باب 1. رسول الله ﷺ جي صورت ۽ شڪل جي باري ۾
باب انهن حديثن جي بيان ۾ جي رسول الله ﷺ جي صورت ۽ شڪل جي
باري ۾ آيون آهن.
أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ ﷺ ، لَيْسَ بِالطَّوِيلِ الْبَائِنِ ، وَلاَ بِالْقَصِيرِ ، وَلاَ بِالأَبْيَضِ الأَمْهَقِ ، وَلاَ بِالآدَمِ ، وَلاَ بِالْجَعْدِ الْقَطَطِ ، وَلاَ بِالسَّبْطِ ، بَعَثَهُ اللَّهُ تَعَالَى عَلَى رَأْسِ أَرْبَعِينَ سَنَةً ، فَأَقَامَ بِمَكَّةَ عَشْرَ سِنِينَ ، وَبِالْمَدِينَةِ عَشْرَ سِنِينَ ، وَتَوَفَّاهُ اللَّهُ تَعَالَى عَلَى رَأْسِ سِتِّينَ سَنَةً ، وَلَيْسَ فِي رَأْسِهِ وَلِحْيَتِهِ عِشْرُونَ شَعَرَةً بَيْضَائَ
ترجمو: حضرت انس بن مالڪ جي ته نه هوا رسول الله ﷺ تمام ڊگها. ۽ نه تمام منڌرا يعني درميانه قد ڪجهه ڊگها هوا ۽ نه نهايت سفيد رنگ لالهن کان سواءِ.۽ نه ڪڻڪ رنگا سانورائي تي مائل هوا.۽ سندن وار تمام گهنڊيدار هوا ۽ نه بلڪل سڌا هوا( يعني ڪجهه گهنڊيدار هوا ۽ الله تعاليٰ (سندن عمر) چاليهن ورهن ٿيڻ کان پوءِ کين نبي ڪيو ان کان پوءِ ڏهه ورهه مڪه ۾ رهيا ۽ پوءِ مدينه ۾ ڏهه سال رهيا. سٺ سال جي عمر کانپوءِ ڌڻي تعاليٰ کين وفات ڪرائي ۽ مٿي مبارڪ ۽ ڏاڙهي مبارڪ ۾ ويهه اڇا وار مَس هوا.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ ﷺ رَبْعَةً ، لَيْسَ بِالطَّوِيلِ وَلا بِالْقَصِيرِ ، حَسَنَ الْجِسْمِ ، وَكَانَ شَعَرُهُ لَيْسَ بِجَعْدٍ ، وَلا سَبْطٍ أَسْمَرَ اللَّوْنِ ، إِذَا مَشَى يَتَكَفَّأُ
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ جي فرمايو ته رسول الله ﷺدرميانه قد هوا نه نهايت ڊگها ۽ نه تمام منڌرا ۽ نهايت خوبصورت هوا ۽ سندن وار مبارڪ نه تمام گهنڊيدار ۽ نه بلڪل سِڌا هوا ۽ ( سندن رنگ مبارڪ ڪجهه لالهن سان) ڪڻڪ رنگو هو ۽ جڏهن هلندا هوا ته اڳتي اهل ڪندا هوا.
عَنْ أَبِي إِسْحَاقَ ، قَالَ : سَمِعْتُ الْبَرَاءَ بْنَ عَازِبٍ ، يَقُولُ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، رَجُلا مَرْبُوعًا ، بَعِيدَ مَا بَيْنَ الْمَنْكِبَيْنِ ، عَظِيمَ الْجُمَّةِ إِلَى شَحْمَةِ أُذُنَيْهِ الْيُسْرَى ، عَلَيْهِ حُلَّةٌ حَمْرَاءُ ، مَا رَأَيْتُ شَيْئًا قَطُّ أَحْسَنَ مِنْهُ
ترجمو: حضرت ابو اسحاق فرمايو ته براء پٽ عازب جي کان ٻڌم چوندو هو ته رسول الله ﷺ درميانه قد مرد هو ۽ سندن ڪلهن جو وچ وڏو يعني سينو ڪشادو هو سندن وار مبارڪ گهاٽا ڪنن جي پاپڙين تائين هوا سندن جان مبارڪ تي ڳاڙهي پوشاڪن يعني ٻه چادران لِيڪن واريون هيون مان ان کان وڌيڪ ڪا شيءِ خوبصورت نه ڏٺي.
