ڌيءُ واري ڪاوڙ به آهي ته هن کي گهر ۾ ڪيئن رکندا.” ٻي عورت پوڙهي عورت کي چيو.
    “بس ادي، هو به ته حق تي آهن نه، هنن جي گهر جي عزت ۾ هٿ وڌا اٿن، هو چپ ڪري ته نه ويهندا نه.” هن چيو.
    “پر جيجي حويليءَ جون ٻانهـيون ته ڳالهه پيون ڪن ته سردار صاحب جي ڌيءُ پاڻ ويئي آهي. اهو مڙسالو ته هڪ ٻه دفعا ئي حويلي ۾ آيو هو.” ٻيءَ چيو.
    “۽ سائينءَ جي ڌيءُ دماغي طور به ته ٺيڪ نه هئي نه پنهنجي گهر وارا ئي سڌي منهن سان نه ڳالهائيندا هئس، پر تون متان ڀلجي به اها ڳالهه ڪنهن سان ڪرين. سڄي ڪاوڙ تو مان نه ڪڍي ڇڏني.” بزرگ عورت ٻيءَ کي خبردار ڪيو.
    “نه نه جيجي مان چري ٿورئي آهيان.” هن جواب ڏنو.
    “چڱو هاڻي سمهه تون.” پوڙهي عورت چيو.
    انهن جون ڳالهيون ٻڌي حاجره جي لڱن جا وار ڪانڊارجي ويا. انهن جي ڳالهين مان هن کي اندازو ٿي ويو ته هن سان جيڪو به سلوڪ ٿيندو، اهو برو ئي هوندو.
    ننڊ ته اکين کان اڳي ئي پري هئي پر هن جي دل ۾ هيڪر ته پنهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ جي پريشانيءَ جو خيال پئي آيو ته ٻيهر وري انهن طرفان هن جي ڪا سار نه لهڻ تي دل ئي دل ۾ هن انهن کي ميارون پئي ڏنيون.
    “مارئي کي به جڏهن قيد ڪيو ويو هوندو ته هن جي دل ۾ اهڙا ئي خيال ايندا هوندا، پر منهنجي هتي هجڻ جو ذميوار ته منهنجي اباڻن مان ئي ڪو آهي. پوءِ به ان ڳوٺ جي گهٽي گهٽي جي سڪ منهنجي دل ۾ هر هر جاڳي رهي آهي.” هُن سوچيو
    حاجره اندازو لڳائڻ چاهيو ته هن جو ڳوٺ ڪهڙي طرف هوندو. جڏهن هن اندازو لڳائي ڇڏيو ته هوءَ ان طرف منهن ڪري سمهي پئي ته من نه من ان طرف کان ايندڙ هوا ۾ هوءَ پنهنجي ڳوٺ جي خوشبو محسوس ڪري.
    ٿوري دير پهرين ئي هن جي اک لڳي هئي ته صدوري هن کي اچي اٿاريو. حاجره اُٿي هٿ منهن ڌوئي ورانڊي ڏانهن ويئي، جتي اهي ٻئي عورتون ويٺيون هيون.
    اچ ڌيءَ، چانهه پيئندينءَ؟ پوڙهي عورت هن کان پڇيو.
    “ها.” حاجره کي به چانهه جي طلبَ محسوس ٿي پئي .
    “ها امڙ غريب هجي يا امير، پر ان مئيءَ (چانهه) جي عادت سڀني ۾ اهڙي پئجي ويئي آ جو اسان ڳوٺاڻن جي اک به صبح جو تڏهن ٿي کلي جڏهن چانهه جي پيالي ٿا پيئون.” ان چيو.
    “مون کي هتي ڪيستائين رهڻو پوندو؟” حاجره صدوري کان چانهه وٺندي پڇيو.
    “الائي امڙ، اسان کي اها خبر ناهي، پر اهڙن معاملن جي جيڪي ڇوڪريون اينديون آهن، اهي اتان جون ئي ٿي وينديون آهن جتي انهن کي آندو ويندو آهي.” ان عورت کيس جواب ڏنو.
    “ڪا هڪ به واپس نه وڃي سگهندي آهي؟” حاجره همت هارڻ نه پئي چاهي.
    “جن جا مالڪ اثر رسوخ وارا هوندا آهن اهي ڪجھه ڏينهن يا هفتن ۾ ئي پنهنجي ڇوڪري موٽائي ويندا آهن.” ان عورت چيو.
    “منهنجا مالڪ! جيڪي اصل مالڪ آهن، اهي اثر رسوخ وارا آهن پر انهن کي خبر ناهي، ته مان انهن جي آهيان، نه ڪڏهن اها ڳالهه تسليم ڪندا. جيڪي پنهنجو سمجهن ٿا، اهي مون لاءِ چاهيندي به ڪجهه نٿا ڪري سگهن.” حاجره ڪوپ ۾ پيل چانهـه ڏانهن نهـاريندي سوچيو.
    حاجره کي ڪجهه ڏينهن اڳ واري ڳالهه ياد آئي جڏهن هن ڪنهن ڳالهه تان پاڻ کي يتيم چيو هو ۽ ماڻس کيس دڙڪا ڏيئي ماٺ ڪرائي هئي.
    هن جي بار بار سوال ڪرڻ تي حسينه ٻڌايو هئس ته هوءَ فضل جي نه پر سردار بهـرام خان جي ڌيءُ آهي.
    هن کي لڳو هو ڄڻ سندس ماءُ حسينه هن سان ڪا مذاق ڪئي هجي، گهڙي کن لاءِ ته هن جون وايون ئي بتال ٿي ويون هيون. حسينه هن کي جڏهن سڄي ڳالهه ٻڌائي ته هن کي پنهنجي وجود کان ئي نفرت ٿيڻ لڳي.
    ڪجهه ڏينهن تائين ته هن ماءُ سان به نه ڳالهايو هو. حسينه به گهڙي گهڙي هن کان معافيون پئي گهريون ۽ پنهنجي گناهه جو اعتراف پئي ڪيو.
    اڃا حاجره پنهنجي ماءُ کي پوري طرح سان معاف به نه ڪيو هو ته کيس ان کان الڳ ڪيو ويو.


    35

    شهزور جو لاش ڪراچي واري گهر آندو ويو جتان ميربل هن کي ٿوري ئي دير ۾ ڳوٺ کڻائي ويو. هو ٻيو ڪنهن کي به ڳوٺ نه وٺي ويو. گهر ۾ روڄ راڙو لڳو پيو هو، پر صفا جي اک مان هڪ ڳوڙهو به نه پئي نڪتو. شهلا ۽ زينب هر وقت هن سان گڏ رهي هن کي اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيون ته شهزور مري ويو آهي پر هوءَ خاموش هڪ ٽڪ خلا ۾ ڏسندي رهندي هئي.

    “جيجي آخرڪار ڪيستائين ائين جانيون ضايع ڪيون وينديون؟” ڪجھه ڏينهن کان پوءِ صفا جيئن ئي ننڊ مان اٿي ته هن زينب جو هٿ پڪڙي ان کان سوال ڪيو.
    “ٻنهي طرفن کان انا جو مسئلو بڻجي ويو آهي، هاڻي هڪڙي ڌر به گهٽ ٿيڻ لاءِ تيار ناهي. تون پنهنجو پاڻ کي صحيح ڪر، صفا گهر ۾ اڳي ئي سڀ ڪيترا پريشان آهن.” زينب پيار مان صفا جا وار ٺاهيا.
    “جيجي مان ڇا ڪيان مان روئڻ چاهيان ٿي پر خبر ناهي منهنجا لڙڪ الائي ڪيڏانهن هليا ويا آهن.” صفا معصوميت مان زينب کي چيو.
    صفا کي ڏسي اڄ زينب کي ننڍپڻ واري صفا ياد اچي ويئي جيڪا ڳالهين ڳالهين ۾ زينب کي پنهنجي تڪليف ته ٻڌائيندي هئي پر ان وقت به زينب هن جي اکين ۾ ڪڏهن لڙڪ نه ڏٺا هئا.
    “جيجي، حاجره جي ڪا خبر پئي؟” صفا پڇيو.
    “نه، اڃا ان جي به ڪا خبر نه پئي آهي.” زينب جواب ڏنو.
    صفا کي ٺيڪ ٿيندي ڏسي گهر ڀاتين جي منهن تان ڪجهه پريشاني گهٽ ٿِي.
    گهر جون سڀ عورتون هن سان اچي ويٺيون ۽ هن جي دل وندرائڻ لڳيون.

    ڪجهه هفتا گذري ويا ته عالي واپس هاسٽل تي آيو. هن جي پڙهائي جو نقصان ٿي رهيو هو، ان ڪري شهلا ۽ زينب کيس هاسٽل تي وڃڻ لاءِ چيو.
    ڊاڪٽر الطاف به واپس اچي ويو هو. هن ڪراچي پهچندي ئي عالي ڏي فون ڪئي. عالي ان سان ملي ڏاڍو خوش ٿيو. عالي جي ڪاليج ۾ سٺي پرفارمنس جو ٻڌي هو به خوش ٿيو.
    عالي معز ۽ عرفات کي به ڊاڪٽر صاحب سان ملرايو. گهڻي دير تائين هو ڊاڪٽر الطاف سان گڏ هوٽل ۾ ويهي ڪچهري ڪندا رهيا پوءِ هو عرفات کي ڇڏڻ لاءِ گهر آيا.
    “تون گهر سڀني سان ملي اچ، مان ٿورو ڪم سان ٿو وڃان.” معز عالي کي چيو.
    “ٺيڪ آهي.” عالي به عرفات سان گڏ گهر آيو هنن کي مروه، سيرت ۽ زينب سان گڏ ٻاهر لان ۾ ويٺل نظر آيون ته هي ٻئي به اوڏانهن اچي ويا.
    “عالي شڪر آ تون اچي وئين، مان توکي فون ڪئي ته تون رسيو ڇو نه ڪئي؟” زينب عالي کان پڇيو.
    “ڇو خيريت ته آهي؟ منهنجي فون شايد سائلينٽ تي هئي.” عالي پڇيو.
    “صفا کي بخار آهي ڏاڍو.” زينب ٻڌايو.
    “ڪهڙي مهل کان اٿس؟ توهان عرفات ڏي ئي ڪال ڪري وٺو هان.” عالي پريشانيءَ مان پڇيو.
    “شام کان ٿيو اٿس. تون هل ۽ ڪا دوا وغيره ڏيس.” زينب اندر ويندي عالي کي چيو، عالي به هن سان گڏ وڃڻ لڳو.
    جڏهن کان هي سڀ ڳوٺان آيا هئا تڏهن کان عالي صفا کي نه ڏٺو هو ۽ شهزور جي اچانڪ موت کان پوءِ ته عالي خبر ناهي ڇو صفا جي سامهون وڃڻ کان ئي ڊڄي رهيو هو.
    “ياالله جڏهن هن جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ دعائون ڪيون هيون، ته هوءَ سامهون نه آئي هئي. هاڻي ان کي اهڙي حالت ۾ منهنجي سامهون نه آڻ پليز.” عالي دل ۾ دعا ڪئي.
    “صفا عالي اچي ويو آهي.” صفا جي ڀرسان ماهه نور ويٺي هئي، ان عالي کي ڏسي صفا کي ٻڌايو.
    صفا اکيون کولي سامهون ڏٺو ۽ عالي کي ڏسي هوءَ اٿي ويٺي.
    صفا بلڪل ڪمزور لڳي رهي هئي. هن جو چهرو ڦڪو ٿي ويو هو. عالي هن کي ڏسندي ئي پريشان ٿي ويو.
    “پُڦو مان ڊاڪٽر الطاف کي گهرائي ٿو وٺان. هيءَ اسان کي ٻڌائي نٿي پر هن جي طبيعت ٺيڪ ناهي. ڊاڪٽر صاحب سان مشورو ڪري هن جون ڪجھه ٽيسٽون ڪرائڻيون آهن. هن اڳيان وڌي صفا جو بخار چيڪ ڪيو. هن کي تيز بخار هو ان ڪري عالي زينب کي چيو.
    عالي ٻاهر نڪري ڊاڪٽر الطاف کي فون ڪئي ۽ عرفات کي ان کي وٺي اچڻ لاءِ موڪليو.
    هو ٿوري دير ۾ ئي گهر اچي ويو. صفا جو معائنو ڪري هن ڪجهه دوائون لکي ڏنيون ۽ عالي کي سڀاڻي ئي هن جون ڪجهه ٽيسٽون ڪرائڻ جو چيو.
    عالي اتي ئي رهي پيو ۽ ٻي ڏينهن ئي صفا کي اسپتال وٺي ويو. اتي هن جون ٽيسٽون ڪرائڻ کان پوءِ هو صفا کي گهر وٺي آيو. صفا جون رپورٽون ته سڀ صحيح آيون پر ڊاڪٽر کين چيو ته کيس اڪيلو نه ڇڏيو وڃي ڇو ته هوءَ ڊپريشن جو شڪار ٿي رهي هئي. مروه ۽ سيرت، صفا جو تمام گهڻو خيال رکڻ لڳيون هيون.
    عالي، مروه، سيرت ۽ شاهمير کي صفا جي لاءِ خاص هدايتون ڏيئي هاسٽل واپس ويو.


    36

    حاجره کي هتي آئي ٻه مهينا گذري ويا. ڪجهه ڏينهن اڳ پهريون دفعو هتان جي سردار کيس پاڻ وٽ گهرائي هن کان پڇيو ته هن جو سردار بهـرام خان سان ڪهڙو رشتو آ. هن ان کي ٻڌايو ته هيءَ انهن جي هڪ ملازمه جي ڌيءُ آهي. ان کان علاوه هُنن هِن کان ڪجهه به نه پڇيو.
    هاڻي هوءَ روز پنهنجي باري ۾ ڪنهن فيصلي جي اچڻ جو انتظار ڪندي هئي، ان قيدي وانگر جنهن کي سزا ۽ موت جو فيصلو ملڻ وارو هوندو آهي، پر پوءِ به هن کي هڪ اميد هوندي آهي ته شايد ڪو معجزو ٿي وڃي ۽ هو سزا کان بچي وڃي. گهر ۾ رهندڙ ٽنهـي عورتن کان هوءَ سٺي نموني واقف ٿي ويئي هئي.
    “حاجره ڌيءَ لڳي ٿو هاڻي سردار صاحب وارا تنهنجي لاءِ ڪونه ڪو فيصلو ڪندا. جيڪڏهن ڪنهن سٺي گهر ۾ وڃين ته اسان غريبن کي وساري نه ڇڏجانءِ.” ان بزرگ عورت هن کي چيو.
    “نه جيجي توهان کي ڪيئن وسارينديس.” حاجره به هاڻي ان کي جيجي ۽ ان سان گڏ ٻي عورت کي ادي چوندي هئي ڇو ته اتي سڀئي انهن کي اِنهن رشتن سان سڏينديون هيون.
    “جيجي، هي سردار صاحب ڏنا آهن، رات حاجره جو نڪاح آهي.” ايتري ۾ صدوري پنهنجي هٿ ۾ هڪ ڳنڍ کڻي آئي. هن اها ڳنڍ جيجي کي ڏيندي چيو.
    “ڪنهن سان اٿس نڪاح؟” جيجي هن کان ائين پڇيو ڄڻ اها ڪا عام ڳالهه هئي.
    “سردار صاحب جي ڪمدار سان.” صدوري جواب ڏنو.
    سزاءِ موت جو فيصلو ٿي چڪو هو. حاجره اتان اٿي اندر ٻي ڪمري ڏانهن هلي ويئي.
    منهنجي ماءُ ۽ منهنجي ڀاءُ وٽ ته الله کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ڪونهـي جو هو مون کي ڳولين پر مون کي هڪ دفعو ته هتان نڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي نه، جيڪڏهن پڪڙجي پيس ته ماري ڇڏيندا نه، ڪمدار سان شادي ڪرڻ کان ته موت ڀلو آهي. حاجره ڪيتري دير تائين ڪمري ۾ ويهي هتان نڪرڻ جو سوچيندي رهي.
    “ڇا ٿيو تون اندر ڇو هلي آئينءَ؟” ادي اندر اچي حاجره کان پڇيو.
    “ادي مون کي ڪمدار سان شادي ناهي ڪرڻي.” حاجره جي ادي سان گهڻي لڳندي هئي ان ڪري هن پنهنجي دل جي ڳالهه ان سان ڪئي.
    “منهنجي وس ۾ هجي ته مان ائين ڪڏهن نه ٿيڻ ڏيان ها منهنجي ڀيڻ. خبر ٿئي ڪمدار جي هيءَ ٽين شادي آهي. هڪ زال مري ويئي اٿس ۽ ٻي زندهه اٿس.” ادي به هن سان گڏ ڏکاري ٿي ويئي.
    “ادي هتان نڪرڻ جو ڪو رستو آهي؟” حاجره هن کان پڇيو.
    “تون هتان نڪري به وڃين ته سردار صاحب وارا توکي پڪڙي وٺندا. هن ڳوٺ جي آسپاس وارا ڳوٺ به سردار صاحب جا ئي آهن هو توکي پڪڙائي وٺندا.” ادي هن کي ٻڌايو.
    “توهان بس منهنجي هتان نڪرڻ ۾ مدد ڪيو. جيڪڏهن مان زندهه بچيس ته عمر ڀر توهان لاءِ دعا ڪندي رهندس.” حاجره التجا ڪئي.
    “مان تنهنجي مدد ڪنديس، حاجره مون کي به ائين تو وانگي آندو ويو هو هتي پوءِ منهنجي شادي ڪرائي ويئي.” ادي حاجره کي ٻڌايو.
    “پوءِ توهان هتي ڇو ٿيون رهو؟” حاجره پڇيو.
    “منهنجي شادي جنهن سان ٿي اهو بلڪل پوڙهو هو، هڪ سال اندر ئي هو مري ويو ته مان واپس هيڏانهن اچي ويس. جنهن ڏينهن کان تون هتي آئي آهين، ان ڏينهن کان تولاءِ دعا ڪندي رهندي آهيان ته الله تو کي پنهنجي مالڪن سان ملائي.” ادي حاجره کي ٻڌايو.
    “پوءِ توهان منهنجي مدد ڪندؤ نه؟” حاجره پڪ ڪرڻ چاهي.
    “ها. منجهند جو جڏهن سڀ سمهي پوندا ته مان توکي هتان ڪڍنديس. حويليءَ ۾ پويان به هڪ دروازو آهي، جنهن جي چاٻي مان منجهند تائين هٿ ڪري وٺندم ۽ توکي صدوري جا ڪپڙا ڏيئي ٿي ڇڏيان تون اهي پائي ڇڏجان.” ادي حاجره کي ائين چئي جلدي ٻاهر هلي ويئي.
    حاجره منجهند جو انتظار ڪرڻ لڳي.
    منجهند تائين ادي هن کي ڪپڙا آڻي ڏنا، هوءَ جلدي ۾ ڪپڙا پائي آئي.
    “جيجي ۽ صدوري ننڊ پيون آهن. مان پويان وارو دروازو کولي اڳيان واري دروازي وٽ وڃي چوڪيدار کي ڳالهين ۾ لڳايان ٿي. تيستائين تون آرام سان نڪري وڃجان.” ادي هن کي سڄي رٿابندي ٻڌائي.
    حاجره، صدوري کي ڀاڪر پاتو، صدوري جون اکيون به ڀرجي آيون.
    “بس هاڻي نڪرڻ واري ڪر ۽ هي رکي ڇڏ، ڪم ايندئي.” ادي هن جي گَگي جي ڦدي ۾ ڪجهه پئسا ۽ ننڍڙي يٰس رکندي چيو.
    حاجره هن ڏانهن شڪرمند نظرن سان ڏسندي رهي. هوءَ ڪمري مان نڪري ويئي. ٿوري دير کان پوءِ حاجره به هن جي پويان ويئي.
    ادي پويان وارو دروازو کولي هلي ويئي ته حاجره آهستي آهستي دروازي مان نڪري ٻاهر هلي ويئي.
    گرمي به زور واري هئي جنهن جي ڪري رستي ۾ ڪوبه ماڻهو نه هو. خوش قسمتيءَ سان حاجره صحيح رستي ڏانهن ويئي، جنهن جي ڪري هوءَ جلد ئي ڳوٺ مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي.
    ڳوٺ مان نڪري هاڻي هوءَ ڪچي پڪي رستي تي تڪڙي تڪڙي هلندي رهي. هن کي ڪا خبر نه هئي ته هن کي ڪيڏانهن وڃڻو آهي بس هيءَ هن ڳوٺ کان پري نڪري وڃڻ پئي چاهي.
    سج لهڻ وارو هو. اُڃ جي ڪري هن جي نڙي سڪي ٺوٺ ٿي ويئي هئي. ٿڪ ڀڃڻ لاءِ رستي ۾ وڻ جي هيٺان ويهي رهي. وڻ سان ٽيڪ لڳائي هوءَ ٿوري ساهي پٽڻ لڳي ته هن جي ڀرسان اچي هڪ گڏهه گاڏو بيٺو. گڏهه گاڏي تي هڪ مرد ۽ عورت ويٺل هئا. جيڪي هن ڏانهن ئي نهـاري رهيا هئا.
    “امان ڪاڏي ويندينءَ؟” گاڏي تي ويٺل عورت کانئس پڇيو.
    حاجره جواب سوچڻ لڳي.
    “چئين ته اڳڀرو ڪيون توکي.” هن جي چوڻ کان پهريان ئي وري ان پڇيس.
    “توهان ڪاڏي پيا وڃو؟” حاجره اٿي اچي هنن کان پڇيو.
    “سامهون واري موري جي پريان اسان جو ڳوٺ آهي، اوڏانهن پيا وڃون.” گاڏي تي ويٺل مرد جواب ڏنو.
    حاجره ۾ هاڻي هلڻ جي همت نه هئي ۽ هن سوچيو ته هوءَ هاڻي هُن ڳوٺ کان گهڻو پري نڪري آئي آهي ته ڇو نه هڪ رات لاءِ هنن سان گڏ هلي وڃي.
    “منهنجو ڪو ڳوٺ ناهي، مان پنهنجي مالڪن کان وڃائجي ويئي آهيان. مان توهان سان گڏ هلي سگهان ٿي؟” حاجره پڇيو.
    “ها ڌيءُ ڇو نه، تون هل اسان سان گڏ.” ان عورت جلدي ۾ کيس ڀرسان ويهڻ لاءِ جاءِ ڏني. حاجره هنن سان گڏ ويٺي ۽ هنن جي ڳوٺ وڃڻ لڳي. ڳوٺ هتان کان به گهڻو پرتي هو.
    انهن جي گهر پهچندي پهچندي هنن کي سومهڻي ٿي ويئي.
    رستي ۾ ئي ان عورت حاجره کي ٻڌايو ته هن کي ڪو اولاد ڪونهـي، گهر ۾ هن جي مڙس ۽ سس کان علاوه ڪوئي نه رهندو آ.
    “هلي آ هتڙي ويهه ڌيءُ.” ان عورت حاجره کي کٽ تي رلهي وڇائي ويهڻ لاءِ چيو.
    “رحمت ڪير آيو ٿئي ساڻ؟” اڱڻ تي ٺهيل هڪ ڪمري مان هڪ پوڙهي عورت ٻاهر آئي. جنهن حاجره کي ڏسي پڇيو.
    “امان نينگري آهي هڪڙي، ويچاري پنهنجي مالڪن کان وڇڙي ويئي، رستي تي اڪيلي ويٺي هئي، اسان کي جو پنهنجي ڳالهه ٻڌايائين ته اسان هيڏانهن وٺي آياسينس.” رحمت، سس کي ٻڌايو.
    “امان چڱو ڪيئي، جواڻ جماڻ ڇوڪر آهي اڪيلي ڪاڏي وڃي هان هن برپٽ ۾.” ان عورت چيس.
    ٿوري دير ۾ رحمت، حاجره لاءِ ماني ۽ پالڪ جو ٻوڙ کڻي آئي.
    حاجره کي به بک لڳي هئي سو هن بي حجاب ٿي ماني کاڌي. جيستائين هن ماني کاڌي، تيستائين رحمت هن کي هڪ ٽڪ ڏسندي رهي.
    “ڌيءُ الله توکي پنهنجي ڌڻين سان ملائي پر جيستائين اهي توکي ڳولي لهن تون مون وٽ رهجانءِ.” رحمت، حاجره کي چيو.
    “نه مان توهان تي هروڀرو بار نٿي ٿيڻ چاهيان.” حاجره چيو.
    “اڙي امڙ ان ۾ بار جي ڪهڙي ڳالهه آهي. الله پنهنجي اولاد ته ڪانه ڏني اٿم پر ڪجهه ڏينهن توکي پاڻ وٽ رهائي اولاد جي آسيس پوري ڪرڻ ٿي چاهيان.” رحمت، حاجره ڏانهن ڏسندي رهي.
    حاجره هن جي اکين ۾ اولاد جي سڪ کي محسوس ڪيو ته هن جي دل به نرم ٿيڻ لڳي.
    هي ڳوٺ به سردار گهرام خان جو هو، جنهن کان هوءَ لڪي رهي هئي. هاڻي ته حاجره کي اچي اڻ تڻ لڳي ته هوءَ هتان ڪيڏانهن ويندي.
    هن کي هتي ٻه ٽي ڏينهن گذريا ته هن سمجهي ورتو ته هن گهر جا ڀاتي يقين جوڳا آهن، ان ڪري هن رحمت کي اصل ڳالهه ٻڌائي.
    رحمت جي ته اڳي ئي دل جي ڪنئوري هئي سو هن جي ڳالهه ٻڌي هن جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا.
    “ڌيءُ تون ايڏن ڏينهن ۾ مون سان اها ڳالهه به نه ڪئي، مان ته توکي پنهنجي سڳي ڌيءُ وانگر سمجهڻ لڳي هئس پر تو مون کي پنهنجي ماءُ نه سمجهيو.” رحمت هن کي ميارون ڏيڻ لڳي.
    “امان اهڙي ڳالهه ناهي، پر مان شروع ۾ توهان سان ڪوڙ ڳالهايو هو ان ڪري شرمساري کان سچ نه پئي ٻڌائي سگهان.” حاجره وضاحت ڪئي.
    “بس تون هي پنهنجو گهر سمجهه ۽ ڪو الڪو نه ڪجانءِ. تون هتي بلڪل محفوظ آهين.” رحمت حاجره کي دلجاءِ ڏني.
    “ڪمدار جي زال ٿيڻ کان ته بهتر آ ته هن بي اولاد جوڙي کي ئي خوشي ڏيان.” حاجره سوچيو.
    .........................

    الله جي اميد جي آسري ۾ هن کي هتي چار مهينا گذري ويا. هوءَ به رحمت ۽ وريام جي گهر ۾ انهن جي ڌيءُ وانگر گذاري رهي هئي. وريام هن جو ڏاڍو خيال رکندو هو. هو پاڻ ته مزدور هو پر هن جي دل ڏاڍي ڪشادي هئي. جيڪا شيءِ ڏسندو هو سا حاجره لاءِ آڻيندو هو. حاجره هن کي گهڻا دفعا اهي شيون آڻڻ کان روڪيو پر هو هر دفعي ائين چئي ٽاري ڇڏيندو هو ته “ڌيء خبر ناهي ڪهڙي وقت تنهـنجا مالڪ توکي وٺي هليا وڃن ان ڪري مون کي نه جهليندي ڪر.” هو ٻئي واقعي ائين سمجهڻ لڳا هئا ته ڄڻ حاجره کي الله هنن جي ڌيءُ ڪري موڪليو آهي.


