مهاڳ
[i]مولانا ابوالڪلام آزاد[/i]
توهان ڌرتيءَ جي ڪنهن به حصي تي ڪنهن به قوم کي ڏسو ته معلوم ٿيندو ته سڄي انساني تاريخ هن کانسواءِ ڪجهه به نه آهي ته وارث ۽ ميراث جو هڪ داستان آهي. يعني هڪ قوم جي ڄمت ٿي اها مٽجي وئي ته وري پويان ٻي قوم آئي جيڪا ان جي وارث بڻي. وري اها به مِٽجڻ جي عمل مان گذري ۽ ٽئين وارث جي لاءِ جڳهه خالي ٿي. قرآن چوي ٿو ته هتي وارث ۽ ميراث کانسواءِ ڪجهه به ڪونهي. هاڻي سوچڻ جي ڳالهه هي آهي ته جيڪي ورثو ڇڏڻ تي مجبور ٿين ٿا، سي ڇو ٿا ٿين ۽ جيڪي وارث ٿين ٿا سي وراثت جا حقدار ڪيئن ٿا بڻجن. قرآن چوي ٿو ته انهيءَ لاءِ خدا جو هڪ اڻٽر قانون ڪم ڪندو آهي ته زمين جو وارث مفيد ماڻهن کي ئي بڻايو ويندو آهي. (انبياءَ 105)
يعني قومن جي زندگيءَ ۾ هي قانون اڻٽر آهي ته جن ماڻهن ۾ انساني قافلي کي اڳتي وٺي هلڻ جي صلاحيت هوندي آهي جيڪي صالح قومون هونديون آهن تن کي ئي فرمانروائي ملندي آهي. صلح جي معنيٰ آهي سنوارڻ ۽ فساد جي معنيٰ آهي بگاڙڻ، صالح ماڻهو اهو آهي جيڪو پاڻ کي سنواري وٺي ٿو ۽ ٻين ۾ سنوارڻ جو استعداد پيدا ڪري ٿو. انهيءَ ڪري خدا قانون هي جوڙي ڇڏيو ته زمين جي وراثت سنورجڻ ۽ سنوارڻ وارن انسانن جي حصي ۾ ايندي. انهن ماڻهن لاءِ وراثت جو قطعي حصو ناهي جيڪي ماڻهو اعتقاد توڻي عمل ۾ کري وڃن ٿا ۽ سنوارڻ جي جاءِ تي بگاڙڻ وارا بڻجي پوندا آهن.
توريت، انجيل ۽ قرآن ٽنهي زمين جي وراثت جو ورائي ورائي استعمال ڪيو آهي ۽ غور ڪيو ته اتي اها صورتحال ڪيئن قطعي ۽ سچي ڪري ڏيکاري ۽ ٻڌائي وئي آهي. دنيا جي هر حصي ۾ اسان ڏسون ٿا ته هڪ قسم جي بدلجندڙ ميراث جو سلسلو لڳاتار جاري آهي. يعني هڪ فرد يا هڪڙو گروهه طاقت ۽ اقتدار حاصل ڪندو آهي، پوءِ اهو هليو ويندو آهي ته ٻيو فرد يا گروهه اچي انهن سڀني شين جو وارث بڻبو آهي. حڪومتون ڇا آهن، اهي به رڳو هڪ ورثو آهن، جيڪي هڪ گروهه مان نڪري ٻئي گروهه جي حصي ۾ اچي وڃن ٿيون. قرآن چوي ٿو ته ائين ڇو آهي؟ اهو انهيءَ لاءِ آهي زمين جي وراثت لاءِ اصلاح ۽ صلاحيت لازمي شرط آهي، جيڪو صالح نه رهندو ته ان جي پيرن جي هيٺان زمين کسڪي ويندي.
