پيش لفظ
ذٰلِکَ مِنۡ اَنۡۢبَآءِ الۡقُرٰی نَقُصُّہٗ عَلَیۡکَ مِنۡہَا قَآئِمٌ وَّ حَصِیۡدٌ ﴿۱۰۰﴾ وَ مَا ظَلَمۡنٰہُمۡ وَلٰکِنۡ ظَلَمُوۡۤا اَنۡفُسَہُمۡ فَمَاۤ اَغۡنَتۡ عَنۡہُمۡ اٰلِہَتُہُمُ الَّتِیۡ یَدۡعُوۡنَ مِنۡ دُوۡنِ اللّٰہِ مِنۡ شَیۡءٍ لَّمَّا جَآءَ اَمۡرُ رَبِّکَ ؕ وَ مَا زَادُوۡہُمۡ غَیۡرَ تَتۡبِیۡبٍ ﴿۱۰۱﴾ (سورة هود: 101-100)
”(اي پيغمبر!) هيءُ (اڳوڻين) آبادين جي خبرن مان ڪن جو بيان آهي جو اسان توکي ٻڌائي رهيا آهيون. انهن مان ڪي ته هن وقت تائين قائم آهن ۽ ڪي بلڪل اجڙي ويون. ۽ اسان مٿن ظلم ڪونه ڪيو، بلڪه خود هنن پاڻ ئي پاڻ تي ظلم ڪيو. سو (ڏس ته) جڏهن تنهنجي پروردگار جي (ٺهرايل ڳالهه) اچي ويئي تڏهن هنن جا اهي معبود (۽ ڀوتار) ڪنهن به ڪم نه آيا، جن کي الله کانسواءِ (يعني الله کي ڇڏي) پڪاريندا هئا. انهن ڪجهه به فائدو ڪونه پهچايو، اٽلندو سندن تباهيءَ جو باعث ٿيا.“
الله تعالي انسان کي خلقيو ۽ کيس روحاني ۽ جسماني هيئت عطا ڪئي. هن کي حياتي گذارڻ جو طريقو سيکاريو، ۽ پوءِ موت بعد هڪڙي ڏينهن کيس پنهنجي حضور ۾حاضر ڪندو. خالق هئڻ جي ناطي، انسان جي تخليق جي مقصد جو تعين به، اهو ئي ڪري سگهي ٿو.
ارشاد رباني آهي:
اَلَا یَعۡلَمُ مَنۡ خَلَقَ ؕ وَ ہُوَ اللَّطِیۡفُ الۡخَبِیۡرُ (سورة الملڪ: 14)
”ڀلا جنهن پيدا ڪيو آهي سو (اهي ڳالهيون) نه ڄاڻندو ڇا؟ اهو ئي ته اونهي نظر وارو پوري خبر رکندڙ آهي.“
يعني اهو ئي آهي جيڪو انسان ڄاڻي سڃاڻي ۽ کيس درجي به درجي تربيت ڏئي ٿو ۽ سندس ضرورتون پوريون ڪري ٿو. تنهنڪري انسان جي زندگيءَ جو واحد ۽ حقيقي مقصد اهو ئي ٿي سگهي ٿو، جيڪو خلقڻهار ان کي ٻڌايو آهي، ته انسان ان جي معرفت حاصل ڪري ان جي اطاعت ۾ اچي. ان جي حمد ۽ ثنا ڪري، ان جي آڏو پنهنجي عاجزي ۽ بندگيءَ جو اظهار ڪري ۽ سندس عبادت ڪري. انهيءَ مقصد جي تڪميل جي لاءِ الله تعاليٰ جو حقيقي پيغام ۽ وحي جيڪا هن جي موڪليل رسولن جي ذريعي پهتي، انسان جي رهنمائي ءَ جو بنيادي ذريعو آهي. قرآن شريف ،الله پاڪ جو آخري ڪتاب ۽ نه تبديل ٿيندڙ وحي آهي.
انهيءَ ڪري اسان قرآن مجيد کي پنهنجو حقيقي رهنما تسليم ڪرڻ ۽ ان جي حڪمن جي مطابق تقويٰ اختيار ڪرڻ جا پابند آهيون. ان جي پوئواري ئي دنيا ۽آخرت ۾ اسانجي لاءِ ڇوٽڪاري جو ذريعو آهي. انهيءَ ڳالهه جي ضرورت آهي، ته اسان قرآن جي بيان ڪيل حقيقتن تي غور ۽ فڪر ڪريون.