عَنِ الْبَرَاءِ بْنِ عَازِبٍ ، قَالَ : مَا رَأَيْتُ مِنْ ذِي لِمَّةٍ فِي حُلَّةٍ حَمْرَاءَ أَحْسَنَ مِنْ رَسُولِ اللهِ ﷺ ، لَهُ شَعَرٌ يَضْرِبُ مَنْكِبَيْهِ ، بَعِيدُ مَا بَيْنَ الْمَنْكِبَيْنِ ، لَمْ يَكُنْ بِالْقَصِيرِ ، وَلا بِالطَّوِيلِ
ترجمو: حضرت براءُ پٽ غارب جي فرمايو ته مان رسول اللهﷺ کان وڌيڪ ڳاڙهي پوشاڪ ۽ سهڻن وارن وارو ڪوئي نه ڏٺم.سندن وار مبارڪ ڪلهن تي لڳندا هوا. ۽ سندن ڪلها مبارڪ ويڪرا هوا.يعني سندن سينو مبارڪ ڪشادو هو. ۽ پاڻ سڳورا نه منڌرا هوا ۽ نه بلڪل ڊگها.
عَنْ عَلِيِّ بْنِ أَبِي طَالِبٍ ، قَالَ : لَمْ يَكُنِ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم بِالطَّوِيلِ ، وَلا بِالْقَصِيرِ ، شَثْنُ الْكَفَّيْنِ وَالْقَدَمَيْنِ ، ضَخْمُ الرَّأْسِ ، ضَخْمُ الْكَرَادِيسِ ، طَوِيلُ الْمَسْرُبَةِ ، إِذَا مَشَى تَكَفَّأَ تَكَفُّؤًا ، كَأَنَّمَا يَنْحَطُّ مِنْ صَبَبٍ ، لَمْ أَرَ قَبْلَهُ ، وَلا بَعْدَهُ مِثْلَهُ ، صلى الله عليه وسلم
ترجمو: حضرت علي پٽ ابو طالب جي فرمايو ته نبي ڪريمﷺ نه بلڪل ڊگها هوا ۽ نه تمام منڌرا ۽ سندن تريون هٿن جون گوشت ڀريل هيون.۽ سندن پير مبارڪ به گوشت ڀريل هوا. ۽ سندن مٿو مبارڪ وڏو يعني سندن پيشاني ڪشادي هئي ۽ سندن سيني کان دن تائين وارن جي سنهي ليڪ هئي ۽ جڏهن هلندا هوا ته اڳتي اهل ڪندا هوا. ڄڻڪ مٿاهين کان هيٺ لهن ٿا. مان رسول اللهﷺ جهڙو رسول الله کان اڳ يا پوءِ نه ڏٺم.
