تاريخ، فلسفو ۽ سياست

قومن جي تباهيءَ جي تاريخ

هي ڪتاب ”قومن جي تباهيءَ جي تاريخ“ هارون يحيٰ جو لکيل آهي جنهن جو سنڌيڪار خالد ڀٽي آهي.
هن ڪتاب “قومن جي تباهيءَ جي تاريخ” ۾
هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي پاران 2012 ۾ ڇپايو ويو.
  • 4.5/5.0
  • 4289
  • 1718
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خالد ڀٽي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book قومن جي تباهيءَ جي تاريخ

سبا ملڪ تي ايندڙ عرم جي ٻوڏ

جيڪڏهن اسان مٿي ذڪر ڪيل تاريخي مواد جي روشنيءَ ۾ قرآن حڪيم جو مطالعو ڪريون ته اسان کي انهن ٻنهي ۾ حيرت انگيز هڪجهڙائي ملي ٿي. قديم آثارن جي دريافتن ۽ تاريخي مواد، ٻئي قرآني بيان جي تصديق ڪن ٿا . هيٺ ڏنل آيت مطابق سبا ملڪ جا اهي ماڻهو جن نبين سڳورن جي دعوت تي ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ پنهنجي سرڪشيءَ تي ڄميا رهيا ۽ خوفناڪ ٻوڏ جي ور چڙهي ويا. انهيءَ سيلاب جو تذڪرو قرآن شريف هيئن ڪيو:
لَقَدۡ کَانَ لِسَبَاٍ فِیۡ مَسۡکَنِہِمۡ اٰیَۃٌ ۚ جَنَّتٰنِ عَنۡ یَّمِیۡنٍ وَّ شِمَالٍ ۬ؕ کُلُوۡا مِنۡ رِّزۡقِ رَبِّکُمۡ وَ اشۡکُرُوۡا لَہٗ ؕ بَلۡدَۃٌ طَیِّبَۃٌ وَّ رَبٌّ غَفُوۡرٌ ﴿۱۵﴾ فَاَعۡرَضُوۡا فَاَرۡسَلۡنَا عَلَیۡہِمۡ سَیۡلَ الۡعَرِمِ وَ بَدَّلۡنٰہُمۡ بِجَنَّتَیۡہِمۡ جَنَّتَیۡنِ ذَوَاتَیۡ اُکُلٍ خَمۡطٍ وَّ اَثۡلٍ وَّ شَیۡءٍ مِّنۡ سِدۡرٍ قَلِیۡلٍ ﴿۱۶﴾ ذٰلِکَ جَزَیۡنٰہُمۡ بِمَا کَفَرُوۡا ؕ وَ ہَلۡ نُجٰزِیۡۤ اِلَّا الۡکَفُوۡرَ ﴿۱۷﴾ (سورة: سبا: 17-15 )
”سبا جي ماڻهن لاءِ خود سندن گهرن يا ڳوٺن ۾ وڏي نشاني هئي. (سندن رستن يا واهن جي ٻنهي پاسن تي هر هنڌ) ٻه باغ هئا. هڪڙو ساڄي پاسي ۽ ٻيو کاٻي پاسي. (هنن کي الله تعاليٰ وٽان ارشاد مليل هو ته) پنهنجي پروردگار جي رزق مان کائو پيئو ۽ سندس شڪر گذاري ڪيو (يعني سندس نعمتون ورهائڻ ۾ ٻين ماڻهن سان عدل ۽ احسان ڪيو) اهو ڏاڍو سهڻو ۽ آباد ۽ آسودو ملڪ هو ۽ (سندن) پروردگار (هنن جون خطائون) بار بار بخشيندڙ هو. پر پوءِ هنن (خدا جي حڪمن کان) منهن موڙيو تنهن ڪري اسان هنن جي مٿان وڏي ٻوڏ عرم واري موڪلي ۽ سندن ٻن (قطارن وارن) باغن کي ڦيرائي اهڙا ٻه باغ ڪياسين جن ۾ ڪَوڙا ڦل، لَيون ۽ ننڍڙيون ٻيريون وڃي رهيون. اهو هو عيوضو جو اسان کين سندن بي شڪريءَ جي ڪري ڏنو. ۽ اهڙي سزا اسان فقط انهن کي ڏيندا آهيون جيڪي بي شڪر ٿيندا آهن (۽ اسان جون نعمتون خراب طرح ڪم آڻي ظلم ڪندا آهن.)“
جيئن ته انهن آيتن مان ظاهر آهي ته سبا ملڪ پنهنجي غير معمولي حسن، ڦلن ۽ ميون سان ڀريل باغن ۽ زرخيزيءَ جي حوالي سان پوري علائقي ۾ بينظير هو .تجارتي شاهراه تي واقع هئڻ ڪري اهل سبا جي زندگيءَ جو معيار نهايت بلند هو ۽ هي پنهنجي دور جو خوبصورت ترين شهر هو.