    37

    صفا جي عدت پوري ٿي ويئي هئي. هن جي طبيعت هاڻي بهـتر هئي پر هوءَ اڳي کان وڌيڪ خاموش ٿي ويئي هئي. عالي اڪثر شام جو گهر چڪر لڳائڻ ايندو رهندو هو.
    “ٿينڪس امي توهان کي ڪيئن خبر پئي ته مون کي هن وقت ان جي ضرورت هئي.” اڄ به هو اتي ئي آيل هو ۽ ڪافي دير کان مروه ۽ سيرت کي پڙهائي رهيو هو ته شهلا هن لاءِ ڪافي ٺاهي آئي.
    “ماءُ آهيان، ايترو ته سمجهي سگهان ٿي.” شهلا هن کي چيو.
    “چاچي عالي کي ته ڄڻ هر وقت ڪافي جي ضرورت هوندي آهي.” مروه چيو.
    “ڪم به ته ايترو ڪندو آهي نه منهنجو ڀاءُ.” سيرت چيو.
    “تون پاڻ آرام به ڪندو آهين يا بس صرف ٻين کي ئي آرام ڪرڻ لاءِ چوندو رهندو آهين؟” مروه عالي کان پڇيو.
    “مان به آرام ڪندو آهيان. تون صفا جو ايترو خيال نه پئي رکين نه، ڏس هوءَ وري اڄ ڪمزور لڳي رهي آهي.” عالي سامهون ڪچن ۾ بيٺل صفا ڏانهن ڏسي مروه کي چيو.
    “مان ته ايترو چوندي آهيانس پر منهنجو ڪوئي ٻڌي به نه!” مروه به صفا ڏانهن ڏٺو.
    “تون هڪڙي ئي ته آهين جيڪا پنهنجي پيءُ وانگر صرف پنهنجي ٻڌائيندي ۽ ڪندي آهين.” زينب مسڪرائي چيو.
    “جيجي، مان توهان جي ڳالهه سان سؤ سيڪڙو متفق آهيان.” شاهمير، صفا سان گڏ رڌڻي ۾ بيٺو هو، تنهـن زينب جي ڳالهه ٻڌي چيو.
    “هر ڳالهه ۾ تنهـنجو ڳالهائڻ ائين لازمي هوندو آ جيئن پيپر ۾ هڪ سوال لازمي هوندو آهي.” مروه شاهمير کي چيو.
    “هر ڪنهن کي پنهنجي خيال جو اظهار ڪرڻ جو حق آهي ۽ مان ان حق کي پوري طرح استعمال ڪندو آهيان.” شاهمير چيو.
    “جيڪڏهن ان حق کي مان استعمال ڪرڻ شروع ڪيو نه ته پوءِ هتي ٽين مهاڀاري لڙائي شروع ٿي ويندي.” مروه ته خاموش رهڻ سکيو ئي نه هو.
    “جتي توهان ٻئي هوندا آهيو، اتي هونئن به جنگ ڇڙيل هوندي آهي، ٿورو آسپاس وارن ماڻهن تي رحم ڪندا ڪيو.” هميشه وانگر عاليءَ ئي جنگ بندي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “عالي مان سڀاڻي ڳوٺ پيو وڃان، توکي ڪجهه ڏينهن موڪلون هجن ته تون به هل.” شاهمير رڌڻي مان نڪري آيو.
    “تون ڇو پيو وڃين؟” عالي حيران ٿيو.
    “ادا ميربل هيڏانهن پيو اچي ان ڪري چاچا سائين مون کي ڳوٺ وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي.” شاهمير ٻڌايو.
    “ٺيڪ آهي مان به هلندس.” عالي به ڳوٺ وڃڻ پيو چاهي.
    “ٺيڪ آهي تون سڀاڻي تيار ٿجانءِ، مان توکي هاسٽل کان پِڪ ڪندس.” شاهمير، عالي کي سڀاڻي جو پروگرام ٻڌايو
    “ٺيڪ آهي”، عالي جواب ڏنو

    ٻي ڏينهن صبح جو ئي هو ٻئي ڳوٺ روانا ٿي ويا.
    هي ڳوٺ پهتا ته اتي ڄڻ ته ڪو راڪاس گهمي ويو هو. ڳوٺ جون گهٽيون کائڻ لاءِ اچي رهيون هيون. اوطاق جي ٻاهران ڳوٺ جا ڪجهه ماڻهو بيٺل هئا.
    “ڇا ٿيو توهان سڀ اتي؟” شاهمير ايترا ماڻهو ڏسي انهن کان پڇيو.
    “ها سائين خبر پئي آهي ته شانل (جنهن تي مائي کڻڻ جو الزام هو) اهو آيو آهي.” هڪڙي ماڻهو انهن کي ٻڌايو.
    هي ٻئي ڄڻا تڪڙا تڪڙا اندر ويا.
    اندر ڪجهه ٻين ذاتين جا به چڱا مڙس سردار صاحب سان گڏ ويٺا هئا.
    “سائين مان قرآن پاڪ تي هٿ رکي چئي سگهان ٿو ته مان ان عورت کي نه ڀڄايو هو، ان پاڻ مون کي ڀٽ ڌڻيءَ جي درگاهه تي ڇڏڻ جو چيو هو.” شانل، سردار صاحب جي ڀرسان رکيل هڪ ڪرسيءَ تي ويٺو هو ۽ سڀني کي پنهنجي ڳالهه جو يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
    “اڙي پوءِ تون ڇو وئين ان سان گڏ؟ جيڪڏهن تنهنجي دل ۾ اهڙي ڪا ڳالهه نه هئي، ته تون ان جي مائٽن کي وڃي ٻڌائين هان نه.” سردار صاحب حيرانگي ۽ ڪاوڙ مان چيو.
    “سائين مان انهن جي حويلي جي دروازي جي ڀرسان ٺهيل نوڪرن جي گهر مان اڃا نڪتس مس ته هوءَ عورت منهنجي سامهون اچي بيٺي. مان ته پنهنجي ماسات سان ملڻ ويو هئس. هوءَ هڪ دفعو اڳ به مون سان اتي ملي هئي ۽ مون کان پڇيو هئائين ته مان ڪير آهيان. وري هن دفعي ويس ته هوءَ آئي ۽ چيائين ته مون کي هن ڳوٺ مان ڪڍي هل، نه ته مان رڙيون ڪري سڀني کي ٻڌائيندس، ته تون مون کي اغوا پيو ڪرين.” شانل چيو.
    “پوءِ نيٺ آخر اها ويئي ڪيڏانهن؟” سردار صاحب پڇيس.
    “مان جيئن تيئن ڪري ان کي ڳوٺان ته ڪڍي آيس پر هن وري مون کي چيو ته مون کي ڀٽائي تي ڇڏي اچ يا ته مون کي اوڏانهن جي گاڏي ۾ ويهار. سردار صاحب منهنجي غلطي اها آهي ته مان ان سان گڏ اوستائين ويس. اهو به صرف اهو ڏسڻ لاءِ ته هوءَ ڪنهن جي چوڻ تي گهران نڪتي آهي.” شانل تفصيل ٻڌائي.
    “پوءِ ڪا خبر پيئي؟” سردار صاحب پڇيو.
    “نه سائين مان هن کي اتي ڇڏي ڪجهه ڏينهن تائين اتي هن کان لڪي رهيس، پر هوءَ ته شايد گهر کان تنگ ٿي نڪتي هئي جيڪا سڄو ڏينهن ڀٽائي صاحب جو اڱڻ ٻهـاريندي هئي ۽ ڪافيون ٻڌندي رهي. مان اها پڪ ڪري اتان موٽيس ته هوءَ ڪنهن ٻي جي چوڻ تي گهران نه نڪتي آهي.
    ڳوٺ اچڻ کان پهرين ئي مون کي خبر پئي، ته هتي ته ٻڙڌڪ مچي ويو آهي، مان خوف کان ٻي شهر وڃي لڪي پيس پر سردار سائين توهان کان ڪير لڪي سگهيو آهي اڄ تائين. هاڻي مون تي رحم ڪيو ۽ منهنجي جان بچايو.” شانل هٿ ٻڌا.
    “اسان تنهنجي جان بخشي به ڏيون ته ڇا مخالف ڌر وارا توکي ڇڏي ڏيندا؟ ۽ توکي احساس آهي ته تنهنجي ان غلطي جي ڪري منهنجي نياڻي بيواهه ٿي ويئي آهي ۽ اسان جي ماڻهن به هُنن جو هڪ ماڻهو ماري وڌو آهي.” سردار صاحب چيو.
    “پر سائين مان ان وقت ڇا ڪيان هان؟ هڪ طرف ڀت هئي ته ٻي طرف باهه.” شانل جو ته ساهه اچي مٺ ۾ ٿيو هو.
    “سردار صاحب توهان في الحال شانل کي لڪائي ڇڏيو، ڳوٺ ۾ به ڪنهن کي نه ٻڌايو هن جي باري ۾، ۽ پنهنجي طور تي ان ڇوڪريءَ کي ڳوليو.” اتي ويٺل هڪ چڱي مڙس صلاح ڏني.
    سڀني ان ڳالهه جي تائيد ڪئي.
    “ٺيڪ آهي ائين ئي ڪيون ٿا، توهان ٻي ڌر کي في الحال ڪجهه نه چئجو.” سردار صاحب انهن کي چيو.
    “هنن جي ڇوڪري اسان کي ملي به ته مان انهن کي ائين ئي ته ڇوڪري واپس نه ڏيندس نه، آخر هنن اسان جا ٽي خون ڪيا آهن.” سردار صاحب ڪجھه سوچيندي ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    “اسان ايترا به بزدل ناهيون جو پنهنجي جوان مردن جا لاش ڪڇ ۾ ڪري انهن سان ڳالهيون ڪرڻ وڃون.” سردار صاحب ڳالهائيندو رهيو.
    عاليءَ جي بي چيني وڌندي پئي ويئي، هن اتان اٿي حسينه جي گهر جو رخ ڪيو.
    گهر جو دروازو کليل هو پر پوءِ به هن دروازو کڙڪايو. حسينه جو پٽ ٻاهر نڪري آيو.
    “سائين توهان ٻاهر ڇو بيٺا آهيو؟ اندر اچو نه.” هن عالي کي چيو.
    “ڪير آهي پٽ.” حسينه ورانڊي ۾ کٽ تي ستل هئي.
    “مان آهيان ماسي ، عالي.” عالي اندر آيو.
    “توهان اٿو نه، بس ليٽيل رهو.” عالي کي ڏسي حسينه اُٿڻ جي ڪوشش ڪئي، ته عالي اڳيان وڌي هن کي ورائي ليٽايو.
    “ابا منهنجي ٻچڙيءَ جي ڪا خبر پئي؟” حسينه عاليءَ کان پڇيو.
    عالي وٽ ڪو جواب نه هو. هن کي لڳو هتي هن کي نه اچڻ گهرجي ها.
    “نه ماسي مان پاڻ اڄ ئي ڳوٺ پهتو آهيان.” عالي ڳيت ڏيئي پنهنجي سُڪل نڙيءَ کي آلو ڪيو.
    “الله شل ظالمن کي خوار ڪندو، خبر ناهي منهنجي حاجره ڪهڙي حال ۾ هوندي.” حسينه رئي جي پلوَ سان اکين ۾ آيل ڳوڙها اُگهيا.
    حسينه ڪيترائي دفعا سوچيو ته سردار صاحب کي وڃي ٻڌائي ته حاجره ان جي ڌيءُ آهي، پر هن سوچيو ته جيڪڏهن سردار صاحب کي ڪاوڙ آئي ته پوءِ هن جي ته جيڪا حالت ڪندو سو ڪندو پر حاجره هٿ ڪري ان کي به مارائي ڇڏيندو.
    “تو ماسيءَ کي ڪنهن ڊاڪٽر کي ڏيکاريو آهي؟” عاليءَ ڀرسان بيٺل ڪريم کان پڇيو.
    “سائين امان کي چوان پيو ته مون سان گڏ شهر هلي پر امان نٿي مڃي. توهان ئي امان کي سمجهايو نه. سردار صاحب وارن کي حاجره ته ياد ئي ناهي، هنن کي ڳڻتي آهي ته پنهنجي ڄاٽي جي بدلي جي.” هن عالي کي ٻڌايو.
    “ابا مان پنهـنجو گهر نٿي ڇڏڻ چاهيان ائين نه ٿئي جو منهنجي حاجره ڪڏهن اچي ۽ دروازو بند ڏسي موٽي وڃي. الله ڪندو انهن جا ٻچا به ائين رلندا.” حسينه وري پٽڻ ۾ شروع ٿي ويئي.
    “ماسي توهان ڪنهن کي بددعا ڏيڻ جي بجاءِ حاجره لاءِ دعا ڪريو ته الله ان جي مدد ڪري. هوءَ باهمت ڇوڪري آهي آسانيءَ سان حالتن اڳيان هار نه مڃيندي.” عالي حسينه کي حوصلو ڏنو.
    “ڪو هڪڙو هجي ها ته انهن سان منهن ڏيئي به وڃي ها پٽ پر هتي ته ٻنهي پاسي ظالم ماڻهو آهن. هوءَ ڪيئن ڪجهه ڪري سگهندي.” حسينه جي دل کي اطمينان نه هو.
    “توهان بس دعا ڪيو، مان هلان ٿو ماسي، هي رکو ۽ شهر وڃي پنهنجو علاج ضرور ڪرائجو، الله بهـتر ڪندو.” عالي حسينه کي ڪجهه رقم ڏني ۽ ان جي پٽ سان گڏ ٻاهر آيو.
    “تون چاچا سائين ڏي ويو هئين؟” عالي دروازي وٽ اچي ڪريم کان پڇيو.
    “ها، پر سردار صاحب چيو ته في الحال ته ڇوڪريءَ کي وساري ڇڏيو، جڏهن سڀ معاملا طئه ٿي ويندا، پوءِ ڇوڪريءَ جي گهُر ڪري ڏسنداسين هُنن کان.” هن ٻڌايو.
    “تون ماسي کي علاج لاءِ وٺي وڃ، الله سَڻائي ڪندو.” عالي حاجره جي باري ۾ سوچيندو سوچيندو پراڻي حويلي ڏانهن آيو.

    هر طرف خاموشي ڇانيل هئي، اُن ماٺ کي وقفي وقفي سان وڻ ۾ لڳل سيرت جي پينگهه جو آواز ٽوڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هو. گهر جي هر شيءِ هن کان گهر ڀاتين جي غير موجودگيءَ تي سوال ڪري رهي هئي. اڱڻ ۾ لڳايل هن جا گل سڪي ويا هئا. هن گهر سان عالي جو اهڙو رشتو جڙي ويو هو، جيئن ڪو پنهنجو ويجهو عزيز جيڪو توهان سان هر ڏک سک ۾ گڏ رهيو هجي. اڄ اهو گهر، ان گهر جو ذرو ذرو اداس هو پر هن جي ڏک ۾ ڪوئي شريڪ نه هو.
    “هتي ڇا پيو ڪرين؟” شاهمير به پراڻي حويلي آيو ۽ عالي جي پويان اچي هن جي ڪن ۾ چيائين، ته عاليءَ کان ڇرڪ نڪري ويو.
    “تون ته ڊيڄاري ڇڏيو مون کي.
    پنهنجي گهر جي سڪ لڳي هئي، ان ڪري هيڏانهن آيس.”عالي پهريون دفعو هن گهر کي ’پنهـنجو’ چيو هو.”
    “يار ڪيڏي خاموشي آهي، هتي! مون کي ته هيڏانهن ايندي به ڊپ پيو لڳي.” شاهمير گهر کي چؤطرف ڏسڻ لڳو.
    “خبر ناهي سڀ هتي وري واپس اچي سگهندا، الائي نه.” عالي پنهـنجو پاڻ سان ڳالهايو.
    “اهڙا مسئلا ڳوٺن جا ڳوٺ تباهـه ڪري ڇڏيندا آهن، اسان جي ڳوٺ مان به گهڻا ماڻهو ٻين ڳوٺن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ لڳا آهن.” شاهمير ٻڌايو.
    “شهزور سان گڏ ٻيا ڪير ڪير قتل ٿيا هئا؟” عالي کي ياد آيو ته هن پڇيو.
    “ٻئي اوطاق جا ماڻهو هئا”، شهزور ٻڌايو.
    “هل انهن جي گهر ٿا هلون.” عالي حويلي مان نڪرڻ لڳو.
    “ها ٺيڪ آهي”، شاهمير به هن جي پويان هلڻ لڳو.
    ٻنهي گهرن کان تعزيت ڪري هو واپس اوطاق تي آيا.
    “توهان بنا هٿيار جي ائين ڇو پيا گهمندا وتو؟” جيئن ئي اوطاق تي پهتا ته هيبت خان هنن کان پڇيو.
    “تعزيت ڪرڻ ويا هئاسين.” شاهمير جواب ڏنو.
    “چڱو هاڻي هي هٿيار پاڻ سان گڏ ئي رکو ۽ ٻاهر گهمندا نه وتو ائين.” هيبت خان هنن ٻنهي کي هٿيار ڏنا ۽ پاڻ اوطاق کان ٻاهر هليو ويو.
    “هي هٿيار ڇو؟” عالي حيران هو.
    “ٿي سگهي ٿو دشمن اوچتو حملو ڪري.” شاهمير اندازو امڪان ڏيکاريو.
    “اڙي توکي ٻڌائڻ وسري ويو، معز ڪال ڪئي هئي، شايد تنهـنجو نمبر نه پيو لڳي ان وقت. هن تنهنجو پڇيو پئي.” شاهمير کي اوچتو ڳالهه ياد آئي.
    “ها مان ان کي ٻڌائڻ بنا ئي هليو آيس، ان ڪري ڪئي هوندائين. مان هن کي ٻڌائي ڇڏيندس.” عالي چيو.
    “شاهمير ڇا حاجره کي واقعي ائين هي سڀ وساري ڇڏيندا؟” عالي هن کان پڇيو.
    “ها يار! لڳي ته ائين ئي ٿو. جيڪڏهن هن جي شادي وغيره ڪرائي ڇڏي هوندنِ ته اسان جي ڳوٺ مان ڪوئي هن جي پڇا به نه ڪندو.” شاهمير چيو.
    عالي پنهنجي موبائيل کولي ميسجز پڙهڻ لڳو.
    “معز، ڊاڪٽر الطاف سان گڏ شهدادڪوٽ پيو اچي.” عالي شاهمير کي ٻڌايو.
    “ڇو؟” شاهمير پڇيو.
    “ڊاڪٽر الطاف گورنمينٽ جي طرفان مليل هڪ پراجيڪٽ سپروائيز ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ هن کي ٻهـراڙين ۾ لڳايل ڪيمپس کي ڏسڻو آهي ان ڪري معز به هن سان گڏ ئي اچي رهيو آهي.” عالي هن کي معز جو سينڊ ڪيل ميسج ٻڌايو.
    “صحيح، ان طرح معز جون ڇُٽيون به سٺي نموني گذري وينديون.” شاهمير چيو.
    “ها هُن کي به هيءُ علائقو گهمڻ جو شوق آهي، ٻه ڏينهن هتي رهندو ته شوق پورو ٿي ويندس.” عالي شاهمير کي ٻڌايو.
    هي ٻئي رات تائين اوطاق ۾ ئي رهيا، پوءِ نئين حويلي ويا ته عالي دُربيبيءَ کي سلام ڪري سندس ڪمري ۾ گهڙيو.
    دُربيبي جو انداز هن دفعي هميشه وانگر سخت نه هو. هن عالي کان صفا جي طبيعت جي باري ۾ پڇيو.
    عالي صفا لاءِ هن جي پريشاني کي سمجهي ورتو، تنهنڪري کيس دلجاءِ ڏنائين.
    رات جو دير تائين عالي، حاجره کي ڳولهڻ جو طريقو سوچيندو رهيو. هن لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو اهو هو ته هن جو تعلق حويلي سان هو، جنهن جي ڪري هو پاڻ هن جي ڳولا ۾ نڪري نه پيو سگهي.
    صبح جو به هن جي اک کلي ته هن جي ذهن ۾ حاجره جو خيال هو. هي فريش ٿي هيٺ آيو ته هال ۾ ڪجهه ڪم وارين عورتن کان علاوه ڪوبه نه هو. غير ارادي طور هن جا پير، صفا ۽ مروه جي ڪمري ڏانهن کڄڻ لڳا.
    هنن جي ڪمري جو دروازو لاڪ نه هو، ان ڪري هو دروازو کولي اندر آيو. بيڊ جي ڀرسان رکيل اسٽڊي ٽيبل تي فوٽو فريم رکيل هو، جنهن ۾ مؤمن ۽ بهرام خان جي ننڊپڻ جي تصوير مڙهيل هئي. فريم تي مٽيءَ جو تهه ڄمي ويو هو. هن ٽيبل جي ڀرسان رکيل ڪتابن جي الماڙي ڏٺي، جنهن ۾ گهڻو ڪري صفا جا ڪتاب رکيل هئا.
    عالي الماڙي جو دروازو بند ڪرڻ لڳو ته هن جي نظر دروازي جي اندرين پاسي کان لڳل هڪ تصوير تي پئي. هن پورو دروازو کولي اها تصوير ڏٺي جيڪا هنن سڀني جي ننڊپڻ جي هئي. هن کي ياد آيو اها تصوير ڪڍرائڻ کان پهرين مروه ضد ڪري ميربل کان ڪيمرا وٺي پراڻي حويلي آئي هئي. ان وقت اڃا هوءَ ايترو پراڻي حويلي نه ايندي هئي پوءِ به هن چاهيو هو ته هوءَ عالي ۽ سيرت سان گڏ تصوير ڪڍرائي.
    عالي جي چپن تي مُرڪ تري آئي.
    “مان به ته ڪيڏو چڙندو هئس نئين حويلي جي سڀني ٻارن کان! اميءَ زبردستي ان تصوير ۾ بيهڻ لاءِ چيو هو.” عالي تصوير ۾ پنهنجي پيشانيءَ تي آيل گهنج ڏسي سوچيو.
    تصوير جي مٿان پني جي ننڍڙي چٽ تي ڪجهه لکيل هو. عالي غور سان پڙهيو جنهن تي لکيل هو، First pic with first cousins. اها صفا جي رائيٽنگ هئي، عالي سڃاڻي ورتي.
    ماضي جي ڪجهه واقعن کي حال ۾ ياد ڪبو آهي ته اهي خوبصورت لڳندا آهن، جڏهن ته ان وقت اسان جي لاءِ اهي واقعا ڪنهن اذيت کان گهٽ نه هوندا آهن.
    عالي ٻاهر آيو ته. شاهمير درناز ۽ دُربيبي سان گڏ هال ۾ ويٺو هو. هي به انهن ڏانهن هليو ويو.
    “اچ پٽ، ويهه، مان تنهنجي لاءِ ناشتو ٺاهرائي وٺانِ.” درناز هن کي ويهڻ جو چئي رڌڻي ڏانهن وڃڻ لڳي.
    “نه جيجي، مون کي بک ناهي.” عالي اتي ان جي ڀرسان ئي ويهي رهيو.
    “پٽ مان شاهمير کي چوان پئي ته توهان ٻئي به هتان هليا وڃو. توهان هتي آيا آهيو ته اسان جي ته پريشاني وڌي ويئي آهي.” درناز عالي سان ڳالهه ڪئي.
    “جيجي موت ته ڪٿي به اچي سگهي ٿو نه، توهان ۽ چاچا سائين وارا به ته هتي رهيا پيا آهيو نه، الله ڪندو سڀ خير ٿي ويندو.” عالي درناز کي چيو.
    “امان سائڻ ڪجهه عرصي کان پوءِ به هو حاجره جي مالڪن کي ان سان نه ملڻ ڏيندا؟” شاهمير، ماءُ کان سوال ڪيو.
    “اهو ته ان ماڻهن تي ڇڏيل آهي ته هو ڪيترا رحم دل آهن، جنهن سان حاجره جي شادي ڪرائي ويندي جيڪڏهن اهو چاهي ته حاجره کي پنهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ سان ملڻ ڏيئي سگهي ٿو.
    “پر اڪثر ڪري اهڙن معاملن ۾ مالڪ پاڻ ئي پنهنجي ڌيءُ سان ملڻ نه چاهيندا آهن.” درناز چيو.
    “ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ڪو پنهنجي اولاد سان ملڻ کان انڪار ڪري!” عالي حيرانگيءَ مان سوال ڪيو.
    “ائين ٿي سگهي ٿو. شاهه بي بي کي به اسان وٽ ائين ئي آندو ويو هو. جڏهن مسئلو حل ٿي ويو ته چاچا سائين شاهه بي بي جي مالڪن کي چيو ته هو پنهنجي ڌيءُ کي وٺي وڃن، پر هنن چيو ته هاڻي هو پنهنجي ڌيءُ کي نه وٺي ويندا ڇو ته هاڻي جنهن سان ان جي شادي ٿي آهي اهو ئي ان جو اصل وارث آهي.” دُربيبي عالي کي جواب ۾ شاهه بي بي جي ڪهاڻي ٻڌائي.
    “ان جي شادي ڪنهن سان ڪئي ويئي هئي.” عالي جو تجسس وڌي رهيو هو، ڇو ته هن کي ڪڏهن به ائين نه لڳو هو ته شاهه بي بي هن حويلي جي نه آهي.
    “ان جي شادي اسان جي پُڦي جي پٽ سان ٿيل هئي، جڏهن اهو فوت ٿي ويو ته پوءِ شاهه بي بي کي چاچا سائين حويلي واپس آندو.” دُربيبيءَ ٻڌايو.
    “منهنجي خيال ۾ اسان کي هاڻي اوطاق ڏانهن هلڻ گهرجي.” شاهمير، عالي کي ياد ڏياريو ۽ اٿيو.
    “ها.” عالي به اٿيو.
    “شاهمير اسان اڄ شهر هلي سگهون ٿا؟” عالي اوطاق ڏانهن ويندي شاهمير کان پڇيو.
    “ڇو؟” شاهمير پڇيو.
    “معز سان ملڻ لاءِ.” عالي جواب ڏنو.
    “مان بابا سائين جن کان پڇان ته پوءِ ٻڌايانءِ ٿو.” شاهمير چيو.
    اوطاق ۾ آيا ته هنن کي خبر پئي ته سردار صاحب ڪيڏانهن ٻاهر ويل آهي، هيبت خان کان خبر پئي ته هو ڪجهه ٻين قبيلن جي سردارن سان ملڻ ويو آهي.
    شاهمير هيبت خان کان شهر وڃڻ جي اجازت وٺي، عالي سان گڏ شهر هليو آيو.
    هي ٻئي ڊاڪٽر الطاف جي گهر ويا، جتي معز به آيل هو.
    “تون ته وڏو بي وفا آهين يار، ٻڌائڻ کان بنا هليو وئين.” معز ڏسندي ئي عالي کي ميار ڏني.
    “بس تون گهمڻ ويو هئين، ته ان لاءِ مون سوچيو توکي نٿو ٻڌايان.” عاليءَ ورندي ڏني.
    “تون ٻڌاءِ ڪهڙيون جڳهيون گهميئي؟” عالي هن کان پنهـنجي سير و تفريح جي باري ۾ پڇڻ لڳو.
    “ها بس اسلام آباد ئي گهمي سگهياسين.” معز ٻڌايو.
    “تون ٻڌاءِ مسئلو ڪٿي پهتو، حاجره جي ڪا خبر پئي؟” ڊاڪٽر الطاف، عاليءَ کان پڇيو.
    “نه ڊاڪٽر صاحب ڪٿي، ان جو ته ڪو پتو ئي ڪونهي.” عالي جواب ڏنو.
    ڪافي دير تائين هو هڪ ٻئي سان ڳوٺ ۾ انهيءَ مسئلي تي ڳالهائيندا رهيا.
    “عالي ڇا اسان پاڻ حاجره کي نٿا ڳولي سگهون؟” معز، عاليءَ کان پڇيو.
    “اسان ڪيئن ڳولي سگهنداسين، هڪ ته مان ۽ شاهمير ان علائقي ۾ نٿا وڃي سگهون، ٻيو ته جيڪڏهن اوڏانهن وڃون به ته حاجره جي خبر ته حويلي مان ئي ملي سگهي ٿي نه.” عالي چيو.
    “مان ته وڃي سگهان ٿو نه؟” معز ڪجهه سوچيندي چيو.
    “مان توکي ان جهنجهٽ ۾ پوڻ نه ڏيندس.” عالي هن جي ڳالهه رد ڪئي.
    “توکي هن علائقي جي ڪا خبر به ناهي، تون اتي پهچي به وڃين ته وري اها ساڳي عالي واري ڳالهه ته حاجره جي خبر ته حويلي مان ملندي جيڪا ڪا عورت ئي معلوم ڪري سگهي ٿي.” ڊاڪٽر صاحب به عالي جو ساٿ ڏيندي چيو.
    “پر ڊاڪٽر صاحب مان هن ڇوڪري لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو. بس ڪوئي مون ان علائقي تائين پهچائي، مان پاڻ ئي معلومات حاصل ڪري وٺندس، ۽ فائدي جي ڳالهه اها آهي ته منهنجو تعلق ٻنهي علائقن مان ڪنهن هڪ سان به نه آهي ۽ خبر ته پاڻ کي اٿوَ ته مهمان جي هتي ڪيتري عزت ڪئي ويندي آهي.” معز ته حاجره کي ڳولهڻ لاءِ منصوبو به جوڙي ورتو.
    معز جي اها ڳالهه سڀن جي دل کي لڳي، پر پوءِ به اهو هڪ خطرناڪ ڪم هو ان ڪري ڪوئي به حامي ڀرڻ لاءِ تيار نه هو.
    “پليز توهان سڀ هڪ دفعو منهنجو ساٿ ڏيو، جيڪڏهن منهنجو اهو منصوبو ناڪام ويو ته پوءِ ٻيهر مان ڪوشش نه ڪندس.” معز سڀني کي خاموش ڏسي چيو.
    “مان توکي پنهـنجو ڊرائيور ۽ گاڏي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان پر جيڪڏهن هي ٻئي ها ڪن.” ڊاڪٽر الطاف عالي ۽ شاهمير ڏانهن ڏٺو.
    “منهنجي راءِ آهي ته ڪا ملازمـه به اوڏانهن موڪلي وڃي ته جيئن هوءَ حويلي مان به پڇا ڳاڇا ڪري.” شاهمير به معز جو ساٿ ڏنو.
    “پر معز اهو ڏاڍو رسڪي ڪم آهي.” عالي، معز کي ڪنهن مشڪل ۾ وجهڻ نه پيو چاهي.
    “ڪجهه نه ٿيندو يار بس هڪ دفعو ها ڪر.” معز هن کي عاجزي ۾ چيو.
    “ٺيڪ آهي پر تون اتي گهڻا ڏينهن نه رهندين.” عالي، معز کي تحڪمانه لهجي ۾ چيو.
    “ٺيڪ آهي.” معز خوش ٿيندي چيو.


    38

    ٻئي ڏينهن منجهند جو ئي معز ڊاڪٽر الطاف جي ڊرائيور ۽ حاجره جي پُڦي (سڀاڳي) کي ساڻ ڪري سردار گهرام خان جي ڳوٺ پهتو. ڳوٺ جي ٻاهران ئي هن سڀاڳي کي گاڏي تان لاٿو، جنهن کي هن سمجهائي ڇڏيو ته هن کي حويليءَ ۾ ڪم ڪرڻ جي بهاني سان اتي رهڻو آهي ۽ نوڪرياڻين جي ذريعي حاجره جي باري ۾ پڇا ڪرڻي آهي.
    معز پاڻ به سوچي ڇڏيو هو ته سردار صاحب سان ملي ان کي ٻڌائيندو ته هو اسلام آباد مان آيو آهي ۽ هن علائقي جي باري ۾ لکڻ ٿو چاهي.
    ڳوٺ جي ماڻهن کان سردار جي اوطاق جو پڇي هي سڌو اتي آيو ۽ سردار صاحب جي اوطاق تي پهچي، هن ڪمدار کي سردار صاحب سان ملرائڻ جو چيو.
    ڪمدار اندر وڃي سردار صاحب کي ٻڌايو ۽ پوءِ ٻاهر اچي معز کي اندر وڃڻ لاءِ چيو.
    “السلام عليڪم سردار صاحب.” معز ڪمري ۾ داخل ٿي سردار صاحب سان مليو. سردار صاحب وچولي عمر جو قدآور مرد هو جنهن جون وڏيون ڪاريون مُڇون هيون، مٿي تي پاتل پڳ هن جي شخصيت کي رعبدار بڻائي رهيون هيون.
    “وعليڪم السلام بابا، تشريف رکو.” سردار صاحب به هن سان گرمجوشيءَ سان مليو.
    “سائين مون توهان جي ۽ توهان جي علائقي جي ڏاڍي تعريف ٻڌي هئي، مان هڪ صحافي آهيان ۽ هن علائقي جي باري ۾ لکڻ ٿو چاهيان. هن علائقي لاءِ ڪيل توهان جي وڏن ۽ توهان جون خدمتن جو ذڪر ٻڌم ته توهان وٽ حاضر ٿيس.” معز پنهنجي اچڻ جو تفصيل ٻڌايو.
    “معز کي اڄ اندازو ٿيو ته واقعي سچ ڳالهائڻ کان وڌيڪ طاقت ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ لڳي ٿي، ڇو ته ان وقت دماغ سچ کي لڪائڻ ۾ به لڳو پيو هوندو آهي ته ڪوڙ کي ٺاهڻ ۾ به.”
    “بابا اسان حاضر آهيون توهان جي خدمت لاءِ. جيترا ڏينهن وڻيوَ توهان اسان وٽ ترسي سگهو ٿا. مان هڪ ٻه ماڻهو توهان کي ڏيئي ٿو ڇڏيان جيڪي هن علائقي کي گهمڻ ۾ توهان جي مدد ڪندا. توهان بي فڪر ٿي هتي رهي سگهو ٿا.” سردار صاحب پنهنجي تعريف ٻڌي ته ٽِڙي پيو.
    “مهرباني سائين.” سردار صاحب ڪجهه دير معز کان ان جي باري ۾ سوال جواب ڪندو رهيو، پوءِ ان پنهنجي ڪمدار کي سڏيو.
    “جي سائين.” ڪمدار ڪمري ۾ آيو.
    “ڪمدار! معز صاحب اڄ کان اسان جا مهمان آهن، هنن جو پوري طرح سان خيال رکيو وڃي ۽ ها هتان جي روايت مطابق هنن لاءِ اڄ ڇيلي جي سِجي ڪراءِ. هن علائقي جي باري ۾ لکڻ آيا آهن، ته هتان جي روايتن جي به ته هنن کي خبر هجي نه ڪيئن معز صاحب؟” سردار صاحب معز ڏانهن ڏسندي چيو.
    “جي بلڪل سردار صاحب، هتي اچڻ وقت منهنجي دل ۾ ڊپ هو ته خبر ناهي اوهان ڪيئن موٽ ڏيندؤ مون کي، پر اوهان سان ملي اهو ڊپ ختم ٿي ويو. توهان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي.” معز واقعي هتي اچڻ وقت ٿورو ڊنل هو.
    “ها ها ها، اسان جي باري ۾ گهڻا ماڻهو غلط راءِ رکندا آهن.” سردار صاحب وڏو ٽهڪ ڏنو.
    “سائين ٻاهر مير اسحاق خان صاحب جن آيا آهن.” ڪمري جي دروازي کان اندر اچي هڪ نوڪر سردار صاحب جن کي ٻڌايو.
    “انهن کي اندر وٺي اچ.” ڪمدار تون معز صاحب کي مهمانن جي ڪمري ڏانهن وٺي وڃ.
    “معز صاحب توهان هتي آرام سان رهو، انشاءالله وري ملاقات ٿيندي.” سردار صاحب ڪمدار کي هدايت ڏيڻ کان پوءِ معز کي چيو.
    “جي جي ضرور سر.” معز ڄاڻي واڻي سردار صاحب کي سر چيو.
    معز ڪمدار سان گڏ مهمانن جي ڪمرن ڏانهن آيو. ڪمدار هڪ ڪمري ۾ هن جو سامان رکيو.
    “سائين ڪنهن شيءِ جي به ضرورت هجيوَ ته ٻڌائجو ۽ توهان جي ڊرائيور کي مان سامهون اوطاق جي ڊرائيور جي ڪمري ۾ رهڻ لاءِ چوان ٿو.” ڪمدار سامهون نوڪرن جي لاءِ ٺهيل ٻن ڪمرن ڏانهن اشارو ڪيو.
    “ٺيڪ آهي.” معز چيو.
    ڪمدار سردار صاحب جي ڪمري ڏانهن ويو ته معز حويلي ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن ڏانهن ويو ۽ انهن سان ڳالهه ٻولهـه ڪرڻ لڳو.
    رات جو اوطاق جي پويان خالي ڇڏيل ميدان تي ڪرسيون رکيون ويون ۽ اوطاق جا بورچي ڇيلي کي لوهي سيخ ۾ وجهي ان جي هيٺان باهه ٻاري ان کي پچائڻ ۾ مصروف هئا. سردار صاحب جو پٽ ۽ ان جا ڪجهه دوست به معز سان ملڻ آيا. هنن جي هڪ مهمانن لاءِ ايتري تياري ڏسي معز حيران هو. گهڙي کن لاءِ ته هن کان وسري به ويو ته ڪو هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي عالي وارن جي قبيلي سان هن وقت وڙهڻ ۾ مصروف آهن.
    معز موقعي جي تلاش ۾ هو ته ڪٿان ان باري ۾ ٿوري ڳالهه نڪري ته هو هتان جي ماڻهن جي راءِ ٻڌي ان مسئلي جي باري ۾، پر ڪنهن هڪ دفعو به ان جو ذڪر نه ڪيو.
    هو رات دير سان ماني کائڻ ۽ ڪچهري مان واندو ٿي پنهنجي ڪمري ڏانهن ويو. سردار صاحب اڃا پنهنجي آيل مهمانن ۾ مصروف هو. هي به ٻي ڏينهن جي ٿوري گهڻي پلاننگ ڪري سمهي پيو.
    صبح جو ڊرائيور هن کي اچي ٻڌايو ته سڀاڳي کي حويلي ۾ رکيو ويو آهي پر هن کي اتي حاجره ڪٿي به نظر نه آئي. هن کي اڃا موقعو نه مليو آهي ته ڪنهن کان حاجره جي باري ۾ پڇي.
    اهو به سٺو آهي ته هن کي حويلي ۾ رهڻ جي اجازت ته ملي ويئي. معز جي لاءِ اها به پهرين ڪاميابي هئي.
    “سر ٻيو ته رات هن اوطاق جي ڊرائيور هڪ نوڪر سان ڳالهه پئي ڪئي ته ڪلهه جيڪي ماڻهو سردار صاحب وٽ آيا هئا اهي ان مسئلي جي لاءِ ئي آيا هئا.” ڊرائيور معز کي آهستي ٻڌايو.
    “هنن وڌيڪ ڪجهه ڳالهايو پاڻ ۾؟” معز پڇيو.
    “سر چون پيا ته جيڪو مير صاحب آيو هو! هو ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ صلح جون ڳالهيون ڪرڻ پيو چاهي. هتان جي ڊرائيور جو خيال هو ته شايد سردار صاحب به ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن جي ڪري ئي هو ايتري دير گڏ ويٺا رهيا.” ڊرائيور وڌيڪ ٻڌايو.
    “اهي ماڻهو ته پنهـنجا اندازا لڳائي ويهي تجزيو ڪندا هوندا. اصل ڳالهيون ڪهڙيون ٿيون اهي ته انهن کي ئي خبر جيڪي ان وقت اندر هئا.” معز پنهنجي پاڻ سان ڳالهايو.
    “سر اهي چون پيا ته ڪمدار کي هر شيءِ جي خبر هوندي آهي.” ڊرائيور هن جي ڳالهه ٻڌي چيو.
    “ٺيڪ آهي، الله ڪندو اڄ ڪا نه ڪا خبر پئجي ويندي.”
    معز تيار ٿي ڊرائيور کي گاڏي ڪڍڻ جو چيو ۽ ڪمدار کان موڪلائڻ آيو.
    “سائين بيهو مان پنهنجي پٽ کي به توهان سان گڏ موڪليان ٿو، اهو توهان کي هتان جو علائقو گهمائيندو.” ڪمدار پنهنجي پٽ بچل کي معز سان گڏ موڪليو.
    معز کي علائقو گهمڻ ۾ ايڏي ڪا دلچسپي نه هئي پر هو ڳالهين ڳالهين ۾ ڪمدار جي پٽ کان ڪا معلومات هٿ ڪرڻ پيو چاهي.
    “بچل توکي ته هتان جي هر جڳهه جي باري ۾ وڏي ڄاڻ آهي، پڙهندو آهين؟” بچل معز کي هتان جي ڪجهه جڳهن جي تاريخ جي باري ۾ ٻڌائي رهيو هو ته معز به هن جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو.
    “بس سائين اسان ته هنن جڳهن جي باري ۾ ننڍائپ کان ٻڌندا پيا اچون، ان ڪري هر شيءِ ياد ٿي ويئي آهي. باقي پڙهندو ناهيان.” بچل روايتي انداز ۾ جواب ڏنو.
    “اڇا ڀلا رات جيڪو مير صاحب آيو هو، ان مئسلي کي ڪٿي پهچايو، ڪا خبر پئي؟” معز هن جو اڳ وٺڻ چاهيو.
    بچل هن ڏانهن حيران ٿيندي ڏٺو، ٿوري دير لاءِ هو چپ لڳي ويئي.
    “سائين توهان کي ڪيئن خبر پئي؟” بچل حيرانگي مان چيو.
    “مان سردار صاحب جي پٽ جو دوست آهيان، مون کان هو ڪا به ڳالهه نه لڪائيندو آهي.” معز هڪ دفعو ٻيهر انڌيري ۾ تير اُڇليو.
    “الائي سائين چون ٿا ته اڄ رات تائين سائين وارن جي نياڻي واپس اچي ويندي.” بچل کي پڪ ٿي ته معز کي واقعي سردار صاحب جي پٽ سڄي ڳالهه ٻڌائي آهي.
    “اها واپس اچي ويندي ته پوءِ ان کي ڇا ڪندا؟” معز هن کان پڇيو.
    “سائين توهان کي ته خبر آهي نه، ته سردار صاحب جي اها نياڻي دماغي طرح سان ٺيڪ ناهي رهندي، هن معذور ويچاريءَ کي ڇا چوندا، بس هميشه وانگر هن کي ڪنهن ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيندا.” بچل هن کي وڏي ڪم جي ڳالهه ٻڌائي. معز جا ته ڪن کڙا ٿي ويا
    “پوءِ هنن هروڀرو سردار بهرام خان وارن سان ايڏي جُٺ ڇو ڪئي آهي؟ معز نارمل ٿيندي پڇيو.
    “سائين انهن جي نوڪر جي به ته غلطي هئي، هو جيجي کي ڳوٺ مان ڪڍي ته ويو هو نه.” بچل چيو.
    “پر هوءَ ته پنهنجي مرضي سان ويئي هئي نه، ۽ هاڻي جڏهن واپس به اچي ٿي، ته پوءِ هنن سان جهيڙو ڇا جو!؟” معز کي ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي.
    “سائين هاڻي ڀلا هنن جو ايڏو نقصان ڪرڻ کان پوءِ سردار صاحب وارا مڃيندا ڇا ته هنن ڏي ڪو ڏوهه هو ۽ وڏي ڳالهه ته اها آهي ته هي اها ڳالهه مري به نه مڃيندا ته ڪو انهن جي نياڻي پاڻ گهران نڪتي هئي. متان هو اها ڳالهه ظاهر به نه ڪن ته جيجي حويلي واپس اچي ويئي آهي.” بچل اندازو لڳايو.
    “پوءِ ان ڇوڪريءَ جو ڇا ٿيندو جنهن کي هي اغوا ڪري آيا آهن؟” معز نيٺ پنهنجي مطلب جي ڳالهه پڇي.
    “سائين اها ته وڃي شايد مالڪن کي به پُڳي، اها ڪجهه وقت اڳ حويلي مان نڪري ڀڄي ويئي آهي. سردار صاحب جن ان جي ڳولا ۾ به آهن.” بچل ته هڪ نئين ڳالهه ٻڌائي ڇڏي.
    معز حيران هو ته جيڪڏهن حاجره هتان نڪري ويئي آهي ته پوءِ آخر ويئي ڪيڏانهن!
    “هيڏي وڏي حويلي مان اها نڪتي ڪيئن؟” معز پڇيو.
    “سائين، سردار صاحب ان جو نڪاح بابا سان ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. جنهن ڏينهن نڪاح هو، هوءَ ان ڏينهن ئي منجهند جو الائي ڪيئن حويلي جي پوئين دروازي کان نڪري ويئي.” بچل هن کي تفصيل ٻڌايو.
    معز ته اها ڳالهه ٻڌي چپ ٿي ويو، هن جي پريشاني اڃا وڌي ويئي.
    “هل بس واپس ٿا هلون.” معز جي دل هاڻي هتي هڪ منٽ به بيهڻ نه پئي چاهي، هن ڊرائيور کي چيو ۽ واپس اوطاق ڏانهن ويا. هن کي لڳو هاڻي ته هتي هن جو ڪو مقصد نه رهيو آهي پر پوءِ به هو ايترو جلدي هتان نه پيو وڃڻ چاهي.
    اوطاق تي اچي پنهنجي ڪمري ڏانهن هليو ويو. رات تائين سڀاڳي به حويلي مان ٻاهر نه اچي سگهي هئي. هو رات جي ماني کائي ٻاهر نوڪرن جي ڪمرن ڏانهن آيو. اڄ اوطاق ۾ سردار صاحب ۽ ان جي گهر جي مردن مان ڪوبه نه هو ۽ ڪافي نوڪر به ان سان گڏ ڪيڏانهن ويل هئا.
    بس ٿورا ئي نوڪر ويٺا هئا جن جي ڳالهين مان هن کي خبر پئي ته سردار صاحب پنهنجي ڌيءُ کي وٺڻ لاءِ ويل آهي. ڪافي دير انهن جو انتظار ڪرڻ کان پوءِ به هو واپس نه آيا، ته معز پنهنجي ڪمري ۾ آيو. هن عالي کي فون ڪري هتان جي سڄي صورتحال ٻڌائي ڇڏي.
    رات جا تقريباً ٽي ٿيا هئا، معز جي اڃا اک مس لڳي هئي ته ٻاهر گاڏين جا آواز آيا. هي جلدي ۾ ٻاهر نڪري آيو. هن ڏٺو ته سردار صاحب پنهنجي گاڏيءَ مان نڪري تڪڙو تڪڙو پنهنجي ڪمري ڏانهن هليو ويو ۽ ڪمري جو دروازو اندران بند ڪري ڇڏيو. هن جي منهن تي عجيب قسم جي دهشت تاري هئي. ٻين گاڏين مان اوطاق جا ٻيا ماڻهو به لهي پنهنجن ڪمرن ڏانهن هليا ويا.
    معز به واپس ڪمري ۾ اچي سمهيو پر ننڊ هن جي اکين مان آڙيءَ وانگي اڏامي ويئي هئي. هو حاجره کي ڳولڻ جا طريقا سوچي سوچي ٿڪجي پيو پر هن کي ڪو طريقو سمجهه ۾ نه پيو اچي ته هو ڇا ڪري. صبح ٿي ويو، پر هن کي ننڊ نه آئي، هو اٿي ٻاهر نڪري آيو. حويلي جي گيٽ وٽ هن کي سڀاڳي نظر آئي. ان وقت اتي ماڻهو به نه هئا ان ڪري معز هن ڏانهن آيو.
    “توهان کي ڪا خبر پئي حاجره جي؟” معز سڀاڳي کان پڇيو.
    “ها سائين ان کي حويلي جي هڪ عورت ڀڄائي ڇڏيو آهي هتان ۽ رات سردار صاحب جي ڌيءُ واپس گهر اچي ويئي آهي.” سڀاڳي رازداريءَ سان ٻڌايو.
    “پوءِ هن ڪجهه ٻڌايو ته هوءَ ايترو عرصو ڪٿي رهي؟” معز هن کان پڇيو.
    “نه سائين هن کي ته ڳالهائڻ جو موقعو ئي نه ڏنو ويو. رات جو سڀ ستا پيا هئا جنهن وقت سردار هن کي حويلي آندو ۽ پوءِ ڪمري ۾ بند ڪري هن کي ايتري مار ڪڍيائين جو هوءَ اڃا تائين بي هوش پئي آهي.” سڀاڳيءَ ٻڌايو.
    “ٺيڪ آ توهان شام تائين هتان نڪري ڳوٺ کان ٻاهران بيهجو، اسان کي اڄ واپس هلڻو آهي.” معز پنهنجو پروگرام سڀاڳيءَ کي ٻڌائي واپس اوطاق تي آيو.
    شام جو هو سردار صاحب کان موڪلائي واپس ڊاڪٽر الطاف وٽ پهتو. معز هنن کي سڄي ڳالهه پهرين ئي ٻڌائي ڇڏي هئي، ان ڪري ڊاڪٽر صاحب هن کي چئي ڇڏيو ته هاڻي ٻيهر هو حاجره جي تلاش ۾ ڪيڏانهن به نه ويندو.
    معز به ڊاڪٽر صاحب جي ڳالهه مڃي ۽ ان سان ان جي ڪم ۾ لڳي ويو.


    39

    “امان مون کي هاڻي هتي گهڻو وقت گذري ويو آهي، منهنجا مالڪ به مون کي ڳولڻ کان پوءِ هاڻي نااميد ٿي چپ ڪري ويٺا هوندا. مون کي هاڻي اجازت ڏيو ته مان انهن ڏي وڃان.” حاجره جي دل ۾ پنهنجي گهر وارن ۽ ڳوٺ جي تانگهه هاڻي وڌندي پئي ويئي. تنهنڪري هن رحمت کان وڃڻ جي اجازت گهري.
    “ڌيءُ مان ائين توکي ڪيئن ڇڏيان. وري تون ڪنهن ظالم جي ور چڙهي وئينءَ ته مان قيامت جي ڏينهن پنهنجي الله کي ڪهڙو جواب ڏينديس، ته مان پنهنجي ڌيءُ جي حفاظت به نه ڪري سگهيس.” رحمت به حاجره جي ڪيفيت کان واقف هئي پر هوءَ هن کي اڪيلو نه پئي ڇڏڻ چاهي.
    “ڪهڙيون پيون ڳالهيون ڪيو ماءُ ڌيءُ پاڻ ۾؟” ايتري ۾ وريام به گهر اچي ويو.
    “تنهنجي ڌيءُ هاڻي وڃڻ جون ڳالهيون پئي ڪري.” رحمت وريام کي ٻڌايو.
    “توکي ڇڏڻ تي دل ته ڪڏهن نه چوندي، پر امڙ تنهنجي دل چوي ٿي ته پوءِ مان نه جهليندس. پر هڪ ڳالهه اٿئي اسان کي نه وسارجانءِ.” وريام حاجره کي چيو.
    “مان توهان کي ڪيئن وساريندم بابا، پر منهنجي امان جو هُتي الائي ڪهڙو حال ٿيو هوندو، بس هاڻي ڪجهه به ٿي مان ان وٽ پهچڻ ٿي چاهيان.” حاجره ڏک وچان چيو.
    “وڏيري مان ڪجهه ڏينهن کان سوچيان پيو ته يڪو سچل سائينءَ ڏي ڀيرو نه ڪيو آهي، ائين نه ڪجي ته حاجره کي پنهنجي امڙ وٽ ڇڏي پوءِ اسان حاضري ڀرڻ هلون. من نه من هن دفعي جهولي ڀرجي.” وريام، رحمت سان پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو.
    “ها اهو صحيح آهي ان بهـاني حاجره ڌيءُ جو گهر به ڏسي وٺنداسين، پوءِ ڪڏهن ڪڏهن هن سان ملڻ هلنداسين.” رحمت چيو.
    “پوءِ امان گهر ۾ اڪيلي هوندي؟” حاجره وريام جي ماءُ جي نالي پڇيو.
    “امان کي پنهنجي ڀيڻ جي گهر ڇڏينداسين، اها هن ڳوٺ ۾ ئي رهندي آهي.” رحمت چيو.
    حاجره جي لاءِ ته هڪ هڪ گهڙي ڄڻ سال جي برابر ٿي ويئي هئي.پنهنجي ڳوٺ وڃڻ جي خوشيءَ ۾ هن کي سڄي رات ننڊ ئي نه آئي.
    صبح جو هن وريام ۽ رحمت کان به اڳ ۾ اٿي ناشتو ٺاهيو، پوءِ هنن ٻنهي کي اٿاريو.
    “ڌيءُ تنهـنجو منهن ته اڄ خوشيءَ مان ٻـهڪي رهيو آهي.” رحمت ماني جو گرهه وات ۾ وجهي لسي ڍڪ هڻندي چيو.
    “الله اسان جي ڌيءُ کي هميشه ائين ئي خوش رکي.” وريام دعا ڏني.
    “اسان ڇا تي هلنداسين؟” حاجره هنن کان پڇيو.
    “ڳوٺ مان گڏهه گاڏي تي هلنداسين، توکي تنهنجي ڳوٺ ڇڏي پوءِ شهر ۾ گڏهه گاڏو مان پنهنجي هڪ سڃاڻ واري وٽ بيهاريندس، پوءِ اتان اسان گاڏي تي وينداسين سائينءَ جي درگاهه.” وريام حاجره کي سفر جا تفصيل ٻڌايا
    “هلو هاڻي نڪرڻ واري ڪيو.” رحمت اٿي ۽ هلڻ لاءِ چيائين.
    “ها مان گڏهـ گاڏو تيار ڪيان ٿو، توهان امان کي وٺي ٻاهر اچو.” وريام ٻاهر هليو ويو.
    حاجره وڏي چادر پائي رحمت ۽ ان جي سس سان گڏ ٻاهر آئي. ان جي سس کي ڳوٺ ۾ ئي ان جي ڀيڻ وٽ ڇڏي هو ڳوٺ ڏانهن روانا ٿيا.
    حاجره جي دل ۾ خوشي ته هئي پر پوءِ به هن کي ڊپ هو ته خبر ناهي ڳوٺ وارا هن کي ڇا چوندا.
    منجهند ڌاران هو ڳوٺ پهتا، ڳوٺ جون گهٽيون اڄ خالي خالي هيون، انهن ۾ موت جهڙي خاموشي هئي. حاجره جي دل زور سان ڌڙڪڻ لڳي. هن کي لڳو بس ٿوري ئي دير ۾ هن جي دل ٻاهر اچي ويندي.
    وريام، حاجره جي گهر جي دروازي وٽ گڏهـ گاڏو بيهاريو. حاجره هيٺ لهي دروازي ڏانهن ڏٺو ته ان کي تالو لڳل هو. گهڙي پل لاءِ هن جي دل جي ڌڙڪن رڪجي ويئي.
    “الله خير ڪري امان ۽ ادا ڪيڏانهن ويا.” حاجره چيو.
    “ڌيءُ ڳوٺ ۾ ٻيو ڪو مائٽ آهي تنهـنجو؟” وريام حاجره کان پڇيو.
    “ها، منهنجي پُڦي جو گهر آهي.” حاجره ٻڌايو.
    “پوءِ انهن ڏي هلي پڇون ٿا.” وريام صلاح ڏني.
    حاجره پنهنجي چادر سان منهن ڍڪي ڇڏيو، هوءَ نه پئي چاهي ته ڳوٺ ۾ ڪوئي به هن کي ڏسي سڃاڻي وٺي. هن جي دل کي وسوسن گهيري وڌو هو.
    پنهنجي پُڦي جي گهر پهتي ته ان جو گهر به بند لڳو پيو هو.
    وريام لهي پاڙي جي ماڻهن کان پڇيو پر انهن کي ڪا خبر نه هئي، ته هو ڪيڏانهن ويا آهن.
    حاجره کي سمجهه ۾ نه پيو اچي، ته سڀ ڪيڏانهن هليا ويا. هوءَ حويلي وڃڻ ته سوچي به نه پئي سگهي ۽ هن کي پنهنجي ڀاءُ جي شهر واري گهر جي به ڪا ڄاڻ نه هئي.
    هن جي اکين مان ڳوڙها مينهـن وانگي وسڻ لڳا. هوءَ پنهنجن جي وچ ۾ پهچي ويئي هئي پر پوءِ به هوءَ هنن ڏانهن وڃي نه سگهي.
    هوءَ وريام ۽ حاجره سان گڏ ئي هلي آئي. هن ائين ٿي ڀانيو ڄڻ هتي هاڻي سڀني گهرن جا دروازا هن لاءِ بند ٿي ويا آهن.
    “ڌيءُ تون نااميد نه ٿي، سچل سائين تي هلون ٿا نه، ڏسجانءِ هو تنهنجون سڀ سَڻايون ڪندو.” رحمت، حاجره کي ڀاڪر پائي دلاسو ڏنو.
    “منهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي سڀني گناهن جي سزا شايد الله سائين منهنجي تقدير ۾ لکي ڇڏي آهي.” حاجره سوچيو.
    شهر پهچي وريام هن ٻنهي کي بس اسٽينڊ تي بيهاري پاڻ وڃي گڏهه گاڏو بيهاري آيو.
    اتان وين ۾ ويهي، هو لاڙڪاڻي لاءِ روانا ٿيا. حاجره جو ذهن اڃا تائين پنهنجي گهر جي لڳل تالي ۾ اٽڪيل هو. جڏهن کان هن کي خبر پئي هئي ته هوءَ سردار بهرام خان جي ناجائز ڌيءُ آهي. تڏهن کان هيءَ سردار بهرام خان کان سخت نفرت ڪندي هئي پر اڄ هن کي پنهنجي ماءُ سميت سڄي دنيا کان نفرت ٿيڻ لڳي.
    “آخر مون کي پيدا ڪرڻ جو تنهنجو مقصد ڪهڙو هو. جيڪڏهن مان هڪڙيءَ کي پيدا نه ڪرين ها ته تنهنجي ڪاروهنوار ۾ ڪهڙو فرق اچي وڃي ها.” هن جي رڳ رڳ الله سائين کان شڪايت ڪري رهي هئي ته حاجره پنهنجي خلقيندڙ سان شڪايت ڪئي.
    “مشڪل وقت ۾ گهڻا ماڻهو پنهنجي رب کان پري ٿي ويندا آهن پر ڪي چند ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي ان جي ويجهو اچي ويندا آهن. اهو ئي اهو وقت هوندو آهي، جڏهن الله بندي جي دل ۾ ان جي يقين کي جاچيندو آهي.
    ادا ۽ حسينه جي گناهه جي سزا توکي ڪڏهن به نٿي ملي سگهي، نه ئي توکي انهن کان نفرت ڪرڻ گهرجي پر اڃا به جيترو ٿي سگهي تون انهن جي لاءِ بخشش جي دعا ڪندي ڪر.” حاجره کي اچانڪ شهلا جي چيل ڳالهه ياد اچي ويئي.
    هن پهريون دفعو جڏهن زينب ۽ شهلا جي سامهون بهرام خان لاءِ نفرت جو اظهار ڪيو هو، تڏهن هن کي شهلا سمجهايو هو.
    ان جي سمجهائڻ کان پوءِ هن جي دل مان بهرام خان کان نفرت ته نه نڪري سگهي هئي پر پوءِ هوءَ حسينه ۽ پنهـنجو پاڻ سان نفرت نه ڪندي هئي. پر ايتري عرصي کان پوءِ هن کي الائي ڇا ٿي ويو هو جو هوءَ الله جي طرفان آيل ان آزمائش ۾ صبر نه پئي ڪري سگهي.


