تاريخ، فلسفو ۽ سياست

قومن جي تباهيءَ جي تاريخ

هي ڪتاب ”قومن جي تباهيءَ جي تاريخ“ هارون يحيٰ جو لکيل آهي جنهن جو سنڌيڪار خالد ڀٽي آهي.
هن ڪتاب “قومن جي تباهيءَ جي تاريخ” ۾
هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي پاران 2012 ۾ ڇپايو ويو.
  • 4.5/5.0
  • 4203
  • 1686
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خالد ڀٽي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book قومن جي تباهيءَ جي تاريخ

مذهبي عقيدا

مؤرخ هيرو ڊوٽس (Hero dotus) جي مطابق، قديم مصري نهايت ئي ”پارسا“ ماڻهو هئا، پر انهن جو مذهب يعني دين حق وارو نه هو، بلڪه سندن مذهب مشرڪاڻو ۽ گمراهه ڪندڙ هو، پر هو پنهنجي انتهائي رجعت پسنديءَ جي ڪري ان کي ڇڏي ڪونه پئي سگهيا.
قديم مصري انهيءَ قدرتي ماحول مان، جنهن ۾ هو رهن پيا، ڏاڍا متاثرهئا. مصر جي جاگرافي، بيروني حملو ڪندڙن کان، تحفظ جو مناسب ذريعو هئي. مصر هر طرف کان صحرائن، پهاڙن ۽ سمنڊن سان گهيريل هئي. ان تي ڪنهن به حملي جا ٻه ئي رستا ممڪن هئا، جتان مصري نهايت سولائيءَ سان پنهنجو دفاع ڪري پئي سگهيا. انهن قدرتي سببن جي ڪري ئي، مصري بيروني دنيا کان الڳ ٿلڳ هئا. پر صدين تي پکڙيل انهيءَ علحيدگي ۽ اڪيلائيءَ هنن کي متعصب قوم بڻائي ڇڏيو هو. اهڙيءَ طرح مصرين جي نگاهه ۾ ڪنهن به نئين ترقيءَ يا دريافت جو ڪو امڪان ڪونه هو. وڌيڪ اهو ته هو پنهنجي مذهب سان جڙيل هئڻ ڪري، ڏاڍا شدت پسند هئا. قرآن جي لفظن ۾”ابن ڏاڏن جو مذهب“ سندن سڀ کان اهم زندگيءَ جو قدر بڻجي چڪو هو.
اهو ئي سبب هو جو، جڏهن حضرت موسيٰ عليه السلاموٽن حق جي دعوت کڻي، فرعون وٽ آيو ته فرعون ۽ سندس درٻارين اهو چوندي انڪار ڪري ڇڏيو ته:
قَالُوۡۤا اَجِئۡتَنَا لِتَلۡفِتَنَا عَمَّا وَجَدۡنَا عَلَیۡہِ اٰبَآءَنَا وَ تَکُوۡنَ لَکُمَا الۡکِبۡرِیَآءُ فِی الۡاَرۡضِ ؕ وَ مَا نَحۡنُ لَکُمَا بِمُؤۡمِنِیۡنَ (سورة يونس: 78 )
”هنن (جواب ۾) چيو ته ڇا توهان اسان ڏي هن لاءِ آيا آهيو ته جنهن راهه تي اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي هلندي ڏٺو، تنهن کان اسان کي هٽائي ڇڏيو ۽ هن ملڪ ۾ اوهان ٻنهي ڀائرن کي سرداري (۽ بادشاهي) ملي وڃي؟ اسان ته توهان کي مڃڻ وارا ڪونه آهيون.“
مصرين جا مذهبي عقيدا، سندن معبود ديوتائن جي چوڌاري گهمندا هئا. انهن ديوتائن ۽ ماڻهن ۾ رابطي جو ذريعو مذهبي پيشوا هئا، جيڪي معاشري جا اڳواڻ به هئا. جادو ۽ سفلي (اهي منتر يا اهو عمل جنهن ۾ خبيث ارواحن کان مدد ورتي وڃي) عملن جا ماهر اهي پيشوا اهڙي طبقي ۾بدلجي ويا هئا، جن جي اطاعت به ماڻهن جي لاءِ فرعون جي حڪم جي مطابق ضروري هئي.
