تاريخ، فلسفو ۽ سياست

قومن جي تباهيءَ جي تاريخ

هي ڪتاب ”قومن جي تباهيءَ جي تاريخ“ هارون يحيٰ جو لکيل آهي جنهن جو سنڌيڪار خالد ڀٽي آهي.
هن ڪتاب “قومن جي تباهيءَ جي تاريخ” ۾
هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي پاران 2012 ۾ ڇپايو ويو.
  • 4.5/5.0
  • 4203
  • 1686
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خالد ڀٽي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book قومن جي تباهيءَ جي تاريخ

حضرت موسيٰ عليه السلام جي بعثت

پنهنجي شديد سرڪشيءَ جي ڪارڻ قديمي مصري پنهنجا بت پرستاڻه عقيدا ڇڏڻ لاءِ تيار ڪونه هئا. جيتوڻيڪ وقت بوقت ڪيترائي حق وارا کين هڪ خدا جي عبادت طرف سڏيندا رهيا. پر آل فرعون پنهنجي گمراهيءَ سان چنبڙ ي رهي. آخر ۾ حضرت موسيٰ عليه السلام رسول بڻجي آيو. ڇو ته هاڻي مصري قوم هڪ پاسي ته پنهنجي مشرڪاڻي مذهب ۽ بت پرستيءَ ۾ حد کان لنگهي ويئي هئي ۽ ٻئي پاسي هنن بني اسرائيل کي به غلام بڻائي ڇڏيو هو. حضرت موسيٰ عليه السلام کي، مصر وارن جي آڏو دعوت حق رکڻ ۽ آل بني اسرائيل کي غلاميءَ کان نجات ڏيارڻ ۽ حق جي واٽ ڏيکارڻ جو ”عظيم مشن“ سونپيو ويو. قرآن حڪيم جي مطابق:
نَتۡلُوۡا عَلَیۡکَ مِنۡ نَّبَاِ مُوۡسٰی وَ فِرۡعَوۡنَ بِالۡحَقِّ لِقَوۡمٍ یُّؤۡمِنُوۡنَ ﴿۳﴾ اِنَّ فِرۡعَوۡنَ عَلَا فِی الۡاَرۡضِ وَ جَعَلَ اَہۡلَہَا شِیَعًا یَّسۡتَضۡعِفُ طَآئِفَۃً مِّنۡہُمۡ یُذَبِّحُ اَبۡنَآءَہُمۡ وَ یَسۡتَحۡیٖ نِسَآءَہُمۡ ؕ اِنَّہٗ کَانَ مِنَ الۡمُفۡسِدِیۡنَ ﴿۴﴾ وَ نُرِیۡدُ اَنۡ نَّمُنَّ عَلَی الَّذِیۡنَ اسۡتُضۡعِفُوۡا فِی الۡاَرۡضِ وَ نَجۡعَلَہُمۡ اَئِمَّۃً وَّ نَجۡعَلَہُمُ الۡوٰرِثِیۡنَ ۙ﴿۵﴾ وَ نُمَکِّنَ لَہُمۡ فِی الۡاَرۡضِ وَ نُرِیَ فِرۡعَوۡنَ وَ ہَامٰنَ وَ جُنُوۡدَہُمَا مِنۡہُمۡ مَّا کَانُوۡا یَحۡذَرُوۡنَ ﴿۶﴾ (سورة القصص: 6-3 )
”اسان (حضرت) موسيٰ ۽ فرعون جا سچا سچا احوال توکي انهن ماڻهن جي لاءِ ٻڌايون ٿا جن ايمان آندو آهي. (ٻڌو!) فرعون بادشاهه (مصر جي) ملڪ ۾ تڪبر ۽ سرڪشيءَ جو طريقو اختيار ڪيو، ۽ ان ملڪ جي ماڻهن کي جدا جدا ٽولين ۾ ورهائي ڇڏيائين. جن مان هڪ ٽوليءَ کي (يعني اسرائيلن کي) دٻائي، هيڻي حالت ۾ رکيائين. انهن جي پٽن کي مارائي ڇڏيندو هو ۽ انهن جي ڌيئرن کي جيئرو ڇڏيندو هو. يقيناً هو وڏو فتني باز ۽ بگاڙ ڪندڙ هو. ۽ اسان چاهيو ٿي ته جن کي ملڪ ۾ دٻائي هيڻو ڪيو ٿي ويو، تن تي پنهنجو فضل ڪيون ۽ کين ماڻهن جا امام (يعني اڳواڻ يا پيشوا) ڪيون ۽ کين ئي وارث (يعني زمين تي ڪنهن ملڪ يا ملڪن جا حاڪم بنايون. ۽ ملڪ ۾ انهن جا پير ڄمايون ۽ انهن کي طاقتور ڪيون. ۽ فرعون (۽ سندن وزير) هامان سندن لشڪرن کي انهن (بني اسرائيلن) جي هٿان اهي ئي ڳالهيون پيش آڻيون جن کان بچڻ لاءِ سڀ حيلا هلائي رهيا آهن.
فرعون بني اسرائيل جي ٻارن کي وڌڻ کان جهلي رهيو هو ۽ هر نئين ڄاول ٻار کي قتل ڪري ڇڏيندو هو. ان ڪري خدائي رهنمائيءَ تحت، حضرت موسيٰ عليه السلام جي والده، حضرت موسيٰ عليه السلام جي پيدا ٿيندي ئي، ان کي هڪ صندوق ۾ بند ڪري پاڻيءَ ۾ وجهي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح پاڻ يعني حضرت موسيٰ عليه السلام جن فرعون جي محل تائين پهتا. قرآن حڪيم انهيءَ مضمون کي هن طرح بيان ڪيو آهي:
وَ اَوۡحَیۡنَاۤ اِلٰۤی اُمِّ مُوۡسٰۤی اَنۡ اَرۡضِعِیۡہِ ۚ فَاِذَا خِفۡتِ عَلَیۡہِ فَاَلۡقِیۡہِ فِی الۡیَمِّ وَ لَا تَخَافِیۡ وَ لَا تَحۡزَنِیۡ ۚ اِنَّا رَآدُّوۡہُ اِلَیۡکِ وَ جَاعِلُوۡہُ مِنَ الۡمُرۡسَلِیۡنَ ﴿۷﴾ فَالۡتَقَطَہٗۤ اٰلُ فِرۡعَوۡنَ لِیَکُوۡنَ لَہُمۡ عَدُوًّا وَّ حَزَنًا ؕ اِنَّ فِرۡعَوۡنَ وَ ہَامٰنَ وَ جُنُوۡدَہُمَا کَانُوۡا خٰطِئِیۡنَ ﴿۸﴾ وَ قَالَتِ امۡرَاَتُ فِرۡعَوۡنَ قُرَّتُ عَیۡنٍ لِّیۡ وَ لَکَ ؕ لَا تَقۡتُلُوۡہُ ٭ۖ عَسٰۤی اَنۡ یَّنۡفَعَنَاۤ اَوۡ نَتَّخِذَہٗ وَلَدًا وَّ ہُمۡ لَا یَشۡعُرُوۡنَ ﴿۹﴾
(سورة القصص: 9-7 )
”سو (اسان ڇا ڪيو جو) (حضرت) موسيٰ عليه السلام جي والده کي وحي موڪليو سين ته تون پنهنجي ٻچڙي کي پنهنجي ٿڃ پياريندي رهه. پوءِ جڏهن ان بابت توکي خطرو ڏسڻ ۾ اچي (ته فرعون جي ماڻهن کي خبر پوڻ تي آهي ۽ هو تنهنجو پٽ کي مارائي ڇڏيندا) تڏهن ٻچڙي کي (پيتيءَ ۾ وجهي نيل درياهه جي) پاڻيءَ تي لوڙهي ڇڏجانءِ ، ۽ ڪو به خوف ڪونه رکجانءِ، نڪي ڪو غم ڪجانءِ. يقيناَ اهو ٻچڙو تو کي موٽائي ڏينداسين ۽ کيس (وڏي هوندي) پنهنجو رسول ڪنداسين.(جڏهن والده موسيٰ کي پاڻيءَ ۾ ڦٽو ڪيو تڏهن) پوءِ فرعون جي ماڻهن (جن پيتي لڙهندي ڏٺي) ان کي کڻي ورتو، انهيءَ لاءِ نه ته هو (آخر) هنن جي مخالفت ڪري ۽ سندس غمن ۽ تڪليفن جو باعث ٿئي. (پر فرعون جي ماڻهن کي ان وقت ڪهڙي خبر ته هو ڪو سندن مخالفت ڪندو ۽ تڪليفن جو باعث ٿيندو) انهيءَ ۾ شڪ ئي ڪونهي ته فرعون، هامان ۽ سندن لشڪر خطار ڪار ۽ گنهگار هئا. ۽ فرعون جي زال (جا شايد نيڪ عورت هئي) فرعون کي چيو ته هيءُ (سهڻو ٻچڙو) منهنجي لاءِ ۽ تنهنجي لاءِ اکين جو ٺار آهي.ان کي متان قتل ڪرائين. ممڪن آهي ته اسان کي هن مان گهڻو ئي فيض ۽ فائدو پهچندو. گود جو پٽ ڪنداسين، مگر هنن کي خبر بلڪل ڪانه هئي (ته ان ڪم جو آخر نتيجو ڪهڙو نڪرندو.)
فرعون جي زال، حضرت موسيٰ عليه السلام کي قتل ٿيڻ کان بچايو ۽ کيس پنهنجو پٽ بڻائي ورتو. اهڙيءَ طرح پاڻ پنهنجو ننڍپڻ فرعون جي محل ۾ گذاريائون. اها الله پاڪ جي تائيد هئي جو سندن والده آيا (دائي) بڻجي محل ۾ آئي.
نوجوان ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڏهاڙي حضرت موسيٰ عليه السلام ڏٺو ته هڪ مصري بني اسرائيل جي هڪ فرد کي اذيت ڏيئي رهيو آهي. پاڻ انهن کي ڇڏائيندي جڏهن مصريءَ کي هڪ مُڪ وهائي ڪڍيائون ته اهو اُتي ئي مري ويو. ان جي باوجود جو پاڻ فرعون جي محل ۾ رهن پيا ۽ ملڪه کين پنهنجي پٽ بڻايو هو. شهر جي سردارن فيصلو ڪيو ته حضرت موسيٰ عليه السلام جي سزا موت هئڻ گهرجي. اهو ٻڌي ئي حضرت موسيٰ عليه السلام مصر کان مدين هليا ويا. مدين ۾ قيام جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ الله تعاليٰ ساڻن سنئون سڌو ڪلام ڪيو ۽ کين نبوت جو منصب عطا فرمايو. کين حڪم ٿيو ته پاڻ واپس فرعون وٽ وڃن ۽ ان کي الله جي دين جو پيغام پهچائين.