    40

    معز ڊاڪٽر صاحب سان ان جي پراجيڪٽ ۾ مصروف هو. هنن هڪ ڳوٺ ۾ ڪئمپ لڳائي هئي جنهن جي ڀر پاسي جي ڳوٺن جا ماڻهو به هن ڪئمپ ۾ ايندا رهيا. ڪجهه ڏينهن جو وقفو هو جنهن کان پوءِ وري ٻين ڳوٺن ۾ ڪئمپ لڳائڻي هئي.
    عالي ۽ شاهمير به هنن وٽ هڪ نه ٻئي ڏينهن ايندا رهندا هئا.
    “عالي، معز توهان جي ڇُٽين ۾ باقي ٿورا ڏينهن بچيا آهن، ڇو نه معز کي هتان جون ڪجهه مشهور جڳهون گهمايون.” ڊاڪٽر صاحب عالي ۽ شاهمير کي صلاح ڏني.
    “ها ڊاڪٽر صاحب، عالي کي ضرور وٺي وڃجو، هي مونسان ته اوڏانهن ڪڏهن به نه هلندو هو.” شاهمير، ڊاڪٽر الطاف کي چيو.
    “حيرت جي ڳالهه آهي تون اڄ تائين اهي جڳهون نه گهميون آهن!” معز حيرت مان عالي ڏي ڏٺو.
    “هاڻي هلنداسين نه گڏ.” عالي چيو.
    “يار معز، اڄ توسان الائي ڪيئن هن پهرين دفعي ۾ ئي ها ڪئي باقي، مون ته هن کي جيترا دفعا به گهمڻ جو چيو آهي هي انڪار ڪندو هو.” شاهمير معز کي عالي جي باري ۾ ٻڌايو.
    “ڊاڪٽر صاحب توهان به ته ڪجهه ڏينهن فارغ آهيو نه توهان به هلجو.” عالي، ڊاڪٽر الطاف کي چيو.
    “مان ته شايد نه هلي سگهندم، پوءِ به ڪوشش ڪندم.” ڊاڪٽر صاحب سوچيندي چيو.
    “ڪوشش ووشش اِتي اٿوَ، توهان کي هلڻو آهي بس.” معز زور ڀريو.
    “ٺيڪ آهي پهرين توهان ته تيار ٿيو ڪو ڏينهن ۽ جڳهون مقرر ڪيو.” ڊاڪٽر صاحب ورندي ڏني.
    “بس سڀاڻي ئي هلون ٿا، سڀاڻي خميس آهي ۽ سومر کان اسان جا ڪلاسز شروع ٿيندا، ان لاءِ ڇنڇر ۽ آچر تي اسان کي ڪراچي وڃڻ گهرجي ۽ جڳهون ته توهان کي خبر هوندي ته ڪهڙيون جڳهون گهمڻ جهڙيون آهن.” معز پلاننگ ڪري ورتي.
    ڳوٺ اچي شاهمير هيبت خان سان وڃڻ جي ڳالهه ڪئي، ان شاهمير کي وڌيڪ ڪجهه ڏينهن ڳوٺ ۾ رهڻ جو چيو.
    شاهمير جي دل ته بلڪل هتي رهڻ لاءِ نه پئي چوي پر هو پيءُ کي جواب نه ڏيئي سگهيو.
    “بس پوءِ مان به ڊاڪٽر صاحب وارن سان گهمڻ نٿو وڃان اهي به ڪجهه ڏينهن توسان گڏ هوندس.” عالي، شاهمير کي هتي اڪيلو نه پيو ڇڏڻ چاهي.
    “نه نه هاڻي هنن سان پروگرام ٺاهي ڇڏيو آهي، مناسب نٿو لڳي ته انهن کي تون به انڪار ڪرين.” شاهمير، عالي کي چيو.
    “خير آ هو ٻئي ڳالهه سمجهي ويندا، مان هنن کي منع ٿو ڪيان.” عالي چيو.
    “اڙي يار هونئن به ته تون آچر تي هليو ويندين نه پوءِ به ته مان هتي اڪيلو هوندس نه، تون هنن سان گڏ وڃين پيو ۽ مان انڪار نه ٻڌندم. هل هاڻي تنهنجي پيڪنگ ڪيون.” شاهمير، عاليءَ کي حويليءَ ڏانهن وٺي آيو.
    ٻي ڏينهن صبح جو ئي معز، ڊاڪٽر صاحب ۽ عالي، شاهمير کان موڪلائي ڪجهه جڳهون گهمڻ لاءِ روانا ٿي ويا.
    سڀ کان پهرين هو موئن جي دڙي آيا اهو گهمڻ کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب هنن کي سکر وٺي ويو، اتي جون ڪجهه مشهور جڳهون گهمي هو ڊاڪٽر صاحب جي ڪنهن دوست جي گهر آيا. ڊاڪٽر صاحب هنن کي ٻڌايو ته هتي رات رهي سڀاڻي خيرپور گهمي پوءِ هالا کان ٿيندا حيدرآباد هلنداسين، اتي هڪ ڏينهن رهي پوءِ ڪراچي هلنداسين.
    ڊاڪٽر صاحب جو دوست ڏاڍو مهمان نواز هو. رات جي ماني کان پوءِ هو هنن کي لبِ مهراڻ تي وٺي ويو جتان جي چاڪليٽ ٽي پي معز کي ڏاڍي وڻي.
    “يار بابا ته هنن خوبصورت جڳهن جو ڪڏهن ذڪر به نه ڪيو اسان سان.” معز، عاليءَ کي چيو.
    “ٿي سگهي ٿو انهن پاڻ به نه ڏٺيون هجن هي جڳهون.” عالي چيو.
    “ها ائين به ٿي سگهي ٿو.” معز جواب ڏنو.
    رات دير تائين ٻاهر رهيا، پوءِ گهر اچي هو سمهيا ته ٿڪاوٽ جي ڪري جلد ئي کين ننڊ اچي ويئي.
    ٻي ڏينهن تقريباً 11 بجي هو خيرپور پهتا جتي شاهه عبدالطيف يونيورسٽي، فيض محل ۽ ڪجهه ٻيون خاص جڳهون گهمي، آخر ۾ سچل سرمست تي پهتا.


    41

    “امان، سائينءَ جي درگاهه اچي ويئي آهي.” حاجره الائي ڪهڙين خيالن ۾ گم هئي ته رحمت هن جي ڪلهي کي لوڏيو.
    هوءَ گاڏي تان لهي درگاهه ڏانهن وڃڻ لڳي.
    حاجره ڪڏهن به پنهنجي ڳوٺ کان ايترو پري نه نڪتي هئي، نه ئي وري هن ڪڏهن ڪا اهڙي خواهش ڪئي هئي. هن کي پنهـنجو ڳوٺ به پنهنجي ماءُ جيترو ئي پيارو هو. هن کي ياد آيو ته هن هڪ دفعي پراڻي حويليءَ ۾ سڀني جي سامهون چيو هو ته مون کي پنهنجي ڳوٺ سان پيار نه پر عقيدت محسوس ٿيندي آهي. تنهـن تي مروه هن کي چيو هو ته هاڻي هن ڳوٺ ۾ اهڙي به ڪا ڳالهه ناهي جو هن سان عقيدت محسوس ڪجي.
    “ڇا ٿيو امڙ اندر دعا گهرڻ نه هلندينءَ ڇا؟” رحمت حاجره کي دروازي وٽ بيٺل ڏٺو ته چيو.
    هوءَ چپ چاپ اندر مزار ۾ ويئي، اتي بيٺل ماڻهن جا هٿ دعا لاءِ کنيل هئا. ڪجهه ماڻهو تيز آواز ۾ پنهنجون مرادون هتي دفن ٿيل وجود جي اڳيان روئي روئي بيان ڪري رهيا هئا ته ڪي وري اندر ئي اندر ۾ پنهنجو حال هن سان اوري رهيا هئا... ان وجود جي اڳيان جنهن پنهنجي وجود ۾ ئي پنهنجي حقيقي محبوب جو ديدار ڪيو هو.
    حاجره اتان نڪري ٻاهر آئي جتي هڪ فقير پنهنجي مرشد جي ڏنل سبق کي ورجائي رهيو هو. هن جي اکين ۾ جلال هو، هو ڳالهائيندي ڳالهائيندي ڪجهه دير لاءِ چپ ٿي ويو. حاجره ٿورو پريان کان هن کي ڏسي اتي ئي بيهي رهي. فقير جي چؤگرد ڪجهه ماڻهو ويٺل هئا.
    “جيڪڏهن هن فاني دنيا توهان کي دوکي ۾ وجهي ڇڏيو آهي جنهن جي ڳالهين ۾ اچي توهان پنهنجي اصل کي وساري ڇڏيو آ ته پوءِ ان دورنگي دنيا جي ڏنل تڪليفن کان پريشان ڇو ٿا ٿيو!” فقير ڳالهائڻ شروع ڪيو. هن جون نظرون حاجره ڏانهن هيون.
    “توهان کي خبر آهي ته توهان رنگ، نسل ۽ ذات پات جو خول چاڙهي پنهنجي وجود کي به ايتري ئي تڪليف پهچائيندا آهيو ۽ هي جيڪي دنياوي رشتا آهن نه اهي توهان کي پنهـنجو پاڻ ۾ ايترو ڦاسائي ٿا رکن جو انهن جي چڪر ۾ توهان پنهنجي ئي اندر ۾ رهندڙپنهنجي حقيقي محبوب سان هڪ دفعو ملڻ جي سڌ به نٿا ڪريو.”
    حاجره جي اکين مان هڪ دفعو ٻيهرلڙڪ ڪِرڻ لڳا.
    ماڻهن جي ميڙ ۾ بيٺل معز، فقير جي نظرن جو تعاقب ڪندي پويان ڏٺو ته هو ڏسندو ئي رهجي ويو.
    ڪاري چادر ۾ ويڙهيل ڇوڪري جنهن جي ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون سانوڻ مينهـن جيان وسي رهيون هيون، ان ڇوڪريءَ کي ٻين ماڻهن جو ڪوبه هوش نه هو، هوءَ ڀرسان ٺهيل ڀت کي ٽيڪ ڏيئي غور سان فقير جون ڳالهيون ٻڌي رهي هئي.
    فقير وري ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    “منهنجي مرشد فرمايو آهي ته سڀ صورتون هن دلبر جو ديدار ۽ جلوه ٿيون پسائن. هُو هڪ حقيقت آهي ۽ سواءِ رنگ ۽ سواءِ روپ جي آهي. هُن ئي سڀني رنگن روپن ۾ جلوه گري ڏيکاري آهي. بي مثال به هو ئي آهي. قائل، حقيقي، پيدا ڪندڙ دنيا جو سڀ ڪجهه هُو ئي آهي.”
    “دم بدم اصليت واري حالت جو تصور ڪر ۽ سڀني غير جي منزلن کي ڀڃي ڇڏ، پنهنجي اصليت واري حالت جي فڪر ۾ تون اهڙي نموني هج جو پنهنجي نظر هيڏانهن هوڏانهن نه ڪر، جيئن تون نيٺ پنهنجي اصلي جاءِ تي وڃي نعرو هڻين.”
    “تون پنهنجي خوديءَ کي ڀڃي ڇڏ، رنگ کان تون لنگهي وڃ، سواءِ رنگ جي هج. هن مٽيءَ واري جسم کي تون هت زمين تي ڇڏ. پنهنجي خيال يعني پنهنجي فڪر کي پنهنجي جسم کان چار ڪوهه پري رک يعني پنهنجي جسم جي خير خواهيءَ کي ڇڏي روح جي فڪر ۾ رهه، بي رنگ درياهه ۾ ٽٻي هڻ.
    “پنهنجي هستيءَ کي مٽائي ڇڏ ته تنهنجي فڪر جو پکي حقيقت کي وڃي رسي. تون پنهنجي خيال کي اهڙي مٿاهين بلند مڪان تي مضبوط رک جو جان، جسم ۽ ننگ ناموس کان ڇٽي پوين.”
    اول گمراهي، آهي رباني راهه ۾،
    تان پوءِ همراهي، آهي هدايت جي. (سچل)
    فقير حاجره تان نظر هٽائي ماڻهن ڏانهن ڏٺو ۽ سچل جو بيت پڙهندو ماڻهن جي هجوم کان پري هلندو ويو.
    سڀ ماڻهو اتان وڃڻ لڳا، پر معز جون نظرون اڃا تائين ڪاري چادر ۾ ويڙهيل وجود جو طواف ڪري رهيون هيون.
    عالي، معز ڏانهن آيو ته هن کي ڪنهن شيءِ ۾ محو ڏسي هن به اوڏانهن ڏٺو. عالي سامهون بيٺل حاجره کي ڏسي هڪ لمحي لاءِ اتي ئي سانت ٿي ويو.
    “حاجره.” عالي جي وات مان نڪتو.
    ڀرسان بيٺل معز عالي جي وات مان حاجره جو نالو ٻڌي ڏانهس بي يقيني مان ڏٺو.
    “ڪير؟ حاجره؟” معز، عاليءَ کان پڇيو.
    “جنهن جي تلاش اسان کي هئي.” عالي، معز ڏانهن نهارڻ کان بنا ئي جواب ڏنو ۽ حاجره ڏانهن وڌيو.
    “حاجره توهان هتي؟” عالي، حاجره ڏانهن اچي هن کان پڇيو.
    حاجره عالي کي ڪجهه دير ڏسندي رهي، ڄڻ ته هن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي هجي.
    “ادا!” ڪافي دير کان پوءِ حاجره صرف ايترو چيو ۽ هڪ دفعو ٻيهر روئڻ لڳي.
    عالي ڪجهه دير هن کي روئڻ ڏنو.
    ايتري ۾ رحمت ۽ وريام به اتي اچي ويا. رحمت، حاجره کي روئندي ڏسي پريشان ٿي ويئي.
    “ڇا ٿيو ڌيءُ؟ تون ڇو پئي روئين؟ هاڻي ته صحيح هئي ڇا ٿيو هن کي.” رحمت، حاجره ۽ وريام کان هڪ ئي وقت سوال ڪيو.
    “توهان ڪير آهيو، ۽ حاجره کي توهان ڪيئن سڃاڻو؟” عالي اڳيان وڌي وريام کان پڇيو.
    “تون ڪير آهين؟” وريام جواب ڏيڻ بجاءِ عاليءَ کان سوال ڪيو.
    “مان حاجره جو ڀاءُ آهيان.” عالي کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڇا چوي.
    حاجره بي يقيني مان ٻيهر عالي ڏانهن ڏٺو.
    “حاجره توهان ايترو وقت ڪٿي هئا؟ ٺيڪ ته آهيو نه؟” عالي حاجره ڏانهن وڌيو.
    “ها ادا، مان ٺيڪ آهيان. مان ٻه مهينا حويليءَ ۾ رهڻ کان پوءِ اتان نڪري آئي هئس. ان کان پوءِ مان هنن وٽ هئس.” حاجره عالي کي مختصراً پنهنجي ڳالهه بيان ڪئي.
    “توهان مون سان هاڻي ئي ڳوٺ هلو.” حاجره کي حسينه وٽ پهچائڻ جي عاليءَ کي تڪڙ هئي.
    “اتان جا سڀ دروازا مون لاءِ بند ڪيا ويا آهن، مان اوڏانهن هلي ڇا ڪنديس.” حاجره چيو.
    “ائين ناهي حاجره، ماسي توهان جي لاءِ ڏاڍي پريشان آهي، هوءَ بيمار ٿي پئي آهي توهان کي ڏسندي ته خوش ٿي ويندي .” عالي کيس اصل ڳالهه ٻڌائي.
    “مان ڳوٺ ويئي هئس پر امان ۽ پُڦي وارن جي گهر جي دروازي کي تالو لڳل هو.” حاجره عاليءَ کي ٻڌايو.
    “حاجره ماسي کي ڪجهه ٽائيم اڳ توهان جو ڀاءُ پاڻ سان گڏ شهر وٺي ويو آهي ۽ توهان جي پُڦي ڪجهه هفتا اڳ معز سان گڏ توهان کي ڳولڻ سردار گهرام خان جي ڳوٺ ويا هئا پر اتان خبر پئي ته توهان اتان نڪري ويا آهيو. ۽ توهان جي پُڦي به شهر ۾ ڪريم جي گهر ۾ آهي.” عالي به هن کي سڄي ڳالهه ٻڌائي.
    “پر پوءِ به ادا خبر ناهي مون سان اتي ڪهڙو سلوڪ ڪيو وڃي. مان ڳوٺ واپس نه هلنديس.” حاجره کي وري ڳوٺ وڃڻ کان خوف اچڻ لڳو.
    “توهان کي ڪجهه نه ٿيندو حاجره.” عالي هن کي سمجهائڻ چاهيو.
    “عالي في الحال حاجره کي ڳوٺ وٺي وڃڻ يا کيس پنهنجي ڀاءُ جي گهر ۾ رهائڻ هن لاءِ صحيح نه هوندو. اتي جلدي ۾ سردار صاحب کي خبر پئجي سگهي ٿي.” ڊاڪٽر الطاف به اتي ئي بيٺو هو، تنهـن اڳيان اچي عالي کي صلاح ڏني.
    عالي به ڊاڪٽر صاحب سان متفق هو. “حاجره توهان اسان سان گڏ ڪراچي هلندؤ؟” عالي هن کان پڇيو.
    “پر پوءِ امان ۽ ادا وارا؟” حاجره پڇيو.
    “مان توهان جي امان کي ڪراچي وٺي ايندس.” ڊاڪٽر الطاف حاجره کي خاطري ڏني.
    حاجره رحمت ۽ وريام کان موڪلائي. عالي سان گڏ ڪراچي وڃڻ لاءِ گاڏي ۾ ويٺي.
    سج لهڻ وارو هو. عالي حاجره لاءِ ڪجهه کائڻ لاءِ وٺي آيو پوءِ هو ڪراچيءَ لاءِ روانا ٿيا.
    رستي ۾ حاجره ڪنهن سان ڪجهه به نه ڳالهايو. وقفي وقفي سان عالي هن کان ڪجهه کائڻ پيئڻ جو پڇندو رهيو.
    حاجره ذهني طور ڪجهه پريشان هئي، ان ڪري عالي بروقت هن کي پنهنجي ڪراچيءَ واري گهر وٺي وڃڻ نه پيو چاهي. ڊاڪٽر الطاف به هن کي مشورو ڏنو، ته حاجره کي هڪ ٻه ڏينهن اڪيلو رهائجي.
    ڪراچي پهچي هي سڀ ڊاڪٽر الطاف جي فليٽ تي آيا. پهچندي پهچندي رات جا ٻه ٿي ويا هئا. ڊاڪٽر الطاف حاجره کي هڪ ڪمري ۾ رهڻ لاءِ چيو.
    عالي هن کي آرام جي هڪ ٽيبليٽ کارائي دروازو اندران بند ڪرڻ لاءِ چئي ٻاهر هليو ويو.
    عالي، شهلا کي اها ڳالهه ٻڌائڻ چاهي پيو پر گهڻي دير ٿيڻ ڪري هن سوچيو ته صبح جو ئي هن کي ٻڌائي ڇڏيندو.
    معز، ڊاڪٽر الطاف ۽ عالي به ٿڪجي پيا هئا، ان ڪري جلدي سُمهي پيا.
    حاجره کي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ته هن وٽ هاڻي سوچڻ لاءِ ڪجهه به ڪونهي. اهو ان فقير جي ڳالهين جو اثر هو، الائي جي ٽيبليٽ جو پر حاجره اڄ ڪجھه پُرسڪون هئي سو جلد ئي ننڊ کيس پنهنجي گهري ۾ آڻي ڇڏيو.

    صبح جو سڀئي جلد ئي اٿي ويا. معز سڀني لاءِ ناشتو تيار ڪيو. عالي حاجره جو ناشتو ان کي ڪمري ۾ ئي ڏيئي آيو.
    حاجره کي هتي غير مردن ۾ رکڻ عالي کي مناسب نه پئي لڳو. ان ڪري هن عرفات کي فون ڪري حاجره جي باري ۾ ٻڌايو ۽ هن کي ڊاڪٽر الطاف جي فليٽ تي اچڻ لاءِ چيو.
    عالي سوچيو ته عرفات ۽ حاجره هڪ ٻئي کي سٺي نموني سڃاڻيندا آهن ۽ حاجره اڄ ڪنهن سڃاڻ واري سان ملندي ته ڪجهه بهـتر محسوس ڪندي، پوءِ هو هن کي رات تائين پنهنجي گهر وٺي ويندو.
    عالي، معز کي چئي حاجره لاءِ ڪجھ ڪپڙا گهرائي حاجره کي ڏنا.
    “ پر مون وٽ ته ڪپڙا هئا.” حاجره ڪپڙا وٺندي چيو.
    “ها پوءِ به مون کي لڳو اهي ڪپڙا متان پراڻا ٿي ويا هجن، ان ڪري گهرايا.” عالي چيو.
    “انهن جي ضرورت نه هئي.” حاجره وراڻيو.
    “توهان گهر هلندؤ؟” عاليءَ حاجره کان پڇيو.
    “اتي ڪير ڪير آهن؟” حاجره سوال ڪيو.
    “اهي ئي سڀ جيڪي ان ڏينهن توهان سان گڏ هيڏانهن اچي رهيا هئا.” عالي ٻڌايو.
    “پر اتي حويلي جا سڀ نوڪر ۽ نوڪرياڻيون به آهن، ستت ئي سردار صاحب کي خبر پئجي ويندي.” حاجره پنهنجو انديشو ظاهر ڪيو.
    عالي جو ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ئي نه ويو هو ۽ هاڻي هن سوچيو ته ميربل به اتي ئي آهي ۽ ان کي خبر پوندي ته اهو به ڳالهه نه رکي سگهندو.
    “پوءِ توهان کي هتي رهڻ ۾ ڪو مسئلو ته نه آهي نه؟ مان ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ماسي حسينه کي به گهرائي وٺندس.” عالي هن کان پڇيو.
    “جيڪڏهن هي سڀ توهان جا دوست آهن ۽ توهان به هتي ئي رهندؤ ته پوءِ مون کي ڪو مسئلو ناهي ادا.” حاجره کي عالي ۽ ان جي دوستن تي يقين هو.
    “ٺيڪ آهي مان عرفات کي سمجهائي ڇڏيندس ته في الحال هو ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪري.” عالي چيو.
    “توهان ان کي به ٻڌائي ڇڏيو آهي؟” حاجره تصديق ڪئي.
    “ها مون سمجهو اهو هتي ايندو ته توهان کي سٺو لڳندو. ڇو ته مان صفا ۽ مروه وارن کي ته هتي نٿو گهرائي سگهان ان ڪري عرفات کي اچڻ لاءِ چيم.” عالي ٻڌايو.
    “صحيح آهي.” حاجره مجبوراً چيو.
    شروع کان ئي عرفات حاجره کي جڏهن به اڪيلو ڏسندو هو ته ڪنهن نه ڪنهن طرح ان کي تنگ ڪندو هو.ان ڪري هوءَ ڪوشش ڪندي هئي ته عرفات جي سامهون نه وڃي. ٿوري دير کان پوءِ حاجره ڪپڙا تبديل ڪري ٻاهر آئي ته رڌڻي ۾ عالي ۽ معز ڪجهه رڌڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
    “مان ڪا مدد ڪيان ادا؟” حاجره عالي کان پڇيو.
    “نه نه حاجره اسان ڪوشش ڪيون پيا.” عالي مسڪرائيندي چيو .
    “ڇا پيا ٺاهيو.” حاجره پڇيو.
    “گهر ۾ برياني جو ئي سامان پيو آهي ان ڪري اها ئي ٺاهڻ جي ڪوشش آهي پوءِ جيڪو ٺهيو.” عالي ٻڌايو.
    “مان اڪيلي ويهي بور پئي ٿيان، مون کي ٺاهڻ ڏيو.” حاجره اڳيان وڌي عالي کان ڇري ۽ مرغي جو گوشت ورتو.
    “ٺيڪ آهي اسان ٿوري گهڻي مدد ته ڪري سگهون ٿا نه”، عالي چانور کڻي ڌوئڻ لڳو ۽ معز ٽماٽا ۽ ٻيون سبزيون ڪٽڻ لڳو.
    برياني تيار ٿيڻ تائين ڊاڪٽر صاحب به اچي ويو، سڀني گڏجي ماني کاڌي. ٽنهـي ڄڻن حاجره جي برياني جي تعريف ڪئي.
    شام تائين عرفات به اچي ويو، ته عالي عرفات کي حاجره وٽ ڇڏي ڊاڪٽر صاحب سان گڏ گهر هليو ويو.

