قديم عهد نامي ۾ طوفان نوح جو تذڪرو
عهد نامه قديم جي مطابق، الله تعاليٰ حضرت نوح عليه السلام کي خبردار ڪيو ته، جيئن ته زمين گناهن سان ڀرجي ويئي آهي، تنهنڪري ايمان وارن کانسواءِ باقي سڀني کي هلاڪ ڪيو ويندو. پوءِ هن حضرت نوح عليه السلام کي ٻيڙي ٺاهڻ جو حڪم ڏنو ۽ کيس پنهنجي گهرواري، ٽنهي پٽن، سندن زالن ۽ هر زنده شيءِ جي جوڙن کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪرڻ لاءِ چيو .
ستن ڏينهن کانپوءِ جڏهن سيلاب جو وقت آيو ته زمين هيٺان پاڻيءَ جا سموار چشما ڦاٽي نڪتا ۽ آسمان کان به پاڻي وسڻ لڳو ۽ هڪ عظيم سيلاب هر شيءِ جو گهيرو ڪيو. اهو سيلاب چاليهه ڏينهن ۽ رات جاري رهيو. نوح عليه السلام جي ٻيڙي پاڻيءَ ۾ ترندي رهي. اهڙيءَ طرح رڳو ٻيڙيءَ جا سوار ئي محفوظ رهيا. جڏهن ته انهن کان سواءِ هر ساهوارو سيلاب (ٻوڏ) جي حوالي ٿي ويو. سيلاب کانپوءِ ئي برسات بند ٿي ۽ ان جي 150هين ڏينهن کانپوءِ سيلاب جو پاڻي گهٽ ٿيو.
ستين مهيني جي سترهين ڏينهن، ٻيڙي پهاڙيءَ تي اچي بيهي رهي. حضرت نوح عليه السلام هڪ پکي (ڳيري) کي موڪليو ته جيئن پاڻيءَ جي لهي وڃڻ جي خبر ملي. جڏهن پکي واپس ڪو نه آيو، ته پاڻ سمجهايائون ته پاڻي لهي ويو آهي. پوءِ الله پاڪ کين ٻيڙيءَ مان لهي ، زمين ۾ پکڙجي وڃڻ جو حڪم ڏنو.
عهد نامي جو اهو بيان گهڻن ئي تضادن تي ٻڌل آهي. مثال طور ان جي هڪڙي متن ۾ حضرت نوح عليه السلام جي مدت به مختلف بيان ڪئي ويئي آهي، ڪٿي 40 ڏينهن ته ڪٿي وري 50 ڏينهن بيان ڪئي وئي آهي. قديم عهدنامي ۾ مختلف هنڌن تي طوفان نوح جو تذڪرو هينئن بيان ڪيو ويو آهي:
”۽ خدا، نوح کي چيو ته سڀني ماڻهن جو خاتمو منهنجي آڏو اچي پهتو آهي، ڇو ته انهن جي ڪري زمين ظلم سان ڀرجي وئي آهي، تنهنڪري ڏس! مان زمين سميت انهن کي هلاڪ ڪندس.“
تون پنهنجي لاءِ ٻيڙي ٺاهه، انهيءَ ٻيڙيءَ ۾ ڪوٺڙيون تيار ڪجانءِ ۽ ان جي اندر ۽ ٻاهر چيڙهه جي کؤنر لڳائجانءِ.
۽ ائين ڪجانءِ جو ٻيڙيءَ جي ڊيگهه ٽي سو هٿ، ان جي ويڪر پنجاهه هٿ ۽ ان جي اوچائي ٽيهه هٿ هجي.
۽ انهيءَ ٻيڙيءَ ۾ هڪ روشندان ٺاهجانءِ، ۽ مٿان کان هڪ هٿ ڇڏي، ان کي پورو ڪجانءِ ۽ انهيءَ ٻيڙي جو دروازو ان جي پاسي ۾ رکجانءِ، ۽ ان ۾ ٽي درجا ٺاهجانءِ ،هيٺيون، ٻيون ۽ ٽيون.
۽ ڏس! مان پاڻ زمين تي طوفان آڻڻ وارو آهيان ته جيئن هر شهر کي جنهن ۾ زندگيءَ جو دم آهي، دنيا مان ختم ڪريان ۽ جيڪي زمين تي آهن مري وڃن. پر توسان مان پنهنجو عهد قائم رکندس ۽ تون ٻيڙيءَ ۾ وڃجانءِ ، تون ۽ توسان گڏ تنهنجا پٽ ۽ پٽن جون زالون.
۽ جانورن جي هر قسم مان ٻه ٻه پاڻ سان ٻيڙيءَ ۾ کڻج، ته جيئن اهي توسان گڏ جيئرا رهن.
۽ پکين جي مڙني قسمن منجهان ۽ چوپاين جي هر قسم مان ۽ زمين تي سرندڙن (جيتن) جي هر قسم مان ٻه ٻه تو وٽ اچن ته جيئن اهي جيئرا رهي سگهن.
۽ تون هر طرح جي کاڌي جي شيءِ کڻي پاڻ وٽ جمع ڪجانءِ ڇو ته اهوئي تنهنجي ۽ انهن جي کائڻ لاءِ هوندو.
۽ نوح ائين ئي جيئن ان کي خدا حڪم ڏنو هو، ان طرح ئي عمل ڪيائين.“ (پيدائش- 6: 22-13)
”۽ ستين مهيني جي سترهين تاريخ تي ٻيڙي ارارط جي جبلن تي بيهي رهي.“ (پيدائش-6: 8-4)
”سڀاڻي پاڪ جانورن مان ست ست نر ۽ مادي کڻجانءِ ۽ انهن مان جيڪي پاڪ ناهن ٻه ٻه نر ۽ انهن جي مادي پاڻ سان کڻجانءِ.“
۽ هوا جي پکين منجهان به ست ست نر ۽ مادي کڻجانءِ ته جيئن زمين تي انهن جو جو نسل باقي رهي.“ (پيدائش- 7:3- 2)
”۽ مان انهيءَ عهد کي قائم رکندس ته سڀئي جاندار طوفان جي پاڻيءَ سان ٻيهر هلاڪ نه ٿيندا ۽ نه ڪڏهن زمين کي تباهه ڪرڻ لاءِ ٻيهر طوفان ايندو.“ (پيدائش: 11-8)
قديم عهد نامي جي مطابق ته: ”زمين تي موجود هر ساهوارو مري ويندو.“ هڪ عالمگير طوفان جي ذريعي سڀني ماڻهن کي سزا ڏني ويئي ۽ رڳو اهي ئي ماڻهو محفوظ رهيا، جيڪي حضرت نوح عليه السلام سان گڏ ٻيڙيءَ تي سوار هئا.