تاريخ، فلسفو ۽ سياست

قومن جي تباهيءَ جي تاريخ

هي ڪتاب ”قومن جي تباهيءَ جي تاريخ“ هارون يحيٰ جو لکيل آهي جنهن جو سنڌيڪار خالد ڀٽي آهي.
هن ڪتاب “قومن جي تباهيءَ جي تاريخ” ۾
هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي پاران 2012 ۾ ڇپايو ويو.
  • 4.5/5.0
  • 4203
  • 1686
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خالد ڀٽي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book قومن جي تباهيءَ جي تاريخ

حضرت صالح عليه السلام جون تبليغي ڪاوشون

قرآن شريف جي مطابق، حضرت صالح عليه السلام کي ثمود قوم ڏانهن موڪليو ويو هو. پاڻ ثمود قوم جا ڄاتل سڃاتل ۽ نامور فرد هئا. سندس قوم جيڪا حضرت صالح عليه السلام کان دين حق جي دعوت جي اميد ڪونه رکندي هئي، کانئن ڪفر ۽ شرڪ ترڪ ڪرڻ جو اعلان ٻڌي، حيرت ۾ پئجي ويئي. شروع ۾ سندس قوم مٿس بهتان هڻڻ ۽ الزام مڙهڻ شروع ڪيا :
وَ اِلٰی ثَمُوۡدَ اَخَاہُمۡ صٰلِحًا ۘ قَالَ یٰقَوۡمِ اعۡبُدُوا اللّٰہَ مَا لَکُمۡ مِّنۡ اِلٰہٍ غَیۡرُہٗ ؕ ہُوَ اَنۡشَاَکُمۡ مِّنَ الۡاَرۡضِ وَ اسۡتَعۡمَرَکُمۡ فِیۡہَا فَاسۡتَغۡفِرُوۡہُ ثُمَّ تُوۡبُوۡۤا اِلَیۡہِ ؕ اِنَّ رَبِّیۡ قَرِیۡبٌ مُّجِیۡبٌ ﴿۶۱﴾ قَالُوۡا یٰصٰلِحُ قَدۡ کُنۡتَ فِیۡنَا مَرۡجُوًّا قَبۡلَ ہٰذَاۤ اَتَنۡہٰنَاۤ اَنۡ نَّعۡبُدَ مَا یَعۡبُدُ اٰبَآؤُنَا وَ اِنَّنَا لَفِیۡ شَکٍّ مِّمَّا تَدۡعُوۡنَاۤ اِلَیۡہِ مُرِیۡبٍ ﴿۶۲﴾ (سورة هود: 62-61 )
”۽ اسان ثمود ڏانهن سندن برادريءَ مان (حضرت ) صالح کي پيغمبر ڪري موڪليو. هن کين چيو ته اي منهنجي قوم جا ماڻهؤ! الله جي ٻانهپ ڪيو، کانئس سواءِ اوهان جو ڪو به معبود ڪونهي (جنهن جي ٻانهپ ڪجي) اهو ئي آهي جنهن اوهان کي زمين مان پيدا ڪيو ۽ وري ان ۾ ئي اوهان کي رهايو(يعني زمين کي اوهان سان آباد ڪيو ۽ رونق ڏني) پوءِ اوهان کي گهرجي ته کانئس بخشش گهرو ۽ سندس طرف رجوع ٿي زندگي بسر ڪيو. يقين رکو ته منهنجو پروردگار (هر هڪ کي) ويجهڙو آهي ۽ (هر هڪ جي) دعائن جو جواب ڏيندڙ آهي. ماڻهن چيو ته! اي صالح! هن کان اڳي ته تون اهڙو (اعلي دل ۽ دماغ وارو) ماڻهو هيئن جو اسان سڀني جون تو ۾ ڏاڍيون اميدون هيون. پوءِ ڇا تون اسان کي روڪين ٿو ته انهن معبودن (ديوتائن) جي پوڄا نه ڪريون جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا آيا آهن.(هيءَ ڪهڙي ڳالهه آهي؟) اسان کي به انهيءَ ڳالهه ۾ وڏو شڪ آهي. جنهن جي اسان کي دعوت ڏيئي رهيو آهين ۽ جنهن کي اسان جو دليون قبول ئي نه ٿيون ڪن.“
