عاد جي اولاد ۽ حضر موت وارن جا حالات
ڪيترن ئي هاڻوڪن سائنسدانن جو خيال آهي ته عاد جي قوم هڪ تغير ۽ تبدل جي دور مان گذري ۽ وري تاريخ جي هڪ مرحلي تي ظاهر ٿي. اوهيو (Ohio) يونيورسٽيءَ جي هڪ محقق ڊاڪٽر ميڪائيل ايڇ رحمٰن(Dr. Mikail H. Rahman) جي خيال ۾ عاد ڏکڻ يمن جي چئن قبيلن منجهان هڪ قبيلي حضر موت وارن جا ابا ڏاڏا آهن. 500 ق-م ۾ هن علائقي ۾ رهندڙ اهل حضرموت واحد ذڪر ڪيل قوم آهي، جنهن کي ماڻهو ”خوش نصيب عرب“ چوندا هئا. اها قوم ڏکڻ يمن جي علائقي تي طويل عرصي تائين حڪمران رهي ۽ زوال جي طويل موت کانپوءِ 240ع تي بلڪل نيست و نابود ٿي ويئي.
حضرميءَ جو نالو به ظاهر ڪري ٿو ته عاد جي اولاد مان آهن. يوناني مصنف پلائني (Pliny) جنهن جو تعلق ٽئين صدي ق-م سان آهي، اهو به انهيءَ قبيلي کي ”ادرمي“ جي نالي سان ڄاڻائي ٿو، جنهن مان مراد حضرمي ئي آهي . (23)
يونانين جي اصطلاحن ۾ اسم کي بطور لاحِقه (يعني لاحق جي تانيث، پٺيان لڳايل، وابسته لفظ ٺاهڻ لاءِ، لفظ جي آخر ۾ ڪوئي لفظ لڳائڻ جيئن نامه بر ۽ دلبر وغيره) استعمال ڪيو ويندو آهي، تنهن ڪري انهن جو گهڙيل لفظ ”ادرم“ صاف طور تي قرآن حڪيم ۾ ذڪر ڪيل ”عاد ارم“ جي بگڙيل شڪل معلوم ٿئي ٿي.
جاگرافيءَ جو ماهر بطليموس (150-100ع) ٻڌائي ٿو ته جزيره نما عرب جي ڏکڻ ۾ ”ادرمي“ قوم رهندي هئي. انهيءَ علائقي کي تاحال ”حضرموت“ چيو ويندو هو. حضرمي رياست جي گاديءَ جو هند ”شيبواه“ حضرموت واديءَ جي اولهه ۾ موجود هو. ڪيئي پراڻين روايتن مطابق، عاد ڏانهن مبعوث ٿيندڙ پيغمبر حضرت هود جي مزار به حضرموت ۾ ئي آهي.
هڪ ٻي نشاني جيڪا حضرمين کي عاد جي نسل ۽ تسلسل هئڻ کي تقويت ڏيئي ٿو، سندن دولت آهي. يونانين ، حضرمين کي وڌ ۾ وڌ آسودي قوم قرار ڏنو. تاريخ مان خبر پوي ٿي ته، حضرمي لوبان جي پوک ۽ پيداوار ۾ نهايت ئي ترقي يافته هئا. جيڪو پنهنجي دور جو تمام گهڻو قيمتي ٻوٽو هيو. هنن انهيءَ ٻوٽي جي استعمال کي ڏاڍي وسعت ڏني. هن ٻوٽي جي پوک اڄ جي نسبت، حضرموت ۾ ڪيئي ڀيرا وڌيڪ هئي.
حضر موت جي دارالحڪومت ”شيبواه“ جي کوٽائين مان به ڪافي دلچسپ معلومات آڏو آئي آهي. 1975ع ۾ ٿيندڙ انهن کوٽائين مان شهر جي آثارن تائين، واريءَ جي اونهن تهن جي ڪري، پهچڻ ڏاڍو مشڪل هو، تنهن هوندي به کوٽائيءَ جي پڄاڻيءَ تي آڏو ايندڙ آثار حيرت ۾ وجهندڙ هئا. آڏو ايندڙ شهر، هيل تائين دريافت ٿيندڙ شهرن منجهان وڌيڪ دلچسپيءَ وارو هو. ديوارن سان ڀرپور اهو شهر قديم يمن جي، هيل تائين سامهون ايندڙ مڙني ماڳن کان، تمام وڏو هو ۽ ان جو محل حقيقي معنيٰ ۾ هڪ پرشڪوه ۽ عظيم عمارت هئي.
