تاريخ، فلسفو ۽ سياست

قومن جي تباهيءَ جي تاريخ

هي ڪتاب ”قومن جي تباهيءَ جي تاريخ“ هارون يحيٰ جو لکيل آهي جنهن جو سنڌيڪار خالد ڀٽي آهي.
هن ڪتاب “قومن جي تباهيءَ جي تاريخ” ۾
هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي پاران 2012 ۾ ڇپايو ويو.
  • 4.5/5.0
  • 4203
  • 1686
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خالد ڀٽي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book قومن جي تباهيءَ جي تاريخ

فرعون ۽ سندس لشڪر جو ٻڏڻ

قرآن حڪيم اسان کي بحيره احمر (ڳاڙهي سمنڊ) جي ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃڻ جي خبر ڏيئي ٿو. قرآن پاڪ جي تفصيل مطابق حضرت موسيٰ، مصر کان، بني اسرائيل سان گڏ روانو ٿيو. فرعون لاءِ اها ڳالهه ناگوار هئي ته بني اسرائيل سندس اجازت کانسواءِ، حضرت موسيٰ عليه السلام سان گڏجي روانا ٿي وڃن. هو پنهنجي لشڪر سان گڏجي تعاقب لاءِ نڪري پيو:
وَ جٰوَزۡنَا بِبَنِیۡۤ اِسۡرَآءِیۡلَ الۡبَحۡرَ فَاَتۡبَعَہُمۡ فِرۡعَوۡنُ وَ جُنُوۡدُہٗ بَغۡیًا وَّ عَدۡوًا (سوره: يونس: 90 )
”۽ پوءِ اسان بني اسرائيل کي سمنڊ جي پار اڪاريو . هي ڏسي فرعون ۽ سندس لشڪر سندن پٺيان پيو...“
جڏهن حضرت موسيٰ عليه السلام ۽ بني اسرائيل سمنڊ تي پهتا، ويجهو هيو جو فرعون ۽ سندس لشڪر انهن کي اچي پڪڙي ها، انهيءَ منظر کي ڏسندي ئي بني اسرائيل، حضرت موسيٰ عليه السلام سان شڪايت ڪرڻ لڳا. قديم عهد نامي مطابق هو حضرت موسيٰ عليه السلام کي چوڻ لڳا ته، هو کين پنهنجي گهرن مان ڪڍي ڪري موت ڏانهن ڇو وٺي آيو. جيتوڻيڪ هو گهرن ۾ فرعون جا غلام هئا، پر هئا ته زنده. انهيءَ منظر کي قرآن مجيد هيئن بيان ڪيو:
فَلَمَّا تَرَآءَ الۡجَمۡعٰنِ قَالَ اَصۡحٰبُ مُوۡسٰۤی اِنَّا لَمُدۡرَکُوۡنَ (سورة الشعراء : 61 )
”۽ پوءِ جڏهن ٻنهي ٽولين هڪٻئي کي ڏٺو تڏهن (حضرت) موسيٰ جي ساٿين (ڊڄي) چيو ته پڪ آهي ته اسان کي پڪڙي وٺندا.“
حقيقت اها آهي ته بني اسرائيل جي شڪايت جو اهو ڪو پهريون واقعو نه هو، بلڪه ان کان اڳ ۾ به هو ڪيترائي ڀيرا اهڙيءَ طرح جي گستاخيءَ واري رويي جو اظهار ڪري چڪا هئا:
قَالُوۡۤا اُوۡذِیۡنَا مِنۡ قَبۡلِ اَنۡ تَاۡتِیَنَا وَ مِنۡۢ بَعۡدِ مَا جِئۡتَنَا ؕ قَالَ عَسٰی رَبُّکُمۡ اَنۡ یُّہۡلِکَ عَدُوَّکُمۡ وَ یَسۡتَخۡلِفَکُمۡ فِی الۡاَرۡضِ فَیَنۡظُرَ کَیۡفَ تَعۡمَلُوۡنَ (سورة الاعراف: 129 )