سورت رعد ۾ ٻڌايو ويو آهي اهو جيڪو به آهي سو حق ۽ باطل جي ملهه آهي. پر وري حق ۽ باطل جي حقيقت ڇا آهي؟ ڪهڙو قانون آهي جيڪو حق ۽ باطل جي ملهه ۾ ڪم ڪري ٿو؟ هتي اهو به ٻڌايو ويو آهي ته اهو بقا ۽ انفع يعني انساني نفعي بخشي جو قانون آهي. ليڪن قرآن ڪٿي انفع جي جاءِ تي اصلح جو به لفظ استعمال ڪري ٿو. لفظ ٻه آهن پر معنيٰ هڪ آهي. يعني الله تعاليٰ بقا ۽ هست جي قيام ۽ اصلاح جي لاءِ هي قانون جوڙي ڇڏيو آهي ته هتي اها ئي شيءِ باقي رهي سگهندي، جنهن ۾ انساني نفعي بخشي هجي. جنهن ۾ نفعي بخشي ناهي اها باقي نه رهي سگهندي. ان کي نابود ٿيڻ کپي. انڪري جو نفعي بخشيءَ کانسواءِ ڪائنات هستيءَ جي هيءَ جوڙ، هي حسن ۽ هيءَ ارتقا قائم نٿي رهي سگهي ۽ انساني قافلو اڳتي هلي نٿو سگهي. جيڪڏهن ڪائنات ۾ خوبيءَ جي بقا ۽ خرابيءَ جي ازالي لاءِ هڪ اڻٽر قوت سرگرم نٿي رهي ته پوءِ ائين لازم ٿيندو. اها قوت يا سگهه ڇا آهي؟ اها فطرت جو انتخاب آهي. فطرت هميشه ڇاڻيندي رهندي آهي. ان ڇاڻيءَ مان فساد ۽ نقص ڇڻي گم ٿي ويندا آهن ۽ مٿان صرف خوبي ۽ برتري باقي رهندي آهي. قدرت طرفان ماڻهوءَ کي فطرت جي انهيءَ انتخاب کان بي خبر نه رکيو ويو آهي. قرآن چوي ٿو ته قدرت جي عطا ۽ جمال جو نظام ئي اهڙو آهي جو ان روءِ نفعي بخشي واري شيءِ ئي باقي رکي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ جو هتي رحمت ڪارفرما آهي ۽ رحمت جي تقاضا آهي ته رڳو فائدو ۽ فيضان هجي ۽ نقصان انهيءَ رحمت جي ريت ۾ نه هوندو آهي. قرآن چوي ٿو ته جهڙي طرح اوهان مادي شين ۾ ڏسو ٿا ته فطرت جي ڇاڻيءَ ۾ نفعي بخش شيون باقي رهنديون آهن ۽ جيڪي نفعي بخش نه هونديون آهن، سي تلف ٿي وينديون آهن. بلڪل ساڳي طرح ساڳيو عمل انساني زندگيءَ جي ڪرت ۾ به جاري آهي ته جيڪي ڪم سچ ۽ حق هوندا سي قائم ۽ ثابت رهندا ۽ جيڪي باطل هوندا سي مِٽجي ويندا. جڏهن به حق ۽ باطل جو مقابلو ٿيندو ته بقا حق جي ٿيندي باطل جي نه. قرآن انهيءَ کي قضا بالحق جو نالو ڏئي ٿو:
فَاِذَا جَآءَ اَمۡرُ اللّٰہِ قُضِیَ بِالۡحَقِّ وَ خَسِرَ ہُنَالِکَ الۡمُبۡطِلُوۡنَ ( المؤمن-٧٨)
يعني جڏهن فيصلي جو وقت اچي ويو ته حق کي سربلند ڪيو ويو ۽ باطل پرست تباهه ۽ برباد ڪيا ويا. قرآن چوي ٿو ته جيڪڏهن ڪائنات اندر فطرت برائي ۽ نقصان کي ڇاڻيندي نه رهي، چڱائي ۽ خوبيءَ کي بقا ۽ ڄمت نه ملي ته جهان جو نظام ئي تاراج ٿي پوي.
وَ لَوِ اتَّبَعَ الۡحَقُّ اَہۡوَآءَہُمۡ لَفَسَدَتِ السَّمٰوٰتُ وَ الۡاَرۡضُ وَ مَنۡ فِیۡہِنَّ ؕ ( المؤمنون-٧١)
يعني جيڪڏهن حق وارو قانون انهن کريل ماڻهن، ڏاڍن ۽ استحصالين جي خواهشن جي پيروي ڪرڻ لڳي ته پوءِ يقين ڪريو ته هي زمين ۽ آسمان ۽ جيڪو ڪجهه انهيءَ ۾ آهي سڀ درهم برهم ٿي رهجي وڃي. قرآن چوي ٿو ته امتن، ملتن، قومن توڻي جماعتن جو اوج ۽ اڀار، هدايت ۽ ڀٽڪڻ جو معاملو به انهيءَ قانون سان لاڳاپيل آهي. اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته جيڪو قانون ڪائنات ۾ هر گوشي ۽ هر ذري ۾ پنهنجو عمل ڏيکاريندو هجي، اهو هتي ماڻهن ۾ اچي بيڪار ٿي وڃي. جنهن قانون جي وسعت کان ڪائنات جو ڪو ذرو ٻاهر نه هجي، قومن جو اوج ۽ اڀار ۽ پستي ۽ تباهي وري ان قانون کان ٻاهر هجي، سو ڪيئن ممڪن آهي! قرآن چوي ٿو ته اهي قومن جا گذريل اعمال ئي آهن جيڪي انهن جو مستقبل بڻائن ٿا.
وري ان جي وڌيڪ تشريح ڪندي چوي ٿو ته خدا ڪنهن قوم جي حالت ايستائين نٿو بدلائي جيستائين اها پنهنجي حالت پاڻ بدلائڻ جي اڳڀرائي نه ڪري. يعني جيڪڏهن ڪا قوم بدحال آهي ۽ پنهنجي اندر هڪ اهڙي تبديلي پيدا ڪري وٺي ٿي جنهن سان خوشحالي پيدا ٿي سگهي ٿي، ته خدا جو قانون هي آهي ته اها تبديلي فوراً انهيءَ جي حالت بدلائي ڇڏيندي ۽ بدحاليءَ جي جاءِ تي خوشحالي اچي ويندي. اهڙي طرح خوشحاليءَ مان بدحاليءَ جو ڦيرو به ائين ئي ايندو آهي. قرآن چوي ٿو ته جڏهن هڪ قوم انساني قافلي کي اڳتي وٺي هلڻ جي عملي صلاحيت وڃائي ڇڏي ۽ ان پٽاندر پوزيشن جي تبديليءَ جي مستحق بڻجي پئي ته پوءِ ضرور پستي ۾ وڃي رسندي. اها پستي ڪڏهن به ٽري نٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته اها خدا جي جوڙيل هڪ ٺوس قانون جي ذريعي ملي ٿي. پوءِ ڪير آهي جيڪو خدا جي قانون جي نفاذ کي روڪي سگهي ۽ ڪير آهي جيڪو ان جي رڳڙ کان بچائي سگهي. قرآن انهيءَ کي قومن کي قومن سان بدلائڻ جو نالو ڏئي ٿو ۽ وري وري مسلمانن کي خبردار ڪري ٿو ته جيڪڏهن اوهان نفعي بخشيءَ جي صلاحيت وڃائي ڇڏي ته خدا توهان جي جاءِ تي ڪنهن ٻي قوم کي اوج ۽ ترقي جي عظيم نعمت سان نوازيندو ۽ پوءِ اها قوم اهڙي نه هوندي جيڪا توهان وانگر صلاحيت ۽ سڌاري کان محروم هجي.
