قديم آثار ۽ ثمود قوم
قرآن حڪيم ۾ ڄاڻايل ”اصحاب الحجر“ ۽ ثمود کي هڪ ئي قوم سمجهيو وڃي ٿو، يعني ثمود جو ٻيو نانءُ ”اصحاب الحجر“ آهي. يعني ثمود ته قوم جو نالو آهي ۽ ”الحجر“ انهيءَ شهر جو نالو آهي جيڪو انهن ماڻهن ٺاهيو.
يوناني جاگرافيدان پلائني (pliny) جا تفصيل، انهيءَ جي تائيد ڪن ٿا. پلائني (pliny) جي لکتن مطابق ڊوماٿا (Domatha) ۽ حجرا (Hijra) اهي جايون هيون، جتي ثمود قوم رهندي هئي. حجرا (Hijra) ئي بعد ۾ ”شهر حجر“ بڻجي ويو.(92)
ثمود بابت تمام گهڻو آڳاٽو تاريخي حوالو، بابل جي بادشاهه سرگون ثاني (800 ق-م) جي اتر عرب ۾ مهمات جي دوران، انهن سان لڙائيءَ ۾ کين شڪست ڏيڻ جا تفصيل آهن. يونانين وٽ ارسطو، بطليموس ۽ پلائنيءَ جي تحريرن ۾ انهن کي تيمودائي (Tamudaei) يعني ثمود چيو ويو آهي.(30)
نبي ڪريمﷺ جن جي بعثت کان اڳ ۾، تقريباً 400 يا 600 عيسويءَ ۾، اهي ماڻهو بلڪل ختم ٿي ويا. قرآن مجيد ۾ عاد ۽ ثمود جو ذڪر گَڏ گَڏ ڪيو ويو آهي. اڪثر هنڌن تي ثمود قوم کي عاد جي انجام مان عبرت وٺڻ جي تلقين ڪئي ويئي آهي. يعني ثمود کي عاد بابت گهڻي ڄاڻ حاصل هئي:
وَ اِلٰی ثَمُوۡدَ اَخَاہُمۡ صٰلِحًا ۘ قَالَ یٰقَوۡمِ اعۡبُدُوا اللّٰہَ مَا لَکُمۡ مِّنۡ اِلٰہٍ غَیۡرُہٗ ؕ قَدۡ جَآءَتۡکُمۡ بَیِّنَۃٌ مِّنۡ رَّبِّکُمۡ ؕ ہٰذِہٖ نَاقَۃُ اللّٰہِ لَکُمۡ اٰیَۃً فَذَرُوۡہَا تَاۡکُلۡ فِیۡۤ اَرۡضِ اللّٰہِ وَ لَا تَمَسُّوۡہَا بِسُوۡٓءٍ فَیَاۡخُذَکُمۡ عَذَابٌ اَلِیۡمٌ ﴿۷۳﴾ وَ اذۡکُرُوۡۤا اِذۡ جَعَلَکُمۡ خُلَفَآءَ مِنۡۢ بَعۡدِ عَادٍ وَّ بَوَّاَکُمۡ فِی الۡاَرۡضِ تَتَّخِذُوۡنَ مِنۡ سُہُوۡلِہَا قُصُوۡرًا وَّ تَنۡحِتُوۡنَ الۡجِبَالَ بُیُوۡتًا ۚ فَاذۡکُرُوۡۤا اٰلَآءَ اللّٰہِ وَ لَا تَعۡثَوۡا فِی الۡاَرۡضِ مُفۡسِدِیۡنَ ﴿۷۴﴾ (سورة الاعراف: 74-73 )
”ثمود جي قوم ڏي به اسان سندن ڀاءُ (حضرت) صالح کي (پيغمبر ڪري) موڪليو. (حضرت) صالح کين چيو ته اي منهنجي قوم! الله جي بندگي ڪيو. اوهان جي لاءِ کانئس سواءِ ڪو به معبود ڪونهي (جو بندگيءَ جو لائق هجي) توهان جي پروردگار وٽان توهان ڏي روشن دليل اچي چڪو آهي. هيءُ (جا ڏسو ٿا) خدا جي (موڪليل) ڏاچي آهي، جا توهان لاءِ نشاني آهي. ان ڏاچيءَ کي ڇوٽ ڇڏيو ته خدا جي زمين تي چرندي وتي. ۽ برائي جي نيت سان ان کي رڳو هٿ به نه لائجو. (جيڪڏهن ان کي ڪو نقصان رسائيندو ته) پوءِ اوهان تي سخت عذاب اچي ڪڙڪندو. ۽ اهو وقت ياد ڪريو جڏهن الله تعاليٰ اوهان کي عاد قوم کانپوءِ زمين تي سندن جانشين ڪيو، ۽ زمين تي توهان کي (چڱيون) رهڻ جون جايون ڏنيون. توهان ان زمين جي ميدانن تي محلاتون ٺاهيو ٿا ۽ جبلن کي ٽڪي ٽڪي گهر ٺاهيو ٿا (يعني جبلن ۾ اندر غار ٺاهي تراشي تراشي سهڻا گهر بڻايو ٿا) پوءِ الله تعاليٰ جي (اهڙن) نعمتن کي ياد ڪريو (۽ سندس نعمتن لاءِ شڪر گذار ٿي ڪري صالح عمل ڪيو) ۽ زمين تي فتنا فساد نه ڪندا وتو.“
جيئن ته انهن آيتن مان ظاهر آهي ته عاد ۽ ثمود جو پاڻ ۾تعلق موجود آهي ۽ اهو به ممڪن آهي ته عاد، ثمود جي ئي تاريخ ۽ تهذيب جو حصو هجي. حضرت صالح عليه السلام پنهنجي قوم کي ياد ڏياريو ته هوءَ عاد جي حالتن ۽ انجام تي غور ڪن ۽ ان مان سبق پرائين.
اهڙيءَ طرح عاد کي، حضرت نوح عليه السلام جي قوم جي انجام مان عبرت حاصل ڪرڻ جي تلقين ڪئي ويئي هئي يعني جهڙيءَ طرح عاد، ثمود قوم جي لاءِ تاريخي حوالو هو، تهڙيءَ طرح حضر نوح عليه السلام جي قوم، عاد جي لاءِ حوالو هئي. اهي ماڻهو هڪٻئي کان آگاه هئا ۽ شايد هڪ ئي نسل جو تسلسل هئا.
قرآن حڪيم ۾ بيان ٿيل انهن واقعن جي تاريخي ترتيب مرتب ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏهن اسان انهيءَ حقيقت کي قبول ڪيون ته ثمود قوم جو زمانو اٺين صدي قبل مسيح آهي ته انهيءَ بنياد تي ٻين قومن جو تاريخي تعين ممڪن آهي. قوم نوح جي تباهيءَ کانپوءِ جيڪا قوم سڀ کان پهريان عذاب ۾ گرفتار ٿي، سا حضرت لوط عليه السلام جي قوم هئي. پوءِ حضرت موسيٰ عليه السلامجي زماني ۾ فرعون (جيڪو گهڻو امڪان آهي ته راميسس-II هيو) ۽ سندس فوج جو بحيره احمر (Red sea) ۾ ٻڏي وڃڻ جو واقعو پيش آيو. ان کانپوءِ قوم عاد تي تباهه ڪندڙ طوفان آيو.
ان کان پوءِ ثمود جي تباهيءَ جو واقعو پيش آيو. سڀ کان پهريان حضرت نوح عليه السلام جي قوم جي تباهي عمل ۾ آئي. جيڪڏهن ترتيب کي آڏو رکيو وڃي ته انهن قومن جي تاريخي ترتيب هن طرح ٺهي ٿي:
• حضرت نوح عليه السلام ٣٠٠-٥٢٠٠ ق-م
• حضرت ابراهيم ۽ ٢٠٠٠ ق- م جي آغاز جو زمانو.
• حضرت لوط
• حضرت موسيٰ ٣١٠٠ ق- م
• حضرت هود ۽ قوم عاد ٣١٠٠ ق-م
• حضرت صالح عليه السلام ۽ قوم ثمود ٨٠٠ ق-م
جيتوڻيڪ هن تاريخي ترتيب کي بلڪل درست قرار ڏيئي نٿو سگهجي پر قرآن حڪيم ۽ ٻئي موجوده تاريخي مواد جي روشنيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ واقعن جي ترتيب اها ئي آهي.
اسان اڳ ۾ به بيان ڪري چڪا آهيون ته، قرآن حڪيم عاد ۽ ثمود ۾ تعلق کي بيان ڪري ٿو. ثمود کي عاد جي انجام مان سبق پرائڻ جي تلقين ڪئي ويئي. تنهن هوندي به عاد ۽ ثمود جو شهر ۽ سندن رهڻ جا هنڌ هڪ ٻئي کان بلڪل الڳ ۽ پري هئا.
ظاهر ۾ ته انهن ۾ ڪو رابطو نظر ڪو نه ٿو اچي، ته پوءِ قرآن حڪيم ثمود جو تذڪرو ڪندي کين عاد قوم ڇو ياد ڏياري ؟
جيڪڏهن ٿوري تحقيق ڪئي وڃي ته حقيقت الم نشرح ٿي وڃي ٿي. عاد ۽ ثمود ۾ جاگرافيائي فاصلو مبهم آهي. تاريخي شاهديون ٻڌائن ٿيون ته، ثمود ۽ عاد ۾ وڏا قوي (مضبوط) رابطا هئا، ثمود، عاد کي سٺي نموني سڃاڻيندي هئي، ڇو ته اهي ٻئي قومون هڪ ئي اصل (يعني نسل) سان تعلق رکنديون هيون. ثمود جي حقوق جي تحت انهن قومن جو تفصيل برٽانيڪا مائڪرو پيڊيا Britannica Micropeadia هن طرح بيان ڪري ٿو:
”ثمود قديم عرب ۾، چوٿين صدي ق-م جي ستين صدي عيسويءَ جي پهرين اڌ جو، هڪ معروف قبيلو يا گروه هو. جيتوڻيڪ ثمود جو آغاز ڏکڻ عرب کان ٿيو، پر شروعاتي زماني ۾ ئي ان جي هڪ وڏي حصي، اتر ڏانهن سفر ڪيو ۽ جبل اثلب (Athlab) جي دامن ۾ قيام ڪيائين. هاڻوڪي تحقيقات ۽ آثارِ قديمه جي دريافتن مان ثمودي دور جي پٿرن تي تحريرون ۽ تصويرون جبل اثلب ۽ وچ عرب جي اڪثر علائقن ۾ سامهون اچن ٿيون.“ (31)
سامي حرفن (اکرن ) ۾ ثمودي طرز تحرير تي مشتمل مختلف تحريرون اتر ۽ پوري حجاز ۾ نظر اچن ٿيون. (32)
اها رسم الخط سڀ کان پهريان وسطي (وچ) يمن جي اتر ۾ دريافت ڪئي ويئي ۽ ان کي ثمودي رسم الخط قرار ڏنو ويو آهي. اهو علائقو ”ربع الخالي“ جي اتر کان حضر موت جي ڏکڻ ۽ شيبواه جي اولهه تائين پکڙيل آهي.