بنا شڪ شبهي جي اهو نتيجو اخذ ڪري سگهجي ٿو ته، حضرمين تعمير جي فن جي اها مهارت پنهنجي ابن ڏاڏن کان حاصل ڪئي هئي. حضرت هود، عاد کي خدائي عذاب کان خبردار ڪندي ارشاد فرمايو هو:
اَتَبۡنُوۡنَ بِکُلِّ رِیۡعٍ اٰیَۃً تَعۡبَثُوۡنَ ﴿۱۲۸﴾ وَ تَتَّخِذُوۡنَ مَصَانِعَ لَعَلَّکُمۡ تَخۡلُدُوۡنَ ﴿۱۲۹﴾ۚ
(سورة الشعراء: 129-128 )
”ڇا توهان هر هڪ مٿاهين جاءِ تي (فقط ڏيک ويک لاءِ) اجايا بي فائدا يادگار ٿابنايو؟ ۽ توهان وڏا وڏا محلات ٿا ٺاهيو. (ڄڻ ته) اميد ٿا رکو ته توهان انهن ۾ هميشه رهندؤ. (توهان وساري ٿا ڇڏيو ته هيءَ زندگي هڪ ڏينهن جي برابر آهي).“
”شيبواه“ ۾ موجود عمارتن جي هڪ اهم خصوصيت انهن جا وڏا وڏا ٿنڀا آهن. اهي ٿنڀا گول ۽ منفرد بناوت جا ٺهيل آهن، جڏهن ته يمن جي ٻين علائقن ۾ ملندڙ ٿنڀا چورس ٺهيل آهن. ”شيبواه“ جي ماڻهن اڏاوتي فن جي اها انفراديت پنهنجي ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ ماڻي هوندي. نائين صديءَ جي قسطنطنيه جي بزنطين بشپ ايڊفوٽيئس (Ad. Photius)، قديم يوناني مسودن تائين پهچ رکندڙ هو، جيڪي اڄڪلهه موجود به ناهن. هو اگاٿر شيڊس(Agathara chides) (132 ق.م) جي بحيره احمر (Read sea) بابت تصنيفن کان به آگاه هو. هن ڏکڻ عرب بابت ڏاڍي تحقيق ڪئي. هو پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته:
”اهو چيو ويندو آهي ته ڏکڻ عرب جي ماڻهن اهڙا ٿنڀا ٺاهيا هئا، جن تي سون چڙهيل هو يا اهي چانديءَ جا ٺهيل هئا. انهن ٿنڀن جي درميان وٿي ڏسڻ وٽان آهي.“(24)
جيتوڻيڪ فوٽيئس (photius) جو اهو بيان حضرمين سان سنئون سڌو تعلق نٿو رکي، پر اهي انهيءَ علائقي جي ماڻهن جي عمارتي ذوق ۽ اڏاوتي ڪاريگريءَ ڏانهن ضرور رهنمائي ڪري ٿو. ڪلاسيڪل يوناني مصنفن پلائني (pliny) ۽ اسٽرابو (strabo) انهن شهرن کي”خوبصورت عبادت گاهن ۽ محلاتن سان سينگاريل ۽ سنواريل“ شهر لکيو آهي.
جڏهن اسان اهو تصور ڪريون ٿا ته انهن شهرن جارهاڪو عاد جي اولاد هئا ته قرآن پاڪ جو قوم عاد بابت اهو فرمائڻ سمجهه ۾ اچي ٿو ته: اِرَمَ ذَاتِ الۡعِمَادِ ”شهر ارم بلند ٿنڀن وارو“ (سورة الفجر: 7)