طوفان نوح
”۽ هي حقيقت آهي ته اسان (حضرت) نوح کي سندس قوم ڏي پيغمبر ڪري موڪليو. هن انهن سان گڏ ساڍا نوَ سال حياتيءَ جا گذاريا (۽ کين سمجهاڻيون ڏنيون. ته به هنن مان گهڻا منڪر رهيا ۽ ظلم ڪندا رهيا) سو طوفان هنن کي پڪڙي ورتو(۽ هو ٻڏي مئا) ڇو ته هو (پڇاڙي تائين) ظلم ڪندا رهيا.“
گهٽ يا وڌ دنيا جي سڀني تهذيبن ۾طوفان نوح ڄاڻايل آهي پر حضرت نوح جي طوفان جي تذڪرو قرآن پاڪ سڀ کان سرس ڪيو آهي. حضرت نوح جي قوم پاران پنهنجي پيغمبر جي نصيحت کان سرڪشي، ان جو رد عمل ۽ وري ان جي نتيجي ۾ طوفان جو اچڻ، اهي سڀ واقعا قرآن مجيد ۾ مختلف هنڌن تي بيان ڪيا ويا آهن.
حضرت نو ح کي، سندس قوم ڏانهن، جيڪا الله جي آيتن جو انڪار ڪندي گمراهيءَ ۽ شرڪ ۾ مبتلا ٿي چڪي هئي، مبعوث ڪيو ويو ته پاڻ ان تائين حق جو پيغام پهچائين. حضرت نوح جي لڳاتار تبليغ ۽ الله پاڪ جي ڏمر ۽ پڪڙ کان ڊيڄارڻ جي باوجود سندس قوم شرڪ ۾ ڦاٿي رهي. سورة المؤمنون ۾ انهيءَ تفصيل کي هيئن بيان ڪيو ويو آهي:
وَ لَقَدۡ اَرۡسَلۡنَا نُوۡحًا اِلٰی قَوۡمِہٖ فَقَالَ یٰقَوۡمِ اعۡبُدُوا اللّٰہَ مَا لَکُمۡ مِّنۡ اِلٰہٍ غَیۡرُہٗ ؕ اَفَلَا تَتَّقُوۡنَ ﴿۲۳﴾ فَقَالَ الۡمَلَؤُا الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا مِنۡ قَوۡمِہٖ مَا ہٰذَاۤ اِلَّا بَشَرٌ مِّثۡلُکُمۡ ۙ یُرِیۡدُ اَنۡ یَّتَفَضَّلَ عَلَیۡکُمۡ ؕ وَ لَوۡ شَآءَ اللّٰہُ لَاَنۡزَلَ مَلٰٓئِکَۃً ۚۖ مَّا سَمِعۡنَا بِہٰذَا فِیۡۤ اٰبَآئِنَا الۡاَوَّلِیۡنَ ﴿ۚ۲۴﴾ اِنۡ ہُوَ اِلَّا رَجُلٌۢ بِہٖ جِنَّۃٌ فَتَرَبَّصُوۡا بِہٖ حَتّٰی حِیۡنٍ ﴿۲۵﴾ قَالَ رَبِّ انۡصُرۡنِیۡ بِمَا کَذَّبُوۡنِ ﴿۲۶﴾
(سورة المؤمنون: 26-23 )
”۽ هي حقيقت آهي ته اسان نوح کي سندس قوم جي طرف (هدايت لاءِ) موڪليو هو. کين چيو هو ته اي منهنجي قوم جا ماڻهؤ! الله جي ٻانهپ ڪريو. کانئس سواءِ اوهان جو ڪو به معبود ڪونهي. پوءِ ڇا توهان (بد عملن جي نتيجن کان) نٿا ڊڄو؟.“ سندس قوم جي جن سردارن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي هئي تن اهو ٻڌي (ماڻهن کي) چيو ته هيءُ ماڻهو (حضرت نوح) سواءِ هن جي ٻيو ڇا آهي ته توهان جهڙو هڪ ماڻهو آهي. هو چاهي ٿو ته توهان کي ڏيکاري ته مان اوهان کان وڏو ۽ افضل آهيان. جيڪڏهن الله تعاليٰ (ڪو پيغمبر موڪلڻ) چاهي ها ته ڪنهن فرشتي کي نه موڪلي ها؟ (هو اسان جهڙي هڪڙي ماڻهوءَ کي ڇو پيغمبر ڪري موڪلي ها) اسان پنهنجي اڳوڻن وڏن کان ته ڪا به اهڙي ڳالهه ڪڏهن به ڪا نه ٻڌي. هو ڪجهه به ناهي سواءِ هن جي ته هو هڪ انسان آهي جو متوالو ٿي پيو آهي . تنهنڪري (سندس ڳالهين تي ڪن نه ڏيو.) ڪجهه ڏينهن انتظار ڪريو (۽ ڏسو سندس پڇاڙي ڪهڙي ٿي ٿئي.)تنهن تي (حضرت) نوح() دعا گهري ته ”اي منهنجا رب! هنن ماڻهن مون کي ڪوڙو سمجهي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سو هاڻي تون منهنجي مدد ڪر.“
جيئن ته آيتن ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته ، حضرت نوح جي قوم جي سردارن، حضرت نوح تي الزام مڙهيو ته هو ذاتي مفاد، عزت ۽ مان مرتبي، قيادت ۽ دولت حاصل ڪرڻ جي لاءِ مٿن برتري حاصل ڪرڻ ٿو گهري. انهن سردارن وقتي طور تي حضرت نوح سان گذارو ڪندي کين دٻاءَ ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو. تنهن تي الله پاڪ حضرت نوح کي ٻڌايو ته هي سرڪش ماڻهو، جن ايمان جي دعوت کي ٿڏيو ۽ سرڪشي اختيار ڪئي، سگهو ئي ٻڏي مرندا ۽ ايمان وارن کي نجات عطا ڪئي ويندي.
نيٺ جڏهن تباهي ءَ جو وقت آيو، زمين منجهان پاڻيءَ جا چشما ڦاٽي نڪتا ۽ گڏوگڏ سخت مينهن پوڻ شروع ٿي ويو، جيڪو عظيم طوفان ۾ بدلجي ويو. الله پاڪ حضرت نوح کي هر جنس جا نر ۽ مادي جوڙا ۽ پنهنجي ڪٽنب کي، سواءِ انهن جي جن جي تباهيءَ جو فيصلو ٿي چڪو هو، ٻيڙيءَ ۾ وٺي وڃڻ جو حڪم ڪيو.
ڌرتيءَ تي موجود سڀني ماڻهن کي تباهه ڪيو ويو ، ايستائين جو حضرت نوح جي پٽ کي به، جنهن اهو سوچيو هو ، ته ڪنهن ويجهي جبل تي چڙهي ڪري، پنهنجي جان بچائيندو. حضرت نوح سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ موجود ماڻهن کان سواءِ، سڀئي ٻڏي ويا . جڏهن ٻوڏ ختم ٿيڻ تي آئي ۽ پاڻي لٿو، ته حضرت نوح جي ٻيڙي جودي جبل وٽ اچي بيهي رهي ، جيڪا قرآن مجيد جي بيان مطابق هڪ اوچي جڳهه هئي.
قديم آثار، ارضيات ۽ تاريخ جون شاهديون ٻڌائن ٿيون ته اهو واقعو قرآن ڪريم جي بيان ڪيل تفصيل جي مطابق ئي پيش آيو. گذريل ڪيترين تهذيبن جي رڪارڊ ۾ ۽ تاريخي دستاويزن ۾ انهيءَ ٻوڏ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ جي خصوصيتن ۽ جڳهن جي نالن ۾ اختلاف آهي، مگر گمراهه ماڻهن جي انهيءَ انجام کي هم عصر ماڻهن جي آڏو بطور عبرت جي بيان ڪيو ويو آهي.
قديم عهد نامي ۽ جديد عهد نامي کان سواءِ طوفان نوح جو تفصيل انهيءَ طرز تي سميري، آشوري ۽ بابل جي تاريخ، يوناني ڪهاڻين، هندوستان جي شتاپتا، براهمه، مها ڀارتيه جنگين، برطانوي جزيرن، جي ويلز جي آکاڻين، نارڊڪ ريڊا، ليٿوليائي داستانن ۽ چين جي آکاڻين ۾ به ملي ٿو. سوال هي آهي ته جاگرافيائي ۽ تهذيبي لحاظ کان فاصلن تي واقع انهن ڏورانهن خطن ۾ جيڪي طوفان جي اچڻ واري هنڌ کان تمام گهڻو پري آهن، ايترو مفصل ۽ مستند تفصيل ڪيئن موجود ٿي سگهي ٿي؟
انهيءَ سوال جو جواب تمام چٽو آهي. اها حقيقت ته، بنا ڪنهن پيغام رسانيءَ وارن ذريعن جي موجودگي جي، مختلف قومن جي تاريخ ۽ لکتن ۾ طوفان نوح جو ذڪر ملي ٿو. اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته انهن کي انهيءَ جو اطلاع قدرتي وسيلي ئي مليو. تاريخ جي سڀ کان وڏي تباهي مچائيندڙ واقعي يعني طوفان نوح جو اطلاع مختلف قومن کي، ڏانهن ايندڙ نبين سڳورن ڏنو. اهڙيءَ طرح طوفان نوح جي خبر پوريءَ دنيا جي قومن ۾ پکڙجي ويئي.
جيتوڻيڪ طوفانِ نوح جو ذڪر مختلف قومن، تهذيبن ۽ مذهبن ۾ ملي ٿو پر ان ۾ گهڻن ئي هنڌن تي تحريف ڪئي ويئي آهي، جنهن ڪري هي واقعو پنهنجي اصل بيان کان هٽي ويو. ڇو ته انهيءَ ۾ بدنيتي يا غلط بيانيءَ جي ڪارڻ ڪيترائي غلط تفصيل شامل ٿي ويا. تنهن هوندي به تحقيق انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪري ٿي، ته سيلاب جي انهيءَ تفصيل جو واحد ۽ اعتبار جوڳو ذريعو قرآن پاڪ ئي آهي، جنهن پوري سنجيدگيءَ سان انهيءَ واقعي جو تفصيل بيان ڪيو آهي.