”بني اسرائيلن ۾ اهڙو صبر ۽ يقين ڪونه هو تنهن ڪري مايوسي ۽ رنجيدگيءَ ۾) هنن چيو ته اسان جي نصيب ۾ ته اڳ به ايذاءَ ۽ مصيبتون هيون ۽ تنهنجي اسان ڏي (رسول ٿي) اچڻ کانپوءِ به (ساڳيون ئي مصيبتون آهن) تنهن تي (حضرت) موسيٰ فرمايو ته (نا اميد نه ٿيو) ممڪن آهي ته اوهان جو پروردگار اوهانجي دشمن کي تباهه ڪري ڇڏي ۽ اوهان کي ملڪ ۾ (سندن) جانشين ڪري (يعني اوهان کي غلبو ۽ حڪومت ڏيئي) ۽ پوءِ الله تعاليٰ توهان کي آزمائي ته (غلبي جي حالت ۾) توهان ڪهڙا ٿا عمل ڪيو.“
پر بني اسرائيل جي انهيءَ رويي جي باوجود، حضرت موسيٰ عليه السلام کي پنهنجي جدوجهد جي شروعات کان ئي الله جي مدد ۽ نصرت تي پورو ڀروسو هيو. الله تعاليٰ جو حضرت موسيٰ عليه السلام سان وعدو هيو ته انجي هر حال ۾ مدد ڪئي ويندي:
قَالَ لَا تَخَافَاۤ اِنَّنِیۡ مَعَکُمَاۤ اَسۡمَعُ وَ اَرٰی (سورة: طھٰ: 46 )
” ارشاد ٿيو ته خوف نه ڪيو. مان توهان سان آهيان. مان سڀ ڪجهه ٻڌان ٿو ۽ سڀ ڪجهه ڏسان ٿو.“
جڏهن حضرت موسيٰ، فرعون جي جادوگرن سان پهريون ڀيرو منهن مقابل ٿيو ته کيس ڪجهه خوف محسوس ٿيو. يعني حق ۽ باطل جي جنگ جي انهن مرحلن مان خير ۽ خوبيءَ سان گذرڻ لاءِ حضرت موسيٰ عليه السلام جي بارگاهه خداونديءَ مان تربيت ڪئي ويئي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن حضرت موسيٰ عليه السلام جي قوم جي ڪجهه ماڻهن خوف محسوس ڪيو ته پاڻ فرمايائون:
قَالَ کَلَّا ۚ اِنَّ مَعِیَ رَبِّیۡ سَیَہۡدِیۡنِ (سورة الشعراء: 62 )
”(حضرت موسيٰ) فرمايو ته هرگز ڪونه پڪڙي سگهندا. بيشڪ منهنجو پروردگار مون سان (مدد گار) آهي. اهو ئي اجهو ٿو مون کي (حفاظت جي) واٽ ڏيکاري.“
تنهن تي الله تعاليٰ، حضرت موسيٰ عليه السلام کي وحي ڪئي ته پنهنجي عصا پاڻيءَ تي هڻ. تنهن تي سمنڊ ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي ويو ۽ پاڻيءَ جو هر حصو ٻن عظيم پهاڙن ۾ بدلجي ويو. (سورة الشعراء: 63).
جنهن وقت اهو عظيم واقعو پيش آيو ته ان کي ڏسندي ئي فرعون کي سمجهڻ گهربو هو ته، اهو معجزو ڪنهن عام انسان جي وس جي ڳالهه ناهي ۽ انهيءَ ۾ خدائي قدرت ڪا رفرما آهي. اهي ئي ماڻهو جن کي مارڻ لاءِ فرعون ڪڍ لڳو هو، انهن کي پاڻي واٽ ڏيئي رهيو هو. جيتوڻيڪ انهيءَ ڳالهه جي ڪا ضمانت نه هئي، ته بني اسرائيل جي لنگهي وڃڻ بعد سمنڊ جو پاڻي وري روان دوان ٿي ويندو... فرعون ۽ سندس ڇاڙتا بني اسرائيل جي تعاقب ۾ پاڻيءَ ۾ لهي پيا. شايد اهو، انهيءَ غير معمولي صورتحال جو اثر هو، جو فرعون ۽ سندس ٽولي جي سوچ ۽ سمجهه کسجي ويئي ۽ هو پنهنجي گمراهيءَ ۾ ايترو غرق ٿي ويا جوان مان ڪو به سبق ڪونه ورتائون:
