تاريخ، فلسفو ۽ سياست

قومن جي تباهيءَ جي تاريخ

هي ڪتاب ”قومن جي تباهيءَ جي تاريخ“ هارون يحيٰ جو لکيل آهي جنهن جو سنڌيڪار خالد ڀٽي آهي.
هن ڪتاب “قومن جي تباهيءَ جي تاريخ” ۾
هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي پاران 2012 ۾ ڇپايو ويو.
  • 4.5/5.0
  • 4203
  • 1686
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خالد ڀٽي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book قومن جي تباهيءَ جي تاريخ

فرعون ۽ ان جي پيروڪارن تي ايندڙ عذاب

فرعون ۽ ان جو قريبي حلقو بت پرستيءَ ۽ ابن ڏاڏن جي گمراهيءَ واري مذهب تي ايتري حد تائين هٺ ڌرمي سان ڄميو بيٺو رهيو جو ان کي ڇڏڻ جو تصور ڪرڻ به محال هو. حضرت موسيٰ عليه السلام جا ٻه واضح معجزا، سندن چمڪندڙ هٿ ۽ ازدها بڻجي ويندڙ عصا (لٺ) به انهن کي پنهنجي توهماتي(وهم ۽ وسوسن واري) دين کان نه هٽائي سگهيا، بلڪه هو پنهنجي ڪفر تي وڌيڪ ڄمي بيهي رهيا ۽ چوڻ لڳا:
وَ قَالُوۡا مَہۡمَا تَاۡتِنَا بِہٖ مِنۡ اٰیَۃٍ لِّتَسۡحَرَنَا بِہَا ۙ فَمَا نَحۡنُ لَکَ بِمُؤۡمِنِیۡنَ
(سوره: الاعراف: 132 )
”(فرعون ۽ سندس ماڻهن حضرت موسيٰ کي) چيو ته ڪهڙي به نشاني اسان ڏي آڻين جنهن سان اسان تي جادو ڪرين (يا اسان تي ڪا مصيبت آڻين) ته به اسان توتي ايمان ڪونه آڻينداسين.“
مصرين جي انهيءَ رويي جي ڪري الله تعاليٰ انهن تي مسلسل عذاب موڪليو، جن مان هر هڪ جدا معجزي جي حيثيت رکي پيو ۽ اهڙيءَ طرح آخرت جي دائمي عذاب کان اڳ، دنيا ۾ به انهن کي عذاب جو مزو چکايو. انهن عذابن مان پهريون خشڪ سالي ۽ فصلن جي تباهيءَ جو عذاب هو. انهيءَ بابت قرآن پاڪ ۾ فرمايو ويو آهي:
وَ لَقَدۡ اَخَذۡنَاۤ اٰلَ فِرۡعَوۡنَ بِالسِّنِیۡنَ وَ نَقۡصٍ مِّنَ الثَّمَرٰتِ لَعَلَّہُمۡ یَذَّکَّرُوۡنَ
(سورة الاعراف: 130 )
”۽ اسان (يعني الله تعاليٰ) فرعون جي ماڻهن کي خشڪ سالي (پاڻيءَ جي گهٽائي) ۽ فصلن جي ڪميءَ جي عذاب ۾ گرفتار ڪيو، انهيءَ لاءِ ته من ايئن هو خدا کي ياد ڪن ۽ نصيحت حاصل ڪن.“
جيئن ته مصرين جي زرعي نظام جو بنياد نيل درياهه تي هيو، ان ڪري قدرتي حالتن جي تبديلين کان گهڻو متاثر ڪو نه ٿيندا هئا. پر دعوت حق جي انڪار جي ڪري مٿن غير متوقع تباهي آئي. نيل درياهه جو پاڻي اچانڪ ئي تمام گهڻو گهٽجي ويو ۽ سندن زرعي علائقن ۾ آبپاشي ڪندڙ نهرون خشڪ ٿي ويون. سخت ۽ شديد گرميءَ جي ڪري فضل سڙي سڪي ويا. اهڙيءَ طرح فرعون ۽ سندس حوارين تي غير متوقع بدحالي طاري ٿي ويئي . انهن غير متوقع حالتن، فرعون جو دٻدٻو ۽ رعب تاب گهٽائي ڇڏيو، حالانڪه ان کان اڳ سندس حال هي هيو ته:
وَ نَادٰی فِرۡعَوۡنُ فِیۡ قَوۡمِہٖ قَالَ یٰقَوۡمِ اَلَیۡسَ لِیۡ مُلۡکُ مِصۡرَ وَ ہٰذِہِ الۡاَنۡہٰرُ تَجۡرِیۡ مِنۡ تَحۡتِیۡ ۚ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ (سورة الزخرف: 51 )
”۽ فرعون پنهنجي قوم ۾ اعلان ڪري چيو ته اي منهنجي قوم جا ماڻهؤ! مان مصر جو بادشاهه نه آهيان ڇا؟ هي نهرون منهنجي پيرن هيٺان نه ٿيون وهن ڇا؟ ڇا توهان نٿا ڏسو؟“
بجاءِ انجي جو، هو انهن حالتن مان ڪجهه سبق پرائين ها، هنن حضرت موسيٰ عليه السلام ۽ بني اسرائيل کي نحوست قرار ڏيئي ڇڏيو. ڇو ته انهن تي، سندن آبائي مذهب جي توهمات جي حڪمراني هئي. اهڙيءَ طرح هنن پاڻ لاءِ هڪ نهايت ئي وڏي عذاب جي چونڊ ڪري ورتي، جنهن لاءِ اها تڪليف ته هنن لاءِ هڪ معمولي شروعات هئي پر ان کانپوءِ ته عذاب جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويو. قرآن حڪيم، مٿن ايندڙ مختلف عذابن کي هن طرح بيان ڪري ٿو:“
فَاَرۡسَلۡنَا عَلَیۡہِمُ الطُّوۡفَانَ وَ الۡجَرَادَ وَ الۡقُمَّلَ وَ الضَّفَادِعَ وَ الدَّمَ اٰیٰتٍ مُّفَصَّلٰتٍ ۟ فَاسۡتَکۡبَرُوۡا وَ کَانُوۡا قَوۡمًا مُّجۡرِمِیۡنَ (سورة الاعراف: 133 )
”پوءِ اسان هنن تي طوفان (يا ٻوڏ) آندي ۽ ماڪڙ ۽ جونئان ۽ ڏيڏر ۽ رت. اهي سڀ جدا جدا چٽيون نشانيون هيون. تڏهن به هو تڪبر ڪندا رهيا ۽ هو گنهگار ماڻهو هئا.“
فرعون ۽ سندس سنگت (ساٿارين) تي ايندڙ انهن عذابن جو تذڪرو قرآن حڪيم کان سواءِ قديم عهد نامي ۾ به موجود آهي:
”۽ سمورو مصر ملڪ رتو رت ٿي ويو.“ (سورة: اخراج 21:7)
”۽ جيڪڏهن تون انهن کي وڃڻ ڪونه ڏيندين ته، ڏس مان تنهنجي ملڪ کي ڏيڏرن سان ڀري ڇڏيندس ۽ درياهه بيشمار ڏيڏرن سان ڀرجي ويندو ۽ اچي تنهنجي گهر ۾ ، تنهنجي آرام گاهه ۾ ، تنهنجي پلنگ ۽ تنهنجي ملازمن جي گهرن ۾، تنهنجي رعيت،تندورن ۽ اَٽي ڳوهيندڙن ۾ وتندا گهمندا.“ (اخراج- 8: 3 ۽ 2)
”جڏهن خداوند، موسيٰ عليه السلام کي چيو، هارون کي چئه ته لٺ ڦيرائي زمين تي هڻ ته جيئن سموري مصر ملڪ ۾ جونئون پئجي وڃن. (اخراج- 16:8)
”۽ ماڪڙ سڄي ملڪ تي ڇانئجي ويئي ۽ اُتي مصر جي حدن ۾ ديرو ڪيائين ۽انهن جي دل اهڙي ڀاري هئي جو، نه ته ان کان اڳ ڪڏهن اهڙي ماڪڙ آئي هئي ۽ نه وري ڪڏهن ايندي.“
(اخراج 14:10)
”تڏهن جادوگرن فرعون کي چيو ته، اهو خدا جو ڪم آهي. پر فرعون جي دل سخت ٿي ويئي ۽ جيئن خداوند چئي ڇڏيو هو، هن انهن جي ڪو نه ٻڌي.“ (اخراج- 19:8)
آل فرعون تي انهن تڪليفن جو نزول جاري رهيو، ايستائين جو مٿن ڪجهه عذاب سندن معبودن جي صورت ۾ آيا. مثلاً، هنن نيل درياهه ۽ ڏيڏرن کي ، تقدس ۾ خدائي درجو ڏنو هو. هو انهن کان مدد طلب ڪندا هئا. مگر انهن کين معبودن جي شڪل ۾ عذاب ڏنو، ته جيئن هو پنهنجي غلطين جو احساس ڪري ان جو ازالو ڪري سگهن.
