52ـ باب ماجاء في عيش رسول الله صلى الله عليه وسلم
باب انهن حديثن ۾، جي رسول خدا جي گذران
جي باري ۾ آيون آهن
عَنْ سِمَاكِ بْنِ حَرْبٍ ، قَالَ : سَمِعْتُ النُّعْمَانَ بْنَ بَشِيرٍ ، يَقُولُ : أَلَسْتُمْ فِي طَعَامٍ وَشَرَابٍ مَا شِئِتُمْ ؟ لَقَدْ رَأَيْتُ نَبِيَّكُمْ صلى الله عليه وسلم ، وَمَا يَجِدُ مِنَ الدَّقَلِ ، مَا يَمْلأُ بَطْنَهُ
ترجمو: حضرت سماڪ پٽ حرب کان روايت آهي چيائين ته مان نعمان پٽ بشير ؓ کان ٻڌو جو چوي پيو ته ڇا توهان کاڌي پيتي ۾ جيڪي گهرو ٿا سو نٿا لهو؟ مان نبي ﷺ کي ڏٺو جو پاڻ کائڻ لاءِ ردي کارڪون پيٽ ڀري کائڻ جيتريون نه لهندا هوا.
عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : إِنْ كُنَّا آلَ مُحَمَّدٍ نَمكُثُ شَهْرًا مَا نَسْتَوْقِدُ بِنَارٍ ، إِنْ هُوَ إِلا التَّمْرُ وَالْمَاءُ
ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي چيائين ته اسان حضور ﷺ جا اهل بيت مهينو مهينو چلهه ۾ باهه نه ٻارينداهواسون. اها مدت اسان جي خوراڪ هئي کارڪون ۽ پاڻي.
عَنْ أَنَسٍ ، عَنْ أَبِي طَلْحَةَ ، قَالَ : شَكَوْنَا إِلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، الْجُوعَ وَرَفَعْنَا عَنْ بُطُونِنَا عَنْ حَجَرٍ ، فَرَفَعَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، عَنْ بَطْنِهِ عَنْ حَجَرَيْنِ قَالَ أَبُو عِيسَى هَذَا حَدِيثٌ غَرِيبٌ مِنْ حَدِيثِ أَبِي طَلْحَةَ لا نَعْرِفُهُ إِلا مِنْ هَذَا الْوَجْهِ ، وَمَعْنَى قَوْلِهِ : وَرَفَعْنَا عَنْ بُطُونِنَا عَنْ حَجَرٍ حَجَرٍ ، كَانَ أَحَدُهُمْ يَشُدُّ فِي بَطْنِهِ الْحَجَرَ مِنَ الْجُهْدِ وَالضَّعْفِ الَّذِي بِهِ مِنَ الْجُوعِ
ترجمو: حضرت انس ؓ، حضرت طلحهؓ کان روايت ڪئي ته اسان حضور ﷺ وٽ بک جي شڪايت ڪئي ۽ پنهنجن پيٽن تان ڪپڙو لاهي هڪ هڪ پٿر جو پيٽ تي ٻڌل هوسو ڏيکاريو. تنهن تي رسول الله ﷺ پنهنجي پيٽ تان ڪپڙو کنيو ته ٻه پٿر ٻڌل هوا.