انهيءَ معاشري جي چند فردن، حضرت صالح عليه السلام جي دعوت قبول ڪئي. جڏهن ته اڪثريت انڪار ڪري ڇڏيو. خاص ڪري انهيءَ قوم جي وڏن سردارن حضرت صالح عليه السلام جي دعوت کي رد ڪري ڇڏيو ۽ ساڻن دشمنيءَ وارو رويو اختيار ڪيو. هنن حضرت صالح عليه السلام تي ايمان آڻيندڙن کي تنگ ڪرڻ ۽ کين ظلم ۽ ستم جونشانو بڻائڻ شروع ڪيو. اهي حضرت صالح عليه السلام جي جان جا دشمن بڻجي ويا، ڇو ته حضرت صالح عليه السلام انهن کي گمراهي ڇڏي، هڪ الله جي عبادت ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي. الله جي نبيءَ تي ڏمرجڻ رڳو ثمود قوم جوئي عمل نه هو، بلڪه ثمود قوم اها ئي غلطي ورجائي رهي هئي، جيڪا هن کان اڳ حضرت نوح عليه السلام جي قوم ۽ عاد قوم ڪئي هئي. اهو ئي سبب آهي جو قرآن حڪيم انهن ٽنهي قومن جو تذڪرو هيئن ڪري ٿو:
اَلَمۡ یَاۡتِکُمۡ نَبَؤُا الَّذِیۡنَ مِنۡ قَبۡلِکُمۡ قَوۡمِ نُوۡحٍ وَّ عَادٍ وَّ ثَمُوۡدَ ۬ؕۛ وَ الَّذِیۡنَ مِنۡۢ بَعۡدِہِمۡ ؕۛ لَا یَعۡلَمُہُمۡ اِلَّا اللّٰہُ ؕ جَآءَتۡہُمۡ رُسُلُہُمۡ بِالۡبَیِّنٰتِ فَرَدُّوۡۤا اَیۡدِیَہُمۡ فِیۡۤ اَفۡوَاہِہِمۡ وَ قَالُوۡۤا اِنَّا کَفَرۡنَا بِمَاۤ اُرۡسِلۡتُمۡ بِہٖ وَ اِنَّا لَفِیۡ شَکٍّ مِّمَّا تَدۡعُوۡنَنَاۤ اِلَیۡہِ مُرِیۡبٍ ﴿۹﴾ (سورة ابراهيم: 9 )
”پوءِ ڇا توهان تائين انهن ماڻهن جي خبر ڪانه پهتي آهي، جيڪي اوهان کان اڳي ٿي گذريا آهن؟ نوح جي قوم، عاد جي قوم، ثمود جي قوم ۽ اهي قومون جي انهن کانپوءِ آيون ۽ جن جو حال الله ئي کي معلوم آهي. ۽ انهن سڀني قومن ڏي انهن جا رسول روشن دليلن سان آيا هئا. پر انهن سندن ڳالهيون موٽائي ڇڏيون (۽ ٻڌڻ کان ئي انڪار ڪيائون) انهن چيو ته جيڪا ڳالهه توهان کڻي آيا آهيو، تنهن کان اسان کي انڪار آهي، ۽ جنهن ڳالهه ڏانهن توهان سڏيو ٿا، تنهن تي اسان کي يقين ڪونهي، اسان شڪ ۽ شبهي ۾ پئجي ويا آهيون.“
حضرت صالح عليه السلام جي لڳاتار نصحيت جي باوجود، اها قوم شڪ ۽ شبهي ۾ پيل رهي. تنهن هوندي به انهيءَ گمراه قوم ۾ هڪ ننڍڙو جٿو اهڙو به هو جيڪو حضرت صالح، تي ايمان رکندو هو. جڏهن انهيءَ قوم تي ٺاهوڪو عذاب آيو، ته ايمان وارا ان عذاب کان محفوظ رهيا. ثمود قوم جي سردارن، حضرت صالح عليه السلام تي ايمان آڻيندڙن کي پنهنجي ظلم ۽ ستم سان دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي:
قَالَ الۡمَلَاُ الَّذِیۡنَ اسۡتَکۡبَرُوۡا مِنۡ قَوۡمِہٖ لِلَّذِیۡنَ اسۡتُضۡعِفُوۡا لِمَنۡ اٰمَنَ مِنۡہُمۡ اَتَعۡلَمُوۡنَ اَنَّ صٰلِحًا مُّرۡسَلٌ مِّنۡ رَّبِّہٖ ؕ قَالُوۡۤا اِنَّا بِمَاۤ اُرۡسِلَ بِہٖ مُؤۡمِنُوۡنَ ﴿۷۵﴾ قَالَ الَّذِیۡنَ اسۡتَکۡبَرُوۡۤا اِنَّا بِالَّذِیۡۤ اٰمَنۡتُمۡ بِہٖ کٰفِرُوۡنَ ﴿۷۶﴾ (سورة الاعراف: 76-75 )
”تنهن تي (حضرت صالح جي) قوم جي هٺيلن سردارن انهن مسڪينن ضعيفن کان جن (حضرت صالح تي) ايمان آندو هو، (ٽوڪ طرح) پڇيو، ته توهان کي خبر آهي ڇا ته صالح سچ پچ پنهنجي پروردگار جي طرفان موڪليل مرسل آهي؟ هنن(مسڪين مومنن) وراڻي ڏني ته بيشڪ اسان انهن (سچين حقيقتن ۽ حڪمن تي) ايمان آندو آهي، جن سان هن کي خدا موڪليو آهي.هٺيلن سردارن تنهن تي چيو ته جن ڳالهين تي توهان (چٽو سمجهي) ايمان آندو آهي، تن کان اسان انڪار ٿا ڪريون (جو اسان کي اها تعليم ڪانه ٿي وڻي.) ڀلا خود غرض ظالمن کي تعليم ڪيئن وڻندي ته مسڪينن سان عدل ۽ احسان ڪيو ۽ خدا جي زمين تي تڪبر سان نه گهمو.“
ايمان وارن جي استقامت جي باوجود، ثمود قوم الله ۽ حضرت صالح عليه السلام جي رسالت بابت شڪ ۽ شبهي ۾ مبتلا رهي. ايستائين جو هڪ گروه پڌري پٽ ۽ وڏي واڪي حضرت صالح عليه السلام کي ڪوڙو ٺهرائڻ شروع ڪري ڏنو.
حضرت صالح عليه السلام ۽ الله پاڪ جي تڪذيب ڪندڙ انهيءَ گروه حضرت صالح عليه السلام کي قتل ڪرڻ جي سازش شروع ڪري ڏني.
قَالُوا اطَّیَّرۡنَا بِکَ وَ بِمَنۡ مَّعَکَ ؕ قَالَ طٰٓئِرُکُمۡ عِنۡدَ اللّٰہِ بَلۡ اَنۡتُمۡ قَوۡمٌ تُفۡتَنُوۡنَ ﴿۴۷﴾ وَ کَانَ فِی الۡمَدِیۡنَۃِ تِسۡعَۃُ رَہۡطٍ یُّفۡسِدُوۡنَ فِی الۡاَرۡضِ وَ لَا یُصۡلِحُوۡنَ ﴿۴۸﴾ قَالُوۡا تَقَاسَمُوۡا بِاللّٰہِ لَنُبَیِّتَنَّہٗ وَ اَہۡلَہٗ ثُمَّ لَنَقُوۡلَنَّ لِوَلِیِّہٖ مَا شَہِدۡنَا مَہۡلِکَ اَہۡلِہٖ وَ اِنَّا لَصٰدِقُوۡنَ ﴿۴۹﴾ وَ مَکَرُوۡا مَکۡرًا وَّ مَکَرۡنَا مَکۡرًا وَّ ہُمۡ لَا یَشۡعُرُوۡنَ ﴿۵۰﴾ (سورة النمل: 50-47 )
”هو چوڻ لڳا ته (اي صالح!) تون ۽ تنهنجا ساٿي (مؤمن) اسان جي لاءِ نڀاڳا ۽ منحوس ثابت ٿيا آهيو (حضرت) صالح فرمايو ته توهان جو نڀاڳ الله جي طرف کان آهي (ڇو ته توهان الله تعاليٰ جي فرمانبرداري ڇڏي ظلم تي سنبري بيٺا آهيو) بلڪه توهان اها قوم آهيو، جنهن جي آزمائش ٿي رهي آهي.“ ۽ انهيءَ شهر ۾ نَوَ شخص هئا، جيڪي ملڪ ۾ فساد ۽ بگاڙو ڪندا هئا ۽ سڌرڻ جو منجهن امڪان ئي ڪونه هو. انهن هڪٻئي کي چيو ته اچو ته الله جي نالي تي قسم کڻون ۽ واعدو ڏيون ته اسان رات جي وقت (لڪي ڇپي) صالح ۽ سندس عيال تي وڃي ڪڙڪنداسين (۽ کين قتل ڪري ڇڏينداسين) ۽ پوءِ سندس وارثن کي (ڪوڙ هڻي) چونداسين ته اسان ته سندس عيال جي قتل ٿيڻ جي جاءِ به نه ڏٺي آهي ۽ يقيناً اسان سچ ٿا چئون (ته اسان کي ڪا خبر ڪانهي.) هنن ته اهو منصوبو يا تجويز ٺاهي، پر اسان (يعني الله تعاليٰ) به پنهنجي تجويز تيار رکي، جنهن جو هنن کي پتو به ڪونه پيو (هو ناڪامياب ٿيا، اٽلندو پاڻ تباهه ٿيا.)“
ماڻهن کي پنهنجي دعوت تي يقين ۽ الله جي اطاعت جي رغبت ڏيارڻ لاءِ حضرت صالح عليه السلام کين اُٺڙيءَ جو معجزو ڏيکاريو. اهو ڏسڻ لاءِ ته، ڇا ماڻهو سندس اطاعت ڪن ٿا يا نه، پاڻ انهن کي چيائون ته، هو اُٺڙيءَ کي پاڻيءَ پيارڻ ۾ شريڪ ڪن ۽ ان کي تڪليف نه ڏين. گمراه ماڻهن اطاعت جي بدران اُٺڙيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو. سورة الشعراءَ ۾ اهو واقعو هيئن بيان ڪيو ويو.
کَذَّبَتۡ ثَمُوۡدُ الۡمُرۡسَلِیۡنَ ﴿۱۴۱﴾ۚۖ اِذۡ قَالَ لَہُمۡ اَخُوۡہُمۡ صٰلِحٌ اَلَا تَتَّقُوۡنَ ﴿۱۴۲﴾ۚ اِنِّیۡ لَکُمۡ رَسُوۡلٌ اَمِیۡنٌ ﴿۱۴۳﴾ۙ فَاتَّقُوا اللّٰہَ وَ اَطِیۡعُوۡنِ ﴿۱۴۴﴾ۚ وَ مَاۤ اَسۡـَٔلُکُمۡ عَلَیۡہِ مِنۡ اَجۡرٍ ۚ اِنۡ اَجۡرِیَ اِلَّا عَلٰی رَبِّ الۡعٰلَمِیۡنَ ﴿۱۴۵﴾ؕ اَتُتۡرَکُوۡنَ فِیۡ مَا ہٰہُنَاۤ اٰمِنِیۡنَ ﴿۱۴۶﴾ۙ فِیۡ جَنّٰتٍ وَّ عُیُوۡنٍ ﴿۱۴۷﴾ۙ وَّ زُرُوۡعٍ وَّ نَخۡلٍ طَلۡعُہَا ہَضِیۡمٌ ﴿۱۴۸﴾ۚ وَ تَنۡحِتُوۡنَ مِنَ الۡجِبَالِ بُیُوۡتًا فٰرِہِیۡنَ ﴿۱۴۹﴾ۚ فَاتَّقُوا اللّٰہَ وَ اَطِیۡعُوۡنِ ﴿۱۵۰﴾ۚ وَ لَا تُطِیۡعُوۡۤا اَمۡرَ الۡمُسۡرِفِیۡنَ ﴿۱۵۱﴾ۙ الَّذِیۡنَ یُفۡسِدُوۡنَ فِی الۡاَرۡضِ وَ لَا یُصۡلِحُوۡنَ ﴿۱۵۲﴾ قَالُوۡۤا اِنَّمَاۤ اَنۡتَ مِنَ الۡمُسَحَّرِیۡنَ ﴿۱۵۳﴾ۚ مَاۤ اَنۡتَ اِلَّا بَشَرٌ مِّثۡلُنَا ۚۖ فَاۡتِ بِاٰیَۃٍ اِنۡ کُنۡتَ مِنَ الصّٰدِقِیۡنَ ﴿۱۵۴﴾ قَالَ ہٰذِہٖ نَاقَۃٌ لَّہَا شِرۡبٌ وَّ لَکُمۡ شِرۡبُ یَوۡمٍ مَّعۡلُوۡمٍ ﴿۱۵۵﴾ۚ وَ لَا تَمَسُّوۡہَا بِسُوۡٓءٍ فَیَاۡخُذَکُمۡ عَذَابُ یَوۡمٍ عَظِیۡمٍ ﴿۱۵۶﴾ فَعَقَرُوۡہَا فَاَصۡبَحُوۡا نٰدِمِیۡنَ ﴿۱۵۷﴾ۙ (سورة: الشعراء: 157-141 )
”ثمود قوم جي ماڻهن به رسولن کي ڪو نه مڃيو. ڏسو! سندن برادريءَ جي ماڻهو (حضرت) صالح کين چيو ته ڇا توهان (مسڪينن تي ظلم ڪري رهيا آهيو ۽) خدا کان ڊڄو ئي نٿا؟“
(مان توهان کي صاف صاف سچي ڳالهه ٿو ٻڌايان ته) مون کي اوهان ڏي رسول ڪري موڪليو ويو آهي (۽ توهان کي معلوم آهي ته) مان معتبر آهيان (تنهنڪري هن ڳالهه ۾ به مون تي اعتبار ڪيو). سو توهان الله تعاليٰ (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو(ڇو ته مان رڳو خدا جا حڪم ٿو پهچايان). ۽ (توهان ڏسو ٿا ته) مان انهيءَ ڪم لاءِ (يعني اوهان کي خدا جا حڪم پهچائڻ لاءِ) ڪو اجورو يا عيوضو ته ڪونه ٿو گهران. منهنجو اجورو ته فقط جهانن جي پروردگار جي ذمي آهي. ڇا (توهان هيئن ٿا سمجهو ڇا ته) جيڪي هتي هن دنيا ۾(نعمتون) آهن، سي ماڻڻ لاءِ اوهان کي (دائمي طور) امن امان ۾ ڇڏيو ويندو؟ توهان (دائمي) باغن ۽ چشمن ۾ امن امان جي حالت ۾ ڇڏيا ويندؤ ڇا؟ ۽ توهان (دائمي ڀلين) ٻنين ۽ کجور جي وڻن ۾ ڇڏيا ويندؤ؟ ڇا جو کجورن جا ڇڳا (کارڪن جي بار کان) ٽٽڻ تي آهن.۽ توهان ٽَڪرن کي ٽڪي وڏي هنر ۽ ڪاريگريءَ سان جايون ٺاهيو ٿا. (اوهان اهي نعمتون خدا جي طرف کان نٿا سمجهو ۽ سندس نافرماني ٿا ڪيو.) سو خدا (وٽان ايندڙ عذاب) کان ڊڄو ۽ منهنجي چوڻ تي هلو (ڇو ته مان فقط اهي حڪم ٿو پهچايان جي الله تعاليٰ وٽان ٿا اچن. ۽ انهن جا حڪم نه مڃيو جيڪي ليڪو لنگهي بيٺا آهن، (۽) جيڪي ملڪ ۾ فساد ۽ بگاڙو ٿا ڪن، ۽ سڌارو ڪو نه ٿا ڪن. (ظالم ۽ خود غرض سردارن تي انهيءَ نصيحت جو اثر ڪو نه پيو) هنن چيو ته (اي صالح! تون آهين ڇا؟!) تو تي ڪو جادو جو اثر پئجي ويو آهي (جو بي عقليءَ جون ڳالهيون پيو ڪرين. تون ڪجهه به نه آهين سواءِ هن جي ته اسان جهڙو ماڻهو آهين. جيڪڏهن تون سچ ٿو چئين (ته مون کي رسول ڪري موڪليو ويو آهي) ته ڀلا آڻ ڪا نشاني (يعني ڏيکار ڪو معجزو). (حضرت صالح) فرمايو ته هيءَ ڏاچي (نشاني) آهي. هن کي به پاڻي پيئڻ جو حق آهي ۽ اوهان کي به (پنهنجي مال کي) پاڻي پيئارڻ جو حق آهي (پر واري سان) مقرر ڏينهن تي. ۽ ان ڏاچيءَ کي ڪو ايذاءُ يا تڪليف نه پهچائجو. نه ته هڪڙي وڏي سخت ڏينهن جو عذاب اچي توهان تي ڪڙڪندو. پوءِ به هنن ڏاچيءَ جا پير ڪاٽي ڇڏيا. پر پوءِ پشيمان به ٿيا (۽ ڊنا ته متان عذاب سچ پچ اچي وڃي.“
حضرت صالح عليه السلام پنهنجي قوم کي هدايت جي راهه ڏانهن راغب ڪرڻ جي لاءِ ڪيتري جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪئي. قرآن مجيد تنهن کي هيئن بيان ڪري ٿو:
کَذَّبَتۡ ثَمُوۡدُ بِالنُّذُرِ ﴿۲۳﴾ فَقَالُوۡۤا اَبَشَرًا مِّنَّا وَاحِدًا نَّتَّبِعُہٗۤ ۙ اِنَّاۤ اِذًا لَّفِیۡ ضَلٰلٍ وَّ سُعُرٍ ﴿۲۴﴾ ءَاُلۡقِیَ الذِّکۡرُ عَلَیۡہِ مِنۡۢ بَیۡنِنَا بَلۡ ہُوَ کَذَّابٌ اَشِرٌ ﴿۲۵﴾ سَیَعۡلَمُوۡنَ غَدًا مَّنِ الۡکَذَّابُ الۡاَشِرُ ﴿۲۶﴾ اِنَّا مُرۡسِلُوا النَّاقَۃِ فِتۡنَۃً لَّہُمۡ فَارۡتَقِبۡہُمۡ وَ اصۡطَبِرۡ ﴿۫۲۷﴾ وَ نَبِّئۡہُمۡ اَنَّ الۡمَآءَ قِسۡمَۃٌۢ بَیۡنَہُمۡ ۚ کُلُّ شِرۡبٍ مُّحۡتَضَرٌ ﴿۲۸﴾ فَنَادَوۡا صَاحِبَہُمۡ فَتَعَاطٰی فَعَقَرَ ﴿۲۹﴾
(سورة: القمر: 29-23 )
”ثمود جي ماڻهن به خبردار ڪندڙ پيغمبرن کي نه مڃيو. هنن چيو ته ڇا اسان مان هڪڙو انسان، اڪيلو ئي اڪيلو! اسان هن جي پيروي ڪيون ۽ سندس تابعدار ٿيون! جيڪڏهن ايئن ڪيون ته گمراهي ۽ چريائيءَ ۾ پئجي وينداسين. ڇا اسان سڀني جي وچئون اچي هن (مڙس) تي (خدائي) پيغام نازل ٿيو آهي؟ (بلڪل نه) بلڪه هو ڪوڙو ٻٽاڪي آهي. (اي حضرت صالح!) هي (نادان) سڀاڻي ئي ڏسي وٺندا ته ڪير ڪوڙو ۽ ٻٽاڪي آهي؟ اسان ڏاچي موڪلڻ وارا آهيون جا هنن لاءِ آزمائش آهي، سو تون ترس ۽ ڏس ۽ صبر اختيار ڪر. ۽ هنن کي ٻڌائي ڇڏ ته پاڻي سندن وچ ۾ ورهايل آهي ۽ هر ڪو پنهنجي واري تي حاضر ٿئي (۽ پنهنجي) ڍورن کي پاڻي پياري. پر هنن ڇا ڪيو جو پنهنجي (هڪ شرير) سنگتيءَ کي سڏيائون. سو هن هڪ تلوار هٿ ۾ کنئي ۽ ان ڏاچيءَ جا پير ڪپي وڌائين“
جڏهن مسلسل گمراهي ۽ خود سريءَ جي باوجود ثمود قوم جي وٺ پڪڙ نه ٿي ته، هوءَ وڌيڪ گستاخ ٿي ويئي. هنن حضرت صالح عليه السلام تي حملو ڪيو ۽ ان کي ڪوڙو ۽ ٺڳ قرار ڏنو:
فَعَقَرُوا النَّاقَۃَ وَ عَتَوۡا عَنۡ اَمۡرِ رَبِّہِمۡ وَ قَالُوۡا یٰصٰلِحُ ائۡتِنَا بِمَا تَعِدُنَاۤ اِنۡ کُنۡتَ مِنَ الۡمُرۡسَلِیۡنَ (سورة: الاعراف: 77 )
”پوءِ (ڇا ڪيائون جو) انهيءَ ڏاچيءَ کي زخمي ڪيائون، ۽ هيٺلائيءَ سان پنهنجي پروردگار جي حڪم جي مخالفت ڪيائون. ۽ (آڪڙ ۾ ڀرجي) چيائون ته اي صالح! جيڪڏهن تون مرسلن (موڪليلن) منجهان آهين ته ڀلا آڻ اهو عذاب، جنهن جو اسان کي خوف ڏياريندو آهين. (اسان کي ته يقين آهي ته نڪي تون سچو رسول آهين نڪي اسان تي ڪو عذاب ايندو)“
پر الله جي تائيد ۽ نصرت، حضرت صالح عليه السلام سان گڏ هئي. ڪافرن ۽ مشرڪن جا ناپاڪ منصوبا ناڪام ٿي ويا ۽ الله تعاليٰ، حضرت صالح عليه السلام کي انهن جي سازشن کان محفوظ رکيو.
مختلف طريقن سان حق جي دعوت پنهنجي قوم جي آڏو رکڻ کانپوءِ جڏهن حضرت صالح عليه السلام ڏٺو ته انهن منجهان ڪو به حق ڏانهن موٽڻ لاءِ تيار ناهي ته پاڻ انهن کي خبردار ڪيائون ته هو ٽن ڏينهن جي اندر اندر هلاڪ ڪياويندا.
فَعَقَرُوۡہَا فَقَالَ تَمَتَّعُوۡا فِیۡ دَارِکُمۡ ثَلٰثَۃَ اَیَّامٍ ؕ ذٰلِکَ وَعۡدٌ غَیۡرُ مَکۡذُوۡبٍ (سورة: هود: 65 )
”پر ماڻهن (زياده ضد ۾ اچي) ان کي ماري ڇڏيو. تڏهن (حضرت) صالح کين چيو ته (هاڻي توهان کي فقط) ٽي ڏينهن (جي مهلت آهي) پنهنجي گهرن ۾ کائي پي وٺو. هيءُ (خدائي) واعدو آهي. هرگز ڪوڙ نه ٿيندو.“
ٽن ڏينهن کانپوءِ حضرت صالح عليه السلام جو فرمان سچو ثابت ٿيو ۽ ثمود قوم برباد ڪئي ويئي:
وَ اَخَذَ الَّذِیۡنَ ظَلَمُوا الصَّیۡحَۃُ فَاَصۡبَحُوۡا فِیۡ دِیَارِہِمۡ جٰثِمِیۡنَ ﴿ۙ۶۷﴾ کَاَنۡ لَّمۡ یَغۡنَوۡا فِیۡہَا ؕ اَلَاۤ اِنَّ ثَمُوۡدَا۠ کَفَرُوۡا رَبَّہُمۡ ؕ اَلَا بُعۡدًا لِّثَمُوۡدَ ﴿٪۶۸﴾ (سورة هود: 68-67 )
”۽ جن ماڻهن ظلم ڪيو هو تن کي هڪ وڏي زور واري ڪڙڪي اچي پڪڙيو. جڏهن صبح ٿيو تڏهن سڀ پنهنجي گهرن ۾ اونڌا ٿيا پيا هئا.(۽ هو اهڙو اوچتو مري ويا) گويا انهن گهرن ۾ ڪڏهن رهيائي ڪو نه هئا. سو ٻڌي ڇڏيو ته ثمود قوم پنهنجي پروردگار جي ناشڪري ڪئي ۽ پڻ ٻڌي ڇڏيو ته ثمود جي قوم (هر طرح جي نعمتن کان) محروم رهي.“