45ـ باب ماجاء في بكاء رسول الله صلى الله عليه وسلم
باب انهن حديثن ۾ جن ۾ خدا جي خوف کان حضور ﷺٖ
جي روئڻ جو بيان آهي
عَنْ مُطَرِّفٍ وَهُوَ ابْنُ عَبْدِ اللهِ بْنِ الشِّخِّيرِ ، عَنْ أَبِيهِ ، قَالَ : أَتَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم وَهُوَ يُصَلِّي ، وَلِجَوْفِهِ أَزِيزٌ كَأَزِيزِ الْمِرْجَلِ مِنَ الْبُكَاءِ
ترجمو: حضرت مطرف پٽ شخيرؓ پنهنجي پيءُ کان روايت ٿو ڪري ته مان حضور ﷺ وٽ آيس ته نماز ۾ سندن سيني مبارڪ مان ڪُني جي ٽهڪڻ وانگر جوشيلي روئڻ جو آواز پئي ايو.
عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ مَسْعُودٍ ، قَالَ : قَالَ لِي رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : اقْرَأْ عَلَيَّ فَقُلْتُ : يَا رَسُولَ اللهِ ، أَقَرَأُ عَلَيْكَ وَعَلَيْكَ أُنْزِلَ ، قَالَ : إِنِّي أُحِبُّ أَنْ أَسْمَعَهُ مِنْ غَيْرِي ، فَقَرَأْتُ سُورَةَ النِّسَاءِ ، حَتَّى بَلَغْتُ وَجِئِنَا بِكَ عَلَى هَؤُلاءِ شَهِيدًا ، قَالَ : فَرَأَيْتُ عَيْنَيْ رَسُولِ اللهِ تَهْمِلانِ
ترجمو: حضرت عبدالله پٽ مسعود ؓ کان روايت آهي چيائين ته مونکي رسول الله ﷺ فرمايو ته مونکي ڪجهه قرآن پڙهي ٻڌاءِ عرض ڪيم ته مان پڙهي ٻڌايان جو قرآن اوهان تي ئي لٿو آهي فرمايائون ته مونکي وڻندو آهي جو ٻيو قرآن پڙهي ۽ مان ٻڌان پوءِ سوره النسآء پڙهيم تانجو اتي پهتس وَجِئِنَا بِكَ عَلَى هَؤُلاءِ شَهِيدًا يعني توکي هن امت تي شاهد ڪري آڻينداسون راوي چيو ته پوءِ ڏٺم ته سندن اکيون مبارڪ ڳوڙها وهائي رهيون هيون.
عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ عَمْرٍو ، قَالَ : انْكسفَتِ الشَّمْسُ يَوْمًا عَلَى عَهْدِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَقَامَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يُصَلِّي ، حَتَّى لَمْ يَكَدْ يَرْكَعُ ثُمَّ رَكَعَ ، فَلَمْ يَكَدْ يَرْفَعُ رَأْسَهُ ، ثُمَّ رَفَعَ رَأْسَهُ ، فَلَمْ يَكَدْ أَنْ يَسْجُدَ ، ثُمَّ سَجَدَ فَلَمْ يَكَدْ أَنْ يَرْفَعَ رَأْسَهُ ، ثُمَّ رَفَعَ رَأْسَهُ ، فَلَمْ يَكَدْ أَنْ يَسْجُدَ ، ثُمَّ سَجَدَ فَلَمْ يَكَدْ أَنْ يَرْفَعَ رَأْسَهُ ، فَجَعَلَ يَنْفُخُ وَيَبْكِي ، وَيَقُولُ : رَبِّ أَلَمْ تَعِدْنِي أَنْ لا تُعَذِّبَهُمْ وَأَنَا فِيهِمْ ؟ رَبِّ أَلَمْ تَعِدْنِي أَنْ لا تُعَذِّبَهُمْ وَهُمْ يَسْتَغْفِرُونَ ؟ وَنَحْنُ نَسْتَغْفِرُكَ فَلَمَّا صَلَّى رَكْعَتَيْنِ انْجَلَتِ الشَّمْسُ ، فَقَامَ فَحَمِدَ اللَّهَ تَعَالَى ، وَأَثْنَى عَلَيْهِ ، ثُمَّ قَالَ : إِنَّ الشَّمْسَ وَالْقَمَرَ آيَتَانِ مِنْ آيَاتِ اللهِ لا يَنْكَسِفَانِ لِمَوْتِ أَحَدٍ وَلا لِحَيَاتِهِ ، فَإِذَا انْكَسَفَا ، فَافْزَعُوا إِلَى ذِكْرِ اللهِ تَعَالَى
ترجمو: حضرت عبدالله پٽ عمرو کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ جي زماني ۾ هڪ ڏينهن سج ورتو ته رسول الله ﷺ اٿيا ۽ نماز پڙهڻ لڳا تانجو اسان خيال ڪيو ته رڪوع نه ڪندا پوءِ رڪوع ڪيائون.اسان خيال ڪيو تهرڪوع مان مٿو نه کڻندا پوءِ رڪوع مان مٿوکنيائون.گمان ڪيوسون ته سجدو نه ڪندا پوءِ سجدو ڪيائون.گمان ڪيوسون ته مٿو نه کڻندا.پوءِ آهه آهه ڪري روئڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته اي اسان جا رب! تو مون سان وعدو نه ڪيو ها ڇا ته انهن کي عذاب نه ڪندس جيسيتائين مان انهن ۾ هوندس. اي منهنجا رب! تو مون سان وعدو نه ڪيو هو ڇا ته انهن کي مان عذاب نه ڪندس جي اهي مون کان معافي گهرندا. اسين توکان معافي ٿا گهرون پوءِ جڏهن ٻه رڪعتونن پڙهيائون ته سج روشن ٿيو ته اٿيا ۽ خدا جي ساراهه ۽ تعريف ڪيائون ۽ چيائون ته سج ۽ چنڊ خدا جون ٻه نشانيون آهن جڏهن وٺجي ته خدا جي ذڪر ڏي پناهه وٺو.
عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : أَخَذَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ابْنَةً لَهُ تَقْضِي فَاحْتَضَنَهَا فَوَضَعَهَا بَيْنَ يَدَيْهِ ، فَمَاتَتْ وَهِيَ بَيْنَ يَدَيْهِ وَصَاحَتْ أُمُّ أَيْمَنَ ، فَقَالَ يَعْنِي صلى الله عليه وسلم : أَتَبْكِينَ عِنْدَ رَسُولِ اللهِ ؟ فَقَالَتْ َلَسْتُ أَرَاكَ تَبْكِي ؟ قَالَ : إِنِّي لَسْتُ أَبْكِي ، إِنَّمَا هِيَ رَحْمَةٌ ، إِنَّ الْمُؤْمِنَ بِكُلِّ خَيْرٍ عَلَى كُلِّ حَالٍ ، إِنَّ نَفْسَهُ تُنْزَعُ مِنْ بَيْنِ جَنْبَيْهِ ، وَهُوَ يَحْمَدُ اللَّهَ تعالى
ترجمو: حضرت ابن عباسؓ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ پنهنجي نياڻيءَ کي جا قريب المرگ هئي پنهنجي جهوليءَ ۾ ڪيو پوءِ کيس سامهون رکيو. پوءِ سندن اڳيان مري وئي ۽ حضرت ام ايمن ؓ دانهن ڪئي پوءِ حضور ﷺ فرمايو ته رسول الله وٽ رئين ٿي. حضرت ام ايمنؓ چيو ته مان توهان کي رئندو نٿي ڏسان ڇا؟ فرمايائون ته مان نٿورئان. (رڳو ڳوڙها ڳاڙڻ) اها ته رحمت آهي ڇو ته مومن هر حال ۾ نيڪيءَ ۽ ڀلائيءَ ۾ آهي جيتوڻيڪ ٻن پاسرين جي وچان ان جو ساهه ڪڍيو ويندو آهي ته ان حالت ۾ به خدا جو حمد ۽ ساراهه ڪندو آهي.
عَنْ عَائِشَةَ ، أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، قَبَّلَ عُثْمَانَ بْنَ مَظْعُونٍ وَهُوَ مَيِّتٌ وَهُوَ يَبْكِي أَوْ قَالَ : عَيْنَاهُ تَهْرَاقَانِ
ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي چيائين ته حضورﷺ حضرت عثمان بن مظعون کي چمي ڏني جو ميت هو ۽ پاڻ رنا پئي. يا چيائين ته سندن اکيون ڳوڙها پيون وهائن.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : شَهِدْنَا ابْنَةً لِرَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَرَسُولُ اللهِ جَالِسٌ عَلَى الْقَبْرِ ، فَرَأَيْتُ عَيْيَنْهِ تَدمَعَانِ ، فَقَالَ : أَفِيكُمْ رَجُلٌ لَمْ يُقَارِفِ اللَّيْلَةَ ؟ ، قَالَ أَبُو طَلْحَةَ : أَنَا ، قَالَ : انْزِلْ فَنَزَلَ فِي قَبْرِهَا
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ؓ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جي هڪ نياڻي جي جنازي تي حاضر ٿياسون ته حضور جن قبر تي ويٺاهوا پوءِ ڏٺم ته سندن اکيون ڳوڙها پيون وهائن. پوءِ پاڻ پڇيائون ته اوهان ۾ ڪو اهڙو مڙس آهي جنهن گهر سان صحبت نه ڪئي هجي. ابو طلحهؓ چيو ته مان. فرمايائون ته تون لهه.پوءِ ان جي قبر ۾ لٿو.