تاريخ، فلسفو ۽ سياست

قومن جي تباهيءَ جي تاريخ

هي ڪتاب ”قومن جي تباهيءَ جي تاريخ“ هارون يحيٰ جو لکيل آهي جنهن جو سنڌيڪار خالد ڀٽي آهي.
هن ڪتاب “قومن جي تباهيءَ جي تاريخ” ۾
هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي پاران 2012 ۾ ڇپايو ويو.
  • 4.5/5.0
  • 4203
  • 1686
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خالد ڀٽي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book قومن جي تباهيءَ جي تاريخ

فرعون جو اقتدار

مصري تهذيب جو دارو مدار نيل درياهه جي زرخيزيءَ تي هو. آبپاشيءَ جي سهولتن سبب مصرين جي گهڻائي واديءِ نيل ۾ آباد هئي. اهڙيءَ طرح هو برسات تي ڀاڙڻ جي بدران پنهنجي زمين کي، نيل درياهه جي پاڻيءَ سان آباد ڪري سگهندا هئا. معروف مؤرخ ارنسٽ ايڇ گومبرچ (Ernst H.Gombrich) جي مطابق آفريقا نهايت ئي گرم علائقو آهي ۽ ڪنهن وقت ته ڪيترن ئي مهينن تائين هتي برسات ناهي پوندي. ان ڪري هن وسيع براعظم جا اڪثر علائقا تمام گهڻو خشڪ آهن. اهي علائقا وسيع رڻ پٽن ۽ بيابانن تي مشتمل آهن . نيل درياهه جا ٻئي طرف به صحرائن تي مشتمل آهن ۽ مصر ۾ بارشون گهٽ وڌ ٿينديون رهنديون آهن. پر هن ملڪ ۾ بارشن جي ايڏي ضرورت ڪونهي پوندي، ڇو ته سڄي ملڪ جي وچ مان نيل درياهه وهي ٿو.(33)
نيل درياهه جي انهيءَ مرڪزي حيثيت جي ڪري جيڪو به هن تي قبضو ڪندو آهي، تنهن کي مصر جي معيشت ۽ زراعت جي وڏي حصي تي قبضو حاصل ٿي ويندو آهي. مصر جي فرعونن به ملڪ تي اهڙيءَ طرح قبضو ڄمايو هو. واديءِ نيل جي تنگ ۽ عمودي بناوت جي ڪارڻ، ماڻهو هتي پنهنجي رهائشي گهرن کي گهڻو ڦهلائي ڪو نه پيا سگهن. اهڙيءَ طرح مصرين پنهنجي رهڻ لاءِ وڏن گهرن بدران ننڍيون ننڍيون بستيون ۽ ڳوٺ اڏيا هئا. ان ڪري به فرعونن جو پنهنجي عوام تي اقتدار ۽ قبضو وڌيڪ مستحڪم ۽ مضبوط ٿي ويو هو.
شاه مينيس (King Menes) کي قديم مصر جو پهريون فرعون سمجهيو ويندو آهي. هن تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 3000 ق-م ۾ پوري مصر کي متحد ڪيو هو. فرعون جي اصطلاح جو لاڳو ٿيڻ حقيقت ۾ انهيءَ محل تي ٿيندو هو، جنهن ۾ مصري بادشاهه رهندو هو، مگر وقت گذرڻ سان گڏو گڏ اهو خود بادشاهه جو لقب بڻجي ويو. اهڙيءَ طرح عظيم مصري حڪمرانن پاڻ کي فرعون سڏائڻ شروع ڪيو.
ملڪ جا مالڪ، منتظم ۽ حڪمران هئڻ جي ڪري فرعونن کي قديم مصر جي مسخ شده مشرڪاڻي مذهب ۾ سڀ کان وڏي ديوتا جو مظهر سمجهيو ويندو هو. قديم مصري زمينن جو انتظام، ان جي آمدن جو نظم و نسق، رياستي معاملا ۽ مملڪت جا ٻيا ڪم ڪار، فرعون جي اقتدار هيٺ ئي هلايا چلايا ويندا هئا.
فرعونن کي حاصل، مطلق اقتدار جي ڪري، هو ملڪ ۾ مختيارِڪل هئا. جيڪي گهراندا هئا سو ڪندا هئا. فرعونن جي اقتدار جي شروعات يعني شاهه مينيس (King Menes) جي زماني کان ٿي، جنهن مٿين ۽ هيٺين (يعني سڀني) مصرين کي متحد ڪري، عظيم مصري سلطنت قائم ڪئي هئي، نيل درياهه جي پاڻيءَ جي عوام تائين، شهرن جي ذريعي پهچ جو انتظام ڪيو ويو هو. ان سا ن گڏوگڏ ئي تمام رياستي پيداوار کي حڪومتي قبضي ۾ ورتو ويو هو. سڀني جنسن جي پيداوار ، بادشاهه جي استعمال ۾هئي. اهو ئي رعيت (عوام) ۾ ضرورت آهر تقسيم ڪندو هو. ملڪ ۾ ايتري با اختيار بادشاهه جي لاءِ اها ڳالهه سندس لاءِ ڏکي نه هئي، هو عوام کي هر لحاظ کان پنهنجو مطيع ۽ فرمانبردار بڻائي وٺندو هو. مصري بادشاهه فرعون هڪ مقدس هستي سمجهيو ويندو هو، جيڪو ماڻهن جي هرطرح جي ضرورتن جو ڪفيل هو. اهڙيءَ طرح ان کي ديوتا جو درجو حاصل ٿي چڪو هو. اهڙيءَ طرح هو ريان هوريان فرعون پنهنجو پاڻ کي ديوتا سمجهڻ لڳا هئا.
قرآن حڪيم ۾ بيان ٿيل فرعون جي ڪجهه ڳالهين مان اها خبر پوي ٿي ته فرعون ان طرح جو عقيدو رکندا هئا. فرعون، حضرت موسيٰ عليه السلامکي مخاطب ٿيندي چيو هو، ته جيڪڏهن تون مون کان سواءِ ڪنهن ٻئي خدا جو ذڪر ڪندين ته مان توکي قيد ڪندس. (سورة الشعراءَ: 29) ان سان گڏو گڏ هن پنهنجي پوئلڳن سان مخاطب ٿيندي چيو هو ته مان پاڻ کان سواءِ توهان جو ڪو خدا نٿو ڏسان. (سورة القصص: 38) فرعون جي انهيءَ گفتگوءَ مان صاف پڌرو آهي ته هو پاڻ کي مصرين جو خدا سمجهندو هو.