ڇا سڀئي جانور ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيا ويا؟
جيڪي ماڻهو انهيءَ عقيدي کي شڪ ۽ شهبي کان مٿانهون قرار ڏين ٿا، انهن کي گهڻين ئي مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو... اهو ته ايڏي وڏي تعداد ۾ آندل جانورن کي ڪيئن ٻيڙيءَ ۾ رکيو ويو؟ انهن جي کاڌ خوراڪ جو ڪهڙو انتظام ڪيو ويو؟ ۽ پڻ اهو ته، انهن کي هڪ ٻئي کان ڌار ڌار ڪهڙيءَ طرح رکيو ويو؟
مٿين مڙني سوالن جو جواب ڳولڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ۽ ٻيو اهو ته مختلف کنڊن ۾ رهندڙن جانورن کي ڪيئن ڪٺو ڪيو ويو؟
وڌيڪ ڏکيو سوال هيءُ آهي ته نانگ، وڇون، ۽ ٻين جهنگلي ۽ زهريلن جانورن کي ڪيئن پڪڙيو ويو ۽ سيلاب ختم ٿيڻ تائين، انهن کي انهن جي قدرتي ماحول کان ڪهڙيءَ طرح پري رکيو ويو؟
عهد نامه عتيق جي تفصيلات تي اهي سوال اڀرن ٿا. جڏهن ته قرآن پاڪ ۾ اهڙو ڪو ئي بيان موجود ناهي، ته روءِ زمين جي سڀني جانورن کي طوفان کان اڳ ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيو ويو هو. جيئن ته اسان اڳ ۾ بيان ڪيو آهي ته اهو طوفان زمين جي هڪ خاص علائقي ۾ آيو هو، تنهنڪري ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيل جانور رڳو اهي ئي هوندا، جيڪي طوفان کان متاثر ٿيندڙ علائقي ۾ رهندا هوندا.
تنهن هوندي به اها ڳالهه بلڪل پڌري آهي ته انهيءَ علائقي ۾ موجود جانورن جا سمورا قسم ٻيڙيءَ ۾ گڏ ڪرڻ هڪ ڏکي ڳالهه آهي. حضرت نوح عليه السلام ۽ مٿس ايمان آڻيندڙ ڪجهه فردن جي لاءِ اهو ممڪن نه هو ته هو پنهنجي اردگرد واري ماحول ۾ موجود سڀئي جانور ڳولي، انهن کي گڏ ڪَن ها (سورة هود:40) وڌيڪ اهو ته انهن جي لاءِ انهيءَ علائقي ۾ موجود جيت جڻن جي جملي قسمن کي گڏ ڪرڻ ۽ وري انهن جي نر ۽ ماديءَ جي تميز ڪرڻ به ممڪن نه هو. تنهن ڪري غالب گمان اهوئي آهي، ته حضرت نوح عليه السلام جي ٻيڙيءَ ۾ رڳو اهي ئي جانور گڏ ڪيا ويا، جن کي پڪڙڻ سؤلو ۽ سنهنجو هو ۽ جيڪي پالتو ۽ انسان جي لاءِ ڪارائتا هئا. حضرت نوح عليه السلام يقيناً ٻيڙيءَ ۾ جيڪي جانور کنيا، انهن ۾ ڳئون، رڍون، گهوڙا، اٺ ۽ اهڙيءَ طرح جا ٻيا جانور شامل هئا، جيڪي طوفان کان پوءِ نئين زندگيءَ جي شروعات ڪرڻ لاءِ ضروري هئا، ڇو ته ٻوڏ جي ڪري چوپاين جو وڏو حصو تباهه ٿي ويو هو. هتي قابل غور نڪتو هيءُ آهي ته حضرت نوح عليه السلام کي الله پاڪ جي طرفان ٻيڙيءَ ۾ جانورن کي سوار ڪرڻ جي حڪم جي حڪمت هيءَ هئي ته طوفان کانپوءِ جيئن اهي جانور نئين زندگي شروع ڪرڻ ۾ ڪم اچي سگهن، نڪي اهو، ته انهن جو نسل محفوظ رهي. جيئن ته طوفان عالمي نه، بلڪه علائقائي هو، تنهن ڪري جانورن جو نسل ختم ٿيڻ جو سوال ئي پيد ا ڪونه ٿو ٿئي. ها! اهو ممڪن هو، ته طوفان کانپوءِ ٻئي علائقي کان جانور هجرت ڪري انهيءَ علائقي ۾ اچن ها ۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ هتي ٻيهر اڳ جيان آباد ٿين ها. بنيادي مسئلو طوفان کانپوءِ علائقي ۾ نئين زندگيءَ جي آغاز ڪرڻ جو هو ۽ حضرت نوح عليه السلام جي گڏڪيل جانورن جو بنيادي مقصد به اهو ئي هو.