30 ـ باب ما جاء في صفة فاكهة رسول الله صلى الله عليه وسلم
باري ۾ آيون آهن.
عَنْ عَبْدِ اللهِ بِنۡ جَعۡفَرٍ ، قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم ، يَأْكُلُ الْقِثَّاءَ بِالرُّطَبِ
ترجمو: حضرت عبدالله پٽ جعفر چيو ته حضور ﷺ کي ڏٺم ته کارڪون ۽ گدرو گڏي کائندا هوا.
عَنْ عَائِشَةَ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، كَانَ يَأْكُلُ الْبِطِّيخَ بِالرُّطَبِ
ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي چيائين ته حضورﷺ گدرو کارڪن سان کائندا هوا.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَجْمَعُ بَيْنَ الْخِرْبِزِ وَالرُّطَبِ
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ کان روايت آهي چيائين ته مان نبي ﷺ کي ڏٺو جو هنداڻو ۽ تازي کارڪ گڏي کائندا هوا.
عَنْ عَائِشَةَ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم أَكَلَ الْبِطِّيخَ بِالرُّطَبِ
ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي ته نبي ﷺ گدرو کارڪن سان کاڌو.
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، قَالَ : كَانَ النَّاسُ إِذَا رَأَوْا أَوَّلَ الثَّمَرِ جَاءُوا بِهِ إِلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَإِذَا أَخَذَهُ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : اللَّهُمَّ بَارِكْ لَنَا فِي ثِمَارِنَا ، وَبَارِكْ لَنَا فِي مَدِينَتِنَا ، وَبَارِكْ لَنَا فِي صَاعِنَا وَفِي مُدِّنَا ، اللَّهُمَّ إِنَّ إِبْرَاهِيمَ عَبْدُكَ وَخَلِيلُكَ وَنَبِيُّكَ ، وَإِنِّي عَبْدُكَ وَنَبِيُّكَ ، وَإِنَّهُ دَعَاكَ لِمَكَّةَ ، وَإِنِّي أَدْعُوكَ لِلْمَدِينَةِ ، بِمِثْلِ مَا دَعَاكَ بِهِ لِمَكَّةَ وَمِثْلِهِ مَعَهُ ، قَالَ : ثُمَّ يَدْعُو أَصْغَرَ وَلِيدٍ يَرَاهُ ، فَيُعْطِيهِ ذَلِكَ الثَّمَرَ
ترجمو: حضرت ابوهريره کان روايت آهي ته ماڻهو جڏهن ڪو نئون ميوو ڏسندا هوا ته حضور ﷺ وٽ آڻيندا هوا ۽ جڏهن پاڻ اهو وٺندا هوا ته هي الفاظ فرمائيندا هوا.”اللَّهُمَّ بَارِكْ لَنَا فِي ثِمَارِنَا ، وَبَارِكْ لَنَا فِي مَدِينَتِنَا ، وَبَارِكْ لَنَا فِي صَاعِنَا وَفِي مُدِّنَا ، اللَّهُمَّ إِنَّ إِبْرَاهِيمَ عَبْدُكَ وَخَلِيلُكَ وَنَبِيُّكَ ، وَإِنِّي عَبْدُكَ وَنَبِيُّكَ ، وَإِنَّهُ دَعَاكَ لِمَكَّةَ ، وَإِنِّي أَدْعُوكَ لِلْمَدِينَةِ ، بِمِثْلِ مَا دَعَاكَ بِهِ لِمَكَّةَ وَمِثْلِهِ مَعَهُ “ راوي چيو ته پوءِ جنهن به ننڍي ٻار کي ڏسندا هوا ته ان کي سڏي اهو ميوو کيس ڏيئي ڇڏيندا هوا.
عَنِ الرُّبَيِّعِ بِنْتِ مُعَوِّذِ بْنِ عَفْرَاءَ ، قَالَتْ : بَعَثَنِي مُعَاذُ بْنُ عَفْرَاءَ بِقِنَاعٍ مِنْ رُطَبٍ وَعَلَيْهِ أَجْرٌ مِنْ قِثَّاءِ زُغْبٍ وَكَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم يُحِبُّ الْقِثَّاءَ ، فَأَتَيْتُهُ بِهِ وَعِنْدَهُ حِلْيَةٌ قَدْ قَدِمَتْ عَلَيْهِ مِنَ الْبَحْرَيْنِ ، فَمَلأَ يَدَهُ مِنْهَا فَأَعْطَانِيهِ وَ عَنۡہَا قَالَتْ : أَتيتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، بِقِنَاعٍ مِنْ رُطَبٍ ، وَأَجْرِ زُغْبٍ ، فَأَعْطَانِي مِلْءَ كَفِّهِ حُلِيًّا أَوْ قَالَتْ : ذَهَبًا
ترجمو: عفراء پٽ معوذ جي ڌيءَ حضرت ربيعؓ چيو ته معاذ پٽ عفراءَ کارڪن جو ٽوڪرو جنهن تي ٻُراول سان ڪنوريون پاٻيون به رکيل هيون ڏياري موڪليو ڇو ته حضور ﷺ پاٻين کي پيارو گهرندا هوا. مان سندن خذمت ۾ کڻي آيس. ڏسان ته سندن اڳيان ڳهه رکيا آهن جي بحرين کان آيا هوا پوءِ حضور جن انهن مان مُٺ ڀري مونکي ڏني۽ ان کان روايت آهي ته حضور جن وٽ کارڪن جو ٽوڪرو جنهن تي ننڍيون ٻراول سان ونگيون به هيون آندم ته پاڻ مونکي ڳهن مان مٺ ڀري ڏنائون يا چيائين ته سون مان