حضرت ابراهيم عليه السلام جي زندگيءَ جاحالات
”(حضرت) ابراهيم عليه السلام نڪي يهودي هو نڪي نصراني (عيسائي) (نڪي ڪنهن ٻئي گروه بنديءَ جو پيروي ڪندڙ هو) بلڪه (پنهنجي زماني جي سڀني گمراهين کان) پاڪ، حق تي هلندڙ خدا جو فرمانبردار ٻانهو هو. يقناً هو مشرڪين منجهان نه هو. حقيقتاً (حضرت) ابراهيم عليه السلام کي ويجها ماڻهو ته اهي آهن جن سندس پيروي ڪئي ۽ پڻ هي نبي ( حضرت محمد ﷺ) ۽ جن مٿس ايمان آندو آهي (سي حضرت ابراهيم عليه السلام کي ويجها آهن، نه اهي جن خدائي دين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري فرقا ٺاهيو آهي ۽ توحيد جي راهه کان هٽي ويا آهن) ۽ ياد رکو ته الله انهن جو مددگار ۽ محافظ آهي جيڪي سچو ايمان رکن ٿا.“
قرآن حڪيم ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام جو تذڪرو اڪثر هنڌن تي ڪيو ويو آهي. الله تعالي، حضرت ابراهيم عليه السلام کي خاص طور تي ماڻهن جي لاءِ بطور مثال (اسوه) جي بيان ڪيو آهي. پاڻ پنهنجي بت پرست قوم کي الله جو پيغام ڏنائون ۽ انهن کي بڇڙي انجام کان ڊيڄاريائون ته هو الله کان ڊڄن. سندس قوم ڏنل آگاهيءَ کي ٻڌڻ بدران هن جي مخالفت ڪرڻ شروع ڪري ڏني. پوءِ جڏهن سندس قوم جا ظلم حد اورانگهي ويا، ته کين پنهنجي گهرواريءَ، حضرت لوط ۽ پنهنجي ڪجهه پوئلڳن سان گڏجي، ڪنهن ٻيءَ جاءِ ڏانهن هجرت ڪرڻي پيئي.
حضرت ابراهيم عليه السلام جو تعلق حضرت نوح عليه السلام جي آل سان هو. قرآن حڪيم جي مطابق حضرت ابراهيم عليه السلام حضرت نوح عليه السلام جي پيروي ڪري رهيا هئا.
سَلٰمٌ عَلٰی نُوۡحٍ فِی الۡعٰلَمِیۡنَ ﴿۷۹﴾ اِنَّا کَذٰلِکَ نَجۡزِی الۡمُحۡسِنِیۡنَ ﴿۸۰﴾ اِنَّہٗ مِنۡ عِبَادِنَا الۡمُؤۡمِنِیۡنَ ﴿۸۱﴾ ثُمَّ اَغۡرَقۡنَا الۡاٰخَرِیۡنَ ﴿۸۲﴾ وَ اِنَّ مِنۡ شِیۡعَتِہٖ لَاِبۡرٰہِیۡمَ ﴿ۘ۸۳﴾
(سورة الصٰفٰت: 83-79 )
”سڀني (ماڻهن ۾ يا سڀني) جهانن ۾ (حضرت) نوح تي سلام هجي (يا سلامتي هجي مٿس.) بيشڪ اسان نيڪي ڪندڙن کي اهڙي ئي طرح نيڪ بدلو ڏيندا آهيون. بيشڪ هو اسان جي مؤمن ٻانهن مان هو. پوءِ اسان ٻين کي ٻوڏ ۾ غرق ڪري ڇڏيو. ۽ يقيناً سندس جماعت مان (يعني سندس طريقي تي هلندڙ) (حضرت ) ابراهيم به هو.“
