تاريخ، فلسفو ۽ سياست

قومن جي تباهيءَ جي تاريخ

هي ڪتاب ”قومن جي تباهيءَ جي تاريخ“ هارون يحيٰ جو لکيل آهي جنهن جو سنڌيڪار خالد ڀٽي آهي.
هن ڪتاب “قومن جي تباهيءَ جي تاريخ” ۾
هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي پاران 2012 ۾ ڇپايو ويو.
  • 4.5/5.0
  • 4203
  • 1686
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خالد ڀٽي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book قومن جي تباهيءَ جي تاريخ

عاد جا چشما ۽ باغ

اڄ جيڪڏهن ڪو ڏکڻ عرب ڏانهن سفر ڪري ته کيس تمام وڏو رڻ پٽ ۽ بيابان جهاڳڻو پوندو. انهيءَ علائقي جا اڪثر ماڳ، سواءِ ٿورڙن کان، واريءَ سان ڍڪيل آهن. اهي رڻ پٽ ۽ صحرا سوين بلڪه هزارين سالن کان هتي موجود آهن.
پر قرآن شريف اسان کي عاد قوم بابت حيران ڪندڙ معلومات ڏئي ٿو. حضرت هود انهن کي خدائي عذاب کان خبردار ڪندي، سندن ڌيان انهن باغن ۽ چشمن ڏانهن ڇڪايو، جن سان الله پاڪ کين نوازيو هو:
فَاتَّقُوا اللّٰہَ وَ اَطِیۡعُوۡنِ ﴿۱۳۱﴾ۚ وَ اتَّقُوا الَّذِیۡۤ اَمَدَّکُمۡ بِمَا تَعۡلَمُوۡنَ ﴿۱۳۲﴾ۚ اَمَدَّکُمۡ بِاَنۡعَامٍ وَّ بَنِیۡنَ ﴿۱۳۳﴾ۚۙ وَ جَنّٰتٍ وَّ عُیُوۡنٍ ﴿۱۳۴﴾ۚ اِنِّیۡۤ اَخَافُ عَلَیۡکُمۡ عَذَابَ یَوۡمٍ عَظِیۡمٍ.
(سور ة الشعراء : 135-131)
”سو خدا کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو. انهيءَ (مهربان) خدا (جي نافرماني جي نتيجن) کان ڊڄو، جنهن (پنهنجي فضل سان) توهان کي (گهڻيون ئي نعمتون) ڏنيون آهن جي توهان پاڻ ڄاڻو ٿا. (توهان کي خبر آهي ته) هن اوهان کي ڍور ڍڳا (۽ ٻي دولت) ۽ اولاد (۽ لشڪر وغيره) عطا ڪيا آهن. ۽ باغات ۽ چشما (به عطا ڪيا اٿس.) (انهن نعمتن هوندي به جو توهان سندس نافرماني ڪري ظلم ۽ گناه جا ڪم ٿا ڪيو سو) مون کي وڏو انديشو آهي ته هڪ وڏي سخت ڏينهن جو عذاب توهان تي اچي ڪڙڪندو.“
پر جيئن ته اڳ ۾ بيان ٿي چڪو آهي ته عبار جنهن کي ارم شهر قرار ڏنو ويو آهي ۽ جيڪو عاد جو شهر هو، هاڻي مڪمل طور تي صحرا ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، ته پوءِ حضرت هود ڇو اهڙيءَ طرح خطاب ڪيو؟
انهيءَ سوال جو جواب تاريخ جي ماحولياتي انقلاب سان جڙيل آهي. تاريخي رڪارڊ ٻڌائي ٿو ته اهي علائقا جيڪي هينئر مڪمل طرح صحرا (رڻ پٽ) ۾ تبديل ٿي چڪا آهن، اهي ڪڏهن نهايت ئي زرخيز ميدان هئا. انهن جو وڏو حصو سرسبز باغن سان ڍڪيل هو. جيئن قرآن حڪيم بيان ڪيو آهي ۽ ڪجهه هزار سال اڳ تائين هتان جا ماڻهو ڏاڍا سکيا ستابا هئا. جهنگلن ۽ ٻيلن علائقي جي سخت موسم کي خوشگوار ڪري ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ رڻ پٽ موجود هئا، پر ايتري گهڻي ايراضيءَ تي ڪونه هئا.
ڏکڻ عرب ۾ عاد جي رهڻ جي حوالي سان به، ڪيترائي اشارا مليا آهن، جيڪي انهيءَ سوال جي وضاحت ڪن ٿا. انهن اهڃاڻن ۽ آثارن جي مطابق هن علائقي جا ماڻهو اعليٰ معيار جي آبپاشي نظام جا مالڪ هئا ۽ انهيءَ آبپاشيءَ نظام جو واحد مقصد زراعت هيو. اهي ئي علائقا جتي اڄ زندگي محال آهي، ڪڏهن اُتي پوکي راهي ۽ ٻني ٻارو ٿيندو هو.
هن علائقي جي فضائي تصويرن مان به هن علائقي ۾ ندين نهرن ۽ ڊيمن تي مشتمل اهڙي آبپاشي نظام جو ڏس پتو مليو آهي، جنهن ۾ انهن شهرن جي 200،000 کان وڌيڪ ماڻهن جون ضرورتون پوريون ڪيون وينديون هيون.(52) جيئن ان بابت هڪ محقق ڊوئي (doe) لکيو:
”مآرب جو علائقو ايڏو زرخيز هيو جو اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته مآرب ۽ حضر موت جو سڄو درمياني (وچ وارو) علائقو ڪنهن وقت پوک هيٺ رهيو آهي.“ (62)
معروف يوناني مصنف پلائني (pliny) هن علائقي کي ڏاڍو زرخيز علائقو سڏيو آهي، جتي ڌُنڌ (ڪوهيڙو) ڇانيل رهندو هو. هي وڻن واريون پهاڙيون، درياهه ۽ وسيع ٻيلا هئا. حضر موت جي دارالحڪومت ”شيبواه“ مان ملندڙ ڪيترن ئي ڪتبن مان اهڙيون لکتون مليون آهن، ته هتي گهڻي تعداد ۾ ڍور ڍڳا هوندا هئا، جن مان ڪيترن جي قرباني ڪئي ويندي هئي. انهن سڀني حقيقتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هيءُ علائقو تمام گهڻو زرخيز علائقو هو.
صحرائن جي ڦهلجڻ ۽ زرخيز زمينن کي هڙپ ڪرڻ جي رفتار جو اندازو پاڪستان جي سمٿ سونين انسٽيٽيوٽ (Smith sonian institute) جي رپورٽ مان ڪري سگهجي ٿو. رپورٽ مطابق اهي علائقا جيڪي قرون وسطٰي (وچئين دور) ۾ زر خيز هئا، اڄ رڻ پٽ ٿي ويا آهن، جتي 6 ميٽر بلند واريءَ جا دڙا آهن. اهڙيءَ طرح صحرا سراسري طور تي 6 انچ روز جي رفتار سان وڃن ٿا وڌندا، اها رفتار تمام بلند عمارتن کي به دفن ڪري سگهي ٿي. ڄڻ ته اهي ڪڏهن هيون ئي ڪونه. انهيءَ ڪري يمن ۾تهمنه(Timma) جي 1950ع ۾ ڪيل کوٽايون، هاڻي وري ٻيهر واريءَ هيٺ اچي چڪيون آهن. مصر جا احرام به ڪڏهن واريءَ ۾ دفن هئا ۽ تمام ڊگهي عرصي تائين کوٽائين کانپوءِ منظرعام تي اچي سگهيا . يعني اهي علائقا جيڪي اڄ صحرا آهن، بلڪل ممڪن آهي ته ماضيءَ ۾ بلڪل مختلف ڏيک ڏيندا هجن.