قديم آثار ۽ طوفان نوح
جڏهن به ڪائي تهذيب قدرتي آفتن، هنگامي لڏپلاڻ يا جنگ جي ڪارڻ اوچتو تباهه ٿي، ان جا آثار بهتر طور تي محفوظ ٿي ويا. اهڙين تهذيبن جي ماڻهن جا گهر ۽ سندن استعمال هيٺ رهندڙ شيون. مٽيءَ ۾ دٻجي ڪري مختصر وقت ۾ پنهنجي اصل صورت ۾ محفوظ ٿي ويون . اهڙيءَ طرح انساني پهچ کان پري هئڻ جي ڪري، ڊگهي عرصي تائين محفوظ رهيا ۽ جڏهن به انهن جو انڪشاف ٿيو، اهي ماضيءَ جا حوالا معلومات جا املهه ذخيرا ثابت ٿيا.
هاڻوڪي دور ۾ به طوفان نوح جي حوالي سان ڪيترائي آثار هٿ آيا آهن. ٽي هزار قبل مسيح ۾ ايندڙ انهيءَ عظيم طوفان آنًا فانًا هڪ تهذيب کي ڌرتيءَ تان مڪمل طور تي ميساري ڇڏيو ۽ اتي هڪ بلڪل نئين تهذيب ظاهر ٿي. طوفان نوح جا آثار هزارين سالن تائين محفوظ رهيا، ته جيئن بعد ۾ ايندڙ نسلن لاءِ عبرت بڻجي.
واديءِ دجله ۽ فرات (Mesopotamia) ۾ ايندڙ انهيءَ طوفان جي تحقيق جي لاءِ هتي ڪيتريون ئي کوٽائيون ڪيون ويون. هن علائقي ۾ ٿيندڙ کوٽائين جي نتيجي ۾ هتان جي چئن شهرن ۾ طوفان نوح جا آثار هٿ لڳا آهن. واديءِ دجله ۽ فرات جا اهي چار شهر اُر (Ur)، ايرڪ (Erech)، ڪش (Kish) ۽ شروپڪ (Shuruppak) آهن.
انهن شهرن ۾ ٿيندڙ کوٽائين مان ظاهر ٿئي ٿو، ته اهي شهر ٽي هزار سال قبل مسيح جي لڳ ڀڳ طوفان جي زد ۾ آيا هئا. سڀ کان پهريان اسان شهر ار (Ur) ۾ ٿيندڙ کوٽائين جو جائزو وٺون ٿا:
ڪنهن به تهذيب جا سڀ کان قديم ۽ وائلي آثار شهر ار (Ur) جي کوٽائين مان آڏو آيا آهن، جيڪي ست هزار سال قبل مسيح پراڻا آهن. انهن کي هاڻي ”تل المقير“. (Tell al Muqqayar) جو نالو ڏنو ويو آهي. هڪ نهايت ئي ابتدائي تهذيب جو مرڪز هوندي، ار (Ur) هڪ اهڙو شهر هيو، جتي هڪ ٻئي پٺيان ٻيون ڪيتريون ئي تهذيبون وڌيون ويجهيون.
ار(Ur) شهر جي قديم آثارن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هتي وڏي طوفان کانپوءِ زندگي معطل ٿي ويئي هئي ۽ تنهن کان پوءِ هڪ نئين تهذيب جنم ورتو. آر ايڇ هال (R.H.Hall) جنهن جو تعلق برٽش ميوزيم سان هيو، هن هتي پهرين کوٽائي ڪئي. آر ايڇ هال(R.H.Hall) کان پوءِ انهن کوٽائين کي جاري رکندڙ ليو نارڊ وولي (Leonard Wulley) برٽش ميوزيم ۽ پنسلوانيا يونيورسٽيءَ جي گڏيل ڪوشش ۽ ڪاوشن سان ٿيندڙ کوٽائين جي نگراني ڪئي. سڄيءَ دنيا ۾ ٿرٿلو مچائيندڙ اهي کوٽايون 1922ع کان 1934ع تائين جاري رهيون.
سر وولي (Sir Wulley) بغداد ۽ خليج فارس جي وچ واري صحرا ۾ کوٽايون ڪيون. ار (Ur) شهر جا باني ماڻهو واديءِ دجله ۽ فرات جي اتر کان آيا هئا ۽ پاڻ کي ”عبيدي“ سڏائيندا هئا. کوٽائين جو اصل مقصد انهن ئي ماڻهن بابت معلومات هٿ ڪرڻ هو. آثار قديمه جو جرمن ماهر ورنر ڪيلر (Werner Keller) ، وولي جي کوٽائين جو تفصيل هيئن بيان ڪيو آهي:
”ار ((Ur جي شاهن جون قبرون“ ... وولي انهن قبرن جي دريافت تي نهايت پرجوش هو. هن سميري امراي (حاڪمن ) جي انهن قبرن تي نشان لڳائي ڇڏيا، جن جو اصلي شاهاڻو شان ان وقت آڏو آيو، جڏهن هڪ عبادت گاهه جي ڏکڻ ۾ ، 50 فوٽ اوچي دڙي جي کوٽائي ڪئي ويئي، جتي انهن قبرن جي هڪ ڊگهي قطار موجود هئي. پٿرن مان ٺهيل اهي تهه خانا سچ پچ ته هڪ خزانو هئا. اهي تهه خانا قيمتي ساغرن ، حيرت ۾ وجهندڙ شڪل ۽ صورت جي صراحين ۽ گلدانن ، ڪاشيءَ جي ٿانون، موتين ۽ ٻڙن جي ڪم واري سامان ۽ مٽيءَ مان ٺهيل، چانديءَ جي تهه چڙهيل ٿانون سان ڀريل هئا. بربط (ساز جو قسم) ۽ سارنگيون ديوارن سان رکيل هيون.(4) ووليءَ، بعد ۾ پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو: ”هي سڀ ڪجهه اچانڪ ٿيو هو ۽ پوءِ ٿيندڙ دريافتن اسان جي شڪ جي تصديق ڪري ڇڏي. هڪ بادشاهه جي مقبري جي فرش هيِٺان اسان کي سڙيل ڪاٺيءَ جي رک (خاڪ) جي تهه ۾ رکيل مٽيءَ جون ڪيئي تختيون مليون، جن تي قبرن جي تحرير کان به پراڻي طرز جي لکت لکيل هئي. انهيءَ تحرير مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته اهي تختيون (الواح) 3000 ق. م جون آهن، يعني اهي مقبرن کان به، ٻه، ٽي صديون پراڻيون هيون.
جڏهن وڌيڪ کوٽائي ڪئي ويئي، ته مٽيءَ جو نئون تهه آڏو آيو، جنهن ۾ گهريلو استعمال جي ٿانون جا ٽڪرا گهڻائيءَ ۾ موجود هئا. ماهرن جي مطابق هتي ٿانو هڪ ڊگهي عرصي تائين هڪ طرز جا رهيا. اهي ٿانو بلڪل انهن ٿانون وانگر هئا، جيڪي بادشاهن جي قبرن مان مليا هئا.يعني صدين تائين سميري تهذيب ۾ ڪا وڏي تبديلي ڪونه آئي هئي. يعني تمام جلد ئي هنن تهذيب جي حيران ڪندڙ بلندين کي ڇهي ورتو هو.
جڏهن ڪيئي ڏينهن جي کوٽائيءَ کانپوءِ ووليءَ جي ڪارڪنن کيس ٻڌايو، ته هو سڀ کان هيٺين تهه تائين پهچي چڪا آهن ته، هو انهيءَ زميني تهه کي ڏسڻ جي لاءِ پاڻ اتي لٿو. ڏسندي ئي ووليءَ به ان کي آخري تهه سمجهيو. اهو واريءَ جو تهه هو، جيڪا پاڻيءَ جي ڪنهن وڏي ريلي (وهڪري) سان ئي جمع ٿي سگهي پيو. هنن وڌيڪ کوٽائيءَ جو فيصلو ڪيو. 6 فوٽ هيٺ گهرائيءَ تائين خالص مٽي ئي مٽي هئي، پر جڏهن هو. 10فوٽ اونهائيءَ تائين پهتا ته، مٽيءَ جو تهه اهڙيءَ طرح اچانڪ ختم ٿي ويو جهڙيءَ طرح شروع ٿيو هو. هتي کيس انساني سڪونت ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جا آثار نظر آيا. انهيءَ جڳهه مان ملندڙ ٿانو ۽ واهپي جون ٻيون انيڪ شيون نهايت ئي ساديون سوديون ۽ هٿ سان ِٺهيل هيون. هتي ڌاتوءَ مان ٺهيل ڪا به شيءَ ڪو نه ملي. اهي اوزار جيڪي هتان مليا سي پٿر جا ٺهيل هئا. يعني انهيءَ تهذيب جو تعلق پٿرجي دور سان هو.
ار(ur) جي انهيءَ پهاڙيءَ جي هيٺان موجود انهيءَ مٽيءَ جي تهه جو سبب سيلاب ئي ٿي سگهي ٿو. جنهن ٻن مختلف دؤرن جي انساني تهذيبن کي الڳ الڳ ڪري ڇڏيو هو. ٻوڏ جي ايندڙ پاڻيءَ مٽيءَ ۾ محفوظ مختلف آبي جانورن جي آثارن جي صورت ۾ پنهنجا مستقل، واضح ۽ پڌرا نشان ڇڏيا هئا.
خورد بيني تجزيي سان به اهو ثابت ٿي ويو، ته ار (Ur) جي پهاڙيءَ جي هيٺان، مٽيءَ جو اهو تهه سيلاب جو ئي نتيجو هو، جنهن قديم سميري تهذيب کي نيست و نابود ڪري ڇڏيو هو، واديءِ دجله ۽ فرات جي صحرا (رڻ پٽ) جي هيٺان موجود انهيءَ تهه ۾ گلگا ميش جا جنگي داستان ۽ حضرت نوح عليه السلام جي داستان جا تفصيل ڪٺا ٿي ويا هئا.
ليونارڊ وولي (Leonard Wooley) جي انهن خيالن کي ميڪس ميلون (Max Mallowon) به بيان ڪيو آهي، ته سيلاب جي ايندڙ مٽيءَ مان يڪدم ٺهندڙ اهو تهه ڪنهن وڏي ۽ خوفناڪ طوفان سان وجود ۾اچي سگهي ٿو. وولي به انهيءَ سيلابي مٽيءَ جي تهه جو ذڪر ڪيو، جنهن سميري تهذيب جي شهر ار(ur) ۽ العبيد جي شهر کان ڌار ڌار ڪري ڇڏيو هو، جنهن جا رهاڪو، سيلاب جي آثارن جي مطابق رنگين ٿانو استعمال ڪندا هئا. (5)
اهي شاهديون ٻڌائن ٿيون ته سيلاب کان ار(ur) شهر به متاثر ٿيو هو. ورنر ڪيلر (Werner Keller) به انهن کوٽائين جي اهميت جو اعتراف ڪيو ۽ چيو ته مٽيءَ جي انهيءَ تهه ۾ موجود آباديءَ جا آثار ٻڌائن ٿا ته هتي هڪ عظيم سيلاب آيو هو.(6)
سيلاب کان متاثر ٿيندڙ واديءِ دجله ۽ فرات جو ٻيو وڏو شهر سميرين جو شهر ڪش هو، جنهن کي اڄ ڪلهه ”تل الحمير“چون ٿا.
قديم سميري ماخذن جي مطابق هيءُ شهر ڪيئي حڪمران خاندانن جي، رهڻ جو هنڌ هو. (7)
واديءِ دجله ۽ فرات جي ڏکڻ ۾ واقع شهر شروپڪ جنهن کي ”تل فرح“ چون ٿا، اهو به سيلاب کان متاثر ٿيو. انهيءَ علائقي ۾ 1920ع کان 1930ع جي وچ ڌاري پنسلوانيا يونيورسٽيءَ جي Frich Schmidt جي اڳواڻيءَ ۾ تحقيقات ڪئي ويئي. هن علائقي ۾ ٿيندڙ کوٽائين مان انساني آبادي جي ٽن دورن جو ڏس پتو مليو، جن جو تعلق قبل تاريخ زمانه(تايخ جي اڳ واري زماني) جي آخري دور کان اُر(ur) جي ٽيئن حڪمران خاندان جي دور (2112-2004. ق م) تائين آهي. هتان ملندڙ آثارن ۾ نمايان کان نمايان اعلي طرز تي اڏيل گهر ۽ لوهه جون اهي تختيون آهن، جن تي انتظامي نوعيت جي لفظن جي لکت آهي، جيڪا 4000 هزار سال قبل مسيح جي هڪ اعلي ترقي يا فته معاشري جو ثبوت ڏيئي ٿي. (8).