مملڪت سبا، جتان جا حالات ايترا ڀلا هئا جو هن شهر جي رهاڪن کي ”الله جو رزق کائڻ ۽ انجي اطاعت ڪرڻ“ جو درس ڏنو ويو هو، پر اهي ائين نه ڪري سگهيا. هنن اها واٽ ورتي، جنهن مان سندن خوشحالي، محروميءَ ۾ مٽجي ويئي. هنن اهو سمجهيو هو ته هي سموري زرخيزي ۽ خوشحالي سندن پنهنجي فن ۽ هنر جو نتيجو آهي. هو شڪر گذاريءَ جي بدران سرڪشي ڪرڻ لڳا ۽ الله کان پري ٿي ويا. جيئن ته سموري خوشحاليءَ جا هو پاڻ دعويدار بڻجي ويا، تنهن ڪري کانئن اهو سڀ ڪجهه کسجي ويو ۽ مها ٻوڏ سندن زندگيءَ جي هر آسائش کي وهائي کڻي وئي.
قرآن حڪيم، اهل سبا کي ڏنل سزا کي ”سيل العرم“ قرار ڏنو آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ”عرم جي ٻوڏ“ قرآن حڪيم جا اهي لفظ سبا قوم جي تباهيءَ جي انداز کي بيان ڪن ٿا. عرم ڊيم يا بند کي چونداآهن. يعني ”سيل العرم“ مان مراد اها ٻوڏ جيڪا ڊيم يا بند جي ٽٽڻ سان آئي هئي. مسلم مفسرين ”سيل العرم“ جي انهيءَ قرآني اصطلاح ۽ ان جي وقت ۽ هنڌ جي تشريح ڪئي آهي. مولانا مودودي رحمة الله پنهنجي تفسير ۾ لکي ٿو:
”سيل العرم“ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ ”عرم“ جنوبي عرب جي ٻوليءَ جي لفظ ”عارمين“ مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ ڊيم يا بند آهي. يمن ۾ ٿيندڙ کوٽائين مان آڏو ايندڙ آثارن مان هي لفظ انهيءَ معنيٰ ۾ ڪثرت سان استعمال ٿيندي ڏٺو ويو. مثلاً: يمن جي حبشي بادشاهه ابره جي احڪامي ڪتبن ۾ جيڪي 543-542ع ۾ مآرب جي وڏي ديوار ڇڄڻ بعد لکيل هي لفظ ڊيم (بند) جي مضمون ۾ بار بار استعمال ڪيو ويو. تنهن ڪري ”سيل العرم“ مان مراد اهو سيلاب آهي جيڪو ڊيم جي تباهيءَ جي ڪري اچي ٿو.
قرآن حڪيم جو ارشاد: ”سندن ٻن باغن کي ڦيرائي ٻه باغ ڪياسين، جن ۾ ڪَوڙا ڦَلَ، لَيوُن ۽ ننڍڙيون بيڪار ٻيريون وڃي رهيون.“ (سورة: سبا: 16) انهيءَ منظر کي نمايان ڪري ٿي. يعني ٻوڏ کانپوءِ سڄو ملڪ ٻڏي وڃڻ ڪري ويران ٿي ويو. اهي نهرون ۽ پهاڙن جي وچ ۾ آبپاشيءَ جي نظام جون ديوارون جيڪي سبائين تعمير ڪيون هيون، سڀ ٻوڏ جي ڪري تباهه ٿي ويون. نتيجي ۾ اهو ئي علائقو جيڪو ٻوڏ کان اڳ ۾ خوبصورت باغن تي مشتمل هو، هينئر جهنگ ۾ بدلجي ويو. هاڻي اُتي لاڻين ۽ ڪجهه ٻيرين جي وڻن، کانسواءِ باقي ٻيو ڪجهه ڪو نه بچيو. (42)
آثار قديمه جو عيسائي ماهر ورنر ڪيلر (Werner Keller ) پنهنجي ڪتاب ”ڪتاب مقدس حق آهي“ ۾ انهيءَ ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي، ته ”سيل العرم“ جو واقعو اهڙيءَ طرح ئي پيش آيو، جهڙيءَ طرح قرآن مجيد بيان ڪيو آهي ۽ اهو ته قديم آثارن ۾ ڊيم ۽ انجي ٽٽڻ جي آثارن جي قرآن مجيد جي بيان ڪيل واقعن تصديق ڪئي آهي. (43)
