ڇا اصحابِ ڪهفِ طرسوس (Tarsus) ۾ آهن؟
گهڻن مسلم محققن جي خيال مطابق اهو تصور درست آهي. معروف قرآن جي مشهور مفسر امام طبري رحمة الله اصحابِ ڪهف جي پهاڙيءَ جو نالو بين ڪي لس (Bencilus)بيان ڪيو آهي ۽ پنهنجي ڪتاب ”تاريخ الامم المملوڪ“ ۾ شهر جو نالو طرسوس لکيو آهي(47). جڏهن ته هڪ ٻيو مفسر محمد امين پهاڙيءَ جي نالو پين ڪي لس (Pencilus)۽ شهر جو نالو طرسوس ئي لکيو آهي. اهو بلڪل ممڪن آهي ته پين ڪي لس (Pencilus) جو اُچار به بين اين ڪي لس ٿي ويو هجي. ان مطابق انهن لفظن ۾ فرق جو ڪارڻ اکر ”B“ جي مختلف ادائيگيءَ جو انداز يا وقت گذرڻ سان گڏو گڏ ”B“ اکر جو ختم ٿي وڃڻ آهي.(48)
امام فخرالدين رازي رحمة الله ، جيڪو قرآن جو مشهور عالم آهي، لکي ٿو ته: ”جيتوڻيڪ انهيءَ جڳهه کي ايفي سس (Ephesus) چيو وڃي ٿو، پر ان مان مراد طرسوس ئي آهي، ڇو ته اهو به طرسوس جو ئي ٻيو نالو آهي.(49)
ان کانسواءِ قاضي بيضاويرحمة الله، امام نسفيرحمة الله، جلالين، التبيان، المالي (Elmali)، نصوحي بلمن (O. Nasuhi Bilmen) ۽ ٻين ڪيترين ئي محققن جي خيال مطابق اها جڳهه طرسوس ئي آهي. اهي سڀئي مفسرَ سورة ڪهف جي سترهين آيت ”تون کين غار ۾ ڏسين ها ته ائين لڳئي ها ته سج جڏهن اڀري ٿو ته سندن غار کان هٽي ساڄي پاسي لهي مڙي وڃي ٿو.“ جي وضاحت ۾ لکن ٿا ته انهيءَ غار جو منهن اتر طرف واقع آهي. (50)
اصحابِ ڪهفِ جي قيام جي جڳهه سلطنت عثمانيه جي دور ۾ به تحقيق جو موضوع رهي. انهيءَ حوالي سان عثماني آرڪيوز جي کاتي ۽ وزارتِ عظميٰ ۾ خط و ڪتابت به ٿيندي رهي. طرسوس جي مقامي انتظاميه پاران عثماني وزارتِ خزانه کي خط لکيو ويو ته اصحابِ ڪهف جي غار ۾ سار سنڀال ڪرڻ جي پگهار جو انتظام ڪيو وڃي. جنهن جي جواب ۾ خزاني واري وزارت طرفان اهو لکيو ويو، ته انهن ماڻهن کي سرڪاري خزاني مان پگهار ڏيڻ کان اڳ انهيءِ معاملي جي تصديق ضروري آهي، ته ڇا سچ پچ اها اصحاب ڪهف جي غار آهي. انهيءَ بابت ٿيندڙ تحقيق اصحابِ ڪهف جي مقام جي تعين ڪرڻ ۾ ڪافي معاون ۽ مدد گار ثابت ٿي سگهي ٿي.
نيشنل ڪائونسل جي طرفان ڪيل تحقيق ۾ لکيو ويو، ته طرسوس جي اتر ۾، صوبي ادانه ۾، طرسوس کان ٻن ڪلاڪن جي پنڌ تي هڪ پهاڙيءَ تي هڪڙي غار آهي، جنهن جو منهن قرآن حڪيم جي تفصيل جي مطابق اتر ڏانهن ئي واقع آهي.(51)
اهو سوال ته اصحاب ڪهف ڪير هئا؟ سندن زمانو ۽ علائقو ڪهڙو هو؟ هر دور ۾ محققن جو موضوع رهيو آهي ۽ ان بابت وقت بوقت چڱي خاصي ڄاڻ به آڏو ايندي رهي ٿي. تنهن هوندي به هٿ آيل يا مليل ڄاڻ منجهان، ڪنهن کي به يقيني چئي نٿو سگهجي ۽ اصحاب ڪهف جنهن جو ذڪر قرآن مجيد ۾ آيو آهي، جي زماني ۽ علائقي بابت ڪو تعين، هاڻي تائين ڪنهن پڪي ثبوت ۽ تاريخي شاهديءَ جو گهرجائو آهي.
1- مٿي ڄاڻايل بحث ليکڪ جو پنهنجو خيال آهي. هاڻوڪن عالمن جو غالب رجحان عثمان (اردن) جي قريب واقع غار طرف آهي. حوالو جهان ديده (مولانا محمد تقي عثماني) نوٽ از: سعود عثماني