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، قَالَ : خَرَجَ رَسُولُ اللهِ ﷺ ، فِي سَاعَةٍ لا يَخْرُجُ فِيهَا ، وَلا يَلْقَاهُ فِيهَا أَحَدٌ ، فَأَتَاهُ أَبُو بَكْرٍ ، فَقَالَ : مَا جَاءَ بِكَ يَا أَبَا بَكْرٍ ؟ ، قَالَ : خَرَجْتُ أَلْقَى رَسُولَ اللهِ ﷺ وَأَنْظُرُ فِي وَجْهِهِ ، وَالتَّسْلِيمَ عَلَيْهِ ، فَلَمْ يَلْبَثْ أَنْ جَاءَ عُمَرُ ، فَقَالَ : مَا جَاءَ بِكَ يَا عُمَرُ ؟ ، قَالَ : الْجُوعُ يَا رَسُولَ اللهِ ، قَالَ صلى الله عليه وسلم : وَأَنَا قَدْ وَجَدْتُ بَعْضَ ذَلِكَ ، فَانْطَلَقُوا إِلَى مَنْزِلِ أَبِي الْهَيْثَمِ بْنِ التَّيْهَانِ الأَنْصَارِيِّ ، وَكَانَ رَجُلا كَثِيرَ النَّخْلِ وَالشَّاءِ ، وَلَمْ يَكُنْ لَهُ خَدَمٌ ، فَلَمْ يَجِدُوهُ ، فَقَالُوا لامْرَأَتِهِ : أَيْنَ صَاحِبُكِ ؟ فَقَالَتِ : انْطَلَقَ يَسْتَعْذِبُ لَنَا الْمَاءَ ، فَلَمْ يَلْبَثُوا أَنْ جَاءَ أَبُو الْهَيْثَمِ بِقِرْبَةٍ يَزْعَبُهَا ، فَوَضَعَهَا ثُمَّ جَاءَ يَلْتَزِمُ النَّبِيَّ ﷺ وَيُفَدِّيهِ بِأَبِيهِ وَأُمِّهِ ، ثُمَّ انْطَلَقَ بِهِمْ إِلَى حَدِيقَتِهِ فَبَسَطَ لَهُمْ بِسَاطًا ، ثُمَّ انْطَلَقَ إِلَى نَخْلَةٍ فَجَاءَ بِقِنْوٍ فَوَضَعَهُ ، فَقَالَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم : أَفَلا تَنَقَّيْتَ لَنَا مِنْ رُطَبِهِ ؟ فَقَالَ : يَا رَسُولَ اللهِ ، إِنِّي أَرَدْتُ أَنْ تَخْتَارُوا ، أَوْ تَخَيَّرُوا مِنْ رُطَبِهِ وَبُسْرِهِ ، فَأَكَلُوا وَشَرِبُوا مِنْ ذَلِكَ الْمَاءِ فَقَالَ ﷺ : هَذَا وَالَّذِي نَفْسِي بِيَدِهِ مِنِ النَّعِيمِ الَّذِي تُسْأَلُونَ عَنْهُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ ظِلٌّ بَارِدٌ ، وَرُطَبٌ طَيِّبٌ ، وَمَاءٌ بَارِدٌ فَانْطَلَقَ أَبُو الْهَيْثَمِ لِيَصْنَعَ لَهُمْ طَعَامًا فَقَالَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم : لا تَذْبَحَنَّ ذَاتَ دَرٍّ ، فَذَبَحَ لَهُمْ عَنَاقًا أَوْ جَدْيًا ، فَأَتَاهُمْ بِهَا فَأَكَلُوا ، فَقَالَ صلى الله عليه وسلم : هَلْ لَكَ خَادِمٌ ؟ ، قَالَ : لا ، قَالَ : فَإِذَا أَتَانَا ، سَبْيٌ ، فَأْتِنَا فَأُتِيَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم بِرَأْسَيْنِ لَيْسَ مَعَهُمَا ثَالِثٌ ، فَأَتَاهُ أَبُو الْهَيْثَمِ ، فَقَالَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم : اخْتَرْ مِنْهُمَا فَقَالَ : يَا رَسُولَ اللهِ ، اخْتَرْ لِي فَقَالَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم : إِنَّ الْمُسْتَشَارَ مُؤْتَمَنٌ ، خُذْ هَذَا ، فَإِنِّي رَأَيْتُهُ يُصَلِّي ، وَاسْتَوْصِ بِهِ مَعْرُوفًا فَانْطَلَقَ أَبُو الْهَيْثَمِ إِلَى امْرَأَتِهِ ، فَأَخْبَرَهَا بِقَوْلِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَقَالَتِ امْرَأَتُهُ : مَا أَنْتَ بِبَالِغٍ حَقَّ مَا ، قَالَ فِيهِ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم إِلا بِأَنْ تَعْتِقَهُ ، قَالَ : فَهُوَ عَتِيقٌ ، فَقَالَ صلى الله عليه وسلم : إِنَّ اللَّهَ لَمْ يَبْعَثْ نَبِيًّا وَلا خَلِيفَةً إِلا وَلَهُ بِطَانَتَانِ : بِطَانَةٌ تَأْمُرُهُ بِالْمَعْرُوفِ وَتَنْهَاهُ عَنِ الْمُنْكَرِ ، وَبِطَانَةٌ لا تَأْلُوهُ خَبَالا ، وَمَنْ يُوقَ بِطَانَةَ السُّوءِ فَقَدْ وُقِيَ
ترجمو: حضرت ابوهريرة کان روايت آهي چيائين ته نبي ﷺ هڪ اهڙي وقت ٻاهر نڪتا جو ان وقت نه نڪرندا هوا ساڻن ان وقت ڪوبه نه ملندو هو پوءِ حضرت ابوبڪر وٽن آيو پاڻ فرمايائون ته اي ابوبڪر! تون ڇو آيو آهين؟ حضرت ابوبڪرؓ چيو هن لاءِ ته اوهان سان ملاقات ڪريان ۽ توهان جو منهن مبارڪ ڏسان ۽ توهان جو سلام ڪريان. ٿوري نه گذري ته حضرت عمرؓ آيو فرمايائون ته ڇو آيو آهين؟ چيائين ته مونکي بک آندو آهي فرمايائون ته مان به ڪجهه بک معلوم پيو ڪريان پوءِ ٽِئي سڳورا ابوا لهيشم پٽ تيهان انصاري جي جاءِ ڏي هليا. هو مڙس گهڻين کجورن ۽ وڻن ۽ ٻڪرين وارو هو. ان کي سندس جاءِ ۾ نه ڏٺائون. پوءِ سندس بيبي کان پڇيائون ته تنهنجو مڙس ڪٿي آهي؟ چيائين ته اسان لاءِ مٺو پاڻي ڀرڻ ويو آهي. پوءِ ٿوري دير نه گذري ته ابوالهيشم مشڪ سوڌو آيو جا نهايت مشڪل سان کڻي اچي رکيائون پوءِ نبي ﷺ کي چنبڙيو ۽ چوڻ لڳو ته مون ۽ منهنجو پيءُ ماءُ قربان هجي پوءِ انهن سڳورن کي پنهنجي باغ ۾ وٺي ويو ۽ سڳورن لاءِ وڇاڻو وڇيائين. پوءِ هڪ کجيءَ ڏي وڃي هڪ گوشو کڻي آيو ۽ حضور جن جي اڳيان رکيائين. پوءِ حضور جن فرمايو ته اسان لاءِ پڪيون پڪيون کارڪون چونڊي ڇو نه کڻي آئين؟ عرض ڪيائين ته يا رسول الله! سچ ته مون گهريو ته توهان پاڻ پڪيون کارڪون ۽ ڏنگ چونڊيو. پوءِ کاڌائون ۽ مٺو پاڻي پيتائون. جنهن تي حضور جن فرمايو ته مونکي ان ذات جو قسم آهي جنهن جي قدرت جي قبضي ۾ منهنجو ساهه آهي ته هي نعمتون انهن مان آهن جن بابت قيامت ڏينهن پڇيا ويندو. ڇانو ٿڌي سٺيون کارڪون ٿڌو پاڻي پوءِ ابوالهيشم اٿي هليو ته انهن لاءِ کاڌو تيار ڪري جنهن تي نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته اسان لاءِ کير واري ٻڪري هرگز ذبح نه ڪجانءِ. پوءِ سڳورن لاءِ ڇيلو ڪٺائين يا ڇيلي. پوءِ سڳورن وٽ کاڌو کڻي آيو جوسڳورن کاڌو.