قديم عهد نامي جي شارحن جي مطابق نيل درياهه جو پاڻي انهن لاءِ رت ۾ تبديل ٿي ويندو هو ۽ جڏهن اهي پاڻي پيئندا هئا ته اهو سرخ مواد ۾ مَٽجي ويندو هو. ڪجهه توضيحات( وضاحتن) جي مطابق انهيءَ سرخ رنگ جو سبب هڪ خاص قسم جو بيڪٽيريا هو.
مصرين جي لاءِ نيل درياهه زندگيءَ جو سر چشمو هو. نيل درياهه ۾ ڪائي به خرابي سڄي مصر لاءِ موت برابر هئي. جيڪڏهن اهي بيڪٽيريا سڄي نيل درياهه کي سرخ ڪري ڇڏين ها ته، ان پاڻيءَ کي استعمال ڪندڙ هر شخص انهيءَ بيڪٽيريا جي اثر کان بيمار ٿي پوي ها.
هاڻوڪي تحقيقات جي مطابق سرخ رنگ جو ڪارڻ پروٽوزوان (Protozoan)، زوپلانڪٽان(Zoo Plankton) ، تازي پاڻيءَ جي ايلجي فائٽو ڪلانڪٽان (phytoplankton) ۽ ڊائنو فليجي ليٽس (Dinoflagellates) آهن. اهي سمورا پروٽوزوان (protozoan)، فنگس ۽ ٻوٽا پاڻيءَ جي آڪسيجن کي ختم ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ان ۾ نقصانڪار زهريلا مادا پيدا ڪندا آهن، جيڪي مڇين ۽ ڏيڏرن جي لاءِ خطرناڪ ۽ موتمار آهن.
انجيل ۾ ”اخراج“ جي تفصيلات جو حوالو ڏيندي، نيشنل ميرين فشريز سروس جي ماهر پيٽريشا اي ٽيسٽر (Patricia A. Tester) نيويارڪ، اڪيڊمي آف سائنس جي روداد ۾ لکي ٿو ته، فائٽو پلانڪٽان جي5000 قسمن مان 50 قسم زهريلا آهن، جيڪي سامونڊي جيوت جي لاءِ مهلڪ ٿي سگهن ٿا. ڪينيڊا جي صحت کاتي جي ايون سي ڊي ٽاڊ (Ewen C.D. Todd) انهيءَ اشاعت (ڇاپي) ۾ تاريخي حوالن سان لکي ٿو ته سڄيءَ دنيا ۾ مختلف دٻائن جي ڪري ٺهندڙ مخصوص فائٽو پلانڪٽان تقريباً ٻن ڊزنن جي قريب آهي. ڊبليو ڊبليو ڪارمائيڪل (w.w. Carmichacl) ۽ آئي آر فالڪانر (I.R. Falconer)، بليو گرين ايلجيءَ مان ٿيندڙ بيمارين جو ذڪر ڪيو آهي. نارٿ ڪيرولينا اسٽيٽ يونيورسٽيءَ جي آبي ماحوليات جي ماهر جون ايم برخولڊر (Joan M. Burkholder) درياهن جي ڪپرن تي ملندڙ ڊائنو فليجليٽ (Dino Flagellate) جو تذڪرو ڪيو آهي، جنهن سان مڇيون مري وينديون آهن. (36)