حضرت ابراهيم عليه السلام جي زماني ۾ واديءِ دجله ۽ فرات جي ميدانن۽ اناطوليه جي وسط (وچ) ۽ مشرق (اوڀر) ۾ رهندڙ ڪيترائي ماڻهو سج، چنڊ ستارن ۽ سيارن جي پوڄا ڪندا هئا. هنن جو سڀ کان اهم ديوتا ”چنڊ ديوتا“ هو، جنهن کي سن (Sin) چوندا هئا. انهيءَ ديوتا کي ڊگهي ڏاڙهيءَ واري انسان جي صورت ۾ تراشيو ويو هو، جيڪو هلال (پهرين تاريخ جي چنڊ) جي شڪل واري چنڊ جو لباس پهريل هو. ان سان گڏ اهي ماڻهو، انهن ديوتائن جو تصويرون ۽ مجسما ٺاهيندا هئا، جن کي هو پوڄيندا هئا. سندن عقيدن ۽ عبادتن جو اهو هڪ وسيع نظام هو، جيڪو مشرق جي انهن ملڪن ۾ پکڙيل ۽ هڪ طويل عرصي تائين هتي موجود رهيو .انهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو انهن ديوتائن کي 600 عيسويءَ تائين پوڄيندا رهيا .انهيءَ عقيدي جي اثرن هيٺ واديءِ دجله ۽ فرات کان اناطوليه جي مرڪز تائين ڪيترائي، زيگورات (Ziggurats) نالي پوڄا گهر تعمير ڪيا ويا، جيڪي عبادت گاهن کانسواءِ بطور رصد گاه جي به استعمال ٿيندا هئا ۽ هتي ديوتائن، خاص ڪري ”چنڊ ديوتا“ جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. (12)
عقيدن ۽ عبادتن جو اهو نظام جنهن جو انڪشاف اڄ آثارن هٿ اچڻ تي ٿيو آهي، قرآن مجيد ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي. قرآن پاڪ جي بيان مطابق، حضرت ابراهيم عليه السلام انهن ڪوڙن خدائن جي عبادت ڪرڻ کي رد ڪندي، هڪ ٻئي سچي خدا جي عبادت اختيار ڪئي. قرآن پاڪ حضرت ابراهيم عليه السلام جي طريقي کي هيئن بيان ڪيو:
وَ اِذۡ قَالَ اِبۡرٰہِیۡمُ لِاَبِیۡہِ اٰزَرَ اَتَتَّخِذُ اَصۡنَامًا اٰلِہَۃً ۚ اِنِّیۡۤ اَرٰىکَ وَ قَوۡمَکَ فِیۡ ضَلٰلٍ مُّبِیۡنٍ ﴿۷۴﴾ وَ کَذٰلِکَ نُرِیۡۤ اِبۡرٰہِیۡمَ مَلَکُوۡتَ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضِ وَ لِیَکُوۡنَ مِنَ الۡمُوۡقِنِیۡنَ ﴿۷۵﴾ فَلَمَّا جَنَّ عَلَیۡہِ الَّیۡلُ رَاٰ کَوۡکَبًا ۚ قَالَ ہٰذَا رَبِّیۡ ۚ فَلَمَّاۤ اَفَلَ قَالَ لَاۤ اُحِبُّ الۡاٰفِلِیۡنَ ﴿۷۶﴾ فَلَمَّا رَاَ الۡقَمَرَ بَازِغًا قَالَ ہٰذَا رَبِّیۡ ۚ فَلَمَّاۤ اَفَلَ قَالَ لَئِنۡ لَّمۡ یَہۡدِنِیۡ رَبِّیۡ لَاَکُوۡنَنَّ مِنَ الۡقَوۡمِ الضَّآلِّیۡنَ ﴿۷۷﴾ فَلَمَّا رَاَ الشَّمۡسَ بَازِغَۃً قَالَ ہٰذَا رَبِّیۡ ہٰذَاۤ اَکۡبَرُ ۚ فَلَمَّاۤ اَفَلَتۡ قَالَ یٰقَوۡمِ اِنِّیۡ بَرِیۡٓءٌ مِّمَّا تُشۡرِکُوۡنَ ﴿۷۸﴾ اِنِّیۡ وَجَّہۡتُ وَجۡہِیَ لِلَّذِیۡ فَطَرَ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضَ حَنِیۡفًا وَّ مَاۤ اَنَا مِنَ الۡمُشۡرِکِیۡنَ ﴿ۚ۷۹﴾ (سورة الانعام: 79-74 )
