28. باب انهن حديثن ۾ جي حضور ﷺ جي کاڌي کائڻ کان اڳ ۽ ان کان واندي ٿيڻ کانپوءِ جيڪي لفظ چوڻ فرمايا
وعند الفراغ منه
باب انهن حديثن ۾ جي حضور ﷺ جي کاڌي کائڻ کان اڳ ۽
ان کان واندي ٿيڻ کانپوءِ جيڪي لفظ چوڻ فرمايا
عَنْ أَبِي أَيُّوبَ الأَنْصَارِيِّ ، قَالَ : كُنَّا عِنْدَ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، يَوْمًا ، فَقَرَّبَ طَعَامًا ، فَلَمْ أَرَ طَعَامًا كَانَ أَعْظَمَ بَرَكَةً مِنْهُ ، أَوَّلَ مَا أَكَلْنَا ، وَلا أَقَلَّ بَرَكَةً فِي آخِرِهِ ، قُلْنَا : يَا رَسُولَ اللهِ ، كَيْفَ هَذَا ؟ قَالَ : إِنَّا ذَكَرْنَا اسْمَ اللهِ حِينَ أَكَلْنَا ، ثُمَّ قَعَدَ مَنْ أَكَلَ وَلَمْ يُسَمِّ اللَّهَ تَعَالَى فَأَكَلَ مَعَهُ الشَّيْطَانُ
ترجمو: حضرت ابو ايوب انصاري کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن حضور جن خذمت ۾ هواسون ته سندن اڳيان کاڌو آندو ويو پوءِ شروع ڪرڻ وقت ان کاڌي کان وڌيڪ برڪت وارو کاڌو نه ڏٺم. پوءِ حضور جن کي عرض ڪيوسون ته هي ڇا؟ فرمايائون ته جڏهن اسان کائڻ شروع ڪيو ته بسم الله الرحمان الرحيم پڙهي سون ٻئي ڪنهن سواءِ بسم الله پڙهڻ جي کاڌو ته ساڻس شيطان به کاڌو. جو کاڌو کُٽي پيو.
عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : إِذَا أَكَلَ أَحَدُكُمْ ، فَنَسِيَ أَنْ يَذْكُرَ اللَّهَ تَعَالَى عَلَى طَعَامِهِ ، فَلْيَقُلْ : بِسْمِ اللهِ أَوَّلَهُ وَآخِرَهُ
ترجمو:حضرت عائشهؓ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ فرمايو ته جڏهن توهان مان ڪنهن کاڌو کاڌو ۽ پنهنجي کاڌي تي بسم الله نه پڙهيائين ته پوءِ بسم الله اولہ و آخرہ پڙهي.
عَنْ عُمَرَ بْنِ أَبِي سَلَمَةَ ، أَنَّهُ دَخَلَ عَلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَعِنْدَهُ طَعَامٌ ، فَقَالَ : ادْنُ يَا بُنَيَّ ، فَسَمِّ اللَّهَ تَعَالَى ، وَكُلْ بِيَمِينِكَ ، وَكُلْ مِمَّا يَلِيكَ
ترجمو: حضرت عمر پٽ ابو سلمة حضور ﷺ وٽ آيو ته سندن اڳيان کاڌو حاضر هو. فرمايائون ته پٽڙا اڳي ٿيءُ ۽ بسم الله پڙهي سچي هٿ سان پنهنجي پاسي ڏانهن کاءُ.
عَنْ أَبِي سَعِيدٍ الْخُدْرِيِّ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم إِذَا فَرَغَ مِنْ طَعَامِهِ ، قَالَ : الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي أَطْعَمَنَا وَسَقَانَا وَجَعَلَنَا مُسْلِمِينَ
ترجمو: حضرت ابو سعيد خدري کان روايت آهي چيائين ته حضورﷺ جڏهن کائي واندا ٿيندا هوا ته چوندا هوا اَلْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي أَطْعَمَنَا وَسَقَانَا وَجَعَلَنَا مُسْلِمِينَ
عَنْ أَبِي أُمَامَةَ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم إِذَا رُفِعَتِ الْمَائِدَةُ مِنْ بَيْنِ يَدَيْهِ ، يَقُولُ : الْحَمْدُ لِلَّهِ حَمْدًا كَثِيرًا طَيِّبًا مُبَارَكًا فِيهِ ، غَيْرَ مُودَعٍ ، وَلا مُسْتَغْنًى عَنْهُ رَبَّنَا
ترجمو:حضرت ابو امامةؓ کان روايت آهي ته جڏهن حضور ﷺ جي اڳيان دسترخوان کڻبو هو ته اَلْحَمْدُ لِلَّهِ حَمْدًا كَثِيرًا طَيِّبًا مُبَارَكًا فِيهِ ، غَيْرَ مُودَعٍ چوڻ فرمائيندا هوا.
عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم يَأْكُلُ الطَّعَامَ فِي سِتَّةٍ مِنْ أَصْحَابِهِ ، فَجَاءَ أَعْرَابِيٌّ ، فَأَكَلَهُ بِلُقْمَتَيْنِ ، فَقَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : لَوْ سَمَّى لَكَفَاكُمْ
ترجمو: حضرت عائشهؓ کان روايت آهي ته نبي ﷺ پنهنجن ڇهن يارن سان گڏ پئي کاڌو ته هڪ ٻهراڙيءَ جوماڻهو آيو سو ٻه گرهه ڪري کائي ويو. تنهن تي حضور ﷺ فرمايو ته جيڪڏهن بسم الله چئي ها ته توهان سڀني کي پورو ٿئي ها..
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : إِنَّ اللَّهَ لَيَرْضَى عَنِ الْعَبْدِ أَنْ يَأْكُلَ الأَكْلَةَ ، أَوْ يَشْرَبَ الشَّرْبَةَ فَيَحْمَدَهُ عَلَيْهَا
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ فرمايو ته خدا ان ٻانهي کان راضي ٿئي ٿو جو مانيءَ جو گرهه کائي يا پاڻي ڍڪ پئي الحمد لله پڙهي ٿو.