سيلابِ عرم جي تباهي کانپوءِ اهو سمورو علائقو ريگستان ۾ تبديل ٿي ويو. زرعي زمينن جي خاتمي سان اِهل سبا پنهنجي آمدنيءَ جي ذريعن کان محروم ٿي ويا. اهي ماڻهو جن الله جي دين کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ گمراهيءَ تي ڄميا بيٺا رهيا، نيٺ سندن انجام عذاب جي صورت ۾ ٿيو. انهيءَ تباهيءَ کانپوءِ سبا قوم وکرجي ويئي، سندن اتر عرب، مڪي ۽ شام ڏانهن لڏپلاڻ جي ڪري شهر جا سمورا گهر ويران ٿي ويا. (44)
جيئن ته هيءُ واقعو قديم عهدنامي ۽ جديد عهدنامي جي ترتيب کان پوءِ پيش آيو، انهيءَ ڪري، ان ۾ هن جو ڪو به ذڪر موجود ناهي. مآرب شهر جيڪو ڪڏهن هڪ طاقتور مملڪت جي گاديءَ جو هنڌ هو، هاڻي رڳو هڪ ويران رڻ پٽ آهي. هيءُ شهر انهيءَ دعوت کي رد ڪرڻ وارن لاءِ عبرت جو ماڳ آهي. سورة الڪهف ۾ باغ جي ٻن مالڪن جو واقعو بيان ڪيو ويو آهي. انهن مان هڪڙو ته اهلِ سبا وانگر نهايت ئي زرخيز باغ جو مالڪ آهي، مگر اهو به ان وانگر الله کان دوريءَ جو ڏوهي ٿئي ٿو. هو اهو سمجهي ٿو ته حالات جو ساز گار هئڻ ۽ خوشحالي سندس پنهنجي سوچ، سمجهه، علم ۽ هنر جو ثمر آهي ۽ ان ۾ قدرت جي عطا کي ڪو عمل دخل ناهي:
وَ اضۡرِبۡ لَہُمۡ مَّثَلًا رَّجُلَیۡنِ جَعَلۡنَا لِاَحَدِہِمَا جَنَّتَیۡنِ مِنۡ اَعۡنَابٍ وَّ حَفَفۡنٰہُمَا بِنَخۡلٍ وَّ جَعَلۡنَا بَیۡنَہُمَا زَرۡعًا ﴿ؕ۳۲﴾ کِلۡتَا الۡجَنَّتَیۡنِ اٰتَتۡ اُکُلَہَا وَ لَمۡ تَظۡلِمۡ مِّنۡہُ شَیۡئًا ۙ وَّ فَجَّرۡنَا خِلٰلَہُمَا نَہَرًا ﴿ۙ۳۳﴾ وَّ کَانَ لَہٗ ثَمَرٌ ۚ فَقَالَ لِصَاحِبِہٖ وَ ہُوَ یُحَاوِرُہٗۤ اَنَا اَکۡثَرُ مِنۡکَ مَالًا وَّ اَعَزُّ نَفَرًا ﴿۳۴﴾ وَ دَخَلَ جَنَّتَہٗ وَ ہُوَ ظَالِمٌ لِّنَفۡسِہٖ ۚ قَالَ مَاۤ اَظُنُّ اَنۡ تَبِیۡدَ ہٰذِہٖۤ اَبَدًا ﴿ۙ۳۵﴾ وَّ مَاۤ اَظُنُّ السَّاعَۃَ قَآئِمَۃً ۙ وَّ لَئِنۡ رُّدِدۡتُّ اِلٰی رَبِّیۡ لَاَجِدَنَّ خَیۡرًا مِّنۡہَا مُنۡقَلَبًا ﴿۳۶﴾ قَالَ لَہٗ صَاحِبُہٗ وَ ہُوَ یُحَاوِرُہٗۤ اَکَفَرۡتَ بِالَّذِیۡ خَلَقَکَ مِنۡ تُرَابٍ ثُمَّ مِنۡ نُّطۡفَۃٍ ثُمَّ سَوّٰىکَ رَجُلًا ﴿ؕ۳۷﴾ لٰکِنَّا۠ ہُوَ اللّٰہُ رَبِّیۡ وَ لَاۤ اُشۡرِکُ بِرَبِّیۡۤ اَحَدًا ﴿۳۸﴾ وَ لَوۡ لَاۤ اِذۡ دَخَلۡتَ جَنَّتَکَ قُلۡتَ مَا شَآءَ اللّٰہُ ۙ لَا قُوَّۃَ اِلَّا بِاللّٰہِ ۚ اِنۡ تَرَنِ اَنَا اَقَلَّ مِنۡکَ مَالًا وَّ وَلَدًا ﴿ۚ۳۹﴾ فَعَسٰی رَبِّیۡۤ اَنۡ یُّؤۡتِیَنِ خَیۡرًا مِّنۡ جَنَّتِکَ وَ یُرۡسِلَ عَلَیۡہَا حُسۡبَانًا مِّنَ السَّمَآءِ فَتُصۡبِحَ صَعِیۡدًا زَلَقًا ﴿ۙ۴۰﴾ اَوۡ یُصۡبِحَ مَآؤُہَا غَوۡرًا فَلَنۡ تَسۡتَطِیۡعَ لَہٗ طَلَبًا ﴿۴۱﴾ وَ اُحِیۡطَ بِثَمَرِہٖ فَاَصۡبَحَ یُقَلِّبُ کَفَّیۡہِ عَلٰی مَاۤ اَنۡفَقَ فِیۡہَا وَ ہِیَ خَاوِیَۃٌ عَلٰی عُرُوۡشِہَا وَ یَقُوۡلُ یٰلَیۡتَنِیۡ لَمۡ اُشۡرِکۡ بِرَبِّیۡۤ اَحَدًا ﴿۴۲﴾ وَ لَمۡ تَکُنۡ لَّہٗ فِئَۃٌ یَّنۡصُرُوۡنَہٗ مِنۡ دُوۡنِ اللّٰہِ وَ مَا کَانَ مُنۡتَصِرًا ﴿ؕ۴۳﴾ ہُنَالِکَ الۡوَلَایَۃُ لِلّٰہِ الۡحَقِّ ؕ ہُوَ خَیۡرٌ ثَوَابًا وَّ خَیۡرٌ عُقۡبًا ﴿٪۴۴﴾ (سورة: الکهف: 44-32 )
”۽ (اي پيغمبر!) هنن ماڻهن(يعني مڪي جي ڪافرن) کي هڪڙو مثال ٻڌاءِ. ٻه ماڻهو هئا. انهن مان هڪ جي لاءِ اسان انگورن جا ٻه باغ مهيا ڪر ي ڇڏيا. انهن جي چوڌاري کجور جي وڻن جو حاطو هو. انهن جي وچ واري زمين ۾ پوکن جو ٻنيون هيون. پوءِ ٻئي باغ ميون سان ٽمٽار ٿي ويا. پيدائش ۾ ڪنهن به قسم جي گهٽتائي ڪا نه ٿي. اسان انهن جي وچ ۾ (ريج لاءِ) هڪڙي نهر جاري ڪري ڇڏي هئي. هن جي پيدائش (يا دولت) گهڻي ٿي ويئي. پوءِ هڪ ڏينهن (هٺ ۽ وڏائيءَ ۾ پئجي) پنهنجي (مسڪين) دوست سان (جنهن کي باغ يا ٻي دولت ڪانه هئي) ڳالهيون ٻولهيون ڪندي کيس چئي ڏنو ته مان توکان وڌيڪ مالدار آهيان ۽ منهنجي هٿ ۾ ماڻهو به طاقتور آهن. پوءِ هو (اهڙيون ڳالهيون ڪندي) پنهنجي باغ ۾ گهڙيو ۽ هو (هٺ ۽ وڏائي ڪرڻ سان حقيقت ۾ ) پاڻ تي پاڻ ظلم ڪري رهيو هو. هن (وڏائيءَ ۾ ڀرجي) چيو ته مان نٿو ڀانيان ته اهڙو (عاليشان باغ) ڪڏهن به ويران ٿي سگهي ٿو. ۽ مان نٿو ڀانيان ته (قيامت جي ) گهڙي قائم ٿيندي. ۽ جيڪڏهن کڻي هيئن ٿئي به ته مان پنهنجي پروردگار وٽ (قيامت جي ڏينهن) رجوع ڪيو وڃان، ته به (مون کي ڪهڙو کٽڪو هئڻ گهرجي) مون کي ضرور (اُتي به ) هن کان ئي بهتر مڪان ملندو. هي ٻڌي سندس دوست چيو. (هڪ ٻئي سان گفتگو جو سلسلو جاري هو ته) ڇا تون انهيءَ هستيءَ کان انڪار ٿو ڪرين جنهن توکي پهريائين مٽيءَ مان ۽ پوءِ نطفي (يعني منيءَ) مان پيدا ڪيو (جنهن ڪري توکي وڏائي ڪرڻ ۽ خدا کي وسارڻ نه گهرجي. ڏس ته مٽي ۽ مني ظاهري طور ڪهڙيون نه حقير شيون آهن) ۽ پوءِ توکي انسان بنائي نمودار ڪيو. پر مون کي ته يقين آهي ته اهو ئي الله منهنجو پروردگار آهي، ۽ مان پنهنجي پروردگار سان ڪنهن کي به شريڪ نٿو ڪريان. ۽ جڏهن تون پنهنجي باغ ۾ آئين (۽ ان جي رونق ۽ ميوا ڏٺا) تڏهن تو هيئن ڇو نه چيو، ته اهو ئي ٿئي ٿو جيڪو الله چاهي ٿو. سندس مدد کانسواءِ ڪو به ماڻهو، ڪجهه به ڪري نٿو سگهي. ۽ هي جو تون ڏسين ٿو(۽ سمجهين ٿو) ته مان تو کان مال ۽ اولاد ۾ گهٽ آهيان. يعني مون کي دولت به ڪانهي ۽ ماڻهو به هٿ ۾ ڪونه آهن. سو (انهيءَ تي هٺ ۽ وڏائي نه ڪر) عجب ناهي ته منهنجو پروردگار تنهنجي هن باغ کان به بهتر (باغ هن دنيا ۾ ۽ آخرت ۾) مون کي ڏيئي ڇڏي. ۽ تنهنجي باغ تي آسمان مان ڪا اهڙي حساب ڪيل آفت موڪلي جو واريءَ وارو ميدان ٿي وڃي. يا ان جي نهر جو پاڻي بلڪل هيٺ هليو وڃي، ايتري قدر جو تون ان تائين پهچي نه سگهين. ۽ پوءِ (ڏسو!) ائين ئي ٿيو جو سندس دولت (برباديءَ جي) گهيري ۾ اچي ويئي. هو هٿ مهٽيندي افسوس ڪرڻ لڳو ته هاءِ هاءِ!! هنن باغن تي ڪيڏا نه خرچ (۽ تڪليفون) ڪيون ويون هيون! (اهي سڀ برباد ٿي ويون) ۽ باغن جو هي حال ٿيو جو ٽاريون ڪري زمين جي برابر ٿي ويون. هاڻي هو چوي ٿو ته هاءِ هاءِ!! جيڪڏهن مان پنهنجي پروردگار سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪيان ها ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها. نڪي هئس ڪي ماڻهو (يا اولاد) جيڪي الله کانسواءِ هن جي مدد ڪن ها. نڪي پاڻ کي ئي ڪا طاقت هيس جو پاڻ کي برباديءَ کان بچائي ها. هن مان ثابت ٿي ويو ته في الحقيقت سڄو اختيار الله جي هٿ ۾ آهي. اهو ئي آهي جو بهتر ثواب (يعني نعمتون) ڏيڻ وارو آهي، ۽ انهيءَ ئي جي هٿ ۾ چڱي (۽ بهتر) عاقبت (يعني پڇاڙي) آهي.
جيئن ته انهن آيتن مان ظاهر آهي ته، باغ جي مالڪ جي غلطي الله تعاليٰ جي وجود جو انڪار ڪرڻ نه هو، بلڪه هو انهيءَ مغالطي جو شڪار هو ته، جيڪڏهن بالفرض قيامت آئي ۽ هن کي الله جي آڏو پيش ٿيڻو پيو، ته هو ان کان وڌيڪ بهتر باغن سان نوازيو ويندو، يعني دنياوي راحت ۽ خوشحالي رڳو هن جي ذاتي ڪاوشن جو نتيجو هئي.
في الحقيقت شرڪ في التوحيد (توحيد ۾ شرڪ) اهو ئي آهي ته انسان هر اها شيءِ جيڪا الله جي آهي، تنهن کي غير الله سان جوڙي ۽ منسوب ڪري ڇڏي ۽ خدائي عذاب کان ايترو بي ڊپو ٿي وڃي جو هو اهو سمجهڻ لڳي، ته اها بلندي ۽ ذاتي مقام جيڪو کيس حاصل آهي، سو ان لاءِ هر حال ۾ کيس قدرت جي حمايت حاصل رهندي.
انهيءَ مغالطي ۽ لغزش جو شڪار اهلِ سبا ٿيو، تنهن ڪري کين اها سزا ملي يعني انجو سمورو مال ملڪيت برباد ٿي ويو ته جيئن اهي ۽ دنيا وارا، اهو ڄاڻي سگهن ته هو پاڻ ڪنهن به طاقت يا اختيار جا في نفسه مالڪ ناهن، بلڪه قدرت پاران اهو کين عطا ڪيو ويو آهي.