انهن دريافتن مان آڏو ايندڙ هڪ اهم نڪتو هيءُ آهي، ته انهيءَ شهر ۾ 3000-2900 ق.م ۾ خوفناڪ سيلاب آيو هو، ميلون (Mallawon ) جي بيان ڪيل تفصيل جي مطابق شمٽ (Schmidt) 4کان 5 ميٽر گهرائيءَ کانپوءِ زرد مٽيءَ جي تهه تائين پهتو، جيڪو (سيلاب جي نتيجي ۾) مٽيءَ ۽ واريءَ مان وجود ۾ آيو. مٽيءَ جو اهو تهه هموار زمين ۾، دڙن دڪن جي بنست گهٽ گهرائيءَ تي واقع آهي. شمت (Schmitdt ) انهيءَ کي مٽي ۽ واريءَ جو محلول (مرڪب) قرار ڏنو، جيڪا حڪمران نصر جي قديم بادشاهت جي وقت کان موجود هئي ۽ درياهه ۾ ملندڙ واريءَ جهڙي هئي، جيڪا طوفان نوح سان ئي آئي.(9) شروپڪ شهر ۾ ٿيندڙ کوٽائين مان به 3000-2900 ق. م جي وچ ڌاري آيل سيلاب جا آثار مليا. غالباً هيءُ شهر به ٻين شهرن وانگر طوفان نوح کان شديد متاثر ٿيو هو.(10)
سيلاب کان متاثر هاڻوڪو لڌل شهر ايرڪ آهي، جيڪو شروپڪ جي ڏکڻ ۾ واقع آهي ۽ هينئر ”تل الورقه“سڏجي ٿو. ٻين شهرن وانگر هتي به سيلاب جي مٽيءَ جو تهه موجود آهي، جنهن جو تعلق ٻين شهرن وانگر 3000-2900 ق.م جي دور سان آهي.(11)
دجله درياهه ۽ فرات پنهنجي واديءَ کي هڪ سري کان ٻئي سري تائين ڪٽن ٿا. آثارن مان ائين ٿو لڳي ته ، طوفان جي دوران اهي ٻئي درياهه ۽ پاڻيءَ جا ٻيا ننڍا وڏا مڙئي ذريعا ڦاٽي نڪتا ۽ شديد برساتن جي موجودگيءَ ۾ هڪ عظيم طوفان ۾ تبديل ٿي ويا، قرآن حڪيم جي مطابق:
فَفَتَحۡنَاۤ اَبۡوَابَ السَّمَآءِ بِمَآءٍ مُّنۡہَمِرٍ ﴿۫ۖ۱۱﴾ وَّ فَجَّرۡنَا الۡاَرۡضَ عُیُوۡنًا فَالۡتَقَی الۡمَآءُ عَلٰۤی اَمۡرٍ قَدۡ قُدِرَ ﴿ۚ۱۲﴾ (سورة القمر: 12-11 )
”سو اسان آسمان جا دروازا زبردست برسات سان کولي ڇڏيا (۽ مينهن پرٽجي پيو).۽ (ان سان گڏ) زمين مان چشما وهائي ڇڏياسين. سو (آسمان ۽ زمين جو) پاڻي گڏجي پيو ۽ (الله جي حڪم) موجب ٺهرايل حد تائين چڙهيو.“
جيڪڏهن اسان سيلاب جي سببن جو، هڪ ٻئي پٺيان جائزو وٺون ته ، اهو ڏسڻ ۾ ايندو ته اهو سيلاب بلڪل هڪ قدرتي عمل هو. انهيءَ سيلاب جو معجزاڻو پهلو سڀني سببن جو هڪ ئي وقت ڪٺو ٿيڻ ۽ حضرت نوح عليه السلام جو پنهنجي قوم کي، وقت کان اڳ اطلاع ڏيڻ هو.
تحقيقات وسيلي، آڏو ايندڙ معلومات مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته سيلاب کان متاثر ٿيندڙ علائقو اوڀر ۽ اولهه کان تقريباً 160 ڪلوميٽر (ويڪر۾) ۽ اتر ۽ ڏکڻ کان 600 ڪلوميٽر ڊيگهه ۾ پکڙيل آهي. يعني سيلاب پوري واديءِ دجله ۽ فرات کي پنهنجي زد ۾ ورتو. سيلاب کان متاثر ٿيندڙ شهر يعني اُر، ايرڪ، شروپڪ ۽ ڪش به هڪ قطار ۾ واقع آهن. انهيءَ ڪري انهن چئني شهرن جي آبادي ۽ آس پاس وارا علائقا سيلاب کان متاثر ٿيا. وڌيڪ اهو ته 3000 ق-م هن علائقي جي جاگرافيائي بيهڪ ۽ بناوٽ به اڄ کان بلڪل مختلف هئي. انهيءَ دور ۾ فرات جو تهه اڄ جي ڀيٽ ۾ اوڀر طرف گهڻو هو. اهڙيءَ طرح هيءُ اُر، ايرڪ، شروپڪ ۽ ڪش کان گذرندو هو. اهڙي ئي طرح جڏهن ”آسمان ۽ زمين جي پاڻيءَ جا چشما ڦاٽي نڪتا“ ته فرات پنهنجي ڪنارن کان ٻاهر وهي نڪتو ۽ چار ئي شهر تباهه ۽ برباد ٿي ويا.