قديم عهد نامي ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام جو تذڪرو
قديم عهد نامي جي مطابق هڪ ڏينهن خداوند تعالي حضرت ابراهيم عليه السلام کي حڪم ڏنو ته، هو پنهنجو وطن ۽ ماڻهو ڇڏي هڪ اڻ ڄاتل ملڪ ڏانهن هجرت ڪري ۽ اُتي نئين بستيءَ جو بنياد رکي. 75 سالن جو حضرت ابراهيم عليه السلام انهيءَ پڪار تي لبيڪ چئي ۽ پنهنجي اهليه ”سارائي.“ جنهن کي بعد ۾ ”ساره“ يعني شهزادي چيو ويو ۽ ڀائٽي حضرت لوط سان گڏجي نڪري پيو. انهيءَ چونڊيل زمين ڏانهن سفر جي دوران، هو ڪجهه دير لاءِ حران ۾ ترسيا ۽ وري پنهنجو سفر جاري رکيائون. جڏهن پاڻ ارض موعود يعني واديءِ ڪنعان ۾ پهتا، ته کين ٻڌايو ويو ته هيءَ جڳهه سندن لاءِ خاص طور تي چونڊي کين عطا ڪئي ويئي آهي. جڏهن حضرت ابراهيم عليه السلام 99 سالن جا ٿيا، پاڻ الله تعاليٰ سان عهد ڪيائون ۽ سندن نالو مَٽايو ويو. سندن وفات 175 ورهين جي ڄمار ۾ ٿي ۽ کين اولهندي ڪناري ۾ حبرون (الخليل) جي شهر ۾، ميڪپيلا (Machpelah) جي غار ۾ دفن ڪيو ويو. اها جڳهه اڄ ڪلهه اسرائيل جي قبضي هيٺ آهي. اها جاءِ حضرت ابراهيم عليه السلام ڪجهه رقم ڏيئي ڪري خريد ڪئي هئي. اها سندس ۽ ڪٽنب جي ارض موعود ۾ پهرين ملڪيت هئي.