”۽ (ڏسو!) ابراهيم پنهنجي پيءُ آزر کي چيو ته ڇا توهان (پٿر جي) بتن کي معبود ڪري ٿا مڃو؟ مان يقين سان سمجهان ٿو ته تون ۽ تنهنجي قوم کليل ۽ چٽي گمراهي ۾ مبتلا آهيو. ۽ اهڙيءَ طرح اسان ابراهيم کي آسمانن جي ۽ زمين جي بادشاهت جا جلوا ڏيکاري ڇڏيا، انهيءَ لاءِ ته هو يقين رکڻ وارن مان ٿي پوي. پوءِ جڏهن هن تي رات جي اونڌاهي اچي ويئي تڏهن هن هڪڙو تارو (زهره آسمان ۾ چمڪندي) ڏٺو. هن چيو ته هي منهنجو پروردگار آهي (جنهن جي بندگي سڀ ماڻهو ڪن ٿا.) پر جڏهن اهو تارو لهي ويو تڏهن چيائين ته مان انهن شين کي پسند نٿو ڪريان جي گم ٿي وڃن ٿيون. پوءِ جڏهن چنڊ چمڪندو اڀريو تڏهن ابراهيم چيو ته هي منهنجو پروردگار آهي، پر جڏهن اهو به لهي ويو، تڏهن چيائين ته جيڪڏهن منهنجي پروردگار مون کي واٽ نه ڏيکاري هجي ها ته مان ضرور انهيءَ قوم منجهان ٿيان ها جي سڌي واٽ ڀلجي پري نڪري ويا آهن. پوءِ جڏهن (حضرت ابراهيم) سج اڀرندو ڏٺو، تڏهن چيائين ته هي منهنجو پروردگار آهي، هي سڀني کان وڏو آهي، پر جڏهن اهو به لهي ويو تڏهن چيائين ته اي منهنجي قوم! توهان جن کي خدا سان شريڪ ٺهرايو ٿا تن کان مان بيزار آهيان. مون هر طرف کان منهن موڙي فقط انهيءَ هستيءَ ڏي پنهنجو رخ ڪيو آهي جو (بنايل ناهي پر) آسمان ۽ زمين جو بنائيندڙ آهي ۽ (جنهن جي حڪم ۽ قانون تي آسمان ۽ زمين جي سڀ مخلوقات هلي رهي آهي.) ۽ مان انهن مان نه آهيان جي ساڻس شريڪ ٿا ٺهراين.
قرآن پاڪ ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام جي ڄمڻ جي هنڌ ۽ وطن جو تفصيلي ذڪر موجود ناهي. البته حضرت لوط ڏانهن موڪليل فرشتن جو، حضرت ابراهيم عليه السلام وٽ اچڻ ۽ سندن زوجه محترمه کي ٻار جي ولادت جي خوشخبري ڏيڻ جو ذڪر بيان ڪيو ويو آهي، ته حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ حضرت لوط ، همعصر هئا ۽ هڪ ٻئي جي ويجهو به رهندا هئا.
قرآن پاڪ ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام بابت بيان ڪيل هڪ اهم واقعو ، جنهن جو ذڪر قديم عهد نامي ۾ ناهي، سو ڪعبته الله جي تعمير آهي. قرآن مجيد ۾ اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته انهيءَ جي اڏاوت حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ سندس پٽ حضرت اسمعيل ڪئي. اڄ مؤرخن کي ڪعبة الله جي ماضيءَ بابت رڳو ايتري ڄاڻ آهي ته اهو ڪعبة الله قديم زماني کان هڪ مقدس جاءِ رهي آهي. حضور ﷺ جن کان اڳ، جاهليت جي دور ۾ ڪعبة الله ۾ بت رکڻ جو عمل، حضرت ابراهيم عليه السلام تي نازل ٿيندڙ آسماني مذهب جي تعليمات ۾ تحريف ۽ بگاڙ جي عمل جو نتيجو هو.