فرعون جي درٻار
قَالَ اَلَمۡ نُرَبِّکَ فِیۡنَا وَلِیۡدًا وَّ لَبِثۡتَ فِیۡنَا مِنۡ عُمُرِکَ سِنِیۡنَ ﴿ۙ۱۸﴾ وَ فَعَلۡتَ فَعۡلَتَکَ الَّتِیۡ فَعَلۡتَ وَ اَنۡتَ مِنَ الۡکٰفِرِیۡنَ ﴿۱۹﴾ (سورة الشعراء: 19-18 )
”(حضرت موسيٰ ۽ حضرت هارون اهو حڪم مڃيو ۽ فرعون وٽ ويا ۽ اهو پيغام کيس پهچايائون. تنهن تي فرعون) چيو ته (اي موسيٰٰ!) توکي اسان ننڍپڻ ۾ نپايو ۽ پاليو ڪين هو ڇا؟ ۽ تون پنهنجي عمر جا ڪيترائي سال اسان ۾ نه رهيو هئين ڇا؟ (جو هاڻي احسان فراموش ٿي بني اسرائيلن کي اسان جي غلاميءَ مان ڪڍڻ آيو آهين. ۽ (هيءَ ڳالهه به ياد رک ته) تون انهيءَ وقت اُهو (هڪ مصريءَ کي قتل ڪرڻ وارو) ڪم به ڪيو هو جو (توکي ياد هوندو ته تو سچ پچ) ڪيو هو. تون ته وڏو احسان فراموش آهين.“
فرعون جذباتي داوَ پيچ استعمال ڪري ۽ کيڏ کيڏي، حضرت موسيٰ عليه السلام تي حاوي ٿيڻ پئي گهريو. هو انهيءَ ڳالهه تي ته هن ۽ سندس زال، حضرت موسيٰ عليه السلام جي پرورش ڪئي هئي، کانئس اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ جي تقاضا ڪري رهيو هو. جيئن ته حضرت موسيٰ عليه السلام هڪ مصريءَ کي به قتل ڪيو هو، ان ڪري اهو سڀ ڪجهه مصري قانون تحت سخت سزا جو ڪارڻ بڻجي سگهي پيو. اهڙيءَ طرح جذباتي فضا پيدا ڪري فرعون، حضرت موسيٰ عليه السلام کي متاثر ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي درٻارين جي حمايت به حاصل ڪرڻ گهري پيو.
پر اها حق جي دعوت، جنهن کي حضرت موسيٰ عليه السلام کڻي آيو هو، ايترو اثرائتي هئي جو فرعون جي حيثيت هڪ عام ماڻهوءَ جهڙي ٿي پئي. ڇو ته دعوت حق مان اها ڳالهه پڌري ٿي چڪي هئي ته فرعون خدا نه هو ۽ کيس حضرت موسيٰ عليه السلام جي اطاعت ڪرڻي هئي. ان کانسواءِ آل اسرائيل کي آزاد ڪر ڻ ۽ حضرت موسيٰ عليه السلام سان گڏجي وڃڻ جي اجازت ڏيڻ تي به هن جي افرادي قوت نمايان گهٽجي رهي هئي، جيڪا سندس لاءِ سنگين معاشي بحران جو ڪارڻ بڻجي سگهي پئي. انهن سببن جي ڪري فرعون حضرت موسيٰ عليه السلام پاران ڏنل حق جي دعوت تي ڪو ڌيان ڪونه ڏنو. هن مذاق اڏائڻ شروع ڪيو ۽ فضول ۽ اجايا سوال پڇي، موضوع مَٽائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن حضرت موسيٰ عليه السلام ۽ حضرت هارون تي باغي هئڻ ۽ سياسي مقصدن جي لاءِ ڪم ڪرڻ جا الزام هنيا. هن دين حق جي پيروي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. تنهن تي الله تعاليٰ مٿس ڪجهه مصيبتون ۽ مشڪلاتون به مسلط ڪيون.