قرآن چوي ٿو ته اسان انهيءَ طرح سان قومن جا ڏينهن بدلائيندا رهندا آهيون ۽ هڪڙين قومن جي هٿان ٻين قومن جو زوال ايندو آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ائين نه ٿئي ته جيڪر ظالم قومن جي هٿان مظلوم قومن جي تباهي هميشه انهن جو مقدر بڻجي وڃي. جيڪڏهن اسان ڪمزور کي سگهاري جي ظلم کان بچڻ جي نصرت عطا نه ڪريون ته دنيا جو سُک ۽ سلامتي هميشه لاءِ نهوڙجي وڃي ۽ قومن جي مٿان سلامتيءَ جا دروازا هميشه بند ٿي وڃن. الله جي زمين تي عبادتگاهن جا اهي منارا ڪيرايا وڃن، جن عبادتگاهن ۾ الله جو نالو ڪثرت سان ورتو ويندو آهي. اهي سموريون مقدس عمارتون مٽيءَ جو ڍير بڻجي وڃن، جن ۾ پوڄا ۽ ذڪر جون پاڪ صدائون بلند ٿينديون آهن. هيءَ حسين ۽ جميل دنيا هڪ اهڙي ڀيانڪ هلاڪت ۽ برباديءَ جو منظر ٿي وڃي، جنهن جي مٿاڇڙي تي رڳو مئل انسانن جا هڏاوان پڃرن ۽ ڊٺل عمارتن جي ڀُريل مٽيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نه اچي.
اڀار ۽ پستيءَ جا هي انقلاب، جو پراڻيون قومون مات ٿي وڃن ۽ نيون قومون سندن جاءِ والارين، تاريخ جا اهي سڀ حادثا خدا جي انهيءَ هڪ ئي قانون هيٺ وجود ۾ اچن ٿا ۽ اُهو آهي بقاءِ اصلح يا انساني نفعي بخشيءَ جو فطرتي قانون. هي سڀ انهيءَ قانون جا ڪرشما آهن. انهيءَ ڪري جيڪا قوم حق تي آهي، اها ئي نفعي بخش آهي ۽ انهيءَ جي سلامتي ۽ بقا آهي يا اوج ۽ عروج آهي. ۽ جيڪا قوم حق پرستيءَ کان انحراف جو رستو وٺي ٿي، اها باطل ۽ غير نفعي بخش آهي، ۽ انهيءَ لاءِ بربادي ۽ فنا ۽ زوال ۽ ميسارجڻ آهي.
قرآن انهيءَ ڳوري حقيقت کي سمجهائڻ لاءِ ان جو مثال ڪيڏن نه سادن ۽ ڪومل لفظن ۾ ڏنو آهي جو ان جي مشاهدي کان ڪا به اک محروم نٿي رهي سگهي. فرمايو ويو ته جڏهن پاڻي وسي ٿو ۽ زمين جي شادابي ۽ گلن جي ويس پهرڻ جو سامان مهيا ٿيڻ لڳي ٿو ته اهو پاڻي نالن ۽ وادين ۾ نهر بڻجي روان ٿئي ٿو. اهو پاڻي ڪٿي به رڪجي نٿو، بلڪه جتي به ميراڻ ۽ ڪچرو موجود آهي ان کي ڌوئيندو گهليندو نالن ۽ ندين مان وڌندو وڃي ٿو. نئين زمين کي اوسر لاءِ جيترو پاڻي گهرجي سو مهيا ڪندو وڃي ٿو. ميراڻ ۽ ڪچرو گج بڻجي ترندا نظر اچن ٿا ۽ اڳتي هلي انهن جو وجود به نظر نٿو اچي. اهڙي طرح اوهان جڏهن سون چاندي يا ڪنهن به ڌاتوءَ کي باهه تي تپايو ٿا ته کوٽ الڳ ٿي وڃي ٿو ۽ خالص ڌاتو نروار ٿي بيهي ٿو. انڪري جو کوٽ جي لاءِ نابود ٿيڻ ۽ خالص ڌاتو لاءِ باقي رهڻ اهو قدرت جو قانون آهي.