    “السلام عليڪم پُڦو جاني.” عالي گهر آيو ته هن کي هال ۾ ئي زينب نظر آئي جيڪا مصلي تي ويٺي دعا گهري رهي هئي.
    “ايڏو ڇا پيا گهرو الله کان؟” عالي زينب جي ڀرسان اچي فرش تي ئي ويهي رهيو.
    “توهان سڀني جي حفاظت جون دعائون ڪندي رهندي آهيان ٻيو ڇا گهرندم مان، منهنجي جان.” زينب دعا پڙهي پوءِ عاليءَ کي جواب ڏنو.
    “ڪجهه نه ڪجهه ته پنهنجي لاءِ به گهرندا هوندؤ؟” عالي شرارت مان پڇيو.
    “ها گهرندي آهيان، صرف اها دعا ته الله جي رضا ۾ راضي رهان ۽ ان رضا ۾ ان جي مصلحت کي سمجهي سگهان.” زينب جواباً چيو.
    “واهه معنيٰ هڪ ڌڪ سان ٻه شڪار! اميزنگ. صبر ڪرڻ سان به اوهان جو فائدو ۽ الله جي ڳالهين کي سمجهڻ ۾ به اوهان جو فائدو.” عالي ساراهيو.
    “عالي توهان ڪهڙي وقت آيا؟” شهلا، هال ۾ عاليءَ کي ڏسي پڇيو.
    “السلام عليڪم امي، بس ٿوري دير پهرين آيو آهيان.” عالي اٿي ماءُ سان مليو.
    “وعليڪم السلام.” شهلا سلام جو جواب ڏيئي پٽ جي پيشاني چمي.
    “امي هتي ويهو توهان کي ڪجهه ٻڌائڻو آهي.” عالي، شهلا کي زينب جي ڀرسان ئي ويهاريو.
    “ڇا ڳالهه آهي؟” شهلا پڇيو.
    “ڪلهه مون کي حاجره ملي، مان ان کي ڪراچي وٺي آيو آهيان.” عالي ٻنهي ڄڻين کي آهستي ڪري ٻڌايو.
    “ڪٿي؟ ۽ هوءَ هاڻي ڪٿي آهي؟” شهلا حيرانگيءَ وچان پڇيو.
    عالي هنن ٻنهي کي سڄي ڳالهه تفصيل سان ٻڌائي.
    “پوءِ تون ان کي هيڏانهن ڇو نه وٺي آئين؟” زينب پڇيو.
    “مان نٿو چاهيان ته في الحال چاچا سائين وارن کي حاجره جي خبر پئي.” عالي چيو.
    “ها تو اهو صحيح ڪيو. الله ڪري هي مسئلو جلد حل ٿي وڃي، ته پوءِ حاجره جي باري ۾ به ٻڌائينداسين انهن کي.” زينب دعا ڪئي.
    عالي ٿوري دير هتي رهي پوءِ واپس هليو آيو.


    42

    “توکي خبر آهي مان تنهنجي لاءِ ڪيترو پريشان هئس.” معز ڪجهه سامان وٺڻ لاءِ ٻاهر ويو ته عرفات، حاجره سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “مهرباني توهان جي.” حاجره جواب ڏنو.
    “اتان جي سردارن توسان ڪا بدتميزي ته نه ڪئي نه، حاجره.” عرفات هن جي ڀرسان ٿي ويٺو.
    “نه.” حاجره جواب ڏنو. هوءَ معز جي واپس اچڻ جون دعائون ڪرڻ لڳي.
    “ايڏا اشراف ته اهي به ناهن جو تو جهڙي حسين ڇوڪري کي ائين ڇڏنِ.” عرفات چيو.
    “تون هاڻي حد پار ڪري رهيو آهين عرفات.” حاجره صوفي تان اٿي.
    “منهنجي لاءِ ته اها خوشي جي ڳالهه آهي ته هنن توسان اهڙي ڪا ڳالهه نه ڪئي آهي.” عرفات به هن جي پويان آيو.
    “تون سڌري وڃ، نه ته تو لاءِ سٺو نه ٿيندو.” حاجره کي ڪاوڙ اچڻ لڳي.
    “سٺو ته منهنجي لاءِ ٿي چڪو آهي، ۽ تون مون کي غلط نه سمجهه، مان ته الائي ڪڏهن کان توکي پسند ڪندو آهيان پر جڏهن کان تون پري هلي وئينءَ ته ان ڳالهه جو شدت سان احساس ٿيو.” عرفات، حاجره جي ويجهو اچي هن جو هٿ پڪڙيو.
    حاجره ڪرنٽ کائي پوئتي ٿي ويئي، پر عرفات وري هن ڏانهن وڌي هن کي ڪلهن کان جهلڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “بي غيرت انسان مان تنهنجي ڀيڻ آهيان.” حاجره ٻنهي هٿن سان عرفات کي زور سان ڌڪو ڏنو.
    “مون کي صرف ٻه ئي ڀينر آهن.” عرفات مسڪرائيندي وري ٻيهر هن ڏانهن اچڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “وڃي ٿورو پنهنجي پيءُ کان پڇي ڏس، اهو توکي صحيح طرح سان تنهنجي ڀينرن جو تعداد ٻڌائيندو. مان تنهنجي پيءُ جي ناجائز اولاد آهيان. هاڻي تون مون ڏانهن ٿورو به وڌين ته مان توکي هي ڇري هڻندس.” حاجره جلديءَ ۾ رڌڻي مان ڇري کڻي ورتي.
    “ڪمزاد ڇوڪري، تون منهنجي پيءُ تي غلط الزام پئي هڻين. خبر پاڻ کي به نه هوندئي ته تنهـنجو اصل پيءُ ڪهڙو آهي وري چئين ٿي ته تون سردار بهرام خان جي ڌيءُ آهين.” عرفات کي حاجره جي ڳالهه تي يقين نه آيو ۽ وري ڪاوڙ ۾ هن ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪيائين.
    “ناجائز ضرور آهيان پر پنهنجي پيءُ جي خبر آهي. ڇا تون پنهنجي پيءُ جي نيڪ نمازي ۽ اشراف هجڻ جو قسم کڻي سگهين ٿو ته هن ڪڏهن اهڙو ڪم نه ڪيو هوندو!؟ وڃي ان کان پڇي اچ ته ان جون ڪيتريون ناجائز ڌيئر آهن ته جيئن تون پنهنجي قيامت ڪاري ٿيڻ کان بچائي وجهين.” حاجره جي دل ۾ ڄڻ ته باهه لڳي ويئي هئي.
    هن ٻنهي کي خبر نه پئي ته عالي ۽ معز ڪهڙي وقت اندر داخل ٿي چڪا هئا، ۽ اُنهن ٻنهي حاجره جون چيل سڀ ڳالهيون ٻڌي ورتيون هيون.
    “هي تون ڇا پيو ڪرين عرفات.” عالي عرفات جو ويجهو آيو.
    “عالي، هي ڏس ڇا پئي چوي.” عرفات کي حاجره جي ڳالهه سچ لڳڻ لڳي پر هو يقين ڪرڻ کان عاري هو.
    “حاجره توهان اندر وڃو.” عالي، حاجره کي چيو.
    “ادا اهو سڀ سچ آهي، جيڪو ڪجهه مون هن کي چيو جيجي زينب کي به خبر آهي. ۽ توهان اها ڳالهه هن کي سمجهائي ڇڏجو.” حاجره ائين چئي اندر هلي ويئي.
    عالي ۽ عرفات ٻئي هڪ ساعت لاءِ ماٺ ٿي ويا. عرفات ته شرم کان ڪنڌ مٿي نه پئي کڻي سگهيو. پنهنجي پيءُ جي لاءِ هن ڪڏهن به ائين نه سوچيو هو. ۽ حاجره کي ته هي شروع کان ئي پسند ڪندو هو.
    “عالي ڇا اهو سچ ٿي سگهي ٿو!؟ “ عرفات بي يقيني ۾ عاليءَ کان سوال ڪيو.
    “پُڦو ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندي عرفات.” عالي وراڻيو.
    عرفات بي يقينيءَ واري حالت ۾ اتان هليو ويو.
    “عالي تون پريشان نه ٿي، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.” معز، عاليءَ کي فڪرمند ڏسي چيو.
    ڪجهه وقت عالي کي ان ڳالهه جو يقين ڏيارڻ ۾ لڳو. هن کي پنهنجي چاچي جي ڪڌن ڪرتوتن جي خبر ته هئي پر حاجره جي لاءِ زينب جو ايترو پيار ڏسي هن کي ڪڏهن خيال به نه آيو ته ائين ٿي سگهي ٿو.
    ايتري ۾ ڊاڪٽر الطاف به اچي ويو. ان سان ڪنهن به ان حوالي سان ڪا ڳالهه نه ڪئي.
    هو حاجره کي ڪمري مان ٻاهر وٺي آيو ۽ ان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو. ڊاڪٽر هئڻ جي ڪري هو سمجهي سگهي پيو ته حاجره لاءِ اڪيلو رهڻ صحيح ناهي سو هن کيس ٻڌايو ته جلد ئي هو هن جي ماءُ کي هتي وٺي ايندو.


    43

    سيرت ۽ مروه جا انٽر جا امتحان ٿيڻ ۾ باقي ٿورو وقت هو. مروه ته پڪو فيصلو ڪري ڇڏيو ته هن کي ميڊيڪل ۾ وڃڻو آهي ۽ سيرت به پنهنجي پراڻي فيصلي تي اڃا تائين قائم هئي.
    “سيرت تون پڪ سان فلاسافي ۾ ئي گريجوئيشن ڪرڻ چاهين ٿي نه؟” عالي سيرت کان آخري دفعو پڇڻ پيو چاهي.
    “جي لالا.” سيرت جواب ڏنو.
    “ٺيڪ آهي پوءِ امتحانن کان پوءِ توکي يونيورسٽي ۾ ٽيسٽ جي تياريءَ لاءِ ڪتاب آڻي ڏيندس ته جيئن توکي مشڪل نه ٿئي.” عالي چيو.
    شاهمير ڳوٺ کان اچي ويو ته عالي سوچيو هو، هن سان مروه جي وڌيڪ پڙهائيءَ لاءِ ڳالهائيندو.
    عرفات کي جنهن ڏينهن حقيقت جي خبر پئي، هن ان ڏينهن گهر اچي زينب کان به اها ڳالهه پڇي ۽ پنهـنجو سامان کڻي ڳوٺ هليو ويو.
    خبر ناهي اتي هن سردار صاحب سان ڇا ڳالهايو پوءِ اتان الائي ڪيڏانهن هليو ويو.

    عالي شاهمير کي حاجره جي ملي وڃڻ جي باري ۾ ٻڌايو ۽ ان کي ان سان ملرائي به آيو.
    “شاهمير توسان هڪ ڳالهه ڪرڻي آهي يار.” عالي هڪ دفعو ٻيهر ان ڳالهه لاءِ پريشان هو ته شاهمير جيڪڏهن انڪار ڪندو ته پوءِ ٻيهر ڪڏهن به هو شاهمير سان هاڻي وانگر نه ڳالهائي سگهندو.
    “ها چئه نه، ايترو فارمل ڇو پيو ٿئين.” شاهمير چيو.
    “مروه انٽر کان پوءِ وڌيڪ پڙهڻ ٿي چاهي.” عالي چيو.
    “هوءَ ڇا ٿي پڙهڻ چاهي؟” شاهمير پڇيو.
    “MBBS ڪرڻ ٿي چاهي.” عالي جواب ڏنو.
    “مون کي ته ڪو اعتراض ناهي پر اهو سڀ ڪيئن ٿيندو، اِن لاءِ ته مروه کي روز ڪاليج وڃڻو پوندو، اها ڳالهه ته نٿي لڪائي سگهجي نه.” شاهمير ڪجهه سوچڻ کان پوءِ جواب ڏنو.
    “مون به ان ڳالهه تي گهڻو ويچار ڪيو آهي. شاهمير مون کي بس هڪ ئي رستو نظر ٿو اچي.” عالي چيو.
    “ڪهڙو؟” شاهمير پڇيو.
    “تون مروه سان نڪاح ڪري ڇڏ. ان کان پوءِ توکي ان جي باري ۾ ڪو به فيصلو ڪرڻ جو پورو حق هوندو.” عالي چيو.
    “ها تون چوين ته صحيح ٿو، پر مان هڪ دفعو مروه سان ان حوالي سان ڳالهائڻ کان پوءِ ئي فيصلو وٺندس.” شاهمير سوچيندي چيو.
    “ٺيڪ آهي.” عالي سڪون جو ساهـ کنيو.

    عالي، مروه کي شاهمير جي ورندي ٻڌائي ته هوءَ ان وقت ئي شاهمير وٽ هلي آئي.
    “تون مون سان ڳالهائڻ پيو چاهين؟” مروه، شاهمير جي ڪمري ۾ گهڙي.
    “ها.” شاهمير ڪجهه مسڪرائيندي جواب ڏنو.
    “ٺيڪ آهي، ڳالهائي وٺ مون وٽ ايترو وقت ناهي.” مروه پنهنجي شاهاڻي انداز ۾ چيو.
    “مون کي خبر آهي ته توکي ميڊيڪل ۾ وڃڻ جو شوق آهي ۽ مان به ان لاءِ راضي آهيان. پر منهنجي به هڪ خواهش آهي.” شاهمير چيو.
    “ڪهڙي؟” مروه حيرانگيءَ مان پڇيو.
    “مان چاهيان ٿو ته پڙهائي پوري ڪرڻ کان پوءِ تون پنهنجي ڳوٺ ۾ رهي اتان جي ماڻهن جي ڪم اچين.” شاهمير هن جي اڳيان پنهنجي خواهش ظاهر ڪئي.
    “ڪهڙو مان ڊاڪٽر بڻجي ويئي آهيان جو تون هاڻي کان ئي خواهشون به رکڻ شروع ڪيون.” مروه منهن ٺاهيندي چيو.
    “اها خواهش هاڻي جي ناهي مروه، اها ته ڪجهه سال اڳ جي خواهش آهي، جڏهن هڪ ماءُ کي ان جي ٻار جي اڳيان تڙپندي مرندي ڏٺو هيم. انهن ئي ڏينهن ۾ تنهنجي ان شوق جي به خبر پئي هئي. تڏهن کان ئي دل ۾ اها ڳالهه سوچي هئم.” شاهمير سنجيدگي سان چيو.
    هن سان هر وقت وڙهندڙ هي شخص جنهن کي نه ڪڏهن مروه سنجيدگيءَ سان ڏٺو هو ۽ نه ان کي ئي سنجيده ٿيندي ڏٺو هو. اهو اندر کان ايترو رحم دل ۽ نرم مزاج آهي، مروه اڄ محسوس ڪيو ۽ طمانيت سان ڀريل هڪ مسڪراهٽ سان شاهمير ڏانهن ڏٺو.
    “شاهمير مان چاهيان ٿي ته اسان ٻئي نڪاح کان پهرين پنهنجي بلڊ ٽيسٽ وغيره ڪرائي ڇڏيون. خدانخواسته سڀاڻي کان پوءِ اسان جي اولاد به بالاچ وانگر الله نه ڪري ته پوءِ ان لاءِ هو اسان کي ڪڏهن معاف نه ڪندا.” مروه پهريون دفعو شاهمير سان ڪا ڳالهه ڪندي ڊڄي رهي هئي.
    “ان ۾ ڪو مسئلو ناهي ڪرائي وٺنداسين” شاهمير به هُن جو ڊپ محسوس ڪيو. پر هن کي هيءَ ڊنل مروه بلڪل نه پئي وڻي ان ڪري هن کيس جلد ئي ڳالهه مڃي ورتي.
    مروه جي منهن تي وري ساڳيو confidence اچي ويو.
    “پوءِ مان بابا سائين جن سان نڪاح جي ڳالهه ڪيان؟” هو هڪ منٽ ۾ وري ساڳيو شاهمير ٿي ويو.
    “ها پر پوءِ به ته هو ان ڳالهه ۾ مداخلت ڪندا نه؟” مروه کي اڃا تائين به انهن جي اعتراضات جي ڳڻتي هئي.
    “پوءِ مان پاڻ ئي منهن ڏيئي وٺندس.” شاهمير پرسڪون هو ۽ مروه ڏانهن پيار ڀري نگاه وڌائين.
    “مهرباني ته مان توکي چوندس ڪانه، ڇو ته اهو منهنجو حق آهي.” مروه به هميشه وانگر حق جتايو.
    “مان تو مان اها اميد رکان به نٿو.” شاهمير هن ڏانهن پيار مان ڏٺو.
    مروه به مسڪرائيندي ٻاهر نڪري ويئي.
    شاهمير کي هميشه اهو ڊپ رهندو هو ته ڪڏهن مروه هن کي ائين نه چئي ڏي ته هوءَ هن کي ناپسند ٿي ڪري پر اڄ ان جي نظرن ۾پنهنجي لاءِ هن پسنديدگي ڏسي ڇڏي.
    ايترن سالن کان پوءِ نيٺ اڄ وڃي هن جي دل ان خوف کان آزاد ٿي هئي ۽ خوف کان آزاد دل ڪيتري آزاد هوندي آهي اهو شاهمير کي اڄ اندازو ٿيو. شاهمير اڄ محسوس ڪيو ته مروه لاءِ هن جي دل ۾ پيار اڃا وڌي ويو آهي.

    عالي ڪجهه ئي ڏينهن ۾ حسينه کي ڪراچي گهرائي ورتو. ڊاڪٽر الطاف جي مهرباني سان هو ٻئي ڄڻيون هن جي گهر ۾ رهيون پئي. عالي به پنهنجي پڙهائيءَ ۾ مصروف ٿي ويو پر عالي، معز ۽ شاهمير مان ڪوئي هڪڙو هنن ڏانهن روز چڪر هڻندو رهندو هو.
    عالي وارن جي پڙهائي مڪمل ٿي ويئي هئي ۽ هاڻي هو هائوس جاب ڪري رهيا هئا.
    سيرت ۽ مروه امتحان ڏيڻ کان پوءِ ٽيسٽن جي تياري ڪري رهيون هيون.


    44

    پنهـنجي پيدا ڪيل مصيبتن مان اڃا جان آجي نه ٿي هئي ته قدرتي مصيبت/ آفت ڪر کنيو. سڄي سنڌ ٻوڏ هيٺ اچي ويئي، خاص ڪري اتر وارا علائقا پاڻيءَ جي زد هيٺ اچي ويا. سردار صاحب حويليءَ ۾ باقي بچيل ماڻهن کي به ڪراچي وٺي آيو. هو گهڻو ڪري پاڻ ڳوٺ ۾ ئي رهندو هو، هن جو فصل، مال متاع سڀ اتي هو جنهن کي هو ائين ڇڏي نه پئي سگهو.
    شاهمير هيبت خان سان پنهنجي نڪاح جي ڳالهه ڪئي. پهرين ته هُن هن کي ڪجهه وقت صبر ڪرڻ جو چيو. پر پوءِ شاهمير جو ضد ڏسي هن بهـرام خان سان ڳالهه ڪئي.
    بهرام خان به نياڻي جي فرض کان سبڪدوش ٿيڻ پئي چاهيو، انڪري هن به ها ڪئي. سڀئي ان ڳالهه تي حيران هئا ته شاهمير نڪاح ڪرڻ جو ئي ضد ڇو ڪري رهيو آهي، هو رخصتي جو ڇو نه ٿو چوي.
    “ڳوٺ جا حالات ٺيڪ ٿي ويندا ته پوءِ باقاعدا رخصتي ڪندس.” اهو چئي شاهمير في الحال سڀني جو وات بند ڪري ڇڏيو.
    ڪجهه ئي ڏينهن ۾ سادگيءَ سان نڪاح جي تقريب رکي ويئي. گهڻن ڏينهن کان پوءِ گهر ۾ سڀ خوش هئا.
    عالي ته ايترو خوش هو جو هو ٻن ڏينهن کان ڪاليج به نه ويو هو ۽ سڄي تياري تقريباً هن ئي ڪئي هئي. سيرت به تمام گهڻي خوش هئي.
    صفا پنهـنجو پاڻ کي انهن تيارين کان پري رکيو. عالي نڪاح واري ڏينهن اها ڳالهه محسوس ڪئي ته هن جي دل سُسي ننڍڙي ٿي ويئي. هن جي دل مان خوشيءَ جي جڳهه تي اداسي ڇانئجي ويئي.
    ٻي طرف دُربيبي به پنهنجي وڏي ڌيءُ کي ان جي ننڍي ڀيڻ جي خوشين کان پري ڏسي بي چين ٿي ويئي.
    مروه جي لاءِ نڪاح جو وڳو شاهمير پنهنجي پسند تي آندو. ويڪرن پانچن واري شلوار تي ڳاڙهي ناسي رنگ جي ڊگهي قميص جيڪا سونهري رنگ جي هيرن ۽ موتين جي ڪم سان جڙيل هئي ۽ ڳاڙهي رنگ جي وڏي رئي سان گڏ هن نَوَ لڙي دُري پاتي ته هوءَ آئيني ۾ پنهـنجو عڪس ڏسي شرمائجي ويئي. هن جي تياري مڪمل ٿي ويئي هئي پر هن جو ضد هو ته هوءَ صفا سان گڏ ڪمري کان ٻاهر ويندي.
    صفا، بالاچ کي سمهارڻ جي بهـاني سان پنهنجي ڪمري ۾ ئي هئي.
    “مروه آپا چئي پئي تون ٻاهر هال ۾ وڃ، هو ٿوري دير ۾ اچي ٿي.” سيرت ڪمري ۾ اچي مروه کي ٻڌايو جيڪا صبح کان پنج دفعا صفا کي مروه جو نياپو ڏيئي آئي هئي.
    “اڃا ڪيترو تيار ٿيندينءَ ڇوڪري ٻاهر سڀ تنهنجو ئي انتظار پيا ڪن.” عالي به ڪمري ۾ آيو.
    “ڪيئن پئي لڳان؟” مروه عاليءَ کي ڏسي ڪرسيءَ تان اٿي بيٺي.
    “ماشاءالله ڏاڍي پياري.” عالي هن ڏانهن ڏٺو ته ڏسندو رهجي ويو هوءَ بلڪل مختلف پر ڏاڍي پياري لڳي رهي هئي.
    “عالي ڏس نه آپا ضد ڪري ڪمري ۾ ويهي رهي آهي، هوءَ ايترن ڏينهن کان منهنجي ويجهو به نه آئي آهي. جيجي ۽ شهلا چاچي کي به مان ياد ناهيان.” مروه عالي سان شڪايت ڪئي.
    “پوءِ تون ئي هلي وڃ نه صفا ڏي”، عالي ڄاتو پئي ته صفا ٻاهر نه ايندي ان ڪري هن مروه کي اوڏنهن وڃڻ لاءِ چيو.
    “ڪنوار ته مان آهيان نه، هن کي اچڻ گهرجي.” مروه ناراضگيءَ مان چيو.
    “هُن کي لڳي ٿو ته بدنصيبي هڪ viral desease (وچڙندڙ بيماري) آهي جيڪڏهن هوءَ تنهنجي ويجهو ايندي ته توکي به اها لڳي ويندي.” عالي افسوس سان چيو.
    “ته اصل وجه اها آهي! مان هن مهل تائين اهو ڇو نه سمجهي سگهيس.” مروه حيرت مان چيو.
    “سيرت مون سان گڏ اچ.” مروه تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي صفا جي ڪمري ڏانهن وڃڻ لڳي.
    هيٺ هال ۾ ويٺل شاهمير جي نظر مروه تي پئي ته هِن کي ائين ٻي ڪمري ڏانهن ويندي ڏسي هن کي حيرت جو شديد جهٽڪو لڳو.
    “تون مروه بهرام خان سان شادي پيو ڪرين جيڪا حويلي جي ڇوڪرين جهڙي ناهي، انڪري حيران ٿيڻ جي ڪا ڳالهه ناهي.” ان وقت ئي شاهمير سوچيو ته هن جي منهن تي مُرڪ اچي ويئي.
    “آپا.” مروه صفا جي ڪمري ۾ آئي.
    صفا هن کي ڏسندي ئي بيڊ تان اٿي ۽ مروه کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي ائين پوئتي ٿي ڄڻ ته هن کي واقعي ڪا وچڙندڙ بيماري هجي.
    “توهان ڪنهن جي چوڻ تي ائين پيا ڪيو آپا، ائين نه هوندو آهي جيئن توهان سمجهو پيا!” مروه صفا جي ڀرسان آئي ۽ هُن جو هٿ پڪڙيو.
    “مروه تون هيٺ وڃ، مان نٿي چاهيان ته منهنجي بدنصيبيءَ جو پاڇو به تو تي پوي.” صفا هن جو هٿ پنهنجي هٿ مان ڇڏايو.
    “آپا توهان کي ڇا ٿي ويو آهي، ڪهڙي دور جون ڳالهيون پيون ڪيو. مان توهان جي هڪ به نه ٻڌندم. توهان مون سان گڏ هلندؤ تڏهن مان هيٺ ويندم نه ته نه!” مروه فيصلاڪن لهجي ۾ چيو.
    صفا پنهنجي ڀيڻ جي ضد کان واقف هئي ان ڪري خاموش ٿي ويئي. سيرت مروه کي وڏو چُني جو رئو پارائي هن جو گهونگهٽ ڍڪيو ۽ صفا سان گڏ هن کي هيٺ هلڻ لڳي.
    مروه سان گڏ صفا کي ڏسي سڀ حيران هئا.
    مروه کي ڪرسي تي ويهاري صفا ان کان پرتي ٿي بيٺي. نڪاح ٿي وڃڻ کان فوراً بعد هوءَ واپس پنهنجي ڪمري ڏانهن هلي ويئي.
    دُربيبي جي انا ۽ غرور جي چوٽي ڀڄي ڀور ڀور ٿيڻ لڳي، احساسِ ندامت جي بار هيٺ هوءَ پنهنجي وڏي ڌيءُ جنهن کي هن پنهنجي انا کي تسڪين پهچائڻ لاءِ استعمال ڪيو ان کي تسلي ڏيڻ جي قابل ته نه رهي هئي، پر هوءَ پنهنجي لاڏلي ڌيءُ جي خوشين ۾ به پوري طرح سان شريڪ نه هئي. هن کي لڳو هن جي گناهن جي سزا به هن جي صابرين ڌيءُ کي ملي ويئي. هوءَ پنهنجي گنهـگار وجود جو پاڇو پنهنجي ٻي اولاد تي وجهڻ نه پئي چاهي انڪري ڪمري مان ٻاهر نڪري ويئي.
    نڪاح جي تقريب کان پوءِ سردار صاحب ۽ هيبت خان ڳوٺ واپس هليا ويا. ٻوڏ هاڻي بند ٿي ويئي هئي پر ٻوڏ جي ڪري فصل ۽ گهر تباهه ٿي ويا هئا، ڪجھه وقت لاءِ سڀني جو ڳوٺ واپس وڃڻ مشڪل هو.
    ڪجهه ئي ڏينهن ۾ عاليءَ حاجره ۽ حسينه کي به ان جي ڀاءُ ڏانهن موڪلي ڇڏيو. عالي جي هائوس جاب ختم ٿيڻ ۾ اڃا ڪجهه مهينا هئا. هن جي ڊيوٽي ڏاڍي سخت هئي ۽ هو پاڻ به ڏينهن رات محنت ڪري رهيو هو. انڪري هو گهر به گهٽ وڃڻ لڳو. معز ۽ عالي جي ڊيوٽي جي ٽائمنگ به الڳ الڳ هئي، انڪري معز سان به گهٽ ملاقات ٿيندي هئس.
    “ڪهڙا حال آهن ڊاڪٽر عبدالعالي صاحب؟” عالي اسپتال ۾ ئي هو ته معز هن وٽ آيو.
    “ٺيڪ آهيان، تون ٻڌاءِ، اڄ هن وقت هتي ڪيئن؟” عالي به هن سان تپاڪ سان مليو.
    “بس تون ته ايڏو مصروف ٿي ويو آهين جو ملين نٿو، ان لاءِ سوچيم مان ئي توسان ملي وٺان. اڄ منهنجي رات جي ڊيوٽي ناهي ان ڪري تو ڏانهن آيس ته جيئن ئي تنهنجي ڊيوٽي ختم ٿئي، ته توکي )kidnep اغوا) ڪري وٺان.” معز چيو.
    “ٺيڪ آهي، ٿورو انتظار ڪر، مان وارڊ مان رائونڊ لڳائي اچان ٿو.” عالي پنهـنجو ايپرن ۽ ٻيو سامان کڻي ٻاهر ويو.
    ٿوريءَ دير ۾ عالي واپس آيو ته هي ٻئي ڀرسان واري هڪ هوٽل تي ماني کائڻ ويا.
    “هائوس جاب کان پوءِ ڇا ڪرڻ جو ارادو آهي؟” معز، عالي کان پڇيو.
    “ڳوٺ ويندس واپس.” عالي جواب ڏنو.
    “ڳوٺ! تون ڳوٺ ويندين؟” عاليءَ جو جواب خلاف توقع هو، انڪري معز عاليءَ کان تصديق ڪئي.
    “ها.” عالي سادي لهجي ۾ چيو.
    “مون کي لڳندو هو تون پنهنجي مستقبل ۾ ڳوٺ جي باري ۾ سوچيندين به نه”. معز اڃا تائين حيران هو پر سندس چهري تي خوشي هئي.
    “شروع ۾ ته مون اهو ئي سوچيو هو ته پڙهائي پوري ڪري امي سيرت ۽ پُڦوءَ کي هتي وٺي ايندس پر ڪجهه عرصو اڳ جڏهن هڪ ماءُ کي ان جي ٻچي جي اڳيان تڙپندي مرندو ڏٺم، جڏهن ڌاڙيلن وٽ هڪ رات گذاريم، جڏهن ڪنهن ننڍڙي مسئلي ته جهالت جي هٿان بي گناهه ۽ مظلوم ماڻهن جون زندگيون تباهه ٿيندي ڏٺم ته منهنجي ضمير مون کي اهو فيصلو مٽائڻ تي مجبور ڪيو.
    معز، بابا جي وفات کان پوءِ جڏهن اسان ڳوٺ ۾ رهڻ لڳاسين، ته اتان جون مشڪلاتون ڏسي امي سان شڪايت ڪئي هئم جنهن تي امي مون کي چيو هو ته هتي اچڻ جو اسان جو ضرور ڪو مقصد هوندو ۽ اسان کي اهو ڳولڻو آهي. ان معصوم ٻار جي نماڻين اکين ۾ مون اهو مقصد ڳولي ورتو هو، جنهن جي ڪري مان ڳوٺ کي ڇڏڻ جو ٻيهر سوچي به ناهيان سگهيو.” عالي پهريون دفعو پنهنجي ان احساس جو ذڪر ڪنهن سان ڪيو.
    “يار اهو ته نهـايت عمدا خيال آهي، جيڪڏهن سڀيئي اتان کان نڪرڻ جو سوچين ته پوءِ اتي رهندڙ ماڻهن جي باري ۾ ڪير سوچيندو.” معز تعريف ڪرڻ کان بنا رهي نه سگهيو.
    “تو ڇا سوچيو آهي؟” عالي ويٽر کي مانيءَ جو آرڊر ڏيڻ کان بعد ۾ معز کان پڇيو.
    “مان هتي ويٺي ويٺي سوچيو آهي ته مان به تو سان گڏ ڳوٺ هلي ماڻهن جي مدد ڪندس.” معز ڪجهه سوچڻ کان پوءِ جواب ڏنو.
    “پهريون پنهنجي والدين ڏي وڃجانءِ، انهن کان اجازت وٺي پوءِ ماڻهن جي مدد جو سوچجان”. عالي چيو.
    “ٺيڪ آهي تنهـنجو اهو شوق به پورو ڪندس پر پڪ ڄاڻ ته انهن جي رويي ۾ تر جيتري تبديلي به نه آئي هوندي”. معز پوري اعتماد سان چيو.
    “تون پنهنجا اندازا نه لڳاءِ، ائين ڪو نه هوندو. خير جڏهن وقت آيو ته پوءِ ان ڳالهه کي ڏسبو. جلدي ماني کائي وٺ منهنجي اڄ رات جي به ڊيوٽي آهي”. عالي جلدي جلدي پنهنجي پليٽ ۾ رکيل چائنيز رائيس پورا ڪندي چيو.
    “تون مون کي اها ڳالهه پهرين ڇو نه ٻڌائي؟” معز پڇيو.
    “ڊيوٽي شروع ٿيڻ ۾ اڃا ٽائيم هو ۽ ايترن ڏينهن کان پاڻ مليا ڪونه هئاسين، انڪري توسان گڏ هليو آيس”. عالي ٻڌايو.
    معز به جلدي پنهنجي پليٽ خالي ڪرڻ لڳو.
    ڊنر ڪرڻ کان پوءِ معز، عاليءَ کي واپس هاسپيٽل ڇڏي پاڻ هاسٽل هليو ويو.


    45

    “ڪجهه انسان پيدا ئي ٻين جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ آهن. پنهنجي مقصد تائين پهچڻ لاءِ ته هنن کي هر موڙ تي رڪاوٽون ملنديون آهن، پر هو ٻين جي راهن مان پٿر هٽائڻ جا ماهر هوندا آهن.
    عالي به ان انسانن مان ئي آهي. منهنجي گهر جي ماڻهن کان کيس هر قسم جي تڪليف ملي، جيڪڏهن هي چاهي ها ته سردار بهرام خان جي اولاد مان ڪنهن کي به نقصان پهچائي، پنهـنجو بدلو وٺي سگهيو ٿي، پر هن ته هر هڪ فرد جو هر طرح سان خيال رکيو”. مروه، عاليءَ جي باري ۾ سوچيندي سوچيندي ڪيڏي مهل عالي ڏانهن ڏسڻ لڳي هئي، کيس خبر ئي نه پئي.
    “ڇا پئي ڏسين؟” عالي ڪار ڊرائيو ڪري رهيو هو ۽ فرنٽ سيٽ تي ويٺل مروه کي پاڻ ڏانهن تڪيندي ڏسي، هن کان پڇڻ لڳو.
    “ڪجهه نه”. مروه جو آواز ڄڻ پري کان آيو پئي.
    “مان ته سمجهندو هئس تون هڪ بهادر ڇوڪري آهين، پر تنهنجي چهري تي اها مايوسي ڏسي، لڳي ٿو مون کي پنهنجي راءِ بدلڻي پوندي”. عالي چيو.
    “زندگي ۾ پهريون دفعو مون کي واقعي ڊپ ٿو لڳي، ۽ اهو ڊپ ان ڳالهه جو ناهي ته مان ٻئي ڪنهن ملڪ وڃي رهي آهيان، پر مون کي صرف تنهنجي لاءِ ڊپ ٿو لڳي. خبر ناهي بابا سائين وارا توسان ڪيئن پيش ايندا”. مروه پنهنجي پريشاني عالي جي اڳيان بيان ڪئي.
    “تون اتي پڙهڻ لاءِ پئي وڃين ۽ مان چاهيان ٿو ته تون پنهـنجون هتان واريون پريشانيون هتي ئي ڇڏي وڃ. توکي ٻاهر موڪلڻ جو فيصلو شاهمير جو آهي جيڪو قانوني ۽ شرعي طرح سان تنهنجي لاءِ ڪو به فيصلو ڪرڻ جو حق رکي ٿو”. عالي، مروه کي سمجهايو.
    عالي، مروه جي ايڊميشن لاءِ ڪجهه فڪرمند هو. هن کي اهو اندازو هو ته ڀلي هوءَ هاڻي شاهمير جي بڻجي ويئي آهي پر پوءِ هن جي ايڊميشن ڪرائڻ جو حق شاهمير کي پوري طرح سان ناهي. جيڪڏهن هو زبردستي پاڪستان ۾ ڪٿي به هن جي داخلا ڪرائي ٿو، تڏهن به سردار صاحب لاءِ مروه کي اوڏانهن وڃڻ کان روڪڻ ڪو مشڪل ڪم نه آهي. ان صورت ۾ صرف هڪ ئي رستو آهي ته مروه کي ڪنهن ٻاهرين ملڪ مان MBBS ڪرائجي. عالي جيترا دفعا ان مسئلي جي باري ۾ سوچيو اوترا دفعا کيس ذهن ۾ اها ڳالهه پئي آئي.
    ٻاهرين ملڪ جي ڪاليجن جا فارم به اچي ويا هئا ۽ اتي داخلا وٺڻ لاءِ وقت به ٿورو بچيو هو، ان ڪري عالي جلد ئي شاهمير سان ڳالهائڻ جو سوچيو.
    عالي پنهنجي راءِ شاهمير جي اڳيان پيش ڪئي ته هن کي به اها ڳالهه مناسب لڳي ۽ مروه به ٻاهرين ملڪ وڃي پڙهڻ لاءِ راضي هئي، ان ڪري عالي مروه جو فارم چائنا جي هڪ يونيورسٽيءَ ۾ ڀرائي ڇڏيو. مروه جي تعليمي ڪارڪردگي ته اڳي ئي سٺي هئي پر هن يونيورسٽي پاران ورتل ٽيسٽ به سٺي نموني پاس ڪري ورتي ۽ اڄ هوءَ پنهنجي منزل ڏانهن وڃڻ لاءِ پهريون سفر ڪري رهي هئي.
    شاهمير في الحال اها ڳالهه ڪنهن سان به ڪرڻ کان منع ڪئي هئي، ان ڪري مروه کي ايئرپورٽ ڇڏڻ لاءِ صرف عالي ۽ سيرت ئي آيا هئا.
    “عالي هڪ سوال پڇان؟” مروه عالي ڏانهن ڏسي چيو.
    “مروه کي سوال پڇڻ لاءِ اجازت جي ضرورت!” سيرت، مروه ڏانهن ڏسي مسڪرائيندي چيو.
    “ها پڇ”. عالي جون نظرون سامهون شيشي کان ٻاهر هيون پر سندس ڌيان مروه ڏانهن هيو.
    “تو ڪڏهن بابا سائين جن کان بدلي وٺڻ جو ناهي سوچيو؟” مروه سوال ڪيو.
    “ڇا جو بدلو؟” عالي حيرت مان مروه ڏانهن ڏٺو.
    “چاچا سائين جن جي قتل جو ۽ توهان سان ڪيل ايترين ناانصافين جو بدلو”. مروه جو لهجو ٿڪل هو.
    “توکي اها خبر ڪيئن پئي؟” عالي حيرت مان مروه ڏانهن ٻيهر ڏٺو.
    سيرت ته پنهنجي جڳهه تي ساڪت ٿي ويئي، اڄ تائين اها ان حقيقت کان اڻ واقف هئي، کن پل لاءِ ته هن کي ائين لڳو ڄڻ مروه غلطيءَ ۾ ڪجهه چئي ڏنو هجي.
    “مون کي گهڻو وقت اڳ اها خبر پئي هئي ۽ ان ڏينهن ئي مون پنهنجي پيءُ کان ان ڳالهه جو بدلو وٺڻ جو سوچيو هو. تون به ته ڪڏهن نه ڪڏهن بدلو وٺڻ جو سوچيو هوندو نه؟” مروه جي لفظن ۾ پنهنجي پيءُ لاءِ ڪوڙاڻ هئي.
    “مون چاچا سائين جن لاءِ ڪڏهن به اهڙي ڪا ڳالهه نه سوچي آهي ۽ مان انهن جو دل سان احترام ڪيان ٿو. جڏهن مون کي ان ڳالهه جي خبر پئي هئي تڏهن ئي مون پنهنجو معاملو الله تعاليٰ جي حوالي ڪري ڇڏيو هو”. عالي، مروه کي هر طرح مطمئن ڪري موڪلڻ پيو چاهي.
    گاڏي ايئرپورٽ تي پهتي ته عالي مروه جو سامان کڻي هنن کي اندر وٺي آيو.
    “تون پنهنجي دل ماڻهن لاءِ ايتري صاف ڪيئن رکي سگهندو آهين عالي! مان ته ڪڏهن به ائين نه ڪري سگهندي آهيان.” فلائيٽ جي انائونسمينٽ جو انتظار ڪندي مروه وري عالي کان نماڻائيءَ مان پڇيو.
    “جڏهن آئيني کي صاف ڪيو ويندو آهي ته ان ۾ پنهنجو عڪس وڌيڪ چٽو نظر ايندو آهي نه، ساڳئي طرح جڏهن پنهنجي نيت صاف ڪري ڇڏبي آهي نه ته دل به نئين نڪور ٿي پوندي آهي، سمجهئي؟” عالي مروه ڏانهن مسڪرائيندي ڏٺو پر مروه جي اکين ۾ پاڻي هو.
    “هاڻي تون هڪ نيڪ مقصد لاءِ پئي وڃين ان ڪري تون به پنهنجي دل مان چاچا سائين جن لئـه اهڙيون ڳالهيون ڪڍي ڇڏ”. عالي چيو.
    ايتري ۾ مروه جي فلائيٽ جي انائونسمينٽ ٿي، ته هن سيرت سان ڀاڪر پائي روئندي موڪلايو.
    “عالي الله پاڪ توهان سڀني سان انصاف ڪري ڇڏيو آهي ۽ سردار بهرام خان کي ان جي ڪيل ڏوهـه جي سزا به ڏيئي ڇڏي آهي، ان ڪري ته اڄ ان جي اولاد مان هڪڙو به پرسڪون ناهي”. مروه، عالي ڏانهن منهن ڪندي چيو ۽ اندر هلي ويئي.
    واپسي تي رستي ۾ سيرت ۽ عالي ٻئي خاموش رهيا. صبر و تحمل قدرت هنن کي ورثي ۾ ڏنو هو. ڀيڻ کي خبر هئي ته هن جي ڀاءُ ان حقيقت کي تسليم ڪندي خاموشيءَ سان پنهنجي جذبات تي ضبط ڪيو هوندو، ۽ ڀاءُ به ڄاڻي پيو ته هن جي ڀيڻ ان واقعي کي الله جي رضا سمجهندي آهستي آهستي برداشت ڪري ويندي.
    شاهمير ڳوٺ ئي هو ۽ مروه کي ٻاهرين ملڪ موڪلڻ جي باري ۾ پنهنجي پيءُ ۽ چاچي کي به هن اتي ئي ٻڌايو.
    ٻئي ڄڻا اها خبر ٻڌندي ئي تپي باهه ٿي ويا.
    “تنهنجو دماغ خراب ٿي ويو آهي ڇا، هي تون ڪهڙي بڪواس پيو ڪرين!؟” سردار صاحب شاهمير کي ڪالر کان پڪڙيندي چيو.
    “ادا سائين اهو يقيناً ان عالي ۽ ان جي ماءُ جو ڪم هوندو، نه ته شاهمير اڪيلو ائين نٿو ڪري سگهي.” هيبت خان، شاهمير کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “اها سڀ تنهنجي غلطي آهي. اڙي مون ڪيترا دفعا توکي سمجهايو هو ته پنهنجي پٽ کي جهل ان ڇوري کان، پوءِ به تو نه جهليس، آخر ان ئي گهر ۾ منهنجا پٽ به ته هئا نه، انهن کي مون روڪيو به نه، پوءِ به هُن کان پري رهيا.” سردار صاحب جون اکيون ڪاوڙ ۾ ڦوٽارجي ڳاڙهيون ٿي ويون.
    “ادا سائين، مان ته هن کي گهڻا ئي دفعا روڪيو هو.” هيبت خان ڀڻڪيو.
    “ان ۾ عالي جو عمل دخل ناهي! اها مروه جي پنهنجي خواهش هئي ۽ مون کي ان تي ڪو اعتراض ناهي. مان ان جو مڙس آهيان ۽ ان جي باري ۾ ڪو به فيصلو ڪرڻ جو پورو حق آهي مون کي.” شاهمير ڳالهايو.
    “تون شرافت سان ٻڌاءِ ته منهنجي ڌيءُ ڪٿي آهي نه ته تنهنجو حشر نشر ڪري ڇڏيندس.” سردار صاحب شاهمير جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي.
    “ها ته جيئن توهان هن جي پڙهائي شروع ٿيڻ کان پهرين ئي ختم ڪرائي، ان کي واپس گهرائي ڇڏيو. ڀلي توهان مون سان ڪهڙو به سلوڪ ڪيو پر مان نه ٻڌائيندس ۽ ٻي ڳالهه اها ته ان جو پتو عالي يا گهر جي ٻي ڪنهن به فرد کي ڪونهـي ته هوءَ ڪٿي آهي.” شاهمير چيو.
    “هيبت خان هن کي گهر ۾ نظربند رک ۽ جيستائين هي مروه جي باري ۾ نٿو ٻڌائي تيستائين هيءُ گهر کان ٻاهر نه ويندو سمجهيئي!؟” سردار صاحب پنهنجو آخري فيصلو ٻڌائي ٻاهر نڪري ويو.
    هيبت خان به پنهنجي پٽ تي هڪ قهر آلود نظر وڌي ۽ ٻاهر هليو ويو.
    شاهمير انهن ٻنهي جي ان ردِعمل لاءِ تيار هو، ان ڪري هو گهڻو پريشان نه ٿيو. هن کي خبر هئي ته هو هن سان، ان کان وڌيڪ ڪجهه نٿا ڪري سگهن.
    ...........................

    سيرت جي داخلا به ڪراچي يونيورسٽيءَ جي فلاسافي مضمون ۾ ٿي ويئي. عالي هن جي رهڻ جو بندوبست هاسٽل ۾ ڪرايو. ميربل عالي کان گهڻا ئي سوال جواب ڪيا پر عالي هن کي نرم لهجي ۾ جواب ڏيئي ڇڏيو ته هن جي ڀيڻ جي زندگيءَ جي فيصلي جو حق هو حويليءَ جي ڪنهن به مرد کي نه ڏيندو.
    ميربل کي عالي جو جواب پسند نه آيو هو پر هو ان ڳالهه جو ذڪر پنهنجي پيءُ سان نه پئي ڪري سگهيو ڇو ته هو اڳي ئي مروه جي لاءِ پريشان هو.
    مروه اتي پهچندي ئي عالي ۽ سيرت سان فون تي ڳالهايو ۽ هنن کي پنهنجي هاسٽل ۽ اتان جي ماحول جي باري ۾ ٻڌايو. ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ مروه سردار صاحب ڏي فون ڪري ان کي به ٻڌائي ڇڏيو ته هوءَ خيريت سان آهي ۽ هو جيڏانهن به ويئي آهي پنهنجي مرضي سان ويئي آهي.
    آخر ۾ هن سردار صاحب کي اها ڌمڪي به ڏني ته جيڪڏهن هن کي ڳولي زبردستي واپس گهرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته هوءَ قانون جو سهارو وٺي پنهنجي حق لاءِ وڙهندي.
    سردار صاحب، مروه جي ڌمڪي ٻڌي خاموش ٿي ويو پر هن جي اندر ۾ آنڌ مانڌ متل هئي. هاڻي هو بلڪل بيوس هو، هن جي حالت ان بکايل شينهـن وانگر ٿي ويئي جنهن جو شڪار ته سامهون هوندو آهي پر پڃري ۾ بند هئڻ جي ڪري هو سواءِ گجگوڙ ڪرڻ جي ڪجهه به ناهي ڪري سگهندو.


    46

    قسمت ڦيرو کائڻ ۾ دير ناهي ڪندي پر هوءَ ڦيرو کائڻ کان اڳ ڪيترائي دفعا انسان کي پنهنجي ڦرڻ جو اشارا ڏيندي رهندي آهي. اهو انسان ئي هوندو آهي جيڪو پنهنجي خوشقسمت هئڻ جي غرور ۾ انهن اشارن کي سمجهي نه سگهندو آهي.
    سردار صاحب جي قسمت به ڪجهه اهڙا ئي اشارا ڏيئي رهي هئي پر کيس پڪ هئي ته سندس عروج جو زوال ڪڏهن اچڻو ئي ناهي.
    “هيبت خان پڇئي پنهنجي پٽ کان؟” سردار صاحب هيبت خان کان پڇيو.
    “ادا سائين هو ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار ئي ناهي، مان ڏاڍا وس ڪيا پر هن هڪ اکر به نه ٻڌايو.” هيبت خان فرمانبرداريءَ سان سردار صاحب جي اڳيان بيٺو ۽ جواب ڏنو.
    “تون آخري دفعو هن کان سڌي طرح پڇي ٻڌاءِ، نه ته پوءِ توهان ٻنهي لاءِ سٺو نه ٿيندو. تون مون کي چڱي طرح سڃاڻين ٿو، ته مان اهو آهيان جنهن پنهنجي ڀاءُ کي به نه بخشيو هو هي ته منهنجو ڄاٽو آهي.” سردار صاحب پنهنجي سڄي هٿ جي اشهد آڱر هيبت خان ڏانهن سڌي ڪندي هن کي وارننگ ڏني.
    ايتري ۾ سردار صاحب جي فون جي گهنٽي وڳي.
    “ها ميربل، ڪا خبر پئي توکي مروه جي؟” سردار صاحب فون اٽينڊ ڪندي ئي ميربل کان پڇيو.
    “نه بابا سائين! مروه جي ته ڪا خبر نه پئي پر هڪ ٻي بري خبر آهي.” ميربل ڊڄندي ڊڄندي پيءُ کي چيو.
    “وري ڇا ٿيو؟” سردار صاحب بيزاريءَ مان پڇيو.
    “بابا سائين عرفات کي سعودي عرب ۾ هيروئن اسمگل ڪرڻ جي الزام ۾ جدي جي ايئرپورٽ تي پڪڙيو ويو آهي.” ميربل هوري هوري پيءُ کي ٻڌايو.
    “ڇا! هو جدي ۾ ڇا ڪرڻ ويو ۽ توکي اها خبر ڪيئن پئي؟” سردار صاحب جون ته هيٺيون هيٺ ۽ مٿيون مٿي ٿي ويون.
    “مون کي ان جي دوست فون ڪئي، پوءِ مون به پڇا ڪرائي ته خبر پئي ته اها ڳالهه سچ آهي.” ميربل کيس تفصيل ٻڌائي.
    “ٺيڪ آهي مان ڪراچي اچان ٿو.” سردار صاحب فون بند ڪري صوفي تي ويهي رهيو پوئتي ٽيڪ لڳائي اکيون بند ڪري ڇڏيائين.
    “ادا سائين سڀ خيريت ته آهي نه؟” هيبت خان هن جي ڀرسان ويٺو.
    “نه هيبت خان، خير ناهي. مصيبتون کٽڻ جو نالو ئي نٿيون وٺن، وري عرفات جي بري خبر ملي آهي.” سردار صاحب پنهنجي ناراضگي وساريندي هيبت خان کي ميربل جي ٻڌايل ڳالهه ٻڌائي.
    “ادا، الله رحم ڪندو، توهان وڃو، اتي ڪنهن پهچ واري کي چئه چواءُ ڪري عرفات جي لاءِ ڪجهه ڪيو، مان آهستي آهستي شاهمير کان به پڇڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو ۽ ڳوٺ جو فڪر به توهان نه ڪجو.” هيبت خان، سردار خان کي دلداري ڏني.
    “ها مان هاڻي ئي وڃان ٿو.” سردارصاحب چيو ۽ ٻاهر هليو ويو.

    “شاهمير اسان جي ستن پيڙهين ۾ به ڪا عورت گهر کان ٻاهر اڪيلي نه ويئي آهي. ڏس مروه تنهنجي زال آهي ۽ هن کي جيڪڏهن ڪجهه به ٿيو ته تنهنجي عزت تي داغ لڳي ويندو. تون ٻڌاءِ ته هوءَ ڪٿي آهي. اسان هن کي عزت سان گهر وٺي اينداسين ۽ مان توسان واعدو ٿو ڪيان ته هن سان هر ڪنهن جو ساڳيو ئي سلوڪ هوندو، ڪوئي هن سان گهر مان نڪري وڃڻ واري ڳالهه نه ڪندو.” سردار صاحب جي وڃڻ کان پوءِ هيبت خان شاهمير ڏانهن اچي هن کان نرميءَ سان پڇڻ لڳو.
    “بابا سائين پهرين ڳالهه ته مروه اهڙو ڪجهه ڪرڻ نه ويئي آهي جنهن سان منهنجي عزت کي داغ لڳي، ۽ هن ڪو به غلط قدم نه کنيو آهي جو ڪوئي هن کي ان ڳالهه تان ٽوڪي سگهي. ٻي ڳالهه اها ته توهان کي ته ان ڳالهه تي فخر ٿيڻ گهرجي ته توهان جي ننهـن هن علائقي جي پهرين ڊاڪٽرياڻي ٿي ايندي.” شاهمير به ساڳي لهجي ۾ پيءُ کي سمجهايو.
    “يار تون الائي جي ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين، جيڪڏهن مان خوش ٿيان به ته ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي، سردار صاحب ته هن کي ڪڏهن به قبول نه ڪندو نه”. هيبت خان پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو.
    شاهمير سمجهي ورتو ته هن جي پيءُ جي انڪار جو اصل ڪارڻ سردار صاحب آهي.
    “بابا سائين سردار صاحب هميشه ئي ته سردار نه رهندو نه، هو اچي پنهنجي عمر کي رسيو آهي، ڪڏهن نه ڪڏهن ادا ميربل يا توهان کي ئي هي نظام سنڀالڻو آهي پوءِ ته توهان جو ئي نالو ٿيندو نه.” شاهمير اوندهه ۾ تير هلايو.
    “مان ميربل کان وڏو ۽ وڌيڪ تجربيڪار ماڻهو آهيان، ان ڪري پڳ مون کي ئي ٻڌبي. هونئن به ڪهڙو ميربل هتي هوندو آهي، اهو ته رڳو پنهنجي پٽن جي علاج ڪرائڻ ۾ لڳو پيو آهي.” هيبت خان چيو.
    “پر پيءُ جي پڳ ته پٽ کي ئي ٻڌي ويندي آهي نه بابا سائين؟” شاهمير چيو.
    “سردار بهرام خان به ته منهنجي پيءُ جي پڳ ٻڌرائي منهنجي حق تي ڌاڙو هنيو هو نه، اسان وٽ پڳ وڏي پٽ تي ئي رکي ويندي آهي ۽ سردار سبزل خان جو وڏو پٽ مان آهيان، ان ڪري هاڻي جيڪڏهن ڪنهن کي پڳ ٻڌي ويندي ته اهو مان ئي هوندس.”
    هيبت خان جي زبان تي نيٺ دل جي ڳالهه اچي ويئي.
    “پوءِ بابا سائين توهان پنهنجي پٽ تي ته ٿورو رحم ڪيو نه مون کي مروه تي پورو يقين آهي هوءَ ڪو به غلط قدم نه کڻندي. مان بس هن جي هڪ معصوم خواهش پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مهرباني ڪري توهان منهنجي ان ڪوشش کي رائگان ٿيڻ نه ڏيو.” شاهمير پيءُ کي نرم ٿيندي ڏٺو ته چيو.
    “ٺيڪ آهي پر توکي ڪجهه وقت اتي ئي رهڻو پوندو ۽ جيئن ادا سائين چوي تيئن ڪرڻو پوندو.” هيبت خان کي به پٽ تي رحم آيو.
    “قيد ته ڪيو اٿن اڃا ڇا ڪندا ماما سائين جن.” شاهمير چيو.
    “هاڻي هو اهڙي مسئلي ۾ ڦاسي ويو آهي جو في الحال ته ڪجهه مهينا ڳوٺ واپس به نه اچي سگهندو، ان ڪري تون هتي آزادي سان گهمي ڦري سگهين ٿو.” هيبت خان چيو ۽ شاهمير کي عرفات جي باري ۾ سڄي ڳالهه ٻڌائي.
    اها ڳالهه ٻڌي شاهمير کي ڏاڍو افسوس ٿيو پر هن کي خبر هئي ته سردار صاحب پنهنجي پٽ کي ڪيئن به ڪري بچائي وٺندو.
    ......................

    دُربيبي اڃا مس هن جي جدائي جو صدمو برداشت ڪيو هو ته مٿان عرفات جي پڪڙجڻ واري خبر هن کي ٻڌائي ويئي. هي صدمو برداشت ڪرڻ هن جي وس کان ٻاهر هو. هن کي هڪ دفعو دل جو دورو پئجي چڪو هو ۽ هاڻي هاءِ بلڊپريشر ۽ ڊائبٽيز جي ڪري بستري تان اٿڻ جي قابل به نه رهي.
    صفا ۽ شهلا هن جو پوريءَ طرح سان خيال رکي رهيون هيون. پر هن جي طبيعت ڏينهـون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي. ٻئي طرف ماهه نور جو مزاج به بدلجڻ لڳو.
    ٻارن جي بيماري جي پريشانيءَ جي ڪري يا دُربيبي جو خوف دل مان نڪري وڃڻ جي ڪري هن جو رويو بدلجي ويو هو. خاص ڪري صفا سان ته هوءَ ائين ڳالهائيندي هئي ڄڻ ته صفا هن تي بار هئي.
    هن جا ٻئي ٻار تقريباً هر وقت صفا وٽ ئي هئا پر پوءِ به ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه ۾ صفا جي غلطي ڳولي ماهه نور هن کي ٽوڪڻ جو موقعو نه ڇڏيندي هئي. اهو سڀ ڪجهه دُربيبي جي سامهون هو پر هاڻي هوءَ اها دُربيبي نه رهي هئي، جنهن جي موجودگيءَ ۾ ماهه نور قدم به سنڀالي سڀنالي کڻندي هئي.
    “آپا توهان ماهه نور کي سمجهايو، هن کي ٿي ڇا ويو آهي، هوءَ هر وقت ويچاري صفا کي پريشان ڪندي رهي ٿي.” زينب، درناز کي پنهنجي منهن سان وٺي وڃي چيو.
    “مان ته الائي ڪيترا دفعا سمجهايو اٿمانس زينب، پر هوءَ سمجهي ئي نٿي پر هوءَ ويچاري به ڇا ڪري ٻن بيمار ٻارن جو ڪري ڪري هاڻي هوءَ ٿڪجي پئي آهي ۽ مٿان وري ميربل جو هن سان رويو، تون پاڻ ڏسين پئي.” در ناز ڌيءُ جو پاسو کنيو.
    “پوءِ به آپا ان ۾ صفا جو ته ڪو ڏوهه ناهي نه.” زينب چيو.
    “تون ڏسين نٿي، ميربل جنهن وقت به گهر ٿو اچي ته صفا ڀڄندي ڀڄندي هن جا ڪم ٿي ڪندي وتي ۽ هو به زال جي بدران هر ڪم هاڻي ان کي ئي ٿو چوي. ضرور ڀيڻ ئي ڀڙڪائيندي هوندس نه.” ماهه نور جيڪي ڳالهيون درناز جي دماغ ۾ وڌيون هيون، اهي هن زينب جي اڳيان دهرايون.
    “آپا جيڪڏهن گهڙي کن لاءِ ڀاءُ اچي ڀيڻ سان ويهي ٿو، ته ان ۾ ڪهڙي غلط ڳالهه آهي ۽ صفا هن جا ڪم صرف ان وقت ئي ڪندي آهي جڏهن ماهه نور ڪنهن ڪم ۾ مصروف هوندي آهي.” زينب پوري ڪوشش ڪئي درناز کي سمجهائڻ جي.
    “ادي توتي ته ادا مؤمن ۽ ادا بهرام خان جي اولاد الائي ڪهڙو جادو ڪري ڇڏيو آ. جڏهن تڏهن انهن جي ئي طرفداري ڪندي رهندي آهين.” درناز پنهنجي ڌيءُ جي خلاف ڳالهه نه ٻڌي سگهي ۽ ڪمري ڏانهن هلي ويئي.
    زينب افسوس مان هن کي ويندي ڏسندي رهي.
    “ماڻهن سان جنگ وڙهي به وڃو پر منهنجي نصيب سان ته جنگ نٿا وڙهي سگهو نه.” صفا هال ۾ داخل ٿيندي، هنن جون ڳالهيون ٻڌي ورتيون ۽ اچي زينب جي ڀرسان ويٺي.
    “تون پاڻ ته پنهنجي لاءِ ڪجهه نٿي ڪرين پر مان ته وڙهي سگهان ٿي نه انهن سان.” زينب، صفا جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ کڻندي چيو.
    “جيجي منهنجي ڪري توهان ڪنهن سان نه وڙهو. منهنجو نصيب به توهان ۽ شهلا چاچي جي نصيب وانگر ئي لکيو ويو آهي، مان توهان ٻنهي جي شاگردياڻي آهيان، ان ڪري وقت سان سمجهوتو ڪري وٺنديس.” صفا چيو.
    “منهنجي نه، تون صرف شهلا جي شاگردياڻي آهين. مان پنهنجي نصيب سان ايڏو خاموشيءَ سان سمجهوتو نه ڪيو هو. مان ظلم کي ظلم چيو هو تڏهن ئي حويلي ۾ منهنجا گهڻا ئي مخالف پيدا ٿيا، پر توهان ٻئي ته دل ۾ به ظلم کي ظلم نٿيون چئو، پوءِ به توهان سان اهڙو سلوڪ ٿو ڪيو وڃي. ان ڪري ڇا اهو صحيح ناهي ته ماڻهو ظلم کي ظلم چئي پنهنجو نالو باغين ۾ لکرائي ڇڏي؟” زينب مسڪرائيندي صفا جي ڪارين شفاف ۽ سنڌو جهڙين گهرين اکين ڏانهن ڏٺو.
    “آپا بابا سائين ۽ ادا وارا پهرين ئي پريشان آهن جيڪڏهن ماهه نور ڀاڀي ادا کي ڪجهه ٻڌايو ته هو ويتر پريشان ٿي ويندو.” صفا چيو
    “صفا منهنجي ٻچڙي مون کي خبر آهي تون ڪڏهن به ڪنهن کي ڪجهه نه چوندينءَ. پر مان به انهن سڀني سان وڙهڻ تي مجبور آهيان، ٿي سگهي ڪڏهن نه ڪڏهن مان اها جنگ کٽي وڃان.” زينب صفا کي پيار ڪندي چيو.
    صفا جي اکين مان لڙڪ ڪِرڻ لڳا. ڪنهن گهرڀاتيءَ جو ڏک هجي يا ڪنهن نوڪرياڻي جي تڪليف ٻڌي، هاڻي هن جون اکيون روئڻ جو بهانو ڳولڻ لڳيون هيون.
    “السلام عليڪم ڇا ٿيو، خير ته آهي.” عالي هال ۾ داخل ٿيو ته صفا کي روئيندي ڏسي هميشه وانگر هن جي دل هڪ پل لاءِ بيهجي ويئي.
    “وعليڪم السلام. ها سڀ خير آهي بس ائين ئي زماني جون ڳالهيون پئي ڪيوسين تون اچ نه ويهه هتي.” زينب عالي کي ڀرسان ويهڻ لاءِ چيو.
    عالي هڪ دفعو ٻيهر صفا ڏانهن ڏٺو. هاڻي هن جي اکين ۾ لڙڪ نه هئا پر هن جي وڏن ڪارين پنبڻن ۾ اڃا تائين ڪجهه پاڻي اٽڪيل هو.
    “چاچي سائڻ جن جي طبيعت ڪيئن آهي؟” عالي، صفا ڏانهن ڏسندي پڇيو.
    “ڪجهه بهـتر آهي هاڻي.” صفا، عالي ڏانهن ڏسڻ بنا ئي جواب ڏنو.
    “ٺيڪ آهي مان انهن سان ملي اچان ٿو.” عالي ائين چئي دُربيبي جي ڪمري ۾ آيو. شهلا هن جي ڀرسان ويٺي، ان کي سوپ پياري رهي هئي.
    “چاچي سائڻ اوهان جي طبيعت ڪيئن آهي هاڻي؟” عالي سلام ڪري اندر آيو ۽ دُربيبي جي بيڊ جي ڀرسان رکيل ڪرسي تي اچي ويٺو. جڏهن کان هوءَ بيمار ٿي هئي، تڏهن کان عالي روز هن وٽ ايندو هو ۽ ڪافي وقت هن سان گڏ گذارڻ کان پوءِ واپس ويندو هو.
    “پٽ بهـتر آهي ڪجهه هاڻي. عرفات جي ڪا خبر پئي ته هو ڪڏهن ٿو واپس اچي؟” دُربيبي هر ڪنهن کان اهو سوال ڪندي هئي.
    “نه چاچي سائڻ اڃان تائين ڪا خبر نه پئي آهي.” عالي چيو.
    “ٽي مهينا ٿي ويا آهن سردار صاحب به يڪو وڃي اسلام آباد ويهي رهيو آهي جي اچي به ٿو ته هڪ ٻه ڏينهن ڳوٺ ۾ رهي هليو ٿو وڃي. آخر هو منهنجي پٽ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائي ڇو نٿو.” ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ دُربيبيءَ جون اکيون ڀرجي آيون.
    “چاچي سائڻ اهڙي ڳالهه ناهي، چاچا سائين جن به ته پريشان آهن نه، توهان اجايو اهڙيون ڳالهيون سوچيندؤ ته وڌيڪ بيمار ٿي پوندؤ. فڪر نه ڪيو الله ڪندو ته عرفات جلدئي گهر واپس اچي ويندو.” عالي، دُربيبيءَ کي دلجاءِ ڏني.
    دُربيبي گهڻي دير تائين خاموش رهي. هن جون اکيون اڃا تائين نَم هيون.
    “شهلا، عالي مان توهان سان ڏاڍيون زيادتيون ڪيون آهن. الله پاڪ مون کي انهن گناهن جي ئي سزا ڏيئي رهيو آهي. مان توهان ٻنهي کان هٿ ٻڌي معافي ٿي گهران. شهلا پنهنجي عالي جي واسطي مون کي معاف ڪر. تون معاف ڪندينءَ ته الله تعاليٰ به مون کي معاف ڪري ڇڏيندو.
    عالي مون تنهنجي معصوم جذبن کي پنهنجي ناپاڪ ارادن جي باهه جي تپش سان ساڙيو آهي ان ڪري الله منهنجي اولاد کي ان مصيبت ۾ وڌو آهي.” دُربيبي چرين وانگي هن ٻنهي جي اڳيان ليلهلائي رهي هئي.
    “ڀاڄائي اهو توهان ڇا پيون چئو، منهنجي ۽ منهنجي ٻارن جي دل ۾ توهان جي لاءِ اهڙي ڪا ڳالهه ناهي. الله جي رحمت مان نااميد نه ٿيو، الله ڪندو هي آزمائش وارو وقت خير سان گذري ويندو.” شهلا دُربيبي جا هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهلي ورتا.
    “شهلا تون منهنجي پٽ لاءِ دعا ڪندينءَ نه، مان ته گنهگار آهيان، الله تعاليٰ مون کان ناراض آهي. مان يتيمن کي رنجايو آهي منهنجي دعا ته عرش تي پهچڻ کان اڳ ئي ڌڪاري ويندي.” دُربيبي شهلا کي چيو.
    “ڀاڄائي توهان ماءُ آهيو، الله توهان جي دعا رد نه ڪندو، توهان ان کان دل سان معافي وٺي دعا گهرندا، ته انشاءالله هو راضي ٿيندو.” شهلا دربيبيءَ کي سمجهايو.
    “چاچي سائڻ توهان لاءِ ايترو سوچڻ صحيح ناهي. الله پنهنجي ٻانهن کي ڪنهن حال ۾ به اڪيلو نه ڇڏيندو آهي. جيڪڏهن هو توهان کان ناراض هجي ها ته توهان کي معافي گهرڻ جي توفيق به نه ڏي ها. اسان سڀ توهان سان گڏ آهيون. الله ڪندو جلد عرفات اچي ويندو ۽ پوءِ اسان سڀ ڳوٺ هلنداسين ۽ پنهنجي حويلي کي هڪ دفعو ٻيهر آباد ڪنداسين.” عالي، دُربيبي جو موڊ مٽائڻ لاءِ ڳوٺ جي ڳالهه ڪئي.
    شهلا، عالي جي واتان “پنهـنجي حويلي” جو لفظ ٻڌي حيران ٿي.
    عالي ڪافي دير تائين دُربيبيءَ سان هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندو رهيو.


    47

    عالي جي هائوس جاب پوري ٿي ويئي هن ڪجهه مهينا اڳ ئي ڊاڪٽر الطاف واري پروجيڪٽ ۾ اپلاءِ ڪري ڇڏيو هو ۽ هن جي تعليمي قابليت جي ڪري جلدئي هن کي ان پروجيڪٽ لاءِ چونڊيو ويو. سيرت ڏانهن ته هي چڪر هڻندو رهندو هو ۽ ڪافي دفعا هي زينب ۽ شهلا کي به ان ڏانهن وٺي ويو.
    مروه سان به عالي ڳالهائيندو رهندو هو. هوءَ به هر هڪ ڳالهه عالي کي ٻڌائيندي هئي. عالي ڪافي دفعا دُربيبيءَ کي به مروه سان ڳالهرايو.
    هو ڳوٺ وڃڻ لاءِ تيار هو پر هن کي سيرت جي ڏاڍي ڳڻتي هئي. وڃڻ کان ٿوري دير پهريون به هي ان جي هاسٽل ويو.
    “لالا توهان مروه کي ته ڪيتري آسانيءَ سان چائنا به موڪلي ڇڏيو پر مون کي هتي ڪراچي ڇڏيندي به اوهان کي ڊپ ٿو لڳي.” سيرت ڀاءُ جي چهري تي فڪرمندي ڏسي چيو.
    “ها هتي هئس ته اها ڳالهه ذهن ۾ هئي ته توکي ڪهڙي وقت به ضرورت پوندي ته مان پهچي ويندس پر هاڻي ته فڪر ٿيندو نه. ۽ تون مروه جهڙي بهادر ناهين، ان ڳالهه جي ڪري به فڪرمند آهيان.” عالي چيو.
    “ان جو مطلب توهان مون کي چؤ پيا ته مان به مروه وانگي بهـادر ٿيان.” سيرت مسڪرائيندي چيو.
    “ها نه، ڏس ڪيڏي سمجهدار آهين پر ٿوري بهادر به هجين ها ته مان بي فڪر ٿي هتان وڃان ها.” عالي به کلندي چيو.
    “لالا الائي ڇو توهان کي ۽ امي وارن کي ائين لڳندو آهي پر مان يونيورسٽي ۾ ۽ هتي ائين ناهيان لڳندي، ڪنهن کي به ۽ هونئن به منهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ اسان جي بابا سائين جن جا کوڙ سارا فريندز به آهن اهي سڀ منهنجو خيال رکندا آهن، ان ڪري اتي مان ڪانفيڊنٽ هوندي آهيان.” سيرت چيو .
    “ٺيڪ آهي منهنجي لالي، پنهـنجو خيال رکجانءِ ۽ بابا سائين جن جي ڊپارٽمينٽ ۾ انهن جي ساک برقرار رکجانءِ ڪنهن کي اهو چوڻ جو موقعو نه ڏجان ته مؤمن جي ڌيءُ ان جيتري هوشيار ناهي.” عالي ڀيڻ کي نصيحت ڪئي.
    “لالا توهان ته اڄ مون کي ائين نصيحتون پيا ڪيو ڄڻ اڄ منهنجو هتي پهريون ڏينهن هجي.” سيرت ڀاءُ کي شڪايتي نظرن سان ڏٺو.
    “ها واقعي مون کي اهي نصيحتون اڳ ۾ ڪرڻ گهرجن ها.
    چڱو مان هاڻي هلان ٿو، معز ٻاهر منهنجو انتظار پيو ڪري.” عالي سيرت جي مٿي تي هٿ رکيو ۽ هن جي سينڌ چمي ٻاهر نڪري آيو.
    سيرت کي اڄ عالي ۾ پنهنجي پيءُ جي جهلڪ محسوس ٿي هئي. هن ته ننڍي لاءِ کان پنهنجي وڏي ڀاءُ جو ئي پيار ڏٺو هو پر هن کي پڪ هئي ته پيءُ جي شفقت به ائين ئي هوندي.
    “ڇو ڀلا اڄ سيرت کي ڇڏڻ تي دل نه پئي چَوئي ڇا؟” معز، عالي کان پڇيو.
    “ها يار هوءَ ايتري ننڍي آهي، منهنجي وڃڻ سان اڪيلي ٿي ويندي.” عالي چيو.
    “تون به ان ئي عمر ۾ هاسٽل رهڻ آيو هئين ۽ ڇوڪريون ڇوڪرن کان وڌيڪ ذميدار هونديون آهن، تون پريشان نه ٿي.” معز، عالي کي سمجهايو.
    “تون سوير مون کي ڪجهه چوڻ پيو چاهين. مان جلدي ۾ هاسٽل هلي ويو هئس.” عالي کي ياد آيو ته سيرت ڏانهن وڃڻ کان پهرين معز هن سان ڪا ڳالهه ڪرڻ وارو هو.
    “ها، پر تون پهرين واعدو ڪر ته تون مون کي سمجهائڻ جي بدران مون کي سمجهندين.” معز ڳالهه ڪرڻ کان پهرين عالي کان پڪ ورتي.
    “ٺيڪ آهي، هاڻي ڳجهارتون ڇڏ، تون ڳالهه ٻڌاءِ.” عالي چيو.
    “عالي مان حاجره کي پسند ٿو ڪيان ۽ ان سان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان.” معز سوچي سمجهي لفظ ادا ڪيا.
    “حاجره کي؟… ڪڏهن کان؟” عالي هن جي ڳالهه ٻڌي حيران ٿيو.
    “تڏهن کان جڏهن مون کي خبر به نه هئي ته هوءَ حاجره آهي. جڏهن هوءَ سچل سرمست جي مزار تي ڪاري چادر ۾ ويڙهيل دنيا کان بي خبر ٿي فقير جي ڳالهين تي زار و قطار روئي رهي هئي.” معز ماضي کي ياد ڪندي عالي کي ٻڌايو.
    “پر توکي خبر آهي ته هوءَ ڪنهن جي ڌيءُ آ ۽ هوءَ اڃا تائين لڪل به آهي.” عالي چيو.
    “مون کي سڀ خبر آهي ۽ عالي مون ان ڳالهه تي گهڻو ئي سوچيو آهي، پر مون کي هن کان علاوه هاڻي ڪو ئي نظر ئي نه ٿو اچي.” معز پنهنجي دل جي بي سڪوني اڄ ختم ڪرڻ پئي چاهي.
    “ٺيڪ آهي مان ان جي گهر وارن سان ڳالهه ڪندس پر تون پهرين پنهنجي گهر وارن سان ڳالهائي ڏس ۽ خبردار جو اڄ تون ان ڳالهه کان نٽايو آهي.” عالي هن کي اڱر جي اشاري سان ڌمڪي ڏني.
    “جيڪو حڪم جنابِ عالي، مان ڪجهه ڏينهن لاءِ انهن ڏانهن ويندس پر ياد رکجانءِ، مان صرف تنهنجي چوڻ تي اوڏانهن ويندس.” معز، عالي کي ياد ڏياريو.
    “مهرباني توهان جي سر.” عالي چيو.
    عالي کي ڪوچ ۾ ويهاري معز واپس هليو ويو.
    ......................

    ٻوڏ کان پوءِ ته ڳوٺ جو نقشو ئي بدلجي ويو هو. رستن ۽ ٻنين کي ڏسي عالي کي اندازو ٿيو ته ماڻهن جي زندگي ڪيتري متاثر ٿي هوندي. هاڻي ته ڪافي ماڻهو واپس اچڻ لڳا هئا، پوءِ به ڳوٺ جي حالت پهريان جهڙي نه ٿي سگهي هئي پر جڏهن سڀ نه هئا تڏهن ڪيئن لڳندو هوندو ڳوٺ! اهو سڀ سوچيندي ئي عالي کي شرمندگي ٿيڻ لڳي ته هو ان مشڪل گهڙي ۾ ڳوٺ وارن سان گڏ نه هو.
    “تون هتي ڇو بيٺو آهين؟” عالي کي حويلي جي گيٽ تي بيٺل ڏسي شاهمير پڇيو.
    “بس هن رستي ۽ گيٽ جي سڪ لڳي هئي، ان ڪري ٿوري دير انهن کي ڏسڻ لاءِ هتي بيٺس.” عاليءَ وراڻيو.
    “تون عجيب ماڻهو آهين يار ماڻهن کي پنهنجي پيءُ ماءُ يا محبوب جي سڪ لڳندي آهي، پر توکي ڪڏهن پراڻي حويلي جي ته ڪڏهن هن گيٽ ۽ رستن جي سڪ ٿي لڳي.” شاهمير، عاليءَ کي چيو.
    “منهنجو پيءُ هن ڳوٺ جي گهٽين ۽ هن حويلي جي سڪ ساڻ کڻي هليو ويو هو ان ڪري ان جي بدران به هن شين مان سڪ لاهيندو آهيان.” عالي سوچيو.
    “بس ڪا شيءِ آهي انهن شين ۾ جيڪا پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي.” عاليءَ ٿڌو ساهـ ڀريو
    “مان هتي آهيان نه، ان ڪري ائين ٿيندو ٿئي.” شاهمير ٽهڪ ڏيندي چيو.
    عالي به مسڪرايو ۽ هن سان گڏ اندر آيو.
    “تنهنجو ڇا پروگرام آهي؟” شاهمير، عالي کان پڇيو.
    “سڀاڻي هتان کان پريان وارن ڪجهه ڳوٺن لاءِ نڪري ويندس، اتي منهنجي ٽيم به ايندي هڪ مهيني جي لاءِ اتي ئي رهڻو آهي.” عالي ٻڌايو.
    “ان وچ ۾ هيڏانهن ته چڪر لڳائيندين نه؟” شاهمير هن کان پڇيو.
    “ها، عرفات جي ڪا خبر پئي؟” عالي، شاهمير کان پڇيو.
    “ها ٻڌو آهي ته هن کي سزا ملي آهي، ماما سائين جن ڪوشش ۾ آهن ته ڪهڙي طرح سان هن جي سزا گهٽ ڪرائن. پر اها ڳالهه اڃا هو گهر ۾ نٿا ڪن.” شاهمير رازداريءَ مان ٻڌايو.
    “بهـتر ٿيندو ته آهستي آهستي اها ڳالهه چاچي سائڻ کي ٻڌائي وڃي. ان طرح سان انهن جي پريشاني ٿوري گهٽ ٿي سگهي ٿي.” عالي چيو.
    “بس هاڻي انهن جي مرضي آهي، ماما سائين ته ايترن مهينن کان سڄو نظام ئي بابا سائين جن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، انهن جي طبيعت به صحيح نٿي رهي اڄڪلهه.” شاهمير هتان جي صورتحال عالي کي ٻڌائي.
    “شاهمير تون پنهنجي مستبقل جي باري ۾ ڇا سوچيو آهي! هاڻي ته تنهنجي پڙهائي به ختم ٿي ويئي آهي.” عالي هن کان پڇيو.
    “عالي مان سوچيان پيو ايندڙ اليڪشن ۾ حصو وٺان.” شاهمير پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو.
    “جيڪڏهن توکي لڳي ٿو ته تون اها ذميداري پوري ايمانداري ۽ سچائيءَ سان نڀائي سگهندين ته پوءِ ڀلي حصو وٺ.” عالي شاهمير جي پلاننگ ٻڌي ٿورو حيران ٿيو.
    “عالي مان واقعي سچي دل سان غريبن جي مدد ڪرڻ چاهيان ٿو.” شاهمير عالي کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “ٺيڪ آهي پوءِ تون چاچا وارن سان ڳالهه ڪر، اهي ته ڏاڍا خوش ٿيندا.” عالي چيو.
    “مان انهن ٻنهي جي خوشي لاءِ حصو نه پيو وٺان پر پوءِ به انهن سان ڳالهه ڪري ڇڏيندم.” شاهمير چيو.
    عالي هن جي ڳالهه ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو.
    ............................

    هڪ مهينو پورو ٿي ويو. عالي ڪراچي وڃڻ کان پهرين هڪ ڏينهن لاءِ ڳوٺ ويو. هن پراڻي حويلي جي صفائي ڪرائي ۽ اڄ اتي رهڻ جو ارادو ڪيو.
    رات دير تائين هو پنهنجي اسٽڊي روم ۾ ڪتاب کولي انهن جي صفائي ڪندو رهيو. رات جو هڪ ٿي ويو هو. هو اڃا سمهڻ لاءِ پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃي رهيو هو ته هن کي نئين حويليءَ مان ڪجهه آواز ٻڌڻ ۾ آيا.
    “سائين مان اوهان کي ئي وٺڻ پئي آيس. سردار صاحب کي خبر ناهي ڇا ٿي ويو آهي.” عالي جلدي جلدي نئين حويلي ويو. حويلي ۾ سڀئي نوڪر پريشانيءَ واري حالت ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي رهيا هئا. دروازي وٽ ئي هن کي هڪ نوڪر مليو. جنهن عالي کي ٻڌايو.
    عالي تڪڙو سردار صاحب جي ڪمري ۾ ويو.
    سردار صاحب کي فالج جو اٽيڪ پيو هو. عالي ان وقت ئي سردار صاحب کي ڀرسان واري شهر جي اسپتال کڻائي ويو ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو ئي هن کي ڪراچي وٺي ويو.
    ٻن ڏينهن تائين ته سردار صاحب ڳالهائڻ جي حالت ۾ ئي نه هو پر جڏهن هو ڪجهه بهـتر ٿيو ته هن جي هڪ واڇ ڦري ويئي هئي ۽ هن جي جسم جو اڌ حصو ڪم ڪرڻ جي لائق نه رهيو هو.
    نيٺ سردار بهرام خان جي قسمت ڦيرو کاڌو ۽ هن کي ٻڌائڻ لاءِ سندس سامهون اچي بيٺي، ته سردار بهرام خان جي عروج جو به زوال ٿيڻو هو.
    هيبت خان ته اهڙي موقعي جي ئي تلاش ۾ هو. هن ميربل کي به پيار سان اهڙي طرح پنهنجي چوڻ ۾ ڪري ڇڏيو جو ميربل کي نظام هن جي هٿ ۾ ڏيڻ تي ڪو اعتراض نه هو.
    گهر ۾ سڀ سردار صاحب جي صحت لاءِ دعائون ڪري رهيا هئا پر ڳوٺ ۾ سردار هيبت خان سردار بهـرام خان جي گدي سنڀالڻ جون تياريون ڪري رهيو هو.
    دُربيبي جو ته آخري سهارو به کسجڻ لڳو هو. هوءَ روئي روئي الله کان معافي گهرڻ لڳي ۽ سردار صاحب جي زندگيءَ لاءِ دعائون گهرڻ لڳي. هاڻي ته هن کي عرفات جي پريشاني به وڌي ويئي هئي، هن کي خبر هئي ته هاڻي سردار صاحب جيتري ڪوشش ڪوئي به نه ڪندو. پوءِ به هر وقت ميربل کان عرفات جي باري ۾ پڇندي رهندي هئي.
    “ادا مون کي لڳي ٿو اسان کي چاچي سائڻ جن کي عرفات جي باري ۾ ٻڌائڻ گهرجي.” عالي دُربيبيءَ جي حالت ڏسي ميربل کي چيو.
    “ٺيڪ پوءِ تون ئي امان سائڻ جن کي ٻڌاءِ.” ميربل، عاليءَ کي چيو.
    “ٺيڪ آ.” عالي وراڻيو:
    “چاچي سائڻ چاچا سائين جن ڪوشش ڪئي آهي الله ڪندو ته هُن جي سزا گهٽجي ويندي.” ٿوري دير کان پوءِ ميربل اٿي ويو ته عالي دُربيبيءَ کي عرفات جي سزا جي باري ۾ ٻڌايو ۽ کيس روئندو ڏٺو ته ان کي دلجاءِ ڏني.
    “مان هتي سمهي سمهي بيزار ٿي ويئي آهيان، ٿوري دير هيٺ هلنديس ته روح تازو ٿي ويندو.” عالي دُربيبيءَ کي دوائون کارائي هيٺ وڃي رهيو هو ته دُربيبي به هن کي هيٺ وٺي هلڻ لاءِ چيو.
    دُربيبي پنهنجي بستري تان اٿي، عالي هن کي هٿ وجهي آرام سان ڏاڪڻ تائين هيٺ لٿو.

    “ڀاڀي توهان يقين ڪيو مان.” صفا ڪجهه چوڻ چاهيو.
    هيٺ ڏاڪڻن وٽ صفا ۽ ماهه نور نظر آيون. هنن ٻنهي جو منهن ٻئي طرف هو، ان ڪري هو عالي ۽ دُربيبي کي نه ڏسي سگهيون.
    “ڇا يقين ڪيان توتي، خبر ناهي ڪهڙو گناهه ڪيو هو جو تون اسان جي ڳچيءَ ۾ پئجي وئينءَ. اڙي مان ته هميشه توهان ٻنهي کي پنهنجي ڀينرن وانگر سمجهندي هئس پر تون ته اها ئي نڻان نڪتينءَ!” ماهه نور، صفا جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي ڇڏي.
    “پٽ تون ايڏي ڪاوڙ نه ڪر، ٿورو پاڻ کي قابو ۾ رک.” پريان کان ايندڙ درناز، ماهه نور کي چيو.
    “امان هن هميشه مون کي سائين کان مار ۽ دڙڪا ڏياريا آهن. آخر هن عذاب مان منهنجي جان ڪڏهن ڇُٽندي.” ماهه نور ماءُ سان مخاطب ٿي.
    ايتري ۾ سامهون کان ايندڙ درناز جي نظر مٿي بيٺل دُربيبي ۽ عاليءَ تي پيئي.
    دُربيبي جو بلڊ پريشر وڌي ويو، هوءَ اتي ئي عاليءَ جي ٻانهن تي ليٽي پئي.
    “چاچي سائڻ سنڀاليو پاڻ کي.” عالي هن سان ڳالهايو ۽ ان کي واپس ڪمري ڏانهن وٺي وڃڻ لڳو.
    صفا ۽ ماهه نور به هنن ڏانهن ڏٺو. صفا ماءُ جي طبيعت بگڙجندي ڏٺي، ته تڪڙي مٿي هلي آئي.
    “امان سائڻ اکيون ته کوليو نه، ايترن ننڍين ڳالهين تي به ڪِري ٿا پؤ، توهان کي ڪجهه ٿيو ته اسان جو ڇا ٿيندو؟” صفا ماءُ لاءِ پريشان ٿي ويئي، روئڻ جي ڪري هن جو آواز ڀرجي آيو.
    “مري وڃڻ کان پوءِ به منهنجو روح سڪون ۾ نه هوندو صفا. مان پنهنجي ڪهڙي اولاد جي ڳڻتي ڪري ڪهڙي جي ڳڻتي ڪيان.” دربي بي، صفا کي سيني سان لڳائي روئڻ لڳي.
    صفا پنهنجي روئڻ تي ضابطو آڻي، ماءُ کي دلاسو ڏيڻ لڳي. عالي ٻنهي کي ڪمري ۾ ڇڏي ٻاهر نڪري ويو.
    “عالي ڇا ٿيو؟” شهلا به تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي ڪمري ڏانهن اچي رهي هئي.
    “خير آهي امي، توهان چاچي ڏانهن وڃو اندر پليز، انهن کي روئڻ ڌوئڻ کان منع ڪيو، انهن لاءِ نقصانڪار آهي ڏاڍو.” عالي، پنهنجي ماءُ شهلا کي چيو.
    شهلا اندر ويئي ته صفا به روئندي روئندي ان ڪمري ۾ نڪري پنهنجي ڪمري ڏانهن هلي ويئي.
    پنهنجي ڪمري ۾ رکيل اسٽڊي ٽيبل وٽ اچي هن پنهنجي ڊائري کنئي ۽ ڀرسان رکيل ڪرسي تي ويٺي. هن وٽ اهو واحد طريقو هو جنهن سان هوءَ پنهنجي ڏک جو اظهار ڪندي هئي. خبر ناهي ڪيتري عرصي کان پوءِ هن پنهنجي ڊائري لکڻ شروع ڪئي.
    “هر ڪوئي وقت سان گڏ ناهي بدلبو.
    سوچ جي رخ کي ٿوري موڙي ته ڏس تون،
    هر دفعي وقت ڏي ڇو ڏوهـه ڏجي،
    رويا، لفظ، لهجا ۽ تاثر گڏجي اڪثر
    ڪنهن به رشتي جو آهن موت آڻيندا.”
    ڪجهه ڳالهيون لکڻ کان پوءِ آخر ۾ هيءُ شعر لکي صفا ڊائري بند ڪئي ته هوءَ ڪجهه پرسڪون ٿي ويئي.

    ميربل پنهنجي ٻارن جي علاج ۽ پنهنجا شوق پورا ڪرڻ ۾ ايترو ته مصروف هو جو هن وٽ پيءُ لاءِ وقت نه هو. هيبت خان ۽ شاهمير به ڳوٺ هئا انڪري عالي ڪجهه وقت لاءِ ڇُٽيون وٺي سردار صاحب وٽ رهيل هو. سردار صاحب جي طبيعت ۾ ٿورو سڌارو ته آيو هو پر هو اڃا به پوري طرح ڳالهائڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ جي قابل نه ٿيو هو.
    عالي جي خدمت ڏسي هو احساسِ ندامت کان هن ڏانهن اکيون به نه کڻي سگهندو هو.
    “چاچا سائين اڄ اسان کي گهر شفٽ ٿيڻو آهي. منهنجو خيال آهي ته اوهان ڪجهه وقت هتي ڪراچي واري گهر ۾ ئي رهو.” عالي، ڊاڪٽر سان ڳالهائڻ کان پوءِ سردار صاحب وٽ آيو.
    سردار صاحب اکين سان هاڪار ڪئي.
    “مون کي ڪجهه ڏينهن لاءِ ڳوٺ وڃڻو آهي، ان ڪري مان اوهان لاءِ ميل نرس جو انتظام به ڪري ڇڏيو آهي.” عالي هن کي ٻڌايو.
    “عالي.” سردار بهرام خان، عاليءَ جي هٿ تي پنهنجو هٿ رکڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “جي چاچا سائين.” عالي جواب ڏنو.
    “عالي! منهنجا ڏوهه معاف ڪرڻ جي لائق ته نه آهن پر جيڪڏهن تون مون کي دل سان معاف ڪرين، ته شايد الله به مون کي معاف ڪري ڇڏي.” بهرام خان ٽٽل ڦٽل لفظن ۾ عاليءَ کان معافي ورتي.
    “چاچا سائين اهڙي ڪا ڳالهه ناهي. الله پاڪ ضرور اوهان کي بخشي ڇڏيندو.” بهرام خان کي ان حال ۾ ڏسڻ عالي لاءِ مشڪل ٿي رهيو هو.
    ايڏي رعب ۽ دٻدٻي وارو انسان، اڄ ائين مجبور ۽ لاچار هڪ کٽ تي پيو هو. جنهن جي آواز جي هڪڙي گرج سان حويليءَ جا سڀ ملازم ڊوڙندا حاضر ٿيندا هئا، اڄ هن جو آواز ئي هن جو ساٿ ڇڏي ويو هو.
    “چاچا سائين انشاءالله اوهان جلدئي صحتياب ٿي ويندا. جيڪڏهن ائين فڪرمند ٿيندا رهندؤ ته اوهان جي صحتيابيءَ ۾ رڪاوٽ پيش اچي ويندي، ان ڪري هر پريشانيءَ کي ذهن مان ڪڍي ڇڏيو. هر شيءِ الله تي ڇڏي ڏيو، اهو پاڻهي سڀ ڪجهه بهتر ڪندو.” عالي، بهـرام خان جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ مضبوطيءَ سان پڪڙيو.
    بهرام خان جي اکين مان ڳوڙها، خاموشيءَ سان ڪِرندا رهيا.
    شام تائين عالي بهرام خان کي گهر شفٽ ڪرايو. سڀاڻي هن کي ڳوٺ وڃڻو هو، ان ڪري هن پنهنجي تياري به ڪري ڇڏي. شام جو ئي هو سيرت کي به ڪجهه ڏينهن لاءِ گهر وٺي آيو.
    ايتري ۾ معز به فون ڪري هن کي ٻڌايو ته هو اڄ ئي دبئي کان واپس آيو آهي ۽ عالي سان ملڻ ٿو چاهي. رات جو سڀني ڪمن کان فارغ ٿي، هي معز سان ملڻ لاءِ هليو ويو.
    “سڀ ڪيئن هئا اتي؟” عالي، معز کان ان جي طبيعت معلوم ڪرڻ کان پوءِ پڇيو.
    “امي کان سواءِ سڀ اهڙا ئي هئا جهڙو مان انهن کي ڇڏي آيو هئس. امي جو رويو ڪافي مٽيل هو.” معز ٻڌايو.
    “شڪر آهي ڪجهه ته تبديلي آئي.” عالي حيران هو ته ايتري عرصي ۾ معز جي پيءُ ۽ ڀاءُ جو رويو هن ڏانهن ٺيڪ ڇو نه ٿيو هو، پر عالي، معز جي سامهون اها ڳالهه ظاهر نه ڪئي.
    “ها شڪر آهي. مان سڄي زندگي انهن جي رويي جي تبديل ٿيڻ جو انتظار ئي ڪندو رهندس.” معز چيو.
    “پنهـنجي امي جي ڪري ئي صحيح پر توکي انهن سان تعلق ته رکڻو ئي پوندو نه، ان ڪري تون انهن ڏانهن پنهنجي دل صاف رک.” عالي هن کي سمجهايو.
    “دل صاف ڪئي هئي ان لاءِ ئي بابا سان حاجره جي ڳالهه ڪئي. پر هنن ته اها ڳالهه ٻڌي اڃا وڌيڪ سخت لهجي ۾ ڳالهايو، مون سان.” معز ڏکارو هو.
    “شروع ۾ ته اهڙي ڳالهه ٻڌي جهٽڪو لڳڻو ئي هو نه انهن کي.” عالي چيو.
    “اهڙي ڪا انوکي ڳالهه به مون نه ڪئي آهي عالي. منهنجي اسرار ڪرڻ تي امي ته راضي ٿي ويئي پر بابا صاف منع ڪري ڇڏيو.” معز چيو.
    “پوءِ امي کي وٺي اچين هان نه، ته جيئن جلدي تنهنجي منهن تي موڙ ٻڌجن.” عالي معز جو موڊ مٽائڻ لاءِ هن سان مذاق ڪئي.
    “ها امي چيو آهي ته مان جڏهن به هنن کي گهرائيندم ته اهي اينديون ۽ هاڻي مان ٻيهر تنهنجي چوڻ تي اوڏانهن نه ويندس، مان هتي ئي نوڪريءَ لاءِ اپلاءِ ڪيان ٿو ۽ في الحال توسان گڏ ڳوٺ هلندس.” معز پنهـنجو فيصلو ٻڌايو.
    “ٺيڪ آهي جيئن تنهنجي مرضي.” عالي وراڻيو:
    ٻي ڏينهن صبح جو ئي عالي ۽ معز ڳوٺ پهتا. ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ وچڙندڙ بيماريون تيزيءَ سان ڦهلجي رهيون هيون. هنن ٽنهي پنهـنجون ڪئمپون الڳ الڳ ڳوٺن ۾ لڳايون ۽ پوري محنت سان پنهـنجو ڪم ڪرڻ لڳا.
    ان دوران عالي پنهنجي ڳوٺ جي ٻاهران ئي هڪ پلاٽ خريد ڪيو ۽ آهستي آهستي اتي هڪ اسپتال جو ڪم به شروع ڪرايو. ڊاڪٽر الطاف ۽ عالي حسينه سان حاجره جي رشتي جي ڳالهه ڪئي پر حسينه عالي کي چئي ڇڏيو ته ان فيصلي جو حق هن شروع ۾ ئي زينب جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ عالي ڪراچي ويو ته هن معز جو پيغام پنهنجي پُڦو زينب تائين پهچايو. عالي هن کي معز جي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌايو ۽ مطمئن ڪيو، ته هوءَ به راضي ٿي ويئي.
    سردار صاحب جي طبيعت ڪجهه وڌيڪ بهـتر ٿي ته هن ڳوٺ وڃڻ جي لاءِ ضد ڪيو. هن سان گڏ گهر جا سڀئي ڀاتي به واپس حويلي اچي ويا. حويلي جي ملازمن جا چهرا ته گهر ڀاتين کان به وڌيڪ خوشيءَ ۾ ٻهـڪي رهيا هئا.
    هن بيماري، پٽ ۽ ڀاءُ جهڙي سؤٽ هيبت خان جي روين سردار صاحب جو جيءُ جهوري وڌو.هن الله جي بي آواز لٺ جي طاقت کي ڏسي ڇڏيو. هن جي دل، حرص و حوص جي لالچ کي ڇڏي الله جي قهر جي خوف سان ڀرجي ويئي.
    زينب کي خبر هئي، ته سردار صاحب حاجره جي اصليت کان واقف ٿي ويو آهي ان ڪري هن اچي سڄي ڳالهه سردار صاحب کي ٻڌائي.
    سردار صاحب حاجره کي گهرائي کانئس معافي ورتي ۽ ان کي دعائون ڏنيون.


    48

    “ويلڪم بيڪ (Welcome Back) ڊاڪٽر صاحبه آءِ.ايم سوري مان توکي ايئرپورٽ تي وٺڻ لاءِ نه اچي سگهيس، ڳوٺ ۾ ٿورو ڪم آهي، اڄڪلهه ڏاڍو مصروف آهيان. شاهمير تنهنجي اچڻ جو بي صبريءَ سان انتظار ڪري رهيو آهي، ان ڪري اهو توکي رِسيوِ ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي. اميد ٿو ڪريان ته هو تنهنجي جهاز لينڊ ڪرڻ کان اڳ ئي ايئر پورٽ تي موجود هوندو.”
    مروه جهاز مان لهڻ کان پوءِ پهريون موبائيل تي عاليءَ جو ميسيج پڙهيو ۽ ايئرپورٽ کان ٻاهر اچي شاهمير کي ڳولڻ لڳي. کيس ڳاڙهي رنگ جو اسڪارف ۽ ڊگهو ڪارو ڪوٽ پاتل هو، جنهن ۾ هوءَ تمام گهڻي خوبصورت لڳي رهي هئي. صبح جي ٿڌڙي هير هن جي منهن تي آيل وارن جي چڱُن سان کيڏي هن کي وڌيڪ پرڪشش بڻائي رهي هئي.
    “خوش آمديد ڊاڪٽر مروه شاهمير.” شاهمير مروه جي پويان ئي بيٺو هو.
    مروه پوئتي مڙي هن ڏانهن ڏٺو، بليڪ پينٽ تي نيوي بلو شرٽ ۽ بليڪ سويٽر پاتل پنهنجي شريڪِ حيات ڏانهن ڏٺو ته ڪجهه دير هن ڏانهن ڏسندي ئي رهي. هو هميشه کان ئي ايترو پيارو هو الائي جي پرتي رهي، هن لاءِ جنهن محبت کي مروه محسوس ڪيو هو ان جي ڪري هو هِن کي دنيا جو خوبصورت شخص لڳي رهيو هو مروه اهو سمجهي نه سگهي.
    “ڏسين ڇا پيو سامان کڻ منهنجو، مون کي سڀني جي سڪ لڳي آهي ڏاڍي.” مروه، شاهمير کي به ائين ئي پاڻ ڏانهن گهوريندي ڏٺو، ته هن کي ٽوڪيو .
    “پنجن سالن کان نه ڏٺو آهي ٿوري دير ته ڏسڻ ڏي نه پاڻ کي.” شاهمير پيار مان وراڻيو.
    “۽ روز اسڪائيپ تي ڪير ڏسندو هو باقي! MPA ٿي ويو آهين، پوءِ به نه سڌريو آن!” مروه شاهمير کي ڇيڙيو.
    “تون به ته ڊاڪٽر ٿي ويئي آهين پوءِ به نه سڌرينءَ.” شاهمير هن جو سامان گاڏي ۾ رکيو جنهن کان پوءِ هي ٻئي ايئرپورٽ کان سڌو ڳوٺ لاءِ روانا ٿيا.

    “واهه واهه تون ته اڳي کان به وڌيڪ هينڊسم ۽ سوبر پيولڳين.” نئين ٺهيل هاسپيٽل جي دروازي وٽ بيٺل هلڪي شيوِ سان گِري شرٽ ۽ بليڪ پينٽ پاتل وجيهه شخصيت سان ڀرپور عالي کي ڏسندي ئي مروه کيس چئي ڏنو.
    عالي شاهمير کي چئي ڇڏيو هو ته ڳوٺ پهچندي ئي هو مروه کي پهريون هاسپيٽل وٺي اچي.
    “تون به بلڪل چائنا جي گُڏي پئي لڳين.” عالي به هن ڏانهن ڏسي چيو.
    “ها پر تون سچ پچ ڏاڍو سٺو پيو لڳين، مان به چوان منهنجي ايترو چوڻ جي باوجود تون پنهنجي تصوير مون ڏانهن ڇو نه موڪلي رهيو هئين.” مروه هن سان گڏ هاسپيٽل اندر وڃڻ لڳي.
    “بس بس تنهنجو هسبينڊ صاحب ٻڌي وٺندو ته ناراض ٿي ويندو.” عالي، مروه کي چيو
    “هو توکان ڪڏهن به جيلس ناهي ٿيندو.” مروه هال ۾ داخل ٿي ته ايڏي شاندار اسپتال ڏسي دنگ رهجي ويئي.
    “عالي Iam realy very surprised to see this چيٽر (cheater) تون فون تي ڪڏهن مونسان هاسپيٽل جو ذڪر ڇو نه ڪيو!” مروه اسپتال جي اندرين دروازي کان اندر آئي ته حيرت ۽ خوشي جي ڳڏيل تاثر وچان هن عالي کان پڇيو.
    “جيڪڏهن اڳ ۾ ئي توکي ٻڌائي ڇڏيان هان ته پوءِ تنهنجا هي عجيب و غريب تاثر ڏسڻ لاءِ ڪٿان ملن هان؟” عالي مرڪندي چيو. اڄ هن جي چهري تي مڪمل سڪون هو.
    “اڄ سيرت ۽ آپا به هجن هان ته ڪيڏو مزو اچي هان!” مروه داخلي دروازي کان ايندي رسيپشن جي جڳهه جو معائنو ڪيو۽ هميشه گڏ رهڻ وارين پنهنجن سهيلين کي ياد ڪيو.
    “اهي سڀ اسپتال گهمي ويون آهن.” عالي جواب ڏنو.
    “مطلب مان ئي آخر ۾ آئي آهيان!؟” مروه ناراضگي ۾ منهن ٺاهيو.
    “اهو ان ڪري جو هي سڀ ڪجهه تنهنجي لاءِ خاص آهي، هي سڀ هاڻي توکي سنڀالڻو آهي.” عالي مروه ڏانهن ڏٺو.
    “مون کي؟!” مروه کي حيرانگي ٿي.
    “جي ها ڊاڪٽر صاحبه ، ۽ هي آهي اوهانجي آفيس.” عالي هڪ ڪمري جو دروازو کوليندي چيو.
    Wow! انتهائي نفيس طريقي سان سجايل آفيس کي ڏسي مروه جي وات مان ازخد نڪري ويو.
    “۽ تنهنجي آفيس؟” مروه يڪدم پڇيو
    “مون چيو نه هي اسپتال توکي سنڀالڻي آهي.” عالي ياد ڏياريو.
    “ڇو، تون ڪيڏانهن وڃين پيو؟” مروه بي صبري ٿيڻ لڳي.
    “ها تنهنجو هي پيارو سؤٽ لنڊن پيو وڃي.” شاهمير آفيس ۾ داخل ٿيندي چيو
    مروه عالي ڏانهن سواليه نظرن سان ڏٺو.
    “اسپيشلائيزيشن ڪرڻ.” عالي مروه جون نطرون ڏسي جواب ڏنو:
    “ڪڏهن ويندين؟” مروه بي دليءَ مان پڇيو
    “فڪر نه ڪر اڃا گهڻو وقت آهي، تنهنجي ۽ سيرت جي رخصتي ڪرائي پوءِ ئي ويندس.” عالي هن کي چيڙائڻ چاهيو.
    سيرت کان ته گهر پهچي ان ڳالهه جو حساب وٺان ٿي مان. هُن منهنجي غير موجودگيءَ ۾ مڱڻي ڪري ڇڏي.” ڪجهه ڏينهن اڳ ئي عالي سڀني جي رضامندي سان پنهنجي هڪ دوست سان سيرت جو رشتو طئه ڪري سادگي سان منڱڻي جي رسم ادا ڪئي هئي ۽ اها خبر به مروه کي هتي اچي پيئي هئي.
    “۽ تون پنهنجي لاءِ ڇا سوچيو آهي” مروه ڪرسي ريڙهي ان تي ويٺي.
    “في الحال ڪو ارادو ناهي، هاڻي گهر هلو سڀ انتظار ڪندا هوندا.” عالي مختصر جواب ڏ ئي ڳالهه مٽائي.
    “ٺيڪ آهي.” مروه ڪجهه سوچيندي عالي ڏانهن نهاريو ۽ ڪرسي تان اٿي.
    عالي جي صفا سان شادي جي ارادي جي ڳالهه شاهمير رستي ۾ ئي مروه سان ڪري ڇڏي هئي ۽ مروه به دل ئي دل ۾ سڀني کي ان ڳالهه لاءِ راضي ڪرڻ جو پڪو پهـه ڪري ڇڏيو هو.
    حويلي اچي مروه سڀني سان ملي ڏاڍو خوشي ٿي پر هن پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي اهڙي حالت ۾ ڏٺو ته ڏاڍي رني. هوءَ رات دير تائين سردار صاحب جي ڀرسان ئي ويٺي رهي. بار بار پنهنجي پيءُ کان معافي وٺندي رهي.
    دربي بي ته هاڻي ڳالهائڻ جهڙي به نه رهي هئي ۽ اڄ ته هن جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳي هئي.
    عالي ۽ مروه سڄي رات ان سان گڏ رهيا.
    ٻي ڏينهن تي اسپتال جو افتتاح ٿيو. عالي، سردار دلاور جي نالي سان ٺهيل اسپتال جو افتتاح سردار بهرام خان کان ڪرايو.
    آسپاس جي ڳوٺن جا ماڻهو ان تقريب ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آيل هئا. هيبت خان ڳوٺ جي ماڻهن جي سامهون تقرير ڪئي ۽ ان هر سال ان اسپتال لاءِ فنڊ ڏيڻ جو به واعدو ڪيو. هن هاڻي کان ئي ماڻهن کي ٻڌائڻ شروع ڪيو هو ته هن کان پوءِ شاهمير ئي هن جي گدي سنڀاليندو جيڪا ڳالهه شاهمير کي نه وڻي.
    پر اڄ شاهمير به ڪجهه سوچي آيو هو. هن ماڻهن سان ڳالهائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ۽ اسٽيج تي اچي بيٺو.
    مون کي خبر آهي ته سردار جي پڳ ان جي پٽ کي ئي ٻڌي ويندي آهي پر مان نٿو سمجهان ته مان اها ذميداري کڻي سگهندس. مون کي ووٽ ڏيئي توهان سڀني جنهن جاءِ تي پهچايو آهي منهنجي لاءِ اها ئي ڪافي آهي. شاهمير ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    “مان ان پڳ کي پنهنجي نانا سردار بهادر خان جي امانت سمجهان ٿو، جيڪا انهن منهنجي مامي سردار مؤمن کي پارائڻ چاهي هئي. بدنصيبيءَ سان انهن کي ته اها نصيب نه ٿي سگهي پر منهنجي نظر ۾ انهن جو پٽ عبدالعالي ئي ان جو اصل حقدار آهي. جيڪڏهن توهان سڀني کي مناسب لڳي ته ان کي اهو حق واپس ڪجو.” شاهمير پنهنجي پيءُ ۽ مامي ڏانهن ڏسي آخري جملو چيو.
    اتي ويٺل سڀني ماڻهن جي دل خوشيءَ سان ڀرپور ٿي ويئي ۽ سڄو هال تاڙين سان گونجڻ لڳو.
    عالي قطعي طور ان ڳالهه لاءِ تيار نه هو. هو شاهمير کي بي يقينيءَ مان ڏسندو رهيو.
    تقريب کان پوءِ سردار بهرام خان، عالي جو نرڙ چمي هن کي سيني سان لڳايو ۽ پڳ ٻڌرائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.
    “چاچا سائين اڃا توهان سڀ سلامت آهيو ان ڪري مان اها ذميداري نٿو کڻڻ چاهيان. الله، توهان کي وڏي ڄمار ڏي، توهان اسان ننڍن کي ان پڳداري واري رسم کان پري ئي رکو. جڏهن وقت آيو ته اسان سڀ ذميداري سان هر ڪم گڏجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.” عالي چيو.
    تقريب ختم ٿيڻ کان پوءِ سڀ گهر آيا، ته خبر پئي ته دُربيبي جي طبيعت گهڻي خراب ٿي ويئي آهي. جيستائين ڊرائيور گاڏي ڪڍي تيستائين دُربيبي جو روح هن دنيا مان پرواز ڪري ويو.
    شايد هن جي ساهـه جو سڳو مروه سان آخري دفعو ملڻ لاءِ ئي اٽڪيل هو.
    ...........................

    “آزمائش ڪيتري به وڏي هجي پر اها الله جي رحمت کان وڏي نٿي ٿي سگهي. مون کي اڳ اها خبر هجي ها ته آزمائشن تي صبر ڪرڻ سان مون کي ايترو سٺو انعام ملندو، ته مون ننڍي لاءِ الله کان جيڪي شڪايتون ڪيون هيون اهي به نه ڪيان ها.” عالي، صفا جي ڀرسان اچي بيڊ تي ويٺو ۽ هُن ڏانهن ڏٺائين.
    “صفا مان اهو فيصلو ڪنهن جي چوڻ تي نه ڪيو آهي. مان دل سان توهان سان شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مون ته ڪافي وقت کان اها ڳالهه امي وارن سان ڪرڻ پئي چاهي پر همت نه پئي ٿي.” عالي هُن کي خاموش ڏسي کيس اطمينان ڪرائڻ چاهيو.
    دربي بي کي گذري ويئي ڇهـه مهينا ٿي ويا هئا. سڀني جي زندگي معمول تي اچڻ لڳي هئي پر عالي جڏهن صفا کي ڏسندو هو ته هن کي لڳندو هو ته هوءَ ان غم کان ٻاهر نه اچي سگهندي. ايترن ماڻهن جي هوندي هن پنهنجو پاڻ کي انهن کان الڳ ڪري چڏيو هو. مٿان وري سيرت ۽ مروه جي رخصتيءَ جون ڳالهيون شروع ٿيون ته عالي کي ان ڳالهه جو شدت سان احساس ٿيڻ لڳو ته هنن جي وڃڻ کان پوءِ هوءَ بلڪل اڪيلي ٿي ويندي. سڀني جي زندگين ۾ خوشيون آڻڻ جي خواهش رکندڙ هن جي دل هن کي مجبور ڪري ڇڏيو ته هو هڪ دفعو ٻيهر صفا لاءِ پنهنجي جهولي ڦهلائي ۽ پاڻ سان گڏ هُن کي هتان کان پري وٺي وڃي.
    عالي، بهرام خان سان اها ڳالهه ڪرڻ لاءِ شاهمير جو سهارو ورتو. شاهمير، عالي جي خواهش جو اظهار سردار صاحب سان ڪيو ته سردار صاحب ان ڳالهه تي خوشي ته ظاهر ڪئي پر هو ماڻهن جي ڳالهين کان ڊڄي رهيو هو. شاهمير کيس هر طرح سان مطمئن ڪيو ته هو راضي ٿي ويو.
    هن زينب ۽ شهلاکي عالي ٻڌايو ۽ سندن اڳيان اها به خواهش رکي ته هو صفا کي پاڻ سان گڏ لنڊن وٺي وڃڻ ٿو چاهي، ته هو به ان تي رضامند ٿي ويون.
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هنن جو نڪاح ۽ رخصتي شاهمير ۽ مروهه جي رخصتي سان گڏ ٿي. صفا کي لڳي پيو ته عالي هن سان مجبوراً شادي ڪئي آهي، ان ڪري هو ڳاڙهي رنگ جي ڪپڙن ۾ ملبوس پنهنجي اڳيان ڪنوار بڻجي ويٺل صفا کي پنهنجي محبت جو يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
    “عالي توهان کي ڪا سٺي ڇوڪري ملي سگهي پئي.” صفا عالي ڏانهن ڏسي چيو.
    “جنهن سٺي ڇوڪري جي مون خواهش ڪئي هئي اها مون کي ملي ويئي، اڃا ڇا کپي مون کي.” عالي صفا کي جواب ڏنو.
    “ڇا واقعي توهان به ڪڏهن منهنجي ساٿ جي خواهش ڪئي هئي.” صفا حيرت مان هن کان پڇيو.
    “ها شدت سان.” عالي، پنهنجي قميص جي کيسي مان هڪ دٻي ڪڍي ان ۾ هڪ خوبصورت ڊائمنڊ رِنگ پيل هئي، جيڪا هُن صفا جي آڱر ۾ پارائي ۽ ان جو هٿ کڻي پنهنجي هٿن ۾ مضبوطيءَ سان پڪڙيو
    هوءَ گلابن جهڙي گلابي ڇوڪري ايتري انتظار کان پوءِ عالي جي واتان اظهار ٻڌي شرم ۾ وڌيڪ گلابي ٿي ويئي.
    عالي هن جي چهري تي اهڙي تازگي ۽ سڪون ڏسي پوري زندگي هن جو ساٿ ڏيڻ ۽ هن کي ائين ئي خوش رکڻ جو واعدو ڪري ڇڏيو.


    آخري پنو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 343858
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 141633
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