حضرت نوح عليه السلام جي دعا
”سو هاڻي منهنجي ۽ هنن جي وچ ۾ قطعي فيصلو ڪري ڇڏ ۽ مون کي ۽ انهن مؤمنن کي جيڪي مون سان شامل آهن (هنن حق جي دشمنن کان ) بچائي وٺ.“
فَدَعَا رَبَّہٗۤ اَنِّیۡ مَغۡلُوۡبٌ فَانۡتَصِرۡ (سورة القمر-10 )
”سو هن پنهنجي پروردگار کي پڪاريو ته مان عاجز آهيان تون منهنجي مدد ڪر.“
قَالَ رَبِّ اِنِّیۡ دَعَوۡتُ قَوۡمِیۡ لَیۡلًا وَّ نَہَارًا ۙ﴿۵﴾ فَلَمۡ یَزِدۡہُمۡ دُعَآءِیۡۤ اِلَّا فِرَارًا ﴿۶﴾
(سورة نوح- 6-5 )
”(نوح) چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! بيشڪ مون پنهنجيءَ قوم کي رات ۽ ڏينهن (تنهنجي عظمت کي مڃڻ ۽ تنهنجي حڪمن تي هلڻ لاءِ) سڏيو.“ پوءِ منهنجي سڏڻ تي (دين کان) هيڪاري زياده ڀڄڻ لڳا.“
قَالَ رَبِّ انۡصُرۡنِیۡ بِمَا کَذَّبُوۡنِ (سورة المؤمنون-26 )
”(تنهن تي حضرت نوح دعا گهري ته) اي منهنجا رب! هنن ماڻهن مون کي ڪوڙو سمجهي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سو هاڻي تون منهنجي مدد ڪر.“
وَ لَقَدۡ نَادٰىنَا نُوۡحٌ فَلَنِعۡمَ الۡمُجِیۡبُوۡنَ (سورة الصفــٰت-75 )
”۽ هيءَ حقيقت آهي ته (حضرت) نوح() اسان کي پڪاريو (۽ اسان هن جي پڪار ٻڌي ۽ سندس مدد ڪئي.) سو اسان (پڪار ڪندڙن جي) مددڪرڻ ۾ ڪهڙا نه چڱا آهيون.“