الله تعالي به قرآن پاڪ جي نزول جو مقصد اهوئي بيان ڪيو آهي، ته انسان سوچ ۽ ويچار جي واٽ وٺي:
ہٰذَا بَلٰغٌ لِّلنَّاسِ وَ لِیُنۡذَرُوۡا بِہٖ وَ لِیَعۡلَمُوۡۤا اَنَّمَا ہُوَ اِلٰہٌ وَّاحِدٌ وَّ لِیَذَّکَّرَ اُولُوا الۡاَلۡبَابِ (سورة ابراهيم: 52)
”هي انسانن جي لاءِ هڪ پيغام آهي جو هن لاءِ موڪليو ويو آهي ته ماڻهن کي خبردار ڪيو وڃي ۽ هو معلوم ڪن ته سندن معبود (جنهن جي ٻانهپ ڪجي) سو هڪ ئي معبود آهي، ۽ پڻ هن لاءِ ته سمجهه وارا ماڻهو ان مان نصحيت وٺن (۽ گناهه ڇڏي چڱا عمل ڪن.)“
قرآن جو وڏو حصو اڳين امتن (قومن) جي حال احوال تي مشتمل آهي، جيڪو يقيناً غور ۽ فڪر جوڳو آهي. انهن قومن مان اڪثر قومن، الله جي موڪليل پيغمبرن جي دعوت کي ڪونه مڃيو. دنياداريءَ جي مفادن کين ائين ڪرڻ نه ڏنو. دعوت ڏيندڙ به پٺتي نه هٽيا. الله جي طرف مسلسل سڏيندا رهيا. ان تي ڪاوڙ کاڌائون، ساڙ ۽ ڪينو رکيائون ، انهن جي انهيءَ سرڪشيءَ جي ڪري، مٿن الله جو غضب نازل ٿيو ۽ اهي قومون ڌرتيءَ تان ميسارجي ويون.
قرآن حڪيم ، گذريل قومن جي تباهيءَ جي انهن مثالن کي، پوءِ ايندڙن لاءِ عبرت قرار ڏيئي ٿو. مثلاً الاهي حڪمن سان بغاوت ڪندڙ، يهودين جي گروهه کي ڏنل سزا جو تذڪرو ڪرڻ بعد، ارشاد ٿئي ٿو:
فَجَعَلۡنٰہَا نَکَالًا لِّمَا بَیۡنَ یَدَیۡہَا وَ مَا خَلۡفَہَا وَ مَوۡعِظَۃً لِّلۡمُتَّقِیۡنَ (سورة البقره: 66)
”(ٿيو به ائين) پوءِ اسان انهيءَ حالت کي انهن سڀني لاءِ جن جي اڳ اها حالت ٿي ۽ پڻ پوين لاءِ عبرت جو سبق بنايو ۽ متقين جي لاءِ ان ۾ نصيحت ۽ دانائي رکي.“
هن ڪتاب ۾ خدائي حڪمن کان انحراف جي سبب هلاڪ ٿيندڙ چند معاشرن جو تذڪرو ڪيو ويندو، اسان جو مقصد اهڙن مڙني واقعن کي چٽو ڪرڻ آهي، جيڪي پنهنجي دور جي لاءِ به هڪ مثال هئا ۽ اسان جي لاءِ به عبرت جو سامان.
اڳين قومن جي تباهيءَ جي حالتن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جو ٻيو مقصد، قرآني آيتن جي آثارن کي خارجي دنيا ۾ ڳولڻ ۽ انجي حقانيت کي بيان ڪرڻ آهي.
قرآن پاڪ ۾ الله تعالي پنهنجي آيتن جو خارجي (ٻاهرين) دنيا ۾ مشاهدو ڪرڻ جو ذڪر ڪندي ارشاد فرمائي ٿو:
وَ قُلِ الۡحَمۡدُ لِلّٰہِ سَیُرِیۡکُمۡ اٰیٰتِہٖ فَتَعۡرِفُوۡنَہَا ؕ وَ مَا رَبُّکَ بِغَافِلٍ عَمَّا تَعۡمَلُوۡنَ
(سورة النمل:93)
”۽ (اي منهنجا پيغمبر!) چؤ ته سچي ساراهه خدا جي آهي (۽ لک احسان انهيءَ جا ئي آهن) هو جلد ئي اوهان کي (فتح ۽ ٻين نعمتن جون) نشانيون ڏيکاريندو جي توهان پاڻ سڃاڻي سگهندؤ. ۽ (ياد رکو ته) توهان (مسلمان) جيڪي جيڪي (چڱا ) عمل ڪري رهيا آهيو سي تنهنجو پروردگار خوب ڄاڻي ٿو(۽ اوهان کي ضرور ڪامياب ڪندو.)“
يعني انهن نشانين کي ڄاڻڻ ۽ سڃاڻڻ ايمان جي مضبوطيءَ جو ذريعو آهي.
اڄ جي دور ۾ قديم آثارن جي تحقيقات (کوجنا) ۽ ايجادن جي نتيجي ۾ قرآن ۾ بيان ڪيل، اڳين قومن جي تباهيءَ جا حالات مشاهدي جي قابل ٿي چڪا آهن. هن ڪتاب ۾ اسان اهڙي نوعيت جي ڪجهه آثارن جو مطالعو ڪنداسون (اها ڳالهه ياد رکڻ کپي، ته قرآن ۾ بيان ڪيل ڪجهه قومن کي هن ڪتاب ۾ شامل ناهي ڪيو ويو، ڇو ته قرآن پاڪ انهن جو زمانن و مڪانن جو تعين ناهي ڪيو، بلڪه رڳو انهن جي باغياڻي طرز عمل، الهيٰ حڪمن ۽ سندس رسولن جي سلسلي ۾ سرڪشيءَ کي بيان ڪندي انهن جي تذڪري مان عبرت ۽ نصيحت وٺڻ جي تعليم ڏني آهي.)
اسان جو مقصد عصري (جديد) تحقيقات جي روشنيءَ ۾ قرآني حقائق جي وضاحت ڪرڻ آهي، ته جيئن الله پاڪ جي پيغام جي حقانيت ايمان وارن ۽ ٻين غير مسلمانن تي واضح ٿي پوي.