ان کان اڳ اسان ڏسي آيا آهيون، ته عاد جنوبي (ڏکڻ) عرب ۾ رهندا هئا. اها تمام اهم ڳالهه آهي، ته ثمود جا ڪجهه اهڃاڻ (آثار)، عاد جي علائقي خاص ڪري حضر موت جي ارد گرد جي علائقن ۾ به موجود آهن. اها ئي اها جڳهه آهي ، جتي عاد جي اولاد رهيل هئي ۽ ان جي گاديءَ جو هنڌ به اتي ئي موجود هو. اها صورت حال قرآن پاڪ ۾ بيان ڪيل عاد ۽ ثمود جي تعلقات ۽ رابطن جي وضاحت ڪري ٿي. انهيءَ لاڳاپي کي حضرت صالح عليه السلام ثمود کي عاد جي اولاد قرار ڏيندي هيئن بيان ڪيو:
وَ اِلٰی ثَمُوۡدَ اَخَاہُمۡ صٰلِحًا ۘ قَالَ یٰقَوۡمِ اعۡبُدُوا اللّٰہَ مَا لَکُمۡ مِّنۡ اِلٰہٍ غَیۡرُہٗ ؕ قَدۡ جَآءَتۡکُمۡ بَیِّنَۃٌ مِّنۡ رَّبِّکُمۡ ؕ ہٰذِہٖ نَاقَۃُ اللّٰہِ لَکُمۡ اٰیَۃً فَذَرُوۡہَا تَاۡکُلۡ فِیۡۤ اَرۡضِ اللّٰہِ وَ لَا تَمَسُّوۡہَا بِسُوۡٓءٍ فَیَاۡخُذَکُمۡ عَذَابٌ اَلِیۡمٌ ﴿۷۳﴾ وَ اذۡکُرُوۡۤا اِذۡ جَعَلَکُمۡ خُلَفَآءَ مِنۡۢ بَعۡدِ عَادٍ وَّ بَوَّاَکُمۡ فِی الۡاَرۡضِ تَتَّخِذُوۡنَ مِنۡ سُہُوۡلِہَا قُصُوۡرًا وَّ تَنۡحِتُوۡنَ الۡجِبَالَ بُیُوۡتًا ۚ فَاذۡکُرُوۡۤا اٰلَآءَ اللّٰہِ وَ لَا تَعۡثَوۡا فِی الۡاَرۡضِ مُفۡسِدِیۡنَ ﴿۷۴﴾ (سورة الاعراف: 74-73 )
”ثمود جي قوم ڏي به اسان سندن ڀاءُ (حضرت) صالح کي (پيغمبر ڪري) موڪليو. (حضرت) صالح کين چيو ته اي منهنجي قوم! الله جي بندگي ڪريو. اوهان جي لاءِ کانئس سوا ڪوبه معبود ڪونهي (جو بندگيءَ جو لائق هجي) توهان جي پروردگار وٽان توهان ڏي روشن دليل اچي چڪو آهي. هيءُ (جا ڏسو ٿا) خدا جي (موڪليل) ڏاچي آهي جا توهان لاءِ نشاني آهي. ان ڏاچيءَ کي ڇوٽ ڇڏيو ته خدا جي زمين تي چرندي وتي. ۽ برائيءَ جي نيت سان ان کي رڳو هٿ به نه لائجو. (جيڪڏهن اُن کي ڪو نقصان رسائيندؤ ته) پوءِ اوهان تي سخت عذاب اچي ڪڙڪندو. ۽ اهو وقت ياد ڪريو جڏهن الله تعاليٰ اوهان کي عاد قوم کانپوءِ زمين تي سندن جانشين ڪيو، ۽ زمين تي توهان کي (چڱيون) رهڻ جون جايون ڏنيون. توهان ان زمين جي ميدانن تي محلاتون ٺاهيو ٿا ۽ جبلن کي ٽڪي ٽڪي گهر ٺاهيو ٿا (يعني جبلن ۾اندر غار ٺاهي تراشي تراشي سهڻا گهر بنايو ٿا) پوءِ الله تعاليٰ جي (اهڙين) نعمتن کي ياد ڪريو (۽ سندس نعمتن لاءِ شڪر گذار ٿي ڪري صالح عمل ڪيو) ۽ زمين تي فتنا فساد نه ڪندا وتو.“
مختصر اهو ته، ثمود کي پنهنجن پيغمبرن جي دعوت کي ٿڏڻ ۽ گمراهي ۽ سرڪشيءَ جي قيمت ڀرڻي پيئي ۽ نيٺ تباهيءَ کي پهتا. اهي عظيم گهر ۽ عمارتون جيڪي هنن تعمير ڪيون هيون ۽ ملڪ ۾ جيڪي فن جا نمونا هنن تخليق ڪيا هئا. سي کين عذاب کان بچائي نه سگهيا. ثمود قوم به اهڙيءَ طرح تمام سخت عذاب ۾ مبتلا ڪئي ويئي، جهڙيءَ طرح ان کان اڳ ۾ ۽ پوءِ ايندڙ باغي ۽ سرڪش قومون عذاب ۾ گرفتار ٿيون.