تاريخ، فلسفو ۽ سياست

قومن جي تباهيءَ جي تاريخ

هي ڪتاب ”قومن جي تباهيءَ جي تاريخ“ هارون يحيٰ جو لکيل آهي جنهن جو سنڌيڪار خالد ڀٽي آهي.
هن ڪتاب “قومن جي تباهيءَ جي تاريخ” ۾
هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي پاران 2012 ۾ ڇپايو ويو.
  • 4.5/5.0
  • 4203
  • 1686
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خالد ڀٽي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book قومن جي تباهيءَ جي تاريخ

قومِ لوط جي ڍنڍ جو نشانيون

فَلَمَّا جَآءَ اَمۡرُنَا جَعَلۡنَا عَالِیَہَا سَافِلَہَا وَ اَمۡطَرۡنَا عَلَیۡہَا حِجَارَۃً مِّنۡ سِجِّیۡلٍ ۬ۙ مَّنۡضُوۡدٍ
(سورة هود: 82 )
”پوءِ جڏهن اسان جي (ٺهرايل) ڳالهه جو وقت اچي ويو تڏهن (اي پيغمبر!) اسان ان (آباديءَ) جون سڀ بلنديون (يعني بلند عمارتون) هيٺاهينءَ ۾ بدلائي ڇڏيون) (يعني ڪيرائي زمين جي برابر هموار ڪري ڇڏيون ۽ انهن(علائقن) تي باهه ۾ پڪل پٿر لاڳيتا وسايا.“
قرآن پاڪ جو اهو بيا ن ته ”انهيءَ بستيءَ کي تباهه ڪيو ويو. ٻڌائي ٿو ته اهو علائقو خوفناڪ زلزلي سان مڪمل تباهه ڪيو ويو. حضرت لوط عليه السلام جي ڍنڍ، جتي تباهيءَ جو اهو واقعو پيش آيو ان جا واضح نشان موجود آهن.
آثار قديمه جو مشهور ماهر جرمن ورنر ڪيلر (Werner Keller) جي چوڻ مطابق ته:
”واديءَ سديم، سدوم ۽ گموراه سميت، هن علائقي ۾ ڦهليل گهري کاهيءَ سان گڏ پاتال ۾ اندر نيئي وئي. انهن جي تباهي هڪ زلزلي جي نتيجي ۾ ٿي. انهيءَ زلزلي سان گڏ ڌماڪو، کنوڻ، قدرتي گئس ۽ باهه جو لڳڻ به انهيءَ تباهي ۾ شامل هو (13).“
حقيقت اها آهي ته حضرت لوط عليه السلام جي ڍنڍ، جنهن کي بحيره مردار به چيو وڃي ٿو، زلزلن جي انهيءَ علائقي ۾ انتهائي حساس حصي تي واقع آهي:
بحيره مردار جو تهه ڌرتي جي تهه جي گهرائين ۾ آهي. اها وادي اتر ۾ موجود طبريه ڍنڍ (Taberiye Lake) جي ڏکڻ ۾واقع واديءِ عرابه (Arabah Valley.) جي وچ تائين پکڙيل آهي. (41)
مٿي ڄاڻايل آيت جي آخري حصي ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته ”اسان مٿن پڪل مٽيءَ جا پٿر وسايا.“ انهيءَ مان شايد هيءَ مراد ٿي سگهي ٿي ، ته انهيءَ موقعي تي آتش فشان ڌماڪو ٿيو هجي ۽ ان مان جيڪي پٿر نڪتا هجن، اهي ٿي سگهي ٿو ته پڪل حالت ۾ هئا. سورة شعراء ۾ ان کي هيئن بيان ڪيو ويو آهي.