فرعون جي زماني ۾ ان طرح جا واقعات لاڳيتا ظاهر ٿيا. اهڙيءَ طرح جڏهن درياهه جو پاڻي زهريلو ٿيو ته مڇيون به مري ويون ۽ مصرين جي کاڌ خوراڪ جو هڪ اهم ذريعو ختم ٿي ويو. جڏهن شڪار خور مڇيون ختم ٿي ويون ته ڏيڏرن جي نسل وڌڻ جا امڪان تيزيءَ سان پيدا ٿي ويا. جڏهن نيل درياهه ۾ ڏيڏر حد کان وڌيڪ وڌي ويا، ته درياهه جي زهريلي ماحول کان نڪرڻ جي لاءِ اهي ٻاهر نڪري پيا ۽ ٻاهر مرڻ ۽ ڳرڻ لڳا. نيل درياهه ۽ ان جي اردگرد جو ماحول گندگي سان ڀرجي ويو هو. درياهه جو ڌوئڻ پوئڻ ۽ وهنجڻ سهنجڻ لاءِ قابل نه رهيو. ڏيڏرن جي ختم ٿي وڃڻ ڪري مختلف قسم جا جيت جهڙوڪ ماڪڙ، جونئان وغيره عام ٿي ويون.
پر انهيءَ سموري تباهي ۽ عذاب جي حالتن جي باوجود فرعون يا سندس قوم نڪي الله تعاليٰ ڏانهن متوجهه ٿي ۽ نه ئي انهن پنهنجي هٺ، هوڏ، گمراهيءَ ۽ ڪفر جي روش کي ترڪ ڪيو. بلڪه پنهنجي منافقاڻي ذهنيت جي ڪري، انهن حضرت موسيٰ عليه السلام ۽ الله کي ڌوڪو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن مٿن اهو خوفناڪ عذاب آيو، ته هو هڪدم حضرت موسيٰ عليه السلام ڏانهن ويا ۽ کيس چيائون ته هو هنن کي انهيءَ عذاب کان نجات ڏياري:
وَ لَمَّا وَقَعَ عَلَیۡہِمُ الرِّجۡزُ قَالُوۡا یٰمُوۡسَی ادۡعُ لَنَا رَبَّکَ بِمَا عَہِدَ عِنۡدَکَ ۚ لَئِنۡ کَشَفۡتَ عَنَّا الرِّجۡزَ لَنُؤۡمِنَنَّ لَکَ وَ لَنُرۡسِلَنَّ مَعَکَ بَنِیۡۤ اِسۡرَآءِیۡلَ ﴿۱۳۴﴾ۚ فَلَمَّا کَشَفۡنَا عَنۡہُمُ الرِّجۡزَ اِلٰۤی اَجَلٍ ہُمۡ بٰلِغُوۡہُ اِذَا ہُمۡ یَنۡکُثُوۡنَ ﴿۱۳۵﴾ (سورة الاعراف: 135-134 )
”۽ جڏهن جڏهن هنن تي ڪو عذاب ايندو هو، تڏهن تڏهن چوندا هئا ته اي مُوسيٰ! جهڙيءَ طرح تنهنجي پروردگار توسان عهد ڪيو آهي تهڙيءَ طرح اسان جي لاءِ کانئس دعا گهر. پوءِ جيڪڏهن اسان تان هي عذاب ٽاريندين ته اسان ضرور توتي ايمان آڻينداسين ۽ توسان گڏ (وڃڻ لاءِ) بني اسرائيلن کي موڪلي ڏينداسين. پوءِ جڏهن اسان هنن تان اهو عذاب مقرر مدي بعد ، جنهن مدي کي پهچڻا هئا، ٽاري ڇڏيو. تڏهن هنن هڪدم بد عهدي ڪئي ۽ واعدو نه پاڙيو (يعني ايمان نه آندائون ۽ بني اسرئيلن کي موڪل نه ڏنائون).“