اهو انڪري آهي جو اتي بقاءِ انفع/انساني نفعي بخشيءَ جو قانون ڪم ڪري رهيو هوندو آهي. هتي باقي اهو رهندو جيڪو نفعي بخش هجي جيڪو نفعي بخش ناهي اهو ڇاڻيو ويندو. ساڳي حقيقت حق ۽ باطل جي آهي. حق اها ڳالهه آهي جنهن ۾ نفعو هجي، پوءِ اهو ڪڏهن به مٽجڻ وارو ناهي ۽ باقي رهڻ ان جي فطري تقاضا آهي، ڇاڪاڻ ته حق جي معنيٰ ئي ڄمڻ ۽ باقي رهڻ آهي. ليڪن باطل اهو آهي جيڪو نفعي بخش ناهي، ان ڪري مٽجڻ ئي ان جي فطري تقاضا آهي.
هن حقيقت جو هڪ اهڙو پاسو به آهي جنهن کي اسان بقاءِ اصلح جي شڪل ۾ ڏٺو آهي ۽ قرآن ان کي اصلح به چيو آهي، ڇاڪاڻ ته صالح به اهو ئي آهي جيڪو نفعي بخش هجي. قدرت هستيءَ جي ڪارخاني ۾ بناوت ۽ تڪميل چاهي ٿي ۽ ان لاءِ اهو بيحد ضروري آهي ته نفعي بخش شيون باقي رکيون وڃن. ۽ غير نفعي بخش شيون ميساريون وڃن. انهيءَ ڪري ئي قرآن نافع کي حق ۽ غيرنافع کي باطل سڏيو آهي. جڏهن قرآن نافع کي حق سڏيو ته اهو واضح ڪري ڇڏيو ته حق ان شيءِ کي چوندا آهن. جيڪا ثابت ۽ قائم رهي ۽ ان جي لاءِ مٽجڻ ۽ زوال پذير ٿيڻ ۽ فنا يا ميسارجڻ ممڪن ئي نه هجي. اهڙي طرح باطل جي معنيٰ به وڃي اها ئي ميسارجڻ بيهندي. جڏهن اهو ڪنهن شيءِ لاءِ چوي ٿو ته هي حق آهي ته صرف اها دعويٰ ناهي، بلڪه دعويٰ سان گڏ ان جي پرک جو هي معيار به پيش ڪري ٿو ته اها ڳالهه حق هجڻ جي ڪري مٽجڻ ۽ ٽرڻ واري ناهي ۽ ان جي بقا ۽ قيام لاءِ صرف ان جو حق هئڻ ڪافي آهي. ۽ جڏهن چيو وڃي ته هيءَ ڳالهه باطل آهي. ان جي عدم ۽ زوالپذيريءَ جي لاءِ ان جو باطل هئڻ ئي ڪافي آهي. وڌيڪ دليل جي ڪا گهرج ئي ڪونهي. هي ٻئي اصطلاح قرآن جا نرالا معارف آهن. ليڪن افسوس آهي ته جيڪڏهن اسان جا عالم انهيءَ جي ٺوس ۽ غيرمتبدل خدائي قانون جي طور تي غور ڪن ها ته جيڪر هنن کي اوڀر ۽ اولهه جي تاويلن جي ضرورت ئي نه پوي ها ۽ قومن جي پستي ۽ اڀار جي لاءِ وهمي سببن تراشڻ جي به ضرورت نه هجي ها.
ليڪن افسوس جو قوم جي رهنمائن غور ۽ فڪر کان ڪم جو نه ورتو ته پوءِ وڃي اڀار جا وهمي نقشا چٽيا، ڪن وڃي يورپ جي تقليد کي اوج جي ڏاڪڻ سمجهيو ۽ ڪن وڃي غلاماڻي طريقن ۽ خوشامد کي ترقيءَ جو ذريعو سمجهيو. قرآن اسان مسلمانن جي اڀار جو جيڪو ڪارڻ ٻڌايو اهو ڪارڻ اسان جي زوال جو به بيهاريو:
کُنۡتُمۡ خَیۡرَ اُمَّۃٍ اُخۡرِجَتۡ لِلنَّاسِ (آل عمران-١١٠)
قرآن چيو ته ”اوهان انساني نفعي بخشيءَ لاءِ ڪڍيا ويا آهيو.“
اَلَّذِیۡنَ اِنۡ مَّکَّنّٰہُمۡ فِی الۡاَرۡضِ اَقَامُوا الصَّلٰوۃَ وَ اٰتَوُا الزَّکٰوۃَ وَ اَمَرُوۡا بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ نَہَوۡا عَنِ الۡمُنۡکَرِ ؕ (الحج-٤١)
”توهان کي اڀار ۽ عروج انهيءَ لاءِ ڏنو ويندو ته نماز قائم ڪندؤ، زڪواة جو نظام بڻائيندو ۽ ماڻهن کي چڱاين قبول ڪرڻ جو نظام ڏيندو ۽ مداين ڇڏڻ جو ماحول فراهم ڪندؤ. مٿيون ٽئي شيون ڏسو ته انساني نفعي بخشيءَ جو نمونو آهن ته گويا اسان مسلمانن جو ظهور ۽ عروج انساني نفعي بخشيءَ جي لاءِ ئي هو. الله جي ضابطن جي سلطنت قائم ڪرڻ ۽ ان جي عدل واري نظام جو دنيا ۾ ڌاڪو ڄمائڻ، ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي نفعي بخشي ٿي سگهي ٿي. انسان لاءِ جو هي چيو ويو آهي ته ان کي صفات الاهي جو مظهر بنجڻو آهي، سو به انهن ٽنهي ڳالهين کانسواءِ نٿو بڻجي سگهي. پهرين ڳالهه وحدت انساني ۽ ڀائپيءَ جو مرڪز نماز بڻجي ٿي، ان لاءِ نماز جو حڪم آهي. ٻي ڳالهه مالي اشتراڪيت جي اسلامي صورت زڪوات جو نظام آهي ۽ ٽين ڳالهه خدائي عدل ۽ انصاف جا ضابطا امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر آهن ۽ اهي ٽئي ڳالهيون اسلامي عظيم مقصدن جو ڳَرُ آهن.
اسان مسلمانن جيستائين پنهنجي ظهور ۽ عروج جي مقصدن کي سنڀالي رکيو ته دنيا جي لاءِ نفعي بخش رهياسين ۽ اسان خدائي منشا پوري پئي ڪئي. وري جڏهن اسان پنهنجي ظهور ۽ عروج جو مقصد وساري ڇڏيو ته پوءِ اسان کي انهيءَ منصب کان به محروم ٿيڻو پيو ۽ پوءِ اجتماعي حيات جي بجاءِ اجتماعي ممات جو منهن ڏسڻو پيو. نتيجو وڃي اتي پهتو جو اڄ نه ايمان جي دولت حاصل آهي ۽ نه چڱاين ۽ اطاعتن جي ڪا موڙي ميڙيل آهي. زندگي نسوري غفلت ۽ گنهگارين ۾ برباد ۽ حياتيون نسوريون نفس پرستي ۽ نافرمانيءَ ۾ تاراج، نفساني غرضن جي پوڄا ۾ الڳ غلطان آهيون ۽ نفاق ۽ انحراف الڳ پنهنجي لاءِ روڳ بڻايو آهي.
هوڏانهن وري نه ندامت ۽ ملامت ۽ نه وري توبهه ۽ واپسي جو فڪر، هاڻي پنهنجي زندگيءَ جي بقا جا دعويدار بڻجئون ته آخر ڪهڙي منهن سان!؟
حقيقت هي آهي ته هن دنيا جي نظام لاءِ جوڙيل قانونن جو بنياد ئي عدل جي سگهه تي آهي. الله تعاليٰ دنيا ۾ پيغمبرن کي به انهيءَ ڪري موڪليندو رهيو ته دنيا ۾ الله جي عدل کي قائم ڪن. پيغمبرن جو سلسلو پڄاڻيءَ کي پهتو ته وري مسلمانن جو فرض منصبي به امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر قرار ڏئي انهن کي عدل جي قيام لاءِ ذميوار بڻايو ويو. انهن کي عدل جي تارازو، صراط مستقيم ۽ قسطاس المستقيم جو اجتماعي قانون ڏئي دنيا وارن جي لاءِ انهن کي ”شهداء“ يعني حق ۽ سچ جي شاهدي ڏيندڙ بڻايو.