وَ اَمۡطَرۡنَا عَلَیۡہِمۡ مَّطَرًا ۚ فَسَآءَ مَطَرُ الۡمُنۡذَرِیۡنَ (سورة الشعراء: 173 )
”۽ اسان هنن (فاحش ماڻهن) تي پٿرن جو مينهن وسايو. سو (ڏسو ته) جن ماڻهن کي خبردار به ڪيو ويو (پر ته به نصيحت نه مڃيائون) تن تي ڪهڙو نه بڇڙو مينهن وسيو.“
انهيءَ بابت ورنر ڪيلر (werner keller) لکي ٿو:
”(انهي ءَ دوران) انهيءَ سڄي کاهيءَ جي تهه ۾ ستل آتش فشان مان (بي شمار) مواد نڪتو. بشان جي ويجهو اردن جي مٿاهين واديءَ ۾ هاڻي به ختم ٿيل آتش فشان جا وڏا ۽ موڪرا منهن موجود آهن ۽ چُنَ جي پٿر جي مٿاڇري واري زمين تي لاوي ۽ ٻئي مواد جا تهه ڄميل آهن. (51)“
لاوي ۽ پٿريلي مواد جا اهي تهه انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهن ته، انهيءَ هنڌ ڪڏهن آتش فشان موجود هو جنهن ڪري ڌماڪي سان گڏ زلزلا به آيا هئا. حضرت لوط عليه السلام جي قوم جي تباهيءَ جو احوال ٻڌائيندڙ قرآني بيان ته، ”اسان مٿن پڪل پٿر وسايا“ شايد انهيءَ آتش فشان تباهيءَ جي طرف اشارو ٿو ڪري ۽ باقي وڌيڪ حقيقت الله ئي ٿو ڄاڻي ۽ قرآن جو اهو بيان ته، ”جڏهن اسان جو حڪم آيو ته، انهيءَ شهر کي برباد ڪيو ويو.“ به شايد زلزلن ۽ باهه ڏانهن اشارو آهي، جن جي اثر جي سبب تباهه ڪندڙ اثرات پيدا ٿيا ۽ زمين جي سطح نيست و نابود ٿي ويئي. وڌيڪ الله بهتر ٿو ڄاڻي.
بنا شڪ ۽ شهبي جي، حضرت لوط عليه السلام جي ڍنڍ جون اهي واضح نشانيون نهايت ئي دلچسپ آهن. اهي سمورا واقعا جن جو تذڪرو قرآن پاڪ ۾ ڪيو ويو عموماً ”شرق الاوسط“، ”جزيره نما عرب“ ۽ مصر ۾ واقع ٿيا آهن. انهن ملڪن جي بلڪل وچ ۾ حضرت لوط عليه السلام جي ڍنڍ موجود آهي. حضرت لوط عليه السلام جي ڍنڍ ۽ سمورا واقعات جيڪي ان جي چوڌاري پيش آيا، ارضياتي طور تي به خصوصي توجهه جا مستحق آهن. اها ڍنڍ بحيره روم کان 400 ميٽر هيٺ آهي، جيئن ته ڍنڍ جي گهرائي 400 ميٽر آهي، تنهن ڪري ان جو تهه بحيره روم جي سطح (مٿاڇري) کان 800 ميٽر هيٺ آهي. اهو زمين ۾ سڀ کان هيٺاهون مقام آهي. ٻيا علائقا جيڪي سمنڊ جي مٿاڇري کان هيٺ آهن، وڌ کان وڌ 100 ميٽر اونها آهن . حضرت لوط عليه السلام جي ڍنڍ جي ٻي نمايان خصوصيت ان جي پاڻي ءَ ۾ لوڻ جي وڌيڪ مقدار جو هجڻ آهي، جنهن مان انجي گهاٽائي 30سيڪڙو جي قريب آهي. انهيءَ ڪري ڪو به زنده جاندار مثلاً مڇي وغيره هن ڍنڍ ۾ جيئري نٿي رهي سگهي. اهو ئي سبب آهي جو مغربي ادب ۾ ان کي بحيره مردار (dead sea) چيو ويندو آهي.
حضرت لوط عليه السلام جي قوم جو واقعو، جيڪو قرآن پاڪ ۾ بيان ڪيو ويو آهي، لڳ ڀڳ 1800 قبل مسيح تي پيش آيو.