قديم مصر جو مذهب ڪيئي شاخن ۾ ورهايل هو. ان مان، رياستي مذهب، ماڻهن جا عقيدا ۽ سندن عقيدو حيات بعدالموت سڀ کان اهم هو. رياستي ۽ حڪومتي مذهب مطابق فرعون، هڪ مقدس هستي هو. هو زمين تي ماڻهن لاءِ خدا جو پرتوو هو ۽ سندس منصب ماڻهن کي انصاف ڏيڻ ۽ کين ظلم کان محفوظ رکڻ هو.
ماڻهن جا عقيدا گهڻو ڪري پيچيده هئا. سندن عقيدن جا ٻه پهلو، جيڪي رياستي مذهب سان ٽڪرائبا هئا، وقت جي فرعون جي طاقت سان دٻايا ويندا هئا. بنيادي طور تي ماڻهو ڪيئي خدائن تي يقين رکندا هئا ۽ انهن خدائن جو مظاهرو انساني ڌڙ تي جانورن جي سرن سان ڪيو ويندو هو. انهن عقيدن سان گڏوگڏ ڪيئي مقامي روايتون به مذهب جو حصو هيون، جيڪي هڪ علائقي کان ٻئي علائقي تائين بدلبيون رهنديون هيون.
حيات بعد الموت (موت کانپوءِ زندگي) مصري عقائد جو هڪ لازمي عنصر هو. سندن عقيدو هو ته جسم جي مرڻ کانپوءِ روح زنده رهندو آهي.
سندن مطابق مرڻ کانپوءِ روح کي خدا، جيڪو هڪ جج هيو ۽ ان سان گڏ موجود ٻين 42 ججن جي آڏو پيش ڪيو ويندو ۽ سندن سامهون هڪ تارازيءَ تي انجو وزن ڪيو ويندو. اهي ماڻهو جن جا عمل سٺا هوندا، انهن کي مرڻ کانپوءِ اعليٰ ۽ خوبصورت هنڌن ڏانهن موڪليو ويندو، جتي اهي خوش رهندا ۽ جيڪي برا عمل ڪندا آهن، انهن کي عذاب ۽ تڪليف واري هنڌ ڏانهن موڪليو ويندو آهي. هتي بدڪردار روحن کي هميشه لاءِ هڪ عجيب و غريب مخلوق ”ردار خور“ عذاب ڏيندي رهندي آهي.
مصرين جو ”حيات بعد الموت“ جو عقيدو توحيد ۽ حق پرستاڻي مذهب جي عقائد سان گهري مشابهت رکي ٿو. اهو ئي عقيدو ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو، ته قديم مصري تهذيب تائين حق جو پيغام ضرور پهتو هو، مگر بعد ۾ ٿيندڙ تبديلين ۽ ڦير ڦار واري عمل جي نتيجي ۾ توحيد تي ٻڌل مذهب، شرڪ ۽ بت پرستيءَ ۾ مٽجي ويو. يعني مصري ماڻهن ۾ به وقت بوقت نبي سڳورا مبعوث ٿيندا رهندا هئا. جيڪي کين هڪ الله جي دعوت جو سڏ ڏيندا رهيا. حضرت يوسف جي تاريخ به ڏاڍي اهم آهي ڇو ته سندن هوندي ئي اسرائيل جو پٽ مصر آيو ۽ اتي آباد ٿيو.
تاريخ ۾ اهڙيون شاهديون موجود آهن ته، حضرت موسيٰ عليه السلامجي اچڻ کان اڳ به مصرين ۾ توحيد جي دعوت ڏيندڙ ماڻهو موجود هئا، انهن مان هڪ نهايت ئي دلچسپ شخصيت فرعون جي هئي، جنهن کي تاريخ ۾ آمن حو تپ چوٿون (Amenhotep-iv) جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي.