آمن حو تپ چوٿون (Amenhotep-iv): موحد فرعون
جڏهن اهو 1375 ق-م ۾ تخت نشين ٿيو ته کيس صدين کان جاري رجعت پرستي ۽ مشرڪاڻين روايتن کي منهن ڏيڻو پيو. ان دؤر تائين معاشرتي نظام ۽ ماڻهن جا شاهي خاندان سان واسطا ۽ لڳ لاڳاپا بنا تغير جي هلندا پيا اچن. هن معاشري ، بيروني ارتقا (ٻاهرين واڌ ويجهه) ۽ مذهبي روشن خياليءَ تي پنهنجو هر دروازو بند ڪري ڇڏيو هو. اهو انتها پسنداڻو رويو، جنهن جو تذڪرو قديم يوناني سياحن به ڪيو آهي، مصري سماج جي انهيءَ جاگرافيائي بناوت جي ڪري هيو، جنهن جو اسان مٿي ذڪر ڪري چڪا آهيون.
مصر جي فرعونن جي طرف کان نافذ ڪيل سرڪاري مذهب جي حوالي سان عوام تي، هر قديم ۽ روايتي عقيدي تي غير مشروط ايمان آڻڻ ضروري هيو. مگر آمن حوتپ چوٿين انهيءَ سرڪاري مذهب کي اختيار ڪو نه ڪيو. مؤرخ ارنسٽ گومبرچ (Ernst Gombrich) جي مطابق: ”صديون پراڻيون روايتن منجهان گهڻين روايتن کي هن ختم ڪري ڇڏيو. هو ماڻهن جي تراشيل (گهڙيل) بيشمار بتن جو احترام ڪو نه ڪندو هو. هن جي خيال ۾ هڪ خدا (Aton) ئي واحد معبود هو، جنهن کي هو سج جي صورت ۾ بيان ڪندو هو ۽ پنهنجي انهيءَ معبود جي نالي تي هن پنهنجو نالو ”اخن ايتون“ رکيو هو. هن پنهنجي درٻار، بتن جي پرستش ڪندڙ مذهبي پنڊتن جي دور کان قائم ڪري ورتي هئي. انهيءَ هنڌ کي هاڻي الامارنه (El-Amarha) چون ٿا.“ (34)
پيءُ جي گذاري وڃڻ کانپوءِ آمن حوتپ چوٿين تي دٻاءُ وڌو ويو. انهيءَ دٻاءُ جو ڪارڻ مصر جي روايتي مشرڪاڻي ۽ گهڻ معبودي مذهب جي مقابلي ۾ هڪ نئين توحيدي مذهب جو پرچار ڪرڻ هو ۽ اهو ته هو زندگيءَ جي هر مسئلي ۾ واضح تبديلي آڻڻ گهري پيو. مگر مذهبي اڳواڻ کيس انهيءَ مذهب جي پيغام جي تبليغ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ تي راضي نه هئا، تنهن تي هن پنهنجي سمورن ساٿين سميت ٿيبس (Thebes) جي شهر کان نڪري ڪر ي”تل الاامارنه“ جي ماڳ تي اچي ڪري قيام ڪيو. هتي هن ”اخن ايتون“ جي نالي سان هڪ نئون ۽ جديد شهر آباد ڪيو. آمن حوتپ چوٿين پنهنجو نالو جنهن جو مفهوم ”آمن جي رحمت“ هيو، تبديل ڪري ”اخن ايتون“ يعني ”ايتون جو مطيع“ رکيو. مصري گهڻ معبودي عقائد مطابق ايمن سڀ کان وڏي معبود جو نالو هو، جڏهن ته آمن حوتپ جي مطابق ايتون آسمانن ۽ زمينن جي خالق جو نالو آهي، يعني صفتن جي لحاظ کان”الله“ سان مشابهت هئي.
آمن حوتپ جي سرگرمين مان مصر جا مذهبي پيشوا ناراض ته هيا ئي سهي، ان دوران پيدا ٿيندڙ هڪ معاشي بحران مان فائدو وٺندي هنن آمن حوتپ کان اقتدار کسڻ جو منصوبو ٺاهيو. ايستائين جو هڪ سازش جي ذريعي کيس زهر ڏياري هلاڪ ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح بعد ۾ ايندڙ فرعونن مذهبي پيشوائن جي اثر رسوخ جي آڏو نهايت محتاط هئا.
”اخن ايتون“ کانپوءِ عسڪري پس منظر رکندڙ فرعون اقتدار ۾ ايندا رهيا. هنن پراڻي مشرڪاڻي مذهب کي هٿي ڏيڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. لڳ ڀڳ هڪ سو سالن کانپوءِ راميسس-II تخت نشين ٿيو، جيڪو مصري تاريخ جو طويل دور رکندڙ حڪمران هو. اڪثر مؤرخن جي خيال ۾ راميسس-II ئي بني اسرائيل جي ٻارن کي قتل ڪرڻ ۽ حضرت موسيٰ عليه السلام جي خلاف جنگ ڪندڙ حڪمران هو. (35)