جرمن محقق ورنر ڪيلر (werner keller ) پنهنجي قديم آثارن ۽ ارضياتي تحقيق جي روشنيءَ ۾ بيان ڪيو آهي ته ، سدوم ۽ گمو راه شهر، سديم واديءَ ۾ موجود هئا، جيڪي لوط جي ڍنڍ جي آخري هيٺاهين کان هيٺاهين ڪناري تي واقع هئا ۽ اهي علائقا ڪنهن وقت تمام گهڻي آباديءَ وارن شهرن تي مشتمل هئا.
حضرت لوط عليه السلام جي ڍنڍ جون نمايان بناوتي خصوصيتون، قرآن حڪيم ۾ بيان ڪيل واقعا تي تفصيل کي وڌيڪ واضح ڪن ٿيون.
بحيره مردار جي اوڀر ندي ڪناري تي ” اللّسان “ جيڪو جزيره نما آهي هڪ زبان وانگر پاڻيءَ ۾ پري تائين هليو وڃي ٿو .عربيءَ ۾ ” اللّسان “ جي معني زبان ئي آهي. خشڪيءَ تان نظر نه ايندڙ هيءَ زمين هڪ وڏي زاويي سان گڏ پاڻيءَ ۾ ڪري ٿي، جنهن سان سمنڊ ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. هن جزيره نما جي ساڄي پاسي کان زمين هيٺ گهرائيءَ طرف 1200 فوٽن تائين اونهو لاهه ٺاهي ٿو ۽ جزيره نما جي کاٻي طرف پاڻي نمايان حد تائين گهٽ اونهو آهي. گذريل ڪجهه سالن جي مشاهدي جي مطابق اها اونهائي 50 کا ن 60 فوٽن تائين آهي. بحيره مردار جو اهو غير معمولي گهٽ اونهو حصو، جيڪو جزيره نما ”اللّسان“ جي ٻن ڏاکڻين ڪنارن تائين پکڙيل آهي، واديءَ سديم تي مشتمل هيو. (16)
ورنر ڪيلر (werner keller) جي مطابق اهو گهٽ اونهو آهي، جيڪو بعد ۾ دريافت ٿيو، ڪنهن زبردست زلزلي جي ڪري وجود ۾ آيو هو ۽ اهو ئي اهو هنڌ هو، جتي قوم لوط جا شهر سدوم ۽ گموراه آباد هئا.
ڪڏهن هن علائقي ۾ پيادل سفر به ممڪن هو. پر هاڻي هيءُ واديءِ سديم، بحيره مردار جي هيٺاهين حصي جي پاڻيءَ جي هڪ هموار سطح سان ڍڪيل آهي. هن علائقي ۾ ٻه هزار سال قبل مسيح تي ايندڙ زلزلي ۽ تباهيءَ سان اتر ۾ لوڻياٺو پاڻي هن پاسي آيو ۽ اهڙيءَ طرح انهيءَ هنڌ کارو (نمڪين) پاڻي گڏ ٿي ويو.
حضرت لوط عليه السلام جي ڍنڍ ۾ ماضيءَ جا اهڃاڻ (آثار) به ڏاڍا واضح آهن. جيڪڏهن ماڻهو ٻيڙيءَ تي ڍنڍ جي ڏاکڻي ڪنار ي ڏانهن سفر ڪري ۽ سج ساڄي طرف چمڪي رهيو هجي ته نهايت ئي حيرت انگيز منظر ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ساحل(ڪناري) کان ڪجهه فاصلي تي پاڻي اندر آهي. ٻيلا ڏاڍو واضح طور تي نظر اچن ٿا جن کي غيرمعمولي حد تائين لوڻياٺي پاڻيءَ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. چمڪندڙ سبز پاڻيءَ ۾ وڻن جا ٿڙ ۽ پاڙون نهايت ئي واضح طور تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اهي چمڪندڙ وڻ ڪڏهن واديءِ سديم ۾ نهايت ئي دلڪش ۽ سهڻا ڏيک ڏيندا هئا.
قوم لوط تي ايندڙ تباهيءَ جو ميڪانڪي پهلو به ارضيات جي ماهرن جي تحقيقات سان آڏو آيو آهي. اها تحقيقات ٻڌائي ٿي ته قوم لوط کي تباهه ڪرڻ وارو عظيم زلزلو زمين کان 190 ڪلوميٽر جي فاصلي تائين ڦاٽڻ سان پيش آيو. جنهن سان ”شيرين“ درياهه جو تهه وجود ۾ آيو. ”درياهه شيرين“ جي اونهائي 180 ميٽرن تائين آهي. اهي ٻئي حقيقتون ۽ اهو ته حضرت لوط عليه السلام جي ڍنڍ سمنڊ جي سطح کان 400 ميٽر هيٺ آهي، اهي انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهن ته هن علائقي ۾ ڪو غير معمولي ارضياتي (زميني) واقعو پيش اچي چڪو آهي. درياهه شيرين ۽ حضرت لوط عليه السلام جي ڍنڍ جي دلچسپ ساخت (بناوت) زمين جي انهيءَ حصي مان لنگهندڙ شگاف جو هڪ ٿورو حصو ئي بڻائي ٿي. انهيءَ شگاف جي ڊيگهه ۽ بناوت هاڻي ئي دريافت ٿي آهي.
اهو شگاف ڪوه ثور جي ويجهو کان شروع ٿي، حضرت لوط عليه السلام جي ڍنڍ جي ڪنارن تائين پکڙبو صحراءِ عرب ۽ خليج عقبه تائين وڃي پهچي ٿو ۽ بحيره احمر(Rea Sea) کان گذرندو وڃي آفريڪا ۾ ختم ٿئي ٿو. انهيءَ سموري فاصلي سان گڏوگڏ آتش فشانيءَ جا واقعا عام آهن. ڪارو پٿر ۽ لاوو اسرائيل ۾ گليليءَ جي پهاڙين ۽ اردن جي مٿانهن ميداني علائقن، خليج عقبه ۽ ٻين ويجهڙ وارن علائقن ۾ عام جام آهن
اهي سمورا آثار ۽ جاگرافيائي شاهديون انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا ته، حضرت لوط عليه السلام جي ڍنڍ ۾ وڏي تباهيءَ جو واقعو پيش اچي چڪو آهي. ورنر ڪيلر (werner keller) لکي ٿو ته:
”وادي سديم، سدوم ۽ گموراه سميت، هن علائقي ۾ پکڙيل اونهي کاهيءَ سان گڏ پاڻيءَ ۾ پيهائي ويئي هئي. ان جي تباهي هڪ وڏي زلزلي جي نتيجي ۾ واقع ٿي. انهيءَ زلزلي سان گڏ ڌماڪا، وڄ ، قدرتي گئس ۽ باهه جو لڳڻ به انهيءَ تباهيءَ ۾ شامل هئا. انهيءَ سڄي تباهيءَ جي عمل دوران انهيءَ گهري کاهيءَ جي تهه ۾ ستل آتش فشان جو مواد نڪتو. بشان جي قريب اردن جي مٿانهين واديءَ ۾ هاڻي به ختم ٿيل آتش فشان جا وڏا منهن موجود آهن. ۽ چن جي پٿرن جي سطح واري زمين تي لاوي ۽ ٻئي مواد جا تهه ڄميل آهن. (17)
ڊسمبر 1957ع تي نيشنل جيوگرافڪس انهيءَ تي هيءُ تبصرو ڪيو:
”سدوم جي بي آب ۽ ويران چوٽي بحيره مردار کان مٿي بلند ٿئي ٿي. سدوم ۽ گموراه تباهه شده شهرن کي ڪنهن به ڪونه ڏٺو، مگر محققن جو خيال آهي ته اهي انهي چٽانن جي هن ڀر سديم جي واديءَ ۾ واقع هئا. شايد ڪنهن وڏي زلزلي جي نتيجي ۾ اهي شهر بحيره مردار جي سيلاب جي ور چڙهي ويا.“ (81)