وَ جٰوَزۡنَا بِبَنِیۡۤ اِسۡرَآءِیۡلَ الۡبَحۡرَ فَاَتۡبَعَہُمۡ فِرۡعَوۡنُ وَ جُنُوۡدُہٗ بَغۡیًا وَّ عَدۡوًا ؕ (سورة يونس: 90 )
”پوءِ اسان بني اسرائيل کي سمنڊ جي پار اڪاريو. هي ڏسي فرعون ۽ سندس لشڪر سندن پٺيان پيو، انهيءَ لاءِ ته (بني اسرائيلن سان ) ظلم ۽ شرارت ڪن.“
فرعون جي آخري لمحن کي قرآن حڪيم هن طرح بيان ڪري ٿو:
حَتّٰۤی اِذَاۤ اَدۡرَکَہُ الۡغَرَقُ ۙ قَالَ اٰمَنۡتُ اَنَّہٗ لَاۤ اِلٰہَ اِلَّا الَّذِیۡۤ اٰمَنَتۡ بِہٖ بَنُوۡۤا اِسۡرَآءِیۡلَ وَ اَنَا مِنَ الۡمُسۡلِمِیۡنَ (سورة يونس: 90 )
”پر جڏهن حالت هيءَ ٿي جو فرعون سمنڊ ۾ ٻڏڻ لڳو، تڏهن (عاجز ٿي) پڪاريائين ته مان هاڻي يقين ٿو ڪريان ته انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪو به معبود ڪونهي، جنهن تي بني اسرائيل ايمان آندو آهي، ۽ مان به انهيءَ ئي جي فرمانبردارن ۾ آهيان.“
هتي حضرت موسيٰ عليه السلام جو هڪ ٻيو معجزو به موجود آهي، جنهن جي يادگيري قرآن پاڪ جي هيٺئين آيت ۾ ڏياري ٿي وڃي:
وَ قَالَ مُوۡسٰی رَبَّنَاۤ اِنَّکَ اٰتَیۡتَ فِرۡعَوۡنَ وَ مَلَاَہٗ زِیۡنَۃً وَّ اَمۡوَالًا فِی الۡحَیٰوۃِ الدُّنۡیَا ۙ رَبَّنَا لِیُضِلُّوۡا عَنۡ سَبِیۡلِکَ ۚ رَبَّنَا اطۡمِسۡ عَلٰۤی اَمۡوَالِہِمۡ وَ اشۡدُدۡ عَلٰی قُلُوۡبِہِمۡ فَلَا یُؤۡمِنُوۡا حَتّٰی یَرَوُا الۡعَذَابَ الۡاَلِیۡمَ ﴿۸۸﴾ قَالَ قَدۡ اُجِیۡبَتۡ دَّعۡوَتُکُمَا فَاسۡتَقِیۡمَا وَ لَا تَتَّبِعٰٓنِّ سَبِیۡلَ الَّذِیۡنَ لَا یَعۡلَمُوۡنَ ﴿۸۹﴾ (سورة يونس: 89-88 )
”۽ (حضرت ) موسيٰ دعا گهري ته اي خدا! تو فرعون ۽ سندس سردارن کي هن دنيا جي زندگيءَ ۾ زيب ۽ زينت جو سامان ۽ مال ۽ دولت جون شوڪتون ڏنيون آهن. پوءِ اهو (سڀ ڪجهه) هن لاءِ آهي ڇا ته هو ماڻهن کي تنهنجي راهه کان روڪي گمراهه ڪن؟ اي خدا! سندن دولت ناس ڪري ڇڏ ۽ سندن دلين تي مهر لڳائي ڇڏ انهيءَ لاءِ ته هو ايمان نه آڻين، تان جو دردناڪ عذاب پنهنجي سامهون ڏسن. الله تعاليٰ فرمايو ته: ”اوهان ٻنهي جي دعا قبول ڪئي ويئي. سو هاڻي اوهان (پنهنجي راهه ۾) مستقيم ۽ محڪم ٿي وک وڌايو، ۽ انهن ماڻهن جي تابعداري نه ڪيو جيڪي (منهنجي ڏسيل واٽ کي ) نٿا ڄاڻن ۽ سمجهن.“
انهن آيتن مان بلڪل پڌرو آهي ته حضرت موسيٰ عليه السلام کي سندس دعا جي جواب ۾اهو ٻڌايو ويو هو ته فرعون ان وقت ئي ايمان آڻيندو، جڏهن هو عذاب کي ڏسي وٺندو . جڏهن فرعون پاڻيءَ ۾ غرق ٿيڻ لڳو ته، هن الله تي ايمان جو اقرار ڪيو. پر سندس اهو رويو غير مخلصاڻو ۽ ڪوڙ تي آڌاريل هو. اهو ممڪن هو ته، هو پاڻ کي ٻڏڻ کان بچائڻ واسطي، اهو اقرار ڪري رهيو هجي. انهيءَ ڪري آخري لمحي تي ايمان آڻڻ کي الله پاڪ قبول ڪونه ڪيو. هاڻي فرعون ۽ سندس لشڪر عذاب کان نه پيو بچي سگهي:
