هل سبا ۽ عرم واري ٻوڏ
(سورة: سبا: 16-15 )
”سبا جي ماڻهن لاءِ خود سندن گهرن يا ڳوٺن ۾ وڏي نشاني هئي. (سندن رستن يا واهن جي ٻنهي پاسن تي هر هنڌ ) ٻه باغ هئا. هڪڙو ساڄي پاسي ۽ ٻيو کاٻي پاسي، (هنن کي الله وٽان ارشاد مليل هوته) پنهنجي پروردگار جي رزق مان کائو پيئو ۽ سندس شڪر گذاري ڪيو. (يعني سندس نعمتون ورهائڻ ۾ ٻين ماڻهن سان عدل ۽ احسان ڪيو) اهو ڏاڍو سهڻو ۽ آباد ۽ آسودو ملڪ هو ۽ (سندن) پروردگار (هنن جو خطائون) باربار بخشيندڙ هو. پر پوءِ هنن (خدا جي حڪمن کان) منهن موڙيو، تنهنڪري اسان هنن جي مٿان وڏي ٻوڏ عرم واري موڪلي ۽ سندن ڪَوڙا ڦل، لَيون ۽ ننڍڙيون بيڪار ٻيريون وڃي رهيون.“
سبا قوم جو شمار ڏکڻ عرب جي چئن وڏين تهذيبن ۾ ٿيندو هو. انهن ماڻهن جو دور 1000- 750 ق-م کان 550 عيسويءَ تائين آهي. انهيءَ دوران تقريباً ٻن صدين تائين ايران ۽ عرب مٿن حملو ڪندا رهيا. اهل سبا جي تهذيب جو تاريخي عرصو هڪ متنازع (اختلافي) معاملو آهي. هنن پنهنجي حڪومتي دستاويزن جو رڪارڊ 600 ق-م کان رکڻ شروع ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو ان کان اڳ، انهن بابت ڪا ڄاڻ ڪونه ٿي ملي.
قومِ سبا بابت تمام گهڻو پراڻو حوالو آشوري بادشاهه سارگنII (722-705ق-م) جي سالانه جنگي حالتن جي تاريخ آهي. سارگن ٽيڪس ڏيندڙن جو رڪارڊ تيار ڪرائيندو هو. ان ۾ سبا ملڪ جي بادشاهه يت اماره (Yithi-amara) جو به ذڪر ملي ٿو.
سبائي تهذيب بابت اسان وٽ اهو تمام اوائلي حوالو آهي. تنهن هوندي به انهيءَ ماخذ تي ئي ڀاڙيندي به اهو چئي سگهجي ٿو ته تاريخي رڪارڊ جي ابتدا تمام گهڻو اڳ، يعني لڳ ڀڳ 700 ق-م جي دوران به اهلِ سبا موجود هئا. اهڙيءَ طرح سبا جي تاريخ وڌيڪ پراڻي ۽ قديم ليکجي ٿي.
رياست اُر (Ur) جي آخري بادشاهن مان ارد ننار (Arad-Nannar) جي ڪتبن مان به ”سبهم“ جو تذڪرو ملي ٿو، جنهن مان سبا ملڪ ئي مراد ورتو ويو آهي.(39) جيڪڏهن واقعي ئي ان مان مراد سبا ملڪ ئي هجي ته ان جي تاريخ 5200 ق- م جي قريب ليکبي.
سبا بابت تاريخي حوالا ٻڌائن ٿا ته اها به فونيقي (Phonenician) قبيلن وانگر ئي تهذيب هئي. خاص ڪري تجارتي سرگرمين ۾ هڪ جهڙي هئي. انهيءَ ڪري انهن ماڻهن شمالي (اتر)عرب کان لنگهندڙ اڪثر شاهراهن جي تعمير ڪئي هئي. جيئن ته سبائين کي واپار جي مال جي نقل و حمل لاءِ اتر عرب، بحيره روم ۽ غزه وغيره کان گذرڻو پوندو هو، ان ڪري هو علائقي جي بادشاهه سارگن II کان اجازت وٺڻ ۽ ان کي ڪجهه ٽيڪس ڏيڻ جا پابند هئا. جڏهن سبائين آشوري حڪومت کي ٽيڪس ادا ڪرڻ شروع ڪئي ته ان جو نالو به سرڪاري رڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو.
تاريخ ۾ اهل سبا کي مهذب قوم طور سڃاتو وڃي ٿو. سبا جي حڪمرانن جي ڪتبن ۾ ”بحالي“، ”وقف” ۽ ”تعمير“ جا لفظ ڪثرت سان استعمال ٿيا آهن، انهن ماڻهن جي فنِ تعمير جو هڪ نمونو مآرب ڊيم (Ma' rib Dam) فني مهارت جو کليل ثبوت آهي. انهن جي عسڪري قوت به ايتري ئي گهڻي عمده هئي . هڪ ڊگهي عرصي تائين سندن تهذيب جي بقا جو هڪ سبب سندن مضبوط فوج به هئي.
اهلِ سبا جي فوج، علائقي جي مضبوط ترين فوج هئي. انهيءَ فوج جي ڪري اها رياست پنهنجا وڏا وڏا ارادا ۽ ڪم پورا ڪندي هئي. سبا جي حڪومت قديم قطبائي رياست (Qataban State) جا اڪثر علائقا فتح ڪري ورتا هئا. آفريڪا کنڊ جا ڪيئي علائقا به انهن جي قبضي هيٺ هئا. هن 24 ق. م ۾ مغربي مهمات جي دوران پنهنجي دور جي مضبوط ترين رياست ”سلطنتِ روم“ جي مصري گورنر مرڪس ايليس گيلس (Marcus Aelius Gallus) کي شڪست ڏني. سبا ملڪ جديد پاليسين کي رائج ڪرڻ واري مملڪت هئي ۽ جتي اڻ ٿيڻي هوندي هئي، اُتي طاقت جو استعمال ڪندي هئي. پنهنجي ترقي يا فته تهذيب ۽ فوجي طاقت جي ٻل تي سبا ملڪ پنهنجي علائقي جو هڪ سپر پاور هيو.
سبا ملڪ جي غير معمولي طاقتور فوج جو تذڪرو قرآن حڪيم ۾ به بيان ڪيو ويو. سبائي فوج جي ڪمانڊر جا لفظ جيڪي هن پنهنجي ملڪه سان گفتگوءَ دوران استعمال ڪيا، انجي اعتماد ۽ فوجي طاقت کي ظاهر ڪن ٿا:
قَالُوۡا نَحۡنُ اُولُوۡا قُوَّۃٍ وَّ اُولُوۡا بَاۡسٍ شَدِیۡدٍ ۬ۙ وَّ الۡاَمۡرُ اِلَیۡکِ فَانۡظُرِیۡ مَاذَا تَاۡمُرِیۡنَ
(سورة: النمل: 33 )
”سردارن ورندي ڏني ته اسان وڏي طاقت وارا ۽ سخت لڙاڪو آهيون (تنهن ڪري سليمان سان به لڙڻ لاءِ تيار آهيون پر اسان کي تنهنجي راءِ تي ڀروسو آهي.) معاملو تنهنجي هٿ ۾ آهي.(اسان چاهيون ٿا ته تون پاڻ فيصلو ڪرين) خيال ڪري ڏس ته ڪهڙو حڪم ٿي ڏئين.“
مملڪت سبا جي گاديءَ جو هنڌ مآرب، پنهنجي جاگرافيائي اهميت جي سبب ڪري نهايت آسودو علائقو هو. گاديءَ جو هنڌ ”درياهه اجنانه“ جي تمام ويجهو هو.
جبلِ برق، جتان کان درياهه لنگهندو هو، ڊيم جي تعمير لاءِ نهايت ئي موزون مقام هو. پنهنجي تهذيب جي قيام جي ابتدائي دور ۾ اهلِ سبا، هتي هڪ اهم ڊيم تعمير ڪيو ۽ ان مان آبپاشيءَ جو ڪم وٺڻ شروع ڪيائون. اهڙيءَ طرح هو ڏاڍا خوشحال ٿي ويا. مارب جو انهيءَ دور جي نهايت ئي ترقي يا فته شهرن ۾ شمار ٿيندو هو. انهيءَ علائقي جو دورو ڪندڙ يوناني مؤرخ پلائني (Pillny) هن شهر جي زرخيزيءَ ۽ ساوڪ جي ڏاڍي تعريف ڪري ٿو. (40)
مآرب جي ڊيم جي بلندي 16 ميٽر، ويڪر 60 ميٽر ۽ ڊيگهه 220 ميٽر هئي. انگن اکرن مطابق هن ڊيم مان سيراب ٿيندڙ ڪل ايراضي 9600 ايڪڙ هئي، جنهن مان 5300 ايڪڙ ايراضي ڏاکڻين ميدانن ۽ بقايا اترين ميدانن مان هئي. سبا جي اڪثر ڪتابن مان ان جو تذڪرو ”مآرب ۽ ٻه ميدان“ چئي ڪري ڪيو ويو آهي.(41) قرآن حڪيم ”ساڄي ۽ کاٻي ٻه باغ“ چئي ڪري انهن کي ٻن ميدانن ۽ انهن ۾ موجود انگورن جي باغن ڏانهن اشارو ٿو ڪري. انهيءَ ڊيم ۽ آبپاشيءَ جي نظام جي ڪر ي هيءُ علائقو پنهنجي زرخيزي ۽ ڦل ڏيڻ جي ڪري پوري يمن ۾ مشهور ٿي ويو. فرانسيسي محقق جي هالوي (J. Holevy) ۽ آسٽريا جي محقق گلازر (Glaser) تاريخي شاهدين مان ثابت ڪيو آهي ته مآرب جو ڊيم اوائلي دور کان موجود هو. حميري ٻوليءَ ۾ لکيل اڪثر دستاويزن ۾ انهيءَ ڳالهه جو ذڪر موجود آهي، انهيءَ ڊيم سان پورو علائقو زرخيز ٿي ويو هو.
پنجين ۽ ڇهين صدي عيسويءَ ۾ هن ڊيم جي ڪيئي ڀيرا مرمت ڪئي ويئي، پر ان جي باوجود 245ع ۾ هي ڊيم تباهه ٿي ويو. اها تباهي عرم جي انهيءَ عظيم سيلاب جي نتيجي ۾ هئي جنهن جو تذڪرو قرآن مجيد ۾ به ڪيو ويو. انگورن جا باغ، زر خيز ميدان، جن کي اهل سبا سوين سالن کان پوکيندا پيا اچن، مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا. ڊيم جي تباهيءَ کان پوءِ، اهل سبا زوال جي اٿاهه گهرائين ۾ ڪري پيا. سبا مملڪت ڊيم جي تباهيءَ سان گڏ ئي ختم ٿي وئي.