حاصل ڪلام
”(غور ۽فڪر جي طاقت ڪانه اٿن ته ڪم از ڪم تاريخي واقعا هن ئي دنيا ۾ ڪامراني ۽ ناڪاميءَ جا ڏسن) ڇا هي ماڻهو ڌرتيءَ تي سير سفر ڪونه ٿا ڪن؟ ۽ (سير سفر ڪندي) نٿا ڏسن ته جيڪي (بدڪارنا فرمان) ماڻهو کانئن اڳي ٿي گذريا آهن، تن جي پڇاڙي ڪهڙي نه (خراب) ٿي؟ اهي ماڻهو هئا به هنن کان طاقت ۾ گهڻو وڌيڪ. هنن زمين کي کيڙيو ۽ آباد ڪيو ۽ جيتري قدر هنن ماڻهن ملڪ کي آباد ڪيو آهي، تنهن کان گهڻو وڌيڪ هُنن آباد ڪيو هو (۽ آدمشماري گهڻي وڌائي هئي) ۽ انهن ڏي به رسول چٽين نشانين سان آيا هئا (مگر هنن مٿن ويساهه نه ڪيو ۽ نافرماني ۽ ظلمن ۾ وڌندا ويا. تنهن ڪري خدا کين تباهه ڪري ڇڏيو. (ڏسو!) خدا اهڙو ناهي جو هنن سان بي انصافي ڪري، پر هنن پاڻ تي ظلم ڪيو (جو بد عمل ڪري پاڻ تي تباهي آندائون).“
اهي سڀئي قومون جن جو اسان ذڪر ڪيو، الله پاڪ جي حڪمن کان منهن موڙڻ، سرڪشي ۽ شرڪ جهڙين برائين ۾ هڪ جهڙيون هيون. اهي ڌرتيءَ تي فساد برپا ڪندڙ، ظلم ۽ ڏاڍ سان ٻين جو مال ملڪيت ڦٻائيندڙ ۽ جنسي گناهه ڪندڙ باغي ماڻهو هئا. انهن سڀني ۾ ٻي هڪجهڙي ڳالهه سندن اوسي پاسي يا ڀرپاسي ۾ رهندڙ ايمان وارن سان دشمني ڪرڻ ۽ انهن کي هر طرح سان آزار پهچائڻ هيو. قرآني تعليمات جو مقصد رڳو تاريخ جو درس ڏيڻ هرگز ناهي، بلڪه نبين سڳورن جي تذڪرن کي، قرآن مجيد مثال جي طور بيان ڪري ٿو. اهي قومون جيڪي اڳ ۾ تباهه ڪيون ويون، اهي ايندڙ قومن لاءِ عبرت جو سبق آهن ته جيئن اهي حق جي واٽ تي رهن:
اَفَلَمۡ یَہۡدِ لَہُمۡ کَمۡ اَہۡلَکۡنَا قَبۡلَہُمۡ مِّنَ الۡقُرُوۡنِ یَمۡشُوۡنَ فِیۡ مَسٰکِنِہِمۡ ؕ اِنَّ فِیۡ ذٰلِکَ لَاٰیٰتٍ لِّاُولِی النُّہٰی (سورة طٰھ : 128)
”ڇا هنن ماڻهن کي هن ڳالهه مان به هدايت (۽ نصيحت) نٿي ملي ته کانئن اڳي آيل قومن جا ڪيترائي دورگذري چڪا آهن جن کي اسان (گناهن جي بدلي ۾) تباهه ڪري ڇڏيو. هي ماڻهو انهن جي (ڊٺل) شهرن ۽ آبادين ۾ گهمن ڦرن ٿا (انهن جا کنڊر هنن جي اکين اڳيان آهن، ته به افسوس! جو عبرت نٿا وٺن) جيڪي ماڻهو سمجهه وارا آهن تن جي لاءِ هن ئي ڳالهه ۾ (نصيحت ۽ عبرت جون) گهڻيون ئي نشانيون آهن.“
جيڪڏهن اسان انهن واقعن کي بطورِ مثال ۽ عبرت لاءِ پنهنجي آڏو رکون ته مجموعي طور اسان جا حال به گناهه ڪرڻ ۽ الله پاڪ جي حڪمن کان پري رهڻ ۾، تباهه ٿيندڙ قومن کان ڪي گهڻو بهتر ناهن. مثال طور: اڄ اسان جي سماج ۾ موجود لواطت ۽ هم جنس پرستيءَ جو شڪار اڪثر ماڻهو، اسان کي حضرت لوط عليه السلام جي قوم جي يادگيري ڏيارين ٿا. هم جنس پرست، معاشري جي اهم ۽ نمايان ماڻهن سان جنسي محفلن ۾ شرڪت ڪري، انهن سڀني بدڪارين ۽ بڇرائين جو مظاهرو ڪن ٿا، جيڪي سدوم ۽ گموراه. ۾ ڪيون ويندويون هيون. خصوصًا دنيا جي وڏن شهرن ۾ ڪجهه اهڙا گروه به آهن جيڪي انهن سرگرمين ۾ پومپي شهر جي رهواسين کان به گوءِ کڻي ويا آهن.
