مذهب

شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ

هن ڪتاب جو مولف ۽ مترجم مولانا قاضي محمد عثمان (مرحوم) حال ٿريچاڻي (سانگي) صاحب آهن.اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ناياب ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ

باب 12. رسول الله ﷺ جي منڊي مبارڪ جي باري ۾

12ـ باب ما جاء في ذكر خاتم رسول الله صلى الله عليه وسلم
باب انهن حديثن ۾جي رسول الله ﷺ جي منڊي مبارڪ
جي باري ۾ آيون آهن.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : كَانَ خَاتَمُ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم مِنْ وَرِقٍ ، وَكَانَ فَصُّهُ حَبَشِيًّا
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ﷦ روايت ٿو ڪري ته حضور ﷺ جي منڊي مبارڪ چانديءَ جي هئي ۽ سندس ٽِڪ حبش ملڪ جي هئي.
عَنِ ابْنِ عُمَرَ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم اتَّخَذَ خَاتَمًا مِنْ فِضَّةٍ ، فَكَانَ يَخْتِمُ بِهِ وَلا يَلْبَسُهُ
ترجمو: حضرت ابن عمر ﷦ کان روايت آهي ته حضور ﷺ مُهر جي منڊي چانديءَ مان ٺهرائي هئي ان سان مُهر هڻندا هوا. هٿ مبارڪ ۾ نه پائيندا هوا.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : لَمَّا أَرَادَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم أَنْ يَكْتُبَ إِلَى الْعَجَمِ قِيلَ لَهُ إِنَّ الْعَجَمَ لا يَقْبَلُونَ إِلا كِتَابًا عَلَيْهِ خَاتَمٌ ، فَاصْطَنَعَ خَاتَمًا ، فَكَأَنِّي أَنْظُرُ إِلَى بَيَاضِهِ فِي كَفِّهِ
ترجمو: حضرت انس بن مالڪ ﷦ کان روايت آهي ته جڏهن حضور ﷺ عجمي بادشاهن ڏي خط لکڻ جو ارادو ڪيو ته کين عرض ڪيو ويو ته عجمي مهر کان سواءِ خط قبول نه ڪندا آهن جنهنڪري مهر ٺهرايائون.ڄڻ ته آءٌ ان منڊيءَ جي اڇڻ جي جهلڪ سندن هٿ مبارڪ ۾ ڏسان ٿو.
وَعَنۡہُ قَالَ : كَانَ نَقْشُ خَاتَمِ رَسُولِ اللهِ ﷺ : مُحَمَّدٌ سَطْرٌ ، وَرَسُولٌ سَطْرٌ ، وَاللَّهُ سَطْرٌ
ترجمو: ۽ حضرت انس ﷦ کان روايت آهي ته حضور ﷺ جي مُهر ۾ ﷴ هڪ سٽ هئي ۽ رسول ٻي سٽ هئي ۽ الله ٽين سِٽ.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم كَتَبَ إِلَى كِسْرَى وَقَيْصَرَ وَالنَّجَاشِيِّ ، فَقِيلَ لَهُ : إِنَّهُمْ لا يَقْبَلُونَ كِتَابًا ، إِلا بِخَاتَمٍ ، فَصَاغَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، خَاتَمًا حَلْقَتُهُ فِضَّةٌ ، وَنُقِشَ فِيهِ : مُحَمَّدٌ رَسُولُ اللهِ
ترجمو:حضرت انس پٽ مالڪ ﷦ چيو ته نبي ﷺ ڪسريٰ قيصر ۽ نجاشي ڏي خط لکيو کين عرض ڪيو ويو اهي مهر کان سواءِ خط قبول نه ڪندا آهن جنهن ڪري حضور ﷺ چانديءَ جي منڊي ٺهرائي ۽ ان ۾ محمد رسول الله لکارايو.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم كَانَ إِذَا دَخَلَ الْخَلاءَ نَزَعَ خَاتَمَهُ
حضرت انس پٽ مالڪ ﷦ کان روايت آهي ته حضور ﷺ پاخانه ۾ ويندا هوا ته منڊي مبارڪ پاڻ سان نه نيندا هوا.
عَنِ ابْنِ عُمَرَ ، قَالَ : اتَّخَذَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، خَاتَمًا مِنْ وَرِقٍ ، فَكَانَ فِي يَدِهِ ثُمَّ كَانَ فِي يَدِ أَبِي بَكْرٍ ، وَيَدِ عُمَرَ ، ثُمَّ كَانَ فِي يَدِ عُثْمَانَ ، حَتَّى وَقَعَ فِي بِئْرِ أَرِيسٍ ، نَقْشُهُ : مُحَمَّدٌ رَسُولُ اللهِ
ترجمو: حضرت ابن عمر ﷦ کان روايت آهي ته حضور ﷺ چانديءَ جي مهر ٺهرائي ۽ سندن هٿ ۾هوندي هئي ان کان پوءِ حضرت ابوبڪر ﷦ جي هٿ ۾، ان کان پوءِ حضرت عمر ﷦ جي هٿ ۾، انکانپوءِ حضرت عثمان ﷦ جي هٿ ۾.تان جو اريس جي کوهه ۾ ڪري پئي ان ۾ ”محمد رسول الله“ لکيل هو.