إِبْرَاهِيمُ بْنُ مُحَمَّدٍ مِنْ وَلَدِ عَلِيِّ بْنِ أَبِي طَالِبٍ ، قَالَ : كَانَ عَلِيٌّ إِذَا وَصَفَ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : لَمْ يَكُنْ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم بِالطَّوِيلِ الْمُمَّغِطِ ، وَلا بِالْقَصِيرِ الْمُتَرَدِّدِ ، وَكَانَ رَبْعَةً مِنَ الْقَوْمِ ، لَمْ يَكُنْ بِالْجَعْدِ الْقَطَطِ ، وَلا بِالسَّبْطِ ، كَانَ جَعْدًا رَجِلا ، وَلَمْ يَكُنْ بِالْمُطَهَّمِ ، وَلا بِالْمُكَلْثَمِ ، وَكَانَ فِي وَجْهِهِ تَدْوِيرٌ ، أَبْيَضُ مُشَرَبٌ ، أَدْعَجُ الْعَيْنَيْنِ ، أَهْدَبُ الأَشْفَارِ ، جَلِيلُ الْمُشَاشِ وَالْكَتَدِ ، أَجْرَدُ ، ذُو مَسْرُبَةٍ ، شَثْنُ الْكَفَّيْنِ وَالْقَدَمَيْنِ ، إِذَا مَشَى كَأَنَّمَا يَنْحَطُّ فِي صَبَبٍ ، وَإِذَا الْتَفَتَ الْتَفَتَ مَعًا ، بَيْنَ كَتِفَيْهِ خَاتَمُ النُّبُوَّةِ ، وَهُوَ خَاتَمُ النَّبِيِّينَ ، أَجْوَدُ النَّاسِ صَدْرًا ، وَأَصْدَقُ النَّاسِ لَهْجَةً ، وَأَلْيَنُهُمْ عَرِيكَةً ، وَأَكْرَمُهُمْ عِشْرَةً ، مَنْ رَآهُ بَدِيهَةً هَابَهُ ، وَمَنْ خَالَطَهُ مَعْرِفَةً أَحَبَّهُ ، يَقُولُ نَاعِتُهُ : لَمْ أَرَ قَبْلَهُ ، وَلا بَعْدَهُ مِثْلَهُ صلى الله عليه وسلم
ترجمو: حضرت ابراهيم پٽ محمد جي کان جو حضرت علي جي اولاد مان آهي فرمايائين ته جڏهن حضرت علي رسول الله ﷺ جي سڃاڻ بيان ڪندا هوا ته چوندا هوا ته رسول الله ﷺ نه بلڪل ڊگها هوا ۽ نه تمام منڌرا. بلڪه درميانه قد پنهنجي ٽولي مان هوا ۽ نه سندن وار تمام گهنڊي دار هوا ۽ نه بلڪل سِڌا بلڪه ڪجهه گهنڊيدار سڌا هوا ۽ نه سندن جان ڀريل هئي ۽ نه منهن مبارڪ سندن بلڪل گول هو بلڪه سندن منهن مبارڪ ۾ ٿوري گولائي هئي ۽ سندن منهن مبارڪ سفيد سرخي تي مائل ۽ اکيون تمام ڪاريون سرميليون هيون ۽ پنبڻيون ڊگهيون سٻر عضوين ۽ ڪلها سندن به سٻر هوا. سندن بدن مبارڪ تي وار نه هوا مگر هڪ ليڪ سيني کان دن تائين هئي ۽ سندن هٿ مبارڪ ۽ پير مبارڪ گوشت ساهن ڀريل هوا ۽ جڏهن هلندا هوا ته پير زور سان کڻندا هوا ڄڻڪ ڍوري ۾ لهن ٿا ۽ جڏهن ڏسندا هوا ته پوري طرح ڦري ڏسندا هوا ۽ سندن ٻن ڦڻين جي وچ ۾ ختم نبوت هئي ۽ پاڻ خاتم النبيين هوا ۽ دل جا سخي هوا ۽ زبان جا نهايت سچا طبيعت مبارڪ سندن نهايت نرم ۽ شريف خانداني وارا هوا جو کين اوچتو ڏسندو هو ته دهلجي ويندو هو ۽ جيڪو ساڻن ملندو هو ته محبت ڪندو هو. سندن ساراهه ڪندڙ چوي ٿو ته مان حضور جن جهڙو کانئن اڳ ۽ پوءِ نه ڏٺم.