سڀني اڳوڻين قومن کي قدرتي آفتن جهڙوڪ: زلزلن، طوفان ۽ ٻوڏ وغيره جي ذريعي عذاب ۾ مبتلا ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح جديد دور جا اهي معاشرا جيڪي انهن قومن وانگر گمراهيءَ جو شڪار ٿي چڪا آهن. اهڙيءَ طرح ئي عذاب ۾ مبتلا ٿي سگهن ٿا.
اسان کي اها ڳالهه ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي ته الله پاڪ جڏهن گهري ۽ جنهن کي گهري عذاب ڏيئي سگهي ٿو ۽ جنهن کي چاهي ان کي دنيا ۾ عذاب نه ڏئي بلڪه آخرت ۾ عذاب ڏئي، قرآن حڪيم ۾ ارشاد ٿئي ٿو:
فَکُلًّا اَخَذۡنَا بِذَنۡۢبِہٖ ۚ فَمِنۡہُمۡ مَّنۡ اَرۡسَلۡنَا عَلَیۡہِ حَاصِبًا ۚ وَ مِنۡہُمۡ مَّنۡ اَخَذَتۡہُ الصَّیۡحَۃُ ۚ وَ مِنۡہُمۡ مَّنۡ خَسَفۡنَا بِہِ الۡاَرۡضَ ۚ وَ مِنۡہُمۡ مَّنۡ اَغۡرَقۡنَا ۚ وَ مَا کَانَ اللّٰہُ لِیَظۡلِمَہُمۡ وَلٰکِنۡ کَانُوۡۤا اَنۡفُسَہُمۡ یَظۡلِمُوۡنَ (سورة العنڪبوت:.40)
”سو اسان انهن سڀني کي سندن گناهن (۽ ظلمن) سببان پڪڙ ڪئي. ڪن ڏي اسان سخت طوفان (پٿرن جي برسات سان) موڪليو، ڪن کي دهشت ناڪ آواز گهيري فنا ڪري ڇڏيو، ڪن کي اسان جي حڪم سان زمين ڳهي ويئي ۽ ڪن کي اسان ٻوڙي ماري ڇڏيو. ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ جو اهو وڙ نه هو (۽ نه آهي) ته هنن سان بي انصافي ڪري، حقيقت هيءَ آهي ته هنن پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيو آهي (۽ پاڻ کي پاڻ تباهه ڪيو، جيئن هاڻي زبردست قومون پاڻ کي پاڻ تباهه ڪري رهيون آهن.)“
قرآن پاڪ ۾ فرعون جي خاندان جي هڪ (ايمان واري) فرد جو ذڪر موجود آهي، جنهن حضرت موسيٰ عليه السلام تي ايمان آندو هو، پر پنهنجي ايما ن کي ڳجهو رکيو هئائين هن پنهنجي قوم کي چيو:
وَ قَالَ الَّذِیۡۤ اٰمَنَ یٰقَوۡمِ اِنِّیۡۤ اَخَافُ عَلَیۡکُمۡ مِّثۡلَ یَوۡمِ الۡاَحۡزَابِ ﴿ۙ۳۰﴾ مِثۡلَ دَاۡبِ قَوۡمِ نُوۡحٍ وَّ عَادٍ وَّ ثَمُوۡدَ وَ الَّذِیۡنَ مِنۡۢ بَعۡدِہِمۡ ؕ وَ مَا اللّٰہُ یُرِیۡدُ ظُلۡمًا لِّلۡعِبَادِ ﴿۳۱﴾ وَ یٰقَوۡمِ اِنِّیۡۤ اَخَافُ عَلَیۡکُمۡ یَوۡمَ التَّنَادِ ﴿ۙ۳۲﴾ یَوۡمَ تُوَلُّوۡنَ مُدۡبِرِیۡنَ ۚ مَا لَکُمۡ مِّنَ اللّٰہِ مِنۡ عَاصِمٍ ۚ وَ مَنۡ یُّضۡلِلِ اللّٰہُ فَمَا لَہٗ مِنۡ ہَادٍ ﴿۳۳﴾ (سورة المؤمن: 3330)
”(تنهن تي انهيءَ مرد مؤمن ) جنهن (حضرت موسيٰ عليه السلام تي لڪ ڇپ ۾) ايمان آندو هو، چيو ته اي منهنجي قوم جا ماڻهؤ! مون کي ڏاڍو خوف ٿو ٿئي ته متان توهان تي به اهڙو (تباهيءَ جو) ڏينهن اچي وڃي جهڙو (اڳوڻين) قومن تي اچي ويو هو.جهڙو حضرت نوح جي قوم تي، عاد ۽ ثمود جي قومن تي ۽ انهن کان بعد وارين قومن تي اچي ويو هو ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن سان بي انصافي ڪرڻ هرگز نٿو چاهي (تباهي تڏهن ٿي اچي جڏهن ڪا قوم ظلم ۾ چوٽ چڙهي ٿي وڃي.) ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهؤ! مون کي ڏاڍو خوف آهي ته متان توهان تي اهو (واويلا جو) ڏينهن اچي وڃي، جنهن ڏينهن هڪٻئي کي (مدد لاءِ) سڏيو ويندو (۽ روڄ راڙو مچي ويندو) جنهن ڏينهن توهان پٺي ڏيئي ڀڄندؤ (۽) اوهان کي خدا (جي عذاب) کان بچائڻ وارو ڪو به ڪو نه هوندو. ۽ (ياد رکو ته) جن کي الله (سندن ئي بد عملن جي ڪري) گمراه ڪري ٿو ڇڏي، تن جي لاءِ ٻيو ڪو به هادي يا واٽ ڏيکاريندڙ ڪونهي.“
هر پيغمبر سڳوري پنهنجي قوم کي عذاب کان ڊيڄاريو، قيامت ۽ حشر جو ڏهاڙو ياد ڏياريو ۽ انهيءَ صاحبِ ايمان وانگر الله جي پڪڙ کان بچڻ جي تلقين ڪئي. نبين سڳورن جون حياتيون پنهنجي قوم تي، انهن حقيقتن کي واري واري پڌرو ڪرڻ ۾ گذري ويون پر اڪثر ماڻهن انهن کي ڪوڙو ٺهرايو ۽ ٿڏي ڇڏيو ۽ دنياوي عزت آبرو ۽ مال متاع جي حصول جو الزم مڙهيو. انهن نبين سڳورن جي دعوت ۽ سيرت تي غور ڪرڻ بدران، اهي پنهنجي طور طريقي تي هلندا رهيا. پر ڪجهه ته ان حد کي پهتا، جو هنن نبين سڳورن ۽ ايمان وارن کي قتل ڪري ڇڏيو. نبين سڳورن جي دعوت تي لبيڪ چوندڙ ڳاڻيٽي ۾ تمام ٿورڙا ئي ماڻهو هئا، پر جڏهن عذاب آيو ته الله تعاليٰ نبين سڳورن ۽ سندن پوئلڳ ايما ن وارن کي انهن کان نجات ڏياري، جيتوڻيڪ هزارين سال گذري چڪا آهن، ماڳن مڪانن، طور طريقن، تهذيبن ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ تبديليون آيو ن آهن ۽ ترقي ٿي ويئي آهي پر ڪفر وارن جو مٿي ڄاڻايل باطل سماجي نظام ساڳيو ئي آهي. اسان جي سماج جي ڪجهه حصن ۾ اهي سموريون خرابيون موجود آهن، جيڪي اڳين قومن ۾ هيون. ثمود وانگر تور ماپ ۾ جيڪي کوٽ ڪندا هئا، اسان جي معاشري ۾ ملاوٽ ۽ ماپ تور ۾ ڪمي عام آهي. هم جنس پرستي عام ٿي چڪي آهي. هم جنس پرست هر موقعي تي ان کي پنهنجو حق سمجهندي پنهنجو دفاع ڪن ٿا ۽ ڪنهن به لحاظ کان قوم لوط کان گهٽ ڪونهن. معاشري جا ڪيئي ماڻهو دنياوي نعمتن ۽ دولت جي موجودگيءَ جي باوجود، ناشڪرا ۽ باغياڻي طرزِ عمل ۾، سبا وارن ۽ عرم وارن کان به اڳتي وڌي ويا آهن ۽ اهل ايمان سان بدسلوڪيءَ ۾ قوم نوح ۽ سماجي انصاف جي لتاڙ ۾ قوم عاد جهڙا ٿي ويا آهن.
اهي اهڃاڻ ۽ آثار نهايت ئي خوفناڪ ۽ خطرناڪ آهن.
اسان کي ياد رکڻ گهرجي، ته سماج ڪيترين به تبديلين مان ڇو نه لنگهي وڃي ۽ ٽيڪنالاجي ڪيڏي به ترقي ڇو نه ڪري، اخلاقي زوال جي هوندي ان جي ڪا به اهميت ناهي، اهو سڀ ڪجهه اسان کي الله تعاليٰ جي عذاب کان نٿو بچائي سگهي. قرآن پاڪ اسان کي ياد ڏياري ٿو ته:
اَوَ لَمۡ یَسِیۡرُوۡا فِی الۡاَرۡضِ فَیَنۡظُرُوۡا کَیۡفَ کَانَ عَاقِبَۃُ الَّذِیۡنَ مِنۡ قَبۡلِہِمۡ ؕ کَانُوۡۤا اَشَدَّ مِنۡہُمۡ قُوَّۃً وَّ اَثَارُوا الۡاَرۡضَ وَ عَمَرُوۡہَاۤ اَکۡثَرَ مِمَّا عَمَرُوۡہَا وَ جَآءَتۡہُمۡ رُسُلُہُمۡ بِالۡبَیِّنٰتِ ؕ فَمَا کَانَ اللّٰہُ لِیَظۡلِمَہُمۡ وَلٰکِنۡ کَانُوۡۤا اَنۡفُسَہُمۡ یَظۡلِمُوۡنَ (سورة الروم: 9)
”غور (۽ فڪر جي طاقت ڪانه اٿن ته ڪم از ڪم تاريخي واقعا هن ئي دنيا ۾ ڪامراني ۽ ناڪاميءَ جا ڏسن) ڇا هي ماڻهو ڌرتيءَ تي سير سفر ڪونه ٿا ڪن؟ (سير سفر ڪندي) نٿا ڏسن ته جيڪي (بدڪار ۽ نافرمان )ماڻهو کانئن اڳي ٿي گذريا آهن، تن جي پڇاڙي ڪهڙي نه (خراب) ٿي؟ اهي ماڻهو هئا به هنن کان طاقت ۾ گهڻو وڌيڪ. هنن زمين کي کيڙيو ۽ آباد ڪيو ۽ جيتري قدر هنن ماڻهن ملڪ کي آباد ڪيو آهي تنهن کي گهڻو وڌيڪ هنن آباد ڪيو هو (۽ آدم شماري گهڻي وڌائي هئي) ۽ انهن ڏي به رسول چٽين نشانين سان آيا هئا (مگر هنن مٿن ويساه نه ڪيو ۽ نافرماني ۽ ظلمن ۾ وڌندا ويا. تنهن ڪري خدا کين تباهه ڪري ڇڏيو.) ڏسو! خدا اهڙو ناهي جو هنن سان بي انصافي ڪري، پر هنن پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيو(جو بد عمل ڪري پاڻ تي تباهي آندائون).“
سُبْحٰنَکَ لاَ عِلْمَ لَنآ اِلاَّ مَا عَلَّمْتَنَا اِنَّکَ اَنْتَ الْعَلِیْمُ الْحکِیْمُ۔
”سڀ پاڪايون ۽ وڏايون تنهنجي لاءِ آهن. اسان ته فقط ايترو ڄاڻون ٿا ته جيترو تو اسان کي سيکاريو آهي. تون ئي آهين جو علم ۽ حڪمت ۾ ڪامل آهين.“