تاريخ، فلسفو ۽ سياست

قومن جي تباهيءَ جي تاريخ

هي ڪتاب ”قومن جي تباهيءَ جي تاريخ“ هارون يحيٰ جو لکيل آهي جنهن جو سنڌيڪار خالد ڀٽي آهي.
هن ڪتاب “قومن جي تباهيءَ جي تاريخ” ۾
هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي پاران 2012 ۾ ڇپايو ويو.
  • 4.5/5.0
  • 4203
  • 1686
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خالد ڀٽي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book قومن جي تباهيءَ جي تاريخ

عاد جي تباهي

قرآن حڪيم ۾ عاد جي تباهيءَ جو ڪارڻ ”خوفناڪ هوا“ کي قرار ڏنو ويو آهي. قرآن مجيد جي انهن آيتن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهي موتمار هوائون ست راتيون ۽ اٺ ڏينهن گهلنديون رهيون، ايستائين جو عاد مڪمل طور تباهه ۽ برباد ٿي ويا:
کَذَّبَتۡ عَادٌ فَکَیۡفَ کَانَ عَذَابِیۡ وَ نُذُرِ ﴿۱۸﴾ اِنَّاۤ اَرۡسَلۡنَا عَلَیۡہِمۡ رِیۡحًا صَرۡصَرًا فِیۡ یَوۡمِ نَحۡسٍ مُّسۡتَمِرٍّ ﴿ۙ۱۹﴾ تَنۡزِعُ النَّاسَ ۙ کَاَنَّہُمۡ اَعۡجَازُ نَخۡلٍ مُّنۡقَعِرٍ ﴿۲۰﴾ (سورة القمر: 20-18 )
”عاد جي قوم به (پيغمبرن جي تعليم کي) نه مڃيو ۽ ان کي رد ڪيو، سو (ڏسو ته) منهنجو عذاب ۽ منهنجي تنبيهه ڪهڙي نه سخت هئي. اسان انهن (عاد قوم جي ماڻهن) جي مٿان هڪڙو سخت طوفان اهڙي ڏينهن موڪليو جو سخت نڀاڳائي ۽ زبردست مصيبت وارو ڏينهن هو. جنهن انهن ماڻهن کي اهڙيءَ طرح پٽي (اڇلائي) ماريو جو ڄڻ ته هو پارڙؤن پٽيل کجين جا ٿڙ هئا.“
وَ اَمَّا عَادٌ فَاُہۡلِکُوۡا بِرِیۡحٍ صَرۡصَرٍ عَاتِیَۃٍ ۙ﴿۶﴾ سَخَّرَہَا عَلَیۡہِمۡ سَبۡعَ لَیَالٍ وَّ ثَمٰنِیَۃَ اَیَّامٍ ۙ حُسُوۡمًا ۙ فَتَرَی الۡقَوۡمَ فِیۡہَا صَرۡعٰی ۙ کَاَنَّہُمۡ اَعۡجَازُ نَخۡلٍ خَاوِیَۃٍ ۚ﴿۷﴾
(سورة الحاقة: 7-6 )
”۽ عاد (جي قوم) کي حد کان لنگهندڙ تيز (ٿڌي) هوا سان هلاڪ ڪيو ويو. جنهن کي (الله) مٿن ست راتيون ۽ اٺ ڏينهن لڳاتار هلايو (پوءِ اي ڳالهه ٻڌندڙ ! جيڪڏهن تون اُتي ڏسين ها ته) تون ان قوم کي ان (زمين تي ائين منهن ڀر اونڌو) ڪريل ڏسين ها ڄڻ ته اهي پورين کجين جا ٿڙ (پيل) آهن.“
جيتوڻيڪ ماڻهن کي باربار خبردار ڪيو ويو هو، پر انهن نبين سڳورن جي دعوت تي ڪو ڌيان ڪو نه ڏنو. هي ايڏي وڏي مغالطي ۾ گرفتار هئا، جو جڏهن تباهي بلڪل سندن مٿان اچي پهتي، تڏهن به انهن کي پنهنجي اصلاح جو ڪو خيال ڪو نه آيو ۽ پنهنجي انڪار تي ڄميا رهيا:
فَلَمَّا رَاَوۡہُ عَارِضًا مُّسۡتَقۡبِلَ اَوۡدِیَتِہِمۡ ۙ قَالُوۡا ہٰذَا عَارِضٌ مُّمۡطِرُنَا ؕ بَلۡ ہُوَ مَا اسۡتَعۡجَلۡتُمۡ بِہٖ ؕ رِیۡحٌ فِیۡہَا عَذَابٌ اَلِیۡمٌ (سورة الاحقاف: 24 )
”پوءِ جڏهن هنن ان (عذاب) کي هڪڙي ڪڪر جي صورت ۾ پنهنجي وادين جي سامهون ايندي ڏٺو، تڏهن (ڀلجي خوشيءَ مان) چيائون ته هي هڪڙو ڪڪر آهي جو اسان تي مينهن وسائيندو (۽ اسان جي وادين کي آباد ڪندو). نه نه (آباد ڪرائڻ وارو مينهن نه اَٿو) بلڪه اهو اُهو (عذاب) اَٿو، جنهن لاءِ (ٽوڪ وانگر) توهان تڪڙ لائي ڏني هئي. اهو سخت طوفان اَٿو جنهن ۾ درد ناڪ عذاب رکيل آهي.“
هن آيت ۾ اهو بيان ڪيو ويو آهي ته ماڻهن بادل ڏٺو، جنهن ۾ عذاب هيو پر اهي سمجهي ڪو نه سگهيا ۽ ان کي مينهن جو ڪڪر سمجهندا رهيا. هيءَ آيت انهيءَ منظر کي بيان ٿي ڪري ته، ڪهڙيءَ طرح عذاب آيو. واريءَ جا وڏا وڏا دڪا دڙا به پري کان بارش جي بادلن جهڙا لڳن ٿا. اهو بلڪل ممڪن آهي ته عاد انهيءَ مماثلت (مشابهت) کان ڌوڪو کاڌو هجي ۽ عذاب کي سمجهي نه سگهيا هجن. ڊوئي (Doe) پنهنجي ذاتي تجربن جي روشنيءَ ۾ اهڙيءَ طرح جي واريءَ جي طوفان بابت لکي ٿو:
”اهڙيءَ طرح جي طوفان جي پهرين علامت گرد و غبار جي هڪ ديوار آهي، جيڪا ڪيئي فوٽ بلند ٿي سگهي ٿي ۽ انهيءَ ۾ تمام تيز هوائون هونديون آهن.“ (27)
هينئر عاد جي آثارن”عبار“ کي ڪيئي ميٽر اونهو واريءَ جو تهه کوٽي ڪري دريافت ڪيو ويو آهي. ائين ٿو لڳي ته قرآن حڪيم جي بيان مطابق اٺن ڏينهن ۽ ستن راتين تائين هلندڙ واريءَ وارين هوائن، هن شهر کي ڪيئي ٽَن واريءَ ۾ پوري ڇڏيو ۽ ماڻهو زنده دفن ٿي ويا.
عبار ۾ ٿيندڙ کوٽايون به انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪن ٿيون. فرانسيسي رسالو (CaM’Interesse) لکي ٿو ته عبار شهر طوفان جي نتيجي ۾ 12 ميٽر ٿلهي واريءَ جي تهه هيٺ دٻجي ويو. (28)
عاد جو واريءَ ۾ دفن ٿيڻ جو هڪ اهم ثبوت، عاد جي شهر جو تذڪرو ڪندي قرآن مجيد ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ ”احقاف“ آهي:
وَ اذۡکُرۡ اَخَا عَادٍ ؕ اِذۡ اَنۡذَرَ قَوۡمَہٗ بِالۡاَحۡقَافِ وَ قَدۡ خَلَتِ النُّذُرُ مِنۡۢ بَیۡنِ یَدَیۡہِ وَ مِنۡ خَلۡفِہٖۤ اَلَّا تَعۡبُدُوۡۤا اِلَّا اللّٰہَ ؕ اِنِّیۡۤ اَخَافُ عَلَیۡکُمۡ عَذَابَ یَوۡمٍ عَظِیۡمٍ (سورة الاحقاف: 21 )
”(اي منهنجا پيغمبر!) عاد قوم جي ڀاءُ (حضرت هود) جو بيان (هنن عربن کي) ٻڌاءِ ، ڏسو! هن پنهنجي قوم جي ماڻهن کي، جيڪي احقاف ۾ رهندا هئا، خبردار ڪيو، ۽ هن کان اڳي توڙي پوءِ ٻيا به خبردار ڪندڙ (پيغمبر سڳورا) ٿي گذريا آهن (انهن به پنهنجن پنهنجن ماڻهن کي خبردار ڪيو ته ) الله کانسواءِ ڪنهن جي به پوڄا نه ڪيو (۽ ڪنهن به قسم جي نامناسب ڪاڻ نه ڪڍو. نڪي بادشاهن ۽ سردارن جي، نڪي پيرن، فقيرن ۽ ٻين جي. جيڪي پاڻ کي ڪرامت جا صاحب ٿا سڏائين) (جيڪڏهن ٻين جي غلامي ۽ پوڄا ڪندؤ ته) مون کي خوف آهي ته ڪنهن وڏي (سخت)ڏينهن جو عذاب اچي اوهان جي مٿان ڪڙڪندو.“
”احقاف“، حقف جو جمع آهي ۽ عربي زبان ۾ ان مان مراد واريءَ جا دڙا آهن. يعني عاد واريءَ جي دڙن واري علائقي ۾ رهندا هئا. اهڙيءَ طرح تمام وڏو چٽو ثبوت آڏو اچي ٿو ته، انهن جي هلاڪت واريءَ ۾ دفن ٿيڻ سان ٿي هوندي. هڪ توضيح (وضاحت) جي مطابق گهڻي استعمال جي ڪري ”احقاف“ پنهنجي اصل معنيٰ جي بدران انهيءَ شهر ۽ علائقي جو نانءُ ٿي ويو، جتي عاد رهندا هئا. پر انهيءَ مان ان بنيادي حقيقت جي نفي ڪونه ٿي ٿئي ته، اُهو واريءَ جو علائقو نه هو، بلڪه انهيءَ تصور کي وڌيڪ تقويت ملي ٿي ته اهو علائقو واريءَ جي دڙن طور مشهور هو.
طوفان سان عاد تي اهڙيءَ طرح تباهي آئي جو اهي کجيءَ جي پورن ٿڙن وانگر اکڙجي ويا. اهڙيءَ طرح اهي ماڻهو جيڪي زمينن جي پوکي راهي، ڊيمن جي اڏاوت، آبپاشي ۽ ٻين سرگرمين ۾ مصروف هيا، هڪ لحظي ۾ تباهه ۽ برباد ڪيا ويا. پوک جي قابل سمورو علائقو، آبپاشيءَ جون نهرون ۽ ڊيم وغيره واريءَ ۾ دفن ٿي ويا ۽ سڄو شهر پنهنجي رهاڪن سميت واريءَ ۾ غرق ٿي ويو. شهر جي تباهيءَ کانپوءِ اتي صحرا ٿي ويو ۽ انهن جو ڪو نانءُ نشان باقي نه رهيو.“
يعني ائين چئي سگهجي ٿو ته تاريخ ۽ قديم آثارن جون شاهديون ٻڌائن ٿيون ته عاد ۽ شهر ارم، جن جي تباهيءَ جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ آيو آهي، وجود رکندا هئا، پوءِ جي تحقيقات مان انهن ماڻهن جا آثار، واريءَ مان دريافت ڪيا ويا.
واريءَ ۾ دفن انهن آثارن مان عبرت وٺڻ جي ضرورت آهي، جنهن طرف قرآن بار بار ڌيان ڇڪائي ٿو. عاد سرڪشي ۽ گمراهيءَ جي ڪري حق جي راهه کان منحرف ٿي ويا هئا. تنهن ڪري مٿن عذاب آيو. ارشاد رباني آهي ته:
”(هاڻي) ڪير آهي جيڪو قوت ۽ اقتدار ۾ برتر آهي؟“
انهيءَ آيت ۾ اڳتي فرمايو ويو:
”ڇا هنن انهيءَ تي ويچار ڪونه ڪيو ته الله، جنهن انهن کي پيدا ڪيو آهي، انهن کان طاقت ۽ اقتدار ۾ برتر ۽ اعليٰ آهي؟“
(سورة فصلت: 15 )
انهن تمام تاريخي حقيقتن جو حاصل مطلب هيءُ آهي ته، انسان انهيءَ ناقابل ترديد ۽ ابدي حقيقت کي هميشه جي لاءِ پنهنجي دل جي ڦرهيءَ تي نقش ڪري ڇڏي ته رڳو الله تعاليٰ جي هستي ئي عظيم، برتر ۽ اعليٰ آهي ۽ انسان جي ڀلائي انهيءَ ۾ آهي ته، هو الله تعاليٰ سان پنهنجي بندگيءَ واري تعلق کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪري.