حضرت نوح عليه السلام جي قوم جي هلاڪت
”پوءِ (اهڙي سهڻين هدايتن ملڻ بعد به) هنن (منڪرن) (حضرت) نوح کي ڪوڙو ٺهرايو (۽ ڌمڪيون ڏنيون). پر اسان کيس ۽ جيڪي ساڻس (دين ۾) شامل هئا، ٻيڙيءَ ۾ (چاڙهي ٻوڏ کان) بچايو. مگر جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ٺهرايو، تن کي (ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾) غرق ڪري ڇڏيو سين. يقيناً اهي (منڪر) ماڻهو (دل ۽ دماغ جا) انڌا ٿي ويا هئا.“
ثُمَّ اَغۡرَقۡنَا بَعۡدُ الۡبٰقِیۡنَ (سورة الشعراء- 120 )
”پوءِ جيڪي ماڻهو (پٺتي) باقي رهيا تن (منڪرن) کي اسان ٻوڙي غرق ڪري ڇڏيو.“
وَ لَقَدۡ اَرۡسَلۡنَا نُوۡحًا اِلٰی قَوۡمِہٖ فَلَبِثَ فِیۡہِمۡ اَلۡفَ سَنَۃٍ اِلَّا خَمۡسِیۡنَ عَامًا ؕ فَاَخَذَہُمُ الطُّوۡفَانُ وَ ہُمۡ ظٰلِمُوۡنَ (سورة العنکبوت-14 )
”۽ حقيقت آهي ته اسان حضرت نوح کي سندس قوم ڏي پيغمبر ڪري موڪليو. هن انهن سان گڏ ساڍا نو سوسال حياتيءَ جا گذاريا ( ۽ کين سمجهاڻيون ڏنيون. ته به هنن مان گهڻا منڪر رهيا ۽ ظلم ڪندا رهيا) سو طوفان هنن کي پڪڙي ورتو (۽ هو ٻڏي هئا.) ڇو ته هو (پڇاڙي تائين) ظلم ڪندا رهيا.“
فَاَنۡجَیۡنٰہُ وَ الَّذِیۡنَ مَعَہٗ بِرَحۡمَۃٍ مِّنَّا وَ قَطَعۡنَا دَابِرَ الَّذِیۡنَ کَذَّبُوۡا بِاٰیٰتِنَا وَ مَا کَانُوۡا مُؤۡمِنِیۡنَ (سورة الاعراف- 72 )
”پوءِ (ٿيو به ائين) اسان (حضرت) نوح کي ۽ انهن کي جي ساڻس (دين ۾) شامل ٿيا هئا. (ايندڙ تباهيءَکان) پنهنجي رحمت سان بچايو. مگر جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ٺهرايو ۽ ايمان نه آندائون تن جون پاڙون به وڍي پٽي ڇڏيون سين.“