عاد قوم جو تذڪرو
”۽ عاد (جي قوم) کي حد کان لنگهندڙ تيز (ٿڌي) هوا سان هلاڪ ڪيو ويو. جنهن کي (الله) مٿن ست راتيون ۽ اٺ ڏينهن لڳاتار هلايو (پوءِ اي ڳالهه ٻڌندڙ! جيڪڏهن تون اُتي ڏسين ها ته) تون ان قوم کي ان (زمين تي ائين منهن ڀر اونڌو) ڪريل ڏسين ها ڄڻ ته اهي پورين کجين جا ٿڙ (پيل ) آهن.پوءِ ڇا تون انهن مان ڪو بچيل ڏسين ٿو؟ (اهي ڌرتيءَ تان نيست ۽ نابود ٿي ويا.“
قرآن حڪيم ۾ڄاڻايل تباهيءَ جي ور چڙهندڙ هڪ قوم عاد به آهي، جنهن جو تذڪرو حضرت نوح عليه السلام ، جي قوم کان پوءِ ڪيو ويو آهي. ان قوم ڏانهن حضرت هود کي موڪليو ويو. پاڻ ٻين نبين سڳورن وانگر، انهن کي شرڪ ڇڏڻ ۽ هڪ الله تي ايمان آڻڻ ۽ ان جي اطاعت ڪرڻ جو درس ڏنائون. پر ان جي موٽ ۾ قوم سندن دشمن بڻجي ويئي. هنن حضرت هود تي ڪم عقلي، ڪوڙ ۽ ابن ڏاڏن جي ٻڌايل زندگيءَ جي نظام کي برباد ڪرڻ جو الزام مڙهيو. قرآن پاڪ حضرت هود جي دعوت حق ۽ سندس قوم جي رد عمل کي هئين بيان ڪيو آهي:
وَ اِلٰی عَادٍ اَخَاہُمۡ ہُوۡدًا ؕ قَالَ یٰقَوۡمِ اعۡبُدُوا اللّٰہَ مَا لَکُمۡ مِّنۡ اِلٰہٍ غَیۡرُہٗ ؕ اِنۡ اَنۡتُمۡ اِلَّا مُفۡتَرُوۡنَ ﴿۵۰﴾ یٰقَوۡمِ لَاۤ اَسۡـَٔلُکُمۡ عَلَیۡہِ اَجۡرًا ؕ اِنۡ اَجۡرِیَ اِلَّا عَلَی الَّذِیۡ فَطَرَنِیۡ ؕ اَفَلَا تَعۡقِلُوۡنَ ﴿۵۱﴾ وَ یٰقَوۡمِ اسۡتَغۡفِرُوۡا رَبَّکُمۡ ثُمَّ تُوۡبُوۡۤا اِلَیۡہِ یُرۡسِلِ السَّمَآءَ عَلَیۡکُمۡ مِّدۡرَارًا وَّ یَزِدۡکُمۡ قُوَّۃً اِلٰی قُوَّتِکُمۡ وَ لَا تَتَوَلَّوۡا مُجۡرِمِیۡنَ ﴿۵۲﴾ قَالُوۡا یٰہُوۡدُ مَا جِئۡتَنَا بِبَیِّنَۃٍ وَّ مَا نَحۡنُ بِتَارِکِیۡۤ اٰلِہَتِنَا عَنۡ قَوۡلِکَ وَ مَا نَحۡنُ لَکَ بِمُؤۡمِنِیۡنَ ﴿۵۳﴾ اِنۡ نَّقُوۡلُ اِلَّا اعۡتَرٰىکَ بَعۡضُ اٰلِہَتِنَا بِسُوۡٓءٍ ؕ قَالَ اِنِّیۡۤ اُشۡہِدُ اللّٰہَ وَ اشۡہَدُوۡۤا اَنِّیۡ بَرِیۡٓءٌ مِّمَّا تُشۡرِکُوۡنَ ﴿ۙ۵۴﴾ مِنۡ دُوۡنِہٖ فَکِیۡدُوۡنِیۡ جَمِیۡعًا ثُمَّ لَا تُنۡظِرُوۡنِ ﴿۵۵﴾ اِنِّیۡ تَوَکَّلۡتُ عَلَی اللّٰہِ رَبِّیۡ وَ رَبِّکُمۡ ؕ مَا مِنۡ دَآبَّۃٍ اِلَّا ہُوَ اٰخِذٌۢ بِنَاصِیَتِہَا ؕ اِنَّ رَبِّیۡ عَلٰی صِرَاطٍ مُّسۡتَقِیۡمٍ ﴿۵۶﴾ فَاِنۡ تَوَلَّوۡا فَقَدۡ اَبۡلَغۡتُکُمۡ مَّاۤ اُرۡسِلۡتُ بِہٖۤ اِلَیۡکُمۡ ؕ وَ یَسۡتَخۡلِفُ رَبِّیۡ قَوۡمًا غَیۡرَکُمۡ ۚ وَ لَا تَضُرُّوۡنَہٗ شَیۡئًا ؕ اِنَّ رَبِّیۡ عَلٰی کُلِّ شَیۡءٍ حَفِیۡظٌ ﴿۵۷﴾ وَ لَمَّا جَآءَ اَمۡرُنَا نَجَّیۡنَا ہُوۡدًا وَّ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا مَعَہٗ بِرَحۡمَۃٍ مِّنَّا ۚ وَ نَجَّیۡنٰہُمۡ مِّنۡ عَذَابٍ غَلِیۡظٍ ﴿۵۸﴾ وَ تِلۡکَ عَادٌ ۟ۙ جَحَدُوۡا بِاٰیٰتِ رَبِّہِمۡ وَ عَصَوۡا رُسُلَہٗ وَ اتَّبَعُوۡۤا اَمۡرَ کُلِّ جَبَّارٍ عَنِیۡدٍ ﴿۵۹﴾ وَ اُتۡبِعُوۡا فِیۡ ہٰذِہِ الدُّنۡیَا لَعۡنَۃً وَّ یَوۡمَ الۡقِیٰمَۃِ ؕ اَلَاۤ اِنَّ عَادًا کَفَرُوۡا رَبَّہُمۡ ؕ اَلَا بُعۡدًا لِّعَادٍ قَوۡمِ ہُوۡدٍ ﴿٪۶۰﴾ (سورؤ هود: 60-50 )
”۽ اسان عاد (قوم) ڏي سندن ئي برادريءَ مان (حضرت) هود کي پيغمبر ڪري موڪليو. (حضرت هود) کين چيو ته (اي منهنجي) قوم جا ماڻهؤ! الله جي ٻانهپ ڪريو. کانئس سواءِ اوهان جو ڪو به معبود (يا حاڪم يا بادشاهه) ڪونهي. يقين ڪريو ته توهان هن کانسواءِ ڪجهه به نه آهيو ته (حقيقت جي خلاف) ڪوڙا ٺاهه ٺاهيندڙ آهيو. اي منهنجي قوم جا ماڻهؤ! مان هن ڳالهه جي لاءِ توهان کان ڪو عيوض (يا انعام) ڪو نه ٿو گهران. منهنجو بدلو يا اجر ته انهيءَ تي آهي جنهن مونکي پيدا ڪيو. پوءِ ڇا توهان (اهڙي صاف ڳالهه به) نٿا سمجهو. ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهؤ! پنهنجي پروردگار کان (پنهنجي غلطين ۽ گناهن جي) مغفرت (يعني معافي ) گهرو، (۽ آئينده جي لاءِ) سندس حضور ۾ توبهه ڪيو. هو توهان جي لاءِ مينهن وسائيندڙ ڪڪر موڪلي ٿو (جن سان توهان جون پوکون ۽ باغ سر سبز ٿين ٿا.) ۽ توهان جي قوتن ۾ نيون نيون قوتون وڌائي ٿو.(جنهن ڪري ترقيون ڪري رهيا آهيو) ۽ (ڏسو!) ائين نه ٿئي جو گناهه ڪري (حق ۽ حقيقت کان) منهن موڙي ڇڏيو.(هنن ماڻهن) چيو ته اي هود! تون اسان وٽ ڪو (مضبوط) دليل ته ڪونه کڻي آيو آهين ۽ اسان تنهنجي چوڻ تي پنهنجي معبودن (ديوتائن) کي ڇڏي ڪونه ڏينداسين. اسان توتي ايمان آڻڻ وارا هرگز نه آهيون. اسان جيڪي به چئي سگهون ٿا سو هي آهي ته اسان جي معبودن مان ڪنهن معبود جي توتي مار پئي آهي يا پٽ لڳي آهي. (تنهنڪري اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين). (تنهن تي) هود چيو ته مان الله کي شاهد ٿو ڪريان ۽ اوهان به شاهد رهو ته جن هستين کي توهان خدا سان شريڪ ٺهرايو آهي تن کان مان بيزار آهيان. توهان سڀ گڏجي منهنجي خلاف جيڪي به تدبيرون ڪري سگهو ٿا. سي ضرور ڪيو، ۽ مون کي (ڪجهه به) مهلت نه ڏيو (پوءِ ڏسو ته نتيجوڇا ٿو نڪري). منهنجو ڀروسو الله تي آهي جو منهنجو به. پروردگار آهي ۽ اوهانجو به. ڪوبه چرندڙ ساهوارو ڪونهي جو سندس قبضي کان ٻاهر هجي. منهنجو پروردگار (حق ۽ عدل جي) سڌي واٽ تي آهي (يعني سندس راهه ظلم جي ٿي نٿي سگهي). پوءِ جيڪڏهن (تنهن هوندي به ) توهان منهن موڙيو ته (ياد رکو ته) جنهن ڳالهه لاءِ مون کي پيغمبر ڪري موڪليو ويو آهي، سا ڳالهه مون پهچائي (ان کان وڌيڪ منهنجي اختيار ۾ ڪجهه به ناهي) ۽ (مون کي ته هيئن ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته) منهنجو پروردگار (توهان کي برباد ڪري) ڪنهن ٻيءَ قوم کي توهان جي جاءِ ڏيندو ، ۽ توهان سندس ڪجهه به (ڪم) بگاڙي نه سگهندؤ. يقيناً منهنجو پروردگار هر چيز ته نگهبان آهي. ۽ (ڏسو!) جڏهن اسان جي (ٺهرايل) ڳالهه جو وقت اچي ويو تڏهن اسان پنهنجي رحمت سان هود کي بچائي ورتو ۽ انهن ماڻهن کي به بچائي ورتو جن ساڻس گڏ (سچائي تي) ايمان آندو هو، ۽ اهڙي عذاب کان بچايو جو وڏو سخت عذاب هو. هي آهي بيان عاد قوم جو. هنن پنهنجي پروردگار جون نشانيون (تڪبر ۽ خود غرضيءَ کان) ڪوڙيون ٺهرايائون ۽ سندس رسولن جي نافرماني ڪئي، ۽ هر هڪ تڪبر ڪندڙ سرڪش جي حڪم جي پيروي ڪئي. ”۽ (پوءِ ڇا ٿيو جو) دنيا ۾ هنن تي لعنت وسي (يعني الله جي رحمت جي برڪتن کان محروم رهيا.) ۽ قيامت جي ڏينهن به (مٿن لعنت پيئي) سو ٻڌي ڇڏيو ته عاد جي قوم پنهنجي پروردگار جي ناشڪري ڪئي ۽ پڻ ٻڌي ڇڏيو ته عاد جي لاءِ محروميءَ جو اعلان ٿيو جا هود جي قوم هئي.“
عاد قوم جو تذڪرو ٻئي هنڌ، سورة شعرا ۾ ڪيو ويو آهي ، انهيءَ سورة ۾ قوم عاد جون ڪجهه خصوصيتون بيان ڪيون ويون آهن، انهيءَ تفصيل مطابق عاد بلند مقامات تي پنهنجا نشان تعمير ڪندا هئا. ۽ پنهنجي رهائش لاءِ اعليٰ ۽ عمدي اڏاوت ڪندا هئا. سندن گهڻو ڪري سماجي رويو بغاوت، گمراهي ۽ ظلم تي ٻڌل هو. جڏهن حضرت هود، انهن کي انهيءَ روش کان مڙي وڃڻ جي تلقين ڪئي ۽ الله جي عذاب کان ڊيڄاريو ته، هنن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. کين انهيءَ ڳالهه جي پڪ هئي ته، حضرت هود جي دعوت ۽ ڊيڄارڻ اسان جو ڪجهه بگاڙي نه سگهندو:
کَذَّبَتۡ عَادُۨالۡمُرۡسَلِیۡنَ ﴿۱۲۳﴾ۚۖ اِذۡ قَالَ لَہُمۡ اَخُوۡہُمۡ ہُوۡدٌ اَلَا تَتَّقُوۡنَ ﴿۱۲۴﴾ۚ اِنِّیۡ لَکُمۡ رَسُوۡلٌ اَمِیۡنٌ ﴿۱۲۵﴾ۙ فَاتَّقُوا اللّٰہَ وَ اَطِیۡعُوۡنِ ﴿۱۲۶﴾ۚ وَ مَاۤ اَسۡـَٔلُکُمۡ عَلَیۡہِ مِنۡ اَجۡرٍ ۚ اِنۡ اَجۡرِیَ اِلَّا عَلٰی رَبِّ الۡعٰلَمِیۡنَ ﴿۱۲۷﴾ؕ اَتَبۡنُوۡنَ بِکُلِّ رِیۡعٍ اٰیَۃً تَعۡبَثُوۡنَ ﴿۱۲۸﴾ وَ تَتَّخِذُوۡنَ مَصَانِعَ لَعَلَّکُمۡ تَخۡلُدُوۡنَ ﴿۱۲۹﴾ۚ وَ اِذَا بَطَشۡتُمۡ بَطَشۡتُمۡ جَبَّارِیۡنَ ﴿۱۳۰﴾ۚ فَاتَّقُوا اللّٰہَ وَ اَطِیۡعُوۡنِ ﴿۱۳۱﴾ۚ وَ اتَّقُوا الَّذِیۡۤ اَمَدَّکُمۡ بِمَا تَعۡلَمُوۡنَ ﴿۱۳۲﴾ۚ اَمَدَّکُمۡ بِاَنۡعَامٍ وَّ بَنِیۡنَ ﴿۱۳۳﴾ۚۙ وَ جَنّٰتٍ وَّ عُیُوۡنٍ ﴿۱۳۴﴾ۚ اِنِّیۡۤ اَخَافُ عَلَیۡکُمۡ عَذَابَ یَوۡمٍ عَظِیۡمٍ ﴿۱۳۵﴾ؕ قَالُوۡا سَوَآءٌ عَلَیۡنَاۤ اَوَ عَظۡتَ اَمۡ لَمۡ تَکُنۡ مِّنَ الۡوٰعِظِیۡنَ ﴿۱۳۶﴾ۙ اِنۡ ہٰذَاۤ اِلَّا خُلُقُ الۡاَوَّلِیۡنَ ﴿۱۳۷﴾ۙ وَ مَا نَحۡنُ بِمُعَذَّبِیۡنَ ﴿۱۳۸﴾ۚ فَکَذَّبُوۡہُ فَاَہۡلَکۡنٰہُمۡ ؕ اِنَّ فِیۡ ذٰلِکَ لَاٰیَۃً ؕ وَ مَا کَانَ اَکۡثَرُہُمۡ مُّؤۡمِنِیۡنَ ﴿۱۳۹﴾ وَ اِنَّ رَبَّکَ لَہُوَ الۡعَزِیۡزُ الرَّحِیۡمُ ﴿۱۴۰﴾٪ (سورة الشعراء: 140-123 )
”ساڳيءَ طرح) عاد قوم جي ماڻهن به رسولن کي نه مڃيو. ڏسو! سندن برادريءَ جي ماڻهو حضرت هود هنن کي چيو ته (توهان ڇو برائين ۾ ڪاهي پيا آهيو) ڇا توهان الله تعالي (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو ئي نٿا؟ يقيناً مان اوهان ڏي رسول ڪري موڪليو ويو آهيان (۽ توهانکي خبر آهي ته مان ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهايو آهي ۽ نه ڪڏهن (امانت ۾ خيانت ڪئي آهي) مان سچ پچ اعتبار جوڳو آهيان. تنهن ڪري خدا کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو ( ڇو ته مان فقط خدا جا حڪم ٿو پهچايان. انهن تي عمل ڪرڻ ۾ اوهان جي ئي چڱائي آهي). ۽ (ڏسو!) مان هن ڪم لاءِ (يعني خدا جي حڪمن پهچائڻ جي عيوض) اوهان کان ڪو به اجورو ڪونه ٿو گهران. منهنجو اجورو ته فقط جهانن جي پروردگار جي ذمي آهي. ڇا توهان هر هڪ مٿاهين جاءِ تي (فقط ڏيک ويک لاءِ) اجا يا بي فائدا يادگار ٿا بنايو.؟ ۽ توهان وڏا وڏا محلات ٿا ٺاهيو، (ڄڻ ته) اميد ٿا رکو ته توهان انهن ۾ هميشه رهندؤ. (توهان وساري ٿا ڇڏيو ته هيءَ زندگي هڪ ڏينهن جي برابر آهي.) جڏهن (ڪنهن به معاملي ۾ ڪنهن سان به) وڙهو ٿا ته (انصاف کي ڇڏي) ظلم ۽ ڏاڍائي واري واٽ ٿا وٺو. سو خدا کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو. انهيءَ (مهربان) خدا (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو جنهن (پنهنجي فضل سان) توهان کي (گهڻيون ئي نعمتون ) ڏنيون آهن جي توهان پاڻ ڄاڻو ٿا. ۽ (توهان کي خبر آهي ته ) هن اوهان کي ڍور ڍڳا (۽ ٻي دولت) ۽ اولاد (۽ لشڪر وغيره) عطا ڪيا آهن.۽ باغات ۽ چشما ( به عطا ڪيا اٿس). ۽ (انهن نعمتن هوندي به جو توهان سندس نافرماني ڪري ظلم ۽ گناهه جا ڪم ٿا ڪيو سو) مون کي وڏو انديشو آهي ته هڪ وڏي سخت ڏينهن جو عذاب توهان تي اچي ڪڙڪندو. انهن (منڪرن) جواب ۾ چيو ته ( اي هود! تون اجايو پنهنجو ۽ اسان جو مغز ٿو کائين) تون اسان کي وعظ نصيحت ڪرين توڙي نه ڪرين، اسان جي لاءِ ساڳي ڳالهه آهي. (اسان تنهنجون ڳالهيون ڪونه مڃينداسين). اهي (عذاب کان ڊيڄارڻ جون) ڳالهيون ته اڳوڻن ماڻهن جون آهن. (جن کي اهڙي ڳالهين ڪرڻ جي عادت ٿي ويئي هئي، تون جهونن خيالن جو ماڻهو آهين، اسان نئين روشني وارا آهيون.) ۽ (انهن منڪرن وڌيڪ هيئن به حضرت هود کي چئي ڏنو ته) اسان تي عذاب بلڪل ڪونه ايندو. مطلب ته هنن (حضرت) هود کي نه مڃيو. تنهن ڪري اسان به هن کي برباد ڪري ڇڏيو. بيشڪ انهيءَ واقعي ۾(سمجهه واري قوم لاءِ وڏي) عبرت جي نشاني آهي مگر (افسوس ته) هنن ماڻهن مان گهڻا ايمان نٿا آڻين. ۽ (هو نٿا ڄاڻن ته) يقيناً تنهنجو پروردگار سڀني تي غالب ۽ وڏي رحم وارو آهي. “
جن ماڻهن حضرت هود جي مخالفت ۽ الله جي حڪمن سان بغاوت ڪئي، اهي هلاڪ ڪيا ويا، هڪ خوفناڪ طوفان، عاد کي اهڙيءَ طرح تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو، ڄڻ ته انهن جو وجود ئي نه هو.