پاڻ فرمايائون ته تو وٽ ڪو خادم آهي چيائين ته نه. فرمايائون ته جڏهن اسان وٽ قيدي اچن ته تون به اچج. پوءِ حضور جن وٽ ٻه ٻانها آندا ويا انهن سان ٽيون نه هو. اهو ٻڌي ابوالهيشم حضور جن وٽ آيو پاڻ فرمايائون ته انهن ٻنهين مان چونڊي کڻ. چيائين ته يا نبي الله! منهنجي لاءِ توهان چونڊيو. فرمايائون ته جنهن کان صلاح مشوره پڇبو آهي اهو امين آهي تنهنڪري تون هي وٺ جو مون هن کي نماز پڙهندو ڏٺو آهي منهنجي نصيحت ياد رک هن سان چڱي روش هلج. پوءِ ابوالهيشم پنهنجي زال وٽ ويو. ۽ ان کي حضور جن جي ڳالهه ٻڌايائين زال چيس ته حضور جن توکي جيڪا وقيت ڪئي آهي سا پوري ڪري نه سگهندين تنهنڪري تون ان کي آزاد ڪري ڇڏ. تنهن تي چيائين ته مون ان کي آزاد ڪيو تنهن تي حضور جن فرمايو ته الله تعاليٰ ڪوئي نبي يا خليفونه موڪليندو آهي مگر ان لاءِ ٻه باطني مشير هوندا آهن هڪ باطني مشير نيڪي جو حڪ ڪندو آهي ۽ برائي کان روڪيندو آهي ۽ جيڪو باطني بڇڙي مشير کان بچيو سو تباهي کان بچيو.
عَنۡ قيس بن حازم ، قال : سمعت سعد بن أبي وقاص يقول : إني لأَوْل رَجل أَهْرَقَ دَمًا فِي سَبِيلِ اللهِ , وَإِنْي لأَوْل رَجلٍ رَمَى بِسَهْمٍ فِى سَبِيلِ اللهِ َلقَدْ رَأَيْتُنِي أغزوا فِي الْعِصَابَةَ مِنْ أَصْحَابِ مُحَمْدٍ صلى الله عليه وسلم مَا نَأكُلْ إلاَّ وَرَقَ الشَجَرِ وَالْحُبْلَةَ حَتَّى تَقَرَحَتْ أَشْدَاقُنَا وَإِنْ أَحَدُنَا لَيَضَعُ كَمَا تَضَعُ الشَّاةُ وَالبَعِير وَأَصْبَحَتْ بَنُو أَسَدٍ يَعَزِّرُونَنِى فِي الدِّينِ , لَقَدْ خِبْتُ إذَنْ وَخَسِرْت وَضَلَ عَمَلِي .
ترجمو: حضرت قيس پٽ ابو حازم کان روايت آهي چيائين ته سعد پٽ ابي وقاصؓ کان ٻڌم جو چوي پيو ته بيشڪ پهريون مڙس هن امت ۾ مان آهيان جنهن ڪنهن مشرڪ جي رت خدا جي راهه ۾ وهائي. مان بيشڪ پهريون مڙس آهيان جنهن خدا جي راهه ۾ ڪافرن تي تير هلايو. بيشڪمان پاڻ کي رسول اللهﷺ جي اصهابن جي جماعت سان جهاد ڪندو ڏٺو. اسان وڻن جي پنن ۽ ڪنڊن وارن وڻن جي ميون کان سواءِ نه کائندا هواسون تانجو اسان جون مهارون پچي پيون ۽ اسان مان هر هڪ ٻڪريءَ ۽ اٺ وانگر ڦونگڻيون ۽ ليڏڻا لاهيندو هو. انهيءَ ڪرتي بنو اسد قبيله وارا مونکي دين ۾ ٽوڪين ٿا. تڏهن مان بيشڪ بيڪار ٿيو آهيان ۽ منهنجا عمل ضايع ٿيا. ائين نه آهي.
خَالِدِ بْنِ عُمَيْرٍ ، وَشُوَيسٍ ،أبِی الرَّقَادِ قَالَا بَعَثَ عُمَرُبۡن ُۡالخَطَّابِ، عُتْبَةُ بْنُ غَزْوَانَ وقَالَ انۡطَلِقۡ أنۡتَ وَمَنۡ مَعَكَ ،حَتّٰى إذَا كُنۡتُم في أقۡصٰى أرۡضِ الۡعَرَبِ ،وَأدۡنٰى بِلَادِ أرۡضِ الۡعَجَمِ ، فَأقۡبَلُوا حَتّٰى إذَا كَانُوا بِالۡمَرۡبَدِ وَجَدُوا هٰذَا الۡکَذَّانَ ، فَقَالُوا : مَا هذهٖ ؟قَالُوۡا هٰذِهٖ الۡبَصۡرَةُ . فَسَارُواحَتّٰى إذَا بَلَغُوا حِيَالَ الۡجَسۡرِ لصَّغِيۡرِ ، فَقَالُوا : هَاهُنَا أمِرۡتُمۡ ، فَنَزَلُوا فَذَكَرُوا الۡحَدِيۡثَ بِطُولِهٖ قَالَ فَقَالَ عتبة بن غزوان : لَقَدْ رَأَيْتُنِي وَإِنِّي لسَابِعَ سَبْعَةٍ مَعَ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم مَا لَنَا طَعَامٌ إِلاَّ وَرَقُ الشَّجَرِ حَتَّى تَقَرِحَتْ أَشْدَاقُنَا فالْتَقَطْتُ بُرْدَةً فََقسمتهَا بَيْنِي وَبَيْنَ سَعْدٍ بن أبي وقاص فَمَا مِنَّا من أُولَئِكَ السَبْعَة أَحَد إِلاَّ وَهُوَ أَمِيرَ مِصْرٍ مِنَ الأَمْصَارِ وَسَتَجُرُبونَ الأُمَرَاءَ بَعْدَنَا
ترجمو: حضرت خالد پٽ عمير ۽ شويس ابولارقاء کان روايت آهي چيائونم ته حضرت عمر پٽ خطاب عتبه پٽ غزوان کي لشڪر جو سردار ڪري موڪليو ۽ چيائين تون ۽ تنهنجا سنگتي روانا ٿي وڃو. جڏهن انتها زمين عرب ۽ زمين عجم ۾ پهچو ته اتي وڃي رهو. ان تي سڀ روانا ٿي ويا جڏهن مربد ( بصره جي ٻاهرين آبادي) وٽ وهتا ته هڪ نرم سفيد پٿر لڌائون پڇيائون ته هيءُ ڇا آهي؟ چيائون هن پٿر جو نالو بصرة آهي پوءِ اڳتي هليرا. تانجو دجله جي ننڍي پل تي پهتا چيائون ته لهڻ جو حڪم هتي آهي پوءِ اڳيون سارو ڊگهو بيان ڪيائين پوءِ عتبه پٽ غزوان چيو بيشڪ مون پاڻ کي رسول الله ﷺ سان ستن مان ستون ڏٺو اسان لاءِ وڻن جي پنن کانسواءِ کاڌو نه هو تان جو اسان جون مهارون ڦٽجي پيون. مان هڪ چادر لڌي اڌ پاڻ لاءِ رکيم اڌ سعد کي ڏنم. انهن ستن مان ڪوبه اهڙو نه هو جو ڪنهن وڏي شهر جوحاڪم نه هجي. ۽ توهان اسان جي پوئتان ايندڙن حاڪمن جو تجربو ڪندؤ.
عَنْ أَنَسٍ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : لَقَدْ أُخِفْتُ فِي اللهِ وَمَا يَخَافُ أَحَدٌ ، وَلَقَدْ أُوذِيتُ فِي اللهِ وَمَا يُؤْذَى أَحَدٌ ، وَلَقَدْ أَتَتْ عَلَيَّ ثَلاثُونَ مِنْ بَيْنِ لَيْلَةٍ وَيَوْمٍ ، وَمَا لِي وَلِبِلالٍ طَعَامٌ يَأْكُلُهُ ذُو كَبِدٍ ، إِلا شَيْءٌ يُوَارَيِهِ إِبِطُ بِلالٍ
ترجمو: حضرت انسؓ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ فرمايو ته مان الله جي راهه ۾ ايتري قدر ڊيڄاريو ويو آهيان جو ڪوبه نه ڊيڄاريو ويو. ۽ مان ايتري قدر خدا جي راهه ۾ ايذايو ويو آهيان جو ڪوبه نه ايذايو ويو. تحقيق هڪ دفعه 30 راتيون ۽ ڏينهن هن حالت ۾ لنگهي وپيا جو منهنجي ۽ بلال جي لاءِ ڪا کاڌي جي شيءِ نه هئي جو بلال بغل ۾ ڇپائي سگهي.
أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، لَمْ يَجْتَمِعْ عِنْدَهُ غَدَاءٌ وَلا عَشَاءٌ مِنْ خُبْزٍ وَلَحْمٍ ، إِلا عَلَى ضَفَفٍ قَالَ عَبْدُ اللهِ : ، قَالَ بَعْضُهُمْ : هُوَ كَثْرَةُ الأَيْدِي
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ؓ کان روايت آهي ته حضور ﷺ کي صبح ۽ سام جي کاڌي ۾ گوشت ۽ ،ماني ڪڏهن به گڏ نه هوندو هو مگر ڪنهن ميڙ ۾ حضرت عبدالله چيو ته ضفف جي معنيٰ آهي هٿن جي گهڻائي يعني ميڙجي گهڻن هٿن وقت گوشت ۽ ماني گڏ ٿيندو هو.
عَنْ نَوْفَلِ بْنِ إِيَاسٍ الْهُذَلِيِّ ، قَال كَانَ عَبْدُ الرَّحْمَنِ بْنُ عَوْفٍ لَنَا جَلِيسًا ، وَكَانَ نِعْمَ الْجَلِيسُ ، وَإِنَّهُ انْقَلَبَ بِنَا ذَاتَ يَوْمٍ ، حَتَّى إِذَا دَخَلْنَا بَيْتَهُ وَدَخَلَ فَاغْتَسَلَ ، ثُمَّ خَرَجَ وَأُتَيْنَا بِصَحْفَةٍ فِيهَا خُبْزٌ وَلَحْمٌ ، فَلَمَّا وُضِعَتْ بَكَى عَبْدُ الرَّحْمَنِ ، فَقُلْتُ لَهُ : يَا أَبَا مُحَمَّدٍ ، مَا يُبْكِيكَ ؟ فَقَالَ : هَلكَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَلَمْ يَشْبَعْ هُوَ وَأَهْلُ بَيْتِهِ مِنْ خُبْزِ الشَّعِيرِ فَلا أَرَانَا أُخِّرْنَا لِمَا هُوَ خَيْرٌ لَنَا
ترجمو: حضرت نوفل پٽ اياس هزلي کان روايت آهي چيائين ته حضرت عبدالرحمان پٽ عوف اسانجو سنگتي هو ۽ چڱو سنگتي هو. هڪ ڏينهن اسان کي ساڻ وٺي ويوتانجو جڏهن سندس گهر آياسون ته اندر گهر وڃي تڙڪيائين پوءِ نڪري آيو ۽ هڪ ٿالهه جنهن ۾ ماني ۽ گوشت رکيل هو کڻي آيو. جڏهن رکيو ويو ته حضرت عبدالرحمان روئڻ لڳو تنهن تي پڇيومانس ته اي ابو محمد ڇو ٿوروئين؟ چيائين ته حضور ﷺ هن حالت ۾ وفات ڪري ويا جو ماني به ڍؤ ڪري نه کاڌائون. پوءِ آءُ خيال نٿو ڪريان ته اسان هن خوشحاليءَ ۾ پوئتي ڇڏيل آهيون سو اسان جي بهتري لاءِ آهي.