آٰلۡـٰٔنَ وَ قَدۡ عَصَیۡتَ قَبۡلُ وَ کُنۡتَ مِنَ الۡمُفۡسِدِیۡنَ ﴿۹۱﴾ فَالۡیَوۡمَ نُنَجِّیۡکَ بِبَدَنِکَ لِتَکُوۡنَ لِمَنۡ خَلۡفَکَ اٰیَۃً ؕ وَ اِنَّ کَثِیۡرًا مِّنَ النَّاسِ عَنۡ اٰیٰتِنَا لَغٰفِلُوۡنَ ﴿٪۹۲﴾ (سورة يونس: 92-91 )
”(الله فرمايو ته) ها! هاڻي تو ايمان آندو! (هاڻي ڇا ٿيندو) اڳي تون هميشه نافرماني ڪندو هئين ۽ تون بگاڙو ڪندڙ انسانن ۾ هڪ (وڏو) بگاڙو ڪندڙ هئين. پوءِ اڄ اسان تنهنجي جسم کي (سمنڊ جي لهرن مان )بچائي ٻاهر ڪڍنداسين، انهيءَ لاءِ ته انهن ماڻهن جي واسطي جيڪي تو کان پوءِ اچڻا آهن (حق جي قدرت جي) هڪ نشاني ٿئي. (مگر افسوس ) اڪثر انسان اهڙا آهن جيڪي اسان جي نشانين کان بلڪل غافل آهن.“
قرآن مجيد اسان کي ٻڌائي ٿو ته فرعون ۽ سندس لشڪر پنهنجي انت ۽ انجام کي پهتو. جيئن ته فرعون ۽ سندس لشڪر ڪفر ۽ عناد (سورة يونس: 90)، گناهه (سورة القصص: 8)، سرڪشي (سورة القصص : 40) جا ڏوهي ۽ الله جي حضور ۾ حاضريءَ کان انڪار ڪندڙ (سورة القصص- آيت : 39)هئا، تنهنڪري انهن کي سخت عذاب ڏنو ويو. تنهن ڪري اسان کيس ۽ سندس لشڪرن جي پڪڙ ڪئي ۽ انهن کي سمنڊ ۾ اڇلائي وڌو. سو ڏسو! ته ظالمن جي پڇاڙي ڪهڙي نه خراب ٿي. (سورة القصص: 40) انهن جو اهو انجام حقيقت ۾ انهيءَ ڳالهه جو نتيجو هو ته انهن الله جي نشانين جو انڪار ڪيو ۽ ڊيڄارڻ تي ڪو به ڌيان ڪونه ڏنو. (سورة الاعراف: 136). فرعون جي قوم جي هلاڪت کانپوءِ ڇا ٿيو؟ قرآن پاڪ ان کي هيئن ٿو بيان ڪري:
وَ اَوۡرَثۡنَا الۡقَوۡمَ الَّذِیۡنَ کَانُوۡا یُسۡتَضۡعَفُوۡنَ مَشَارِقَ الۡاَرۡضِ وَ مَغَارِبَہَا الَّتِیۡ بٰرَکۡنَا فِیۡہَا ؕ وَ تَمَّتۡ کَلِمَتُ رَبِّکَ الۡحُسۡنٰی عَلٰی بَنِیۡۤ اِسۡرَآءِیۡلَ ۬ۙ بِمَا صَبَرُوۡا ؕ وَ دَمَّرۡنَا مَا کَانَ یَصۡنَعُ فِرۡعَوۡنُ وَ قَوۡمُہٗ وَ مَا کَانُوۡا یَعۡرِشُوۡنَ (سورة: الاعراف: 137 )
”۽ (پوءِ) اسان انهن ماڻهن (بني اسرائيلن) کي جي (مصر ۾) ڪمزور سمجهيا ويندا هئا، انهيءَ ملڪ ۾ مشرق ۽ مغرب جو وارث ڪيو (يعني بادشاهي ڏني) جنهن ملڪ تي اسان نعمتون ۽ برڪتون ڪيون(يعني فلسطين جو ملڪ) ۽ تنهنجي پروردگار جو نيڪ واعدو بني اسرائين جي حق ۾ پورو ٿي ويو. هن ڪري هنن (ان زماني ۾ مصيبتن تي ) صبر ڪيو ۽ (حق جي راه تي ) ثابت قدم رهيا.(مگر جن ظالمن مٿن ظلم ڪيو هو، تن جو حال هي ٿيو جو) جيڪي وڏا ڪاريگريءَ جا ڪم ۽ محلاتون فرعون ۽ سندس ماڻهن ٺاهيون هيون، تن کي اسان برباد ڪري ڇڏيو.“