قديم عهد نامي ۾ تحريف ڇو ڪئي ويئي؟
جڏهن ته قديم عهد نامي ۾ انهيءَ تفصيلات مان ڪجهه به ڄاڻايل ناهي. کين باهه ۾ اڇلايو وڃڻ، برادريءَ جي بتن کي ڀڃڻ وغيره جو قديم عهد نامي ۾ بيان ڪونهي ڪيو ويو. بلڪه ان ۾ کين يهودين جي پَڙَ ڏاڏي طور بيان ڪيو ويو آهي. اها ڳالهه واضح آهي ته قديم عهد نامي ۾ سندن بابت اهو تصور ، يهودين پنهنجي نسلي مٿڀرائپ ثابت ڪرڻ جي لاءِ شامل ڪيو. يهودين جو عقيدو آهي ته، هو خدا جي چونڊيل ۽ هميشه لاءِ اعليٰ ۽ برتر قوم آهي. پنهنجي انهيءَ عقيدي کي بيان ڪرڻ لاءِ هنن کليو کلايو الوهي صحيفي ۾ ڦير ڦار ڪئي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو قديم عهد نامي ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام کي يهودين جي پڙ ڏاڏي طور بيان ڪيو ويو آهي.
عيسائي، جيڪي قديم عهد نامي کي تسليم ڪن ٿا، اهي به حضرت ابراهيم عليه السلام کي يهودين جو پڙڏاڏو مڃين ٿا، پر انهن وٽ يهودي نه بلڪه عيسائي آهن. عيسائي نسلي حضرت ابراهيم عليه السلام جي برتريءَ کي يهودين وانگر وڌيڪ اهميت ڪونه ٿا ڏين، انهن جو اهو اختلافي موقف ٻنهي مذهبن جي وچ ۾ اختلاف جو بنياد آهي. انهن جي دليلن جي وضاحت قرآن ۾ الله تعالي هيئن فرمائي آهي:
یٰۤاَہۡلَ الۡکِتٰبِ لِمَ تُحَآجُّوۡنَ فِیۡۤ اِبۡرٰہِیۡمَ وَ مَاۤ اُنۡزِلَتِ التَّوۡرٰىۃُ وَ الۡاِنۡجِیۡلُ اِلَّا مِنۡۢ بَعۡدِہٖ ؕ اَفَلَا تَعۡقِلُوۡنَ ﴿۶۵﴾ ہٰۤاَنۡتُمۡ ہٰۤؤُلَآءِ حَاجَجۡتُمۡ فِیۡمَا لَکُمۡ بِہٖ عِلۡمٌ فَلِمَ تُحَآجُّوۡنَ فِیۡمَا لَیۡسَ لَکُمۡ بِہٖ عِلۡمٌ ؕ وَ اللّٰہُ یَعۡلَمُ وَ اَنۡتُمۡ لَا تَعۡلَمُوۡنَ ﴿۶۶﴾ مَا کَانَ اِبۡرٰہِیۡمُ یَہُوۡدِیًّا وَّ لَا نَصۡرَانِیًّا وَّلٰکِنۡ کَانَ حَنِیۡفًا مُّسۡلِمًا ؕ وَ مَا کَانَ مِنَ الۡمُشۡرِکِیۡنَ ﴿۶۷﴾ اِنَّ اَوۡلَی النَّاسِ بِاِبۡرٰہِیۡمَ لَلَّذِیۡنَ اتَّبَعُوۡہُ وَ ہٰذَا النَّبِیُّ وَ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا ؕ وَ اللّٰہُ وَلِیُّ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ ﴿۶۸﴾ (سورة آل عمران: 68-65 )
”اي اهل ڪتاب ! توهان (حضرت ) ابراهيم عليه السلام بنسبت ڇو جهڳڙو ڪري رهيا آهيو؟ (ته هن جو طريقو يهودين جو طريقو هو يا نصرانيت جو طريقو هو.) حالانڪه تورات ۽ انجيل (جن جي نالي ۾ اهي جماعتون يهودين ۽ عيسائين جون ٺهيون سي.) (حضرت) ابراهيم عليه السلام کان گهڻو پوءِ نازل ٿيا. (پوءِ جنهن گروه بنديءَ جو انهيءَ وقت وجود ئي ڪونه هو، تنهن جو پيروي ڪندڙ هو ڪيئن ٿي سگهي ٿو) ڇا توهان (اهڙي سولي ڳالهه به) سمجهي نٿا سگهو. ڏسو! توها ن اهي ماڻهو آهيو جن انهن ڳالهين متعلق ئي جهڳڙا ڪيا، جن بابت (اوهان کي ڪجهه نه ڪجهه) علم هو. پر هن ڳالهه بابت ڇو ٿا جهڳڙو ڪيو، جنهن بابت توهان کي ڪجهه به علم ڪونهي. الله سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، توهان ڪجهه به نٿا ڄاڻو. (حضرت) ابراهيم عليه السلام نڪي يهودي هو نڪي نصراني (عيسائي) (نڪي ڪنهن ٻئي گروه بندي جو پيروي ڪندڙ هو.) بلڪه (پنهنجي زماني جي سڀني گمراهين کان) پاڪ، حق تي هلندڙ خدا جو فرمانبردا ٻانهو هو. يقيناً هو مشرڪين منجهان نه هو. حقيقاً (حضرت) ابراهيم عليه السلام کي ويجها ماڻهو ته اهي آهن جن سندس پيروي ڪئي ۽ پڻ هي نبي (حضرتﷺ) ۽ جن مٿس ايمان آندو آهي (سي حضرت ابراهيم کي ويجها آهن، نه اهي جن خدائي دين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري فرقا ٺاهيا آهن ۽ توحيد جي راهه کان هٽي ويا آهن) ۽ ياد رکو! ته الله انهن جو مددگار ۽ محافظ آهي جيڪي سچو ايمان رکن ٿا.“
الغرض قديم عهد نامي جي تفصيلات جي برعڪس (ابتڙ) قرآن پاڪ جي مطابق حضرت ابراهيم عليه السلام اها شخصيت آهي، جنهن پنهنجي قوم کي الله جي اطاعت ڪرڻ جي ترغيب ۽ ان جي عذاب کان ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي. پنهنجي نوجوانيءَ وارن ڏينهن کان ئي پاڻ پنهنجي بت پرست قوم کي بت پرستي ترڪ ڪرڻ جي تلقين ڪيائون. سندن قوم ردعمل ۾ کين قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پنهنجي قوم جي ظلمن کان بچي وڃڻ تي پاڻ نيٺ هجرت ڪيائون.