طوفان نوح جو هنڌ يا حدون
انهيءَ علائقي کي سيلاب جو هنڌ قرار ڏيڻ جو ٻيو تاريخي سبب هي آهي ته هن علائقي جي ڪيترن ئي تهذيبن جي تاريخي رڪارڊ مان ڪيئي اهڙيون شاهديون مليون آهن ته انهيءَ دور ۾ هتي سيلاب آيو هو. حضرت نوح عليه السلام جي قوم جي تباهي ڏسي ڪري، انهيءَ علائقي جي ٻين قومن انهيءَ عظيم تباهيءَ ۽ ان جي اثرن کي محفوظ ڪرڻ جو خيال ڪيو هوندو. اها ڳالهه مشهور آهي ، ته طوفان بابت اڪثر داستان واديءِ دجله ۽ فرات ۾ ئي وڌيا ويجهيا آهن. اسان جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم اهي آثار قديمه جون دريافتون آهن، جن مان اها ڳالهه پڌري ٿئي ٿي ته هڪ ڀيرو ضرور هن علائقي ۾ وڏو طوفان آيو هو، جنهن جي اسان اڳتي هلي وضاحت ڪنداسون. انهيءَ طوفان جي نتيجي ۾ هڪ عرصي تائين هتي زندگي معطل رهي. انهيءَ علائقي جي کوٽائين جي نتيجن ۾ هڪ وڏي تباهيءَ جي کوڙ سارن آثارن جو انڪشاف به ٿيو آهي.
واديءِ دجله ۽ فرات ۾ ٿيندڙ کوٽائين مان انهيءَ ڳالهه جو انڪشاف ٿيو آهي، ته هيءُ علائقو تاريخ ۾ ڪيترائي ڀيرا دجله ۽ فرات جي چاڙهه جي ڪري ٻوڏ جي ور چڙهندو رهيو آهي. مثلاً واديءَ دجله ۽ فرات جي ڏکڻ ۾ هڪ وڏي قوم اُر ( Ur) جي حڪمران ابي سين (Ibbi-Sin) جي دور ۾ ٻه هزار قبل مسيح جي قريب هڪ سال ۾ آسمان ۽ زمين جي درميان حدن ۽ آفاق کي غرقاب ڪندڙ سيلاب کانپوءِ جي سال طور ملهايو ويندو آهي.(1) اهڙيءَ طرح 1700 قبل مسيح جي لڳ ڀڳ، بابل جي حمورابي (Hammurabi) جي دؤر جي هڪ سال کي ايشنونا (Eshnuna) شهر جي طوفان جي تباهيءَ جي سال طور ڄاتو وڃي ٿو.
ڏهين صدي ق. م ۾ نيبومڪن ايپال (Nabu-Mukin-Apal ) جي دور حڪومت ۾ بابل شهر ۾ هڪ وڏو طوفان آيو. (2) حضرت عيسيٰ کانپوءِ ستين، اٺين، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين صديءَ ۾ به هن علائقي ۾ وڏا طوفان آيا.
ويهين صديءَ ۾ به 1925ع ، 1930ع ۽ وري 1954ع ۾ هتي طوفان آيا.(3) تاريخ جي انهن واقعن مان اهو پڌرو ٿئي ٿو، ته هيءَ وادي گهڻو ڪري طوفانن جي زد ۾ رهي ۽ جيئن قرآن حڪيم بيان ڪيو آهي، تيئن عين ممڪن آهي ته ڪنهن وڏي طوفان جي سبب اها سڄي وادي تباهه ٿي ويئي هجي.