مسلمانن جي مٿان هيءَ ٻٽي ذميواري وڌي وئي ته انهن کي تمڪين في الارض يعني زمين تي ڄمڻ جا موقعا ملندا ته هو نماز ۽ زڪوات جو نظام به قائم ڪندا ۽ شهادة علي الناس يعني انساني نفعي بخشيءَ ذريعي انسانن لاءِ مثال بڻبا. شهادت علي الناس جي ذميواري ته قرآن ورائي ورائي زور ڏئي مسلمانن جي مٿان بيهاري آهي.
وَ کَذٰلِکَ جَعَلۡنٰکُمۡ اُمَّۃً وَّسَطًا لِّتَکُوۡنُوۡا شُہَدَآءَ عَلَی النَّاسِ وَ یَکُوۡنَ الرَّسُوۡلُ عَلَیۡکُمۡ شَہِیۡدًا ؕ(البقره: ١٤٣)
ترجمو: اهڙي طرح اسان توهان کي وچ واري امت بڻايوسي تان ته ٻين ماڻهن جي لاءِ اوهان گواهه/مثال بڻجو، جيئن توهان جو رسول توهان جي لاءِ گواهه بڻيل آهي.
وَلۡتَکُنۡ مِّنۡکُمۡ اُمَّۃٌ یَّدۡعُوۡنَ اِلَی الۡخَیۡرِ وَ یَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ یَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ ؕ وَ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡمُفۡلِحُوۡنَ (العمران: ١٠٤)
ترجمو: توهان مان هڪ جماعت هجڻ کپي جيڪا دنيا کي چڱاين جي طرف وٺي اچي، ڀلاين جو حڪم ڪري ۽ براين کان روڪي، پوءِ اهي ئي فلاح يافته ماڻهو آهن.
کُنۡتُمۡ خَیۡرَ اُمَّۃٍ اُخۡرِجَتۡ لِلنَّاسِ تَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ تَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ (العمران-١١٠)
ترجمو: توهان ڀلي ۾ ڀلي امت آهيو جو چڱاين جي طرف دنيا کي سڏيو ٿا ۽ مَداين کان روڪيو ٿا.
مٿين ٽنهي آيتن ۾ الله تعاليٰ مسلمانن جي تخليقي مقصد جو اصل ڪارڻ ۽ ملت جو امتياز ۽ شرف انهيءَ شيءِ کي بيهاريو آهي ته دنيا ۾ حق جو اعلان انهن جو سرمايه زندگي آهي ۽ اهي دنيا ۾ انهيءَ لاءِ اڀاريا ويا آهن ته اهي چڱاين جي طرف داعي هجن ۽ ان مقصد لاءِ انسانيت واسطي مثالي نمونو بڻجن. اهڙي طرح براين ۽ ناحق کي جتي به ڏسن انهيءَ کي روڪين.
انساني نفعي بخشي الله جي اطاعت جو وڏو مظهر به آهي، انڪري انسانن لاءِ وڏو آدرش به آهي. انسان ڏسون ٿا ته جيتري انسانن جي تمدني زندگيءَ ۾ ان جي اهميت آهي قرآن به پنهنجي اصولن ۾ ان کي پنهنجو فطري اصول ٻڌايو آهي. انساني تاريخ ۾ جهاتي پائجي ٿي ته اتي اسان کي قومن جو هڪ عروج ۽ اڀار نظر اچي ٿو ۽ ٻيو زوال ۽ پستي. انهن ٻنهي ۾ جيڪا فاصلو پيدا ڪندڙ شيءِ ۽ وجهه آهي سو عدل واري نظام جو خاتمو ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جو نافذ ٿيڻ آهي. جيستائين قومون پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ ۾ عدل واري واٽ تي قائم ۽ جاکوڙيندڙ هونديون آهن. تيستائين خدائي نصرت ۽ ڪاميابي انهن جا قدم چمندي آهي. بقاءِ انفع جو قانون انهن جي پٺ تي هوندو آهي پر جڏهن عدل جي واٽ کان انحراف ڪنديون آهن ۽ ناانصافي کي پنهنجو وطيرو بڻائي ڇڏينديون آهن ته پوءِ فطرت جو قانون حرڪت ۾ ايندو آهي ۽ هڪڙي ئي جهٽڪي ۾ انهن کي غلط حرف وانگر ميساريو ويندو آهي ۽ پوءِ انهن جو نالو ۽ نشان به باقي نه رهندو آهي.
وڌيڪ پري وڃڻ جي ضرورت ڪونهي. پنهنجي مسلمانن جي تاريخ کي ئي کڻي ڏسو. جيستائين اسان دنيا ۾ حق ۽ انصاف جا حامي ۽ مددگار رهياسون ته الله تعاليٰ به اسان جو مددگار رهيو ۽ دنيا جي ڪا به طاقت اسان جي سامهون نه بيهي سگهي. ليڪن جيئن ئي اسلامي تاريخ جو اونداهو دور شروع ٿيو ۽ مسلمانن جو علم ۽ مذهب حق جو ساٿاري ۽ باطل لاءِ قهاري نه رهيو. ۽ ان جي جاءِ تي حڪمرانيءَ جي طاقت ۽ دولت دنيوي ترقيءَ جو ذريعو ۽ سرچشمو بڻجي ويا ته اجتماعي مرضن منهن ڪڍيو. حاڪم عيش عشرت جي زندگي گهارڻ لڳا ۽ عالم ۽ فقيهه انهن جي درٻار جي زينت بڻجي ويا. خلق خدا کي سلامتي، انصاف ۽ فلاح جو معاشرو جو نه مليو ته ڪائنات جي اصل حاڪماڻي قوت پنهنجو هٿ ڪڍيو ۽ ”قومن جي تبديليءَ جو قانون“ ۽ ”بقا ۽ انفع جو قانون“ ۽ ”عمل بالمحاذات“ جو دستور عمل ۾ اچي ويا ته پوءِ اسان جي پستي ۽ محروميءَ کي نه اسان جون حڪومتون روڪي سگهيون نه ئي فوجي سگهه ڪم آئي. ذلت ۽ رسوائي جي موجون هڻندڙ لهرن کان نه عالم ۽ مشائخ بچي سگهيا ۽ نه وري عامل ۽ زاهد. پوءِ دنيا ڏٺو ته جيترا مسلمان رسواءِ زمانه بڻيا شايد ئي ڪا ٻي قوم ائين غضب ۽ قهر هيٺ آئي هجي.
وَ ضُرِبَتۡ عَلَیۡہِمُ الذِّلَّۃُ وَ الۡمَسۡکَنَۃُ ٭ وَ بَآءُوۡ بِغَضَبٍ مِّنَ اللّٰہِ ؕ جو مصداق، بني اسرائيل کان پوءِ اسان بڻياسون.
وَ تِلۡکَ الۡاَیَّامُ نُدَاوِلُہَا بَیۡنَ النَّاسِ ۚ (ال عمران-١٤٠)
اهو وقت جو ڦيرو قومن، جماعتن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ هميشه جاري ۽ ساري رهندو اچي ٿو. انهيءَ گرفت کان ڪو به ماءُ جو لال بچي نٿو سگهي. اها اڻٽر ۽ لازوال حقيقت آهي. (سنڌيڪار: نور احمد ميمڻ)