عَنِ الْحَسَنِ بْنِ عَلِيٍّ ، قَالَ سَأَلْتُ خَالِي هِنْدَ بْنَ أَبِي هَالَةَ ، وَكَانَ وَصَّافًا ، عَنْ حِلْيَةِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَأَنَا أَشْتَهِي أَنْ يَصِفَ لِي مِنْهَا شَيْئًا أَتَعَلَّقُ بِهِ ، فَقَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم فَخْمًا مُفَخَّمًا ، يَتَلأْلأُ وَجْهُهُ ، تَلأْلُؤَ الْقَمَرِ لَيْلَةَ الْبَدْرِ ، أَطْوَلُ مِنَ الْمَرْبُوعِ ، وَأَقْصَرُ مِنَ الْمُشَذَّبِ ، عَظِيمُ الْهَامَةِ ، رَجِلُ الشَّعْرِ ، إِنِ انْفَرَقَتْ عَقِيقَتُهُ فَرَّقَهَا ، وَإِلا فَلا يُجَاوِزُ شَعَرُهُ شَحْمَةَ أُذُنَيْهِ ، إِذَا هُوَ وَفَّرَهُ ، أَزْهَرُ اللَّوْنِ ، وَاسِعُ الْجَبِينِ ، أَزَجُّ الْحَوَاجِبِ ، سَوَابِغَ فِي غَيْرِ قَرَنٍ ، بَيْنَهُمَا عِرْقٌ ، يُدِرُّهُ الْغَضَبُ ، أَقْنَى الْعِرْنَيْنِ ، لَهُ نُورٌ يَعْلُوهُ ، يَحْسَبُهُ مَنْ لَمْ يَتَأَمَّلْهُ أَشَمَّ ، كَثُّ اللِّحْيَةِ ، سَهْلُ الْخدَّيْنِ ، ضَلِيعُ الْفَمِ ، مُفْلَجُ الأَسْنَانِ ، دَقِيقُ الْمَسْرُبَةِ ، كَأَنَّ عُنُقَهُ جِيدُ دُمْيَةٍ ، فِي صَفَاءِ الْفِضَّةِ ، مُعْتَدِلُ الْخَلْقِ ، بَادِنٌ مُتَمَاسِكٌ ، سَوَاءُ الْبَطْنِ وَالصَّدْرِ ، عَرِيضُ الصَّدْرِ ، بَعِيدُ مَا بَيْنَ الْمَنْكِبَيْنِ ، ضَخْمُ الْكَرَادِيسِ ، أَنْوَرُ الْمُتَجَرَّدِ ، مَوْصُولُ مَا بَيْنَ اللَّبَّةِ وَالسُّرَّةِ بِشَعَرٍ يَجْرِي كَالْخَطِّ ، عَارِي الثَّدْيَيْنِ وَالْبَطْنِ مِمَّا سِوَى ذَلِكَ ، أَشْعَرُ الذِّرَاعَيْنِ ، وَالْمَنْكِبَيْنِ ، وَأَعَالِي الصَّدْرِ ، طَوِيلُ الزَّنْدَيْنِ ، رَحْبُ الرَّاحَةِ ، شَثْنُ الْكَفَّيْنِ وَالْقَدَمَيْنِ ، سَائِلُ الأَطْرَافِ أَوْ قَالَ : شَائِلُ الأَطْرَافِ خَمْصَانُ الأَخْمَصَيْنِ ، مَسِيحُ الْقَدَمَيْنِ ، يَنْبُو عَنْهُمَا الْمَاءُ ، إِذَا زَالَ ، زَالَ قَلِعًا ، يَخْطُو تَكَفِّيًا ، وَيَمْشِي هَوْنًا ، ذَرِيعُ الْمِشْيَةِ ، إِذَا مَشَى كَأَنَّمَا يَنْحَطُّ مِنْ صَبَبٍ ، وَإِذَا الْتَفَتَ الْتَفَتَ جَمِيعًا ، خَافِضُ الطَّرْفِ ، نَظَرُهُ إِلَى الأَرْضِ ، أَطْوَلُ مِنْ نَظَرِهِ إِلَى السَّمَاءِ ، جُلُّ نَظَرِهِ الْمُلاحَظَةُ ، يَسُوقُ أَصْحَابَهُ ، وَيَبْدَأُ مَنْ لَقِيَ بِالسَّلامِ
ترجمو: امام حسن پٽ علي کان روايت آهي فرمايائين ته پنهنجي مامي هند پٽ ابو هاله کان پڇيم جو سندن حليه مبارڪ پورو بيان ڪندو هو مون به گهرندو هوس ته مونکي به ڪجهه بيان ڪري ته ياد رکان.پوءِ فرمايائين ته حضور حضور جن نهايت شاندار ۽ عزت وارا هوا ۽ سندن منهن مبارڪ چوڏهين ءَ جي چنڊ وانگر تجلا ڏيندو هو. درميانه قد وارن کان ڪجهه ڊگها ۽ تمام ڊگهي کان منڌرا هوا. جيڪڏهن سينڌ پاڻ نه نڪرندي هئي ته سڌاري ڇڏيندا هوا ٻيءَ صورت ۾ وار سنوان ڪبا هوا ته ڪنن جي پاپڙيءَ کان هيٺ نه ٿيندا هوا. رنگ مبارڪ سندن تجليون هڻندو هو پيشاني مبارڪ ڪشادي ۽ پنبڙيون سندن خمدار گهاٽيون يعني جاڙيون ۽ انهن جي وچ ۾ رڳ هئي جا ڪاوڙجي وقت رت سان ڀرجي ويندي هئي ۽ سندن نڪ مبارڪ نهايت سهڻي وضع تي هو ان جي مٿان نور چمڪندڙ هو جيڪو تمام غور سان ڏسندو هو ته کين ڊگهي نڪ وارو سمجهندو هو ۽ سندن ڏاڙهي مبارڪ گهاٽي هئي ۽ سهڻي منهن وارو ڪشادي واتِ هو ۽ ڇڊي ڏندين ۽ سيني مبارڪ کان دن تائين صفائي چاندي وانگر سندن جان مبارڪ جي بيهڪ سهڻي هئي ۽ گوشت سان ڀريل مضبوط لڪدار ۽ فراخ سيني ۽ ڪلها سندن موڪرا ۽ سٻر عضوين ۽ جيڪي عضوا پوشاڪ کان خالي هواسي چمڪندڙ هوا سيني کان دن تائين ڪاري ليڪ وارن جي. ببا ۽ پيٽ وارن کان خالي هو ٻانهن ۾ ڪلهن تائين حصي سيني جي تي ٿورا وار هوا سندن ٻانهون ڊگهيون ۽ هٿ موڪرا ۽ هٿ ۽ پير گوشت سان ڀريل هوا ۽ هٿن پيرن جون آڱريون مناسب طرح ڊگهيون هيون يا راويءَ چيو ته تمام سهڻيون ڊگهيون هيون پيرن جي ترين ۾ ڪجهه لڪ هو ۽ پير بلڪل سنوان سهڻا سِڌا هوا پاڻي هڪدم مٿان ِ تِرڪي ويندو هو ۽ جڏهن ڪو هنڌ ڇڏيندا هوا ته زور سان گام کڻندا هوا ۽ قدم مبارڪ نرمي سان رکندا هوا ۽ زور سان کڻندا هوا ۽ دٻيل پيرين ۽ ڪشاده قدم هلندا هوا ۽ جڏهن هلندا هوا ته اڳتي اهل ڪندا هوا ڄڻ ته ڍوري ۾ لهن ٿا جڏهن ڪنهن طرف ڏسندا هوا ته چڱي طرح ڦري تڪيندا هوا ۽ زمين تي سندن ديد مبارڪ مٿي تڪڻ کان هيٺ زمين تي گهڻي هوندي هئي.گهڻو ڪري چشم گوشه سان نه ڏسندا هوا. هلڻ ۾ اصحابن کي اڳي ڪندا هوا ۽ جنهن سان ملندا هوا ته ان کي پهريائين پاڻ سلام ڪندا هوا.
عَنْ سِمَاكِ بْنِ حَرْبٍ ، قَالَ : سَمِعْتُ جَابِرَ بْنَ سَمُرَةَ ، يَقُولُ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ضَلِيعَ الْفَمِ ، أَشْكَلَ الْعَيْنِ ، مَنْهُوسَ الْعَقِبِ
ترجمو: حضرت سماڪ پٽ حرب کان روايت آهي ته حضرت جابر پٽ سمرة کان ٻڌم چوي پيو ته رسول الله ﷺ ڪشاده واتِ ۽ فراخ اکين ۽ هلڪين کڙين وارا هوا.
عَنْ جَابِرِ بْنِ سَمُرَةَ ، قَالَ رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فِي لَيْلَةٍ إِضْحِيَانٍ ، وَعَلَيْهِ حُلَّةٌ حَمْرَاءُ ، فَجَعَلْتُ أَنْظُرُ إِلَيْهِ وَإِلَى الْقَمَرِ ، فَلَهُوَ عِنْدِي أَحْسَنُ مِنَ الْقَمَرِ
ترجمو: حضرت جابر پٽ سمرة کان روايت آهي چيائين ته مان رسول الله ﷺ کي ڳاڙهي يمني چادران ڍڪيندي چانڊوڪي رات ۾ ڏٺم پوءِ مان حضور جن ڏانهن ۽ چنڊ ڏانهن ڏسڻ لڳس ته يقينًا حضور جن مونکي چنڊ کان سهڻا نظر آيا.
عَنْ أَبِي إِسْحَاقَ ، قَالَ : سَأَلَ رَجُلٌ الْبَرَاءَ بْنَ عَازِبٍ أَكَانَ وَجْهُ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم مِثْلَ السَّيْفِ ، قَالَ : لَا ، بَلْ مِثْلَ الْقَمَرِ
ترجمو: حضرت ابو اسحاق کان روايت آهي ته هڪ مرد حضرت براء پٽ عازب کان پڇيو ته حضور جن جو منهن مبارڪ جهلڪ ۾ تلوار جهڙو هو؟ چيائين ته نه. بلڪ چنڊ وانگر.
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ ﷺ أَبْيَضَ كَأَنَّمَا صِيغَ مِنْ فِضَّةٍ،رَجِلَ الشَّعْرِ
ترجمو: حضرت ابو هريره کان روايت آهي حضوررسول الله ﷺ ڀُرا هوا ڄڻڪه چاندي مان جڙيل هوا سندن وار مبارڪ سِڌا ڪجهه گهنڊي سان هوا.
عَنْ جَابِرِ بْنِ عَبْدِ اللهِ ، أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : عُرِضَ عَلَيَّ الأَنْبِيَاءُ ، فَإِذَا مُوسَى عَلَيْهِ السَّلامُ ، ضَرْبٌ مِنَ الرِّجَالِ ، كَأَنَّهُ مِنْ رِجَالِ شَنُوءَةَ ، وَرَأَيْتُ عِيسَى بْنَ مَرْيَمَ عَلَيْهِ السَّلامُ ، فَإِذَا أَقْرَبُ مَنْ رَأَيْتُ بِهِ شَبَهًا عُرْوَةُ بْنُ مَسْعُودٍ ، وَرَأَيْتُ إِبْرَاهِيمَ عَلَيْهِ السَّلامُ ، فَإِذَا أَقْرَبُ مَنْ رَأَيْتُ بِهِ شَبَهًا صَاحِبُكُمْ ، يَعْنِي نَفْسَهُ ، وَرَأَيْتُ جِبْرِيلَ عَلَيْهِ السَّلامُ ، فَإِذَا أَقْرَبُ مَنْ رَأَيْتُ بِهِ شَبَهًا دِحْيَةُ
ترجمو: حضرت جابر پٽ عبدالله کان روايت آهي ته بيشڪ رسول الله ﷺ فرمايو ته انبياء عليهم السلام منهنجي اڳيان پيش ڪيا ويا ته مردن مان حضرت موسيٰ عليه السلام هڪ سهڻو نظر آيو گويا قبيله شفوة جي مردن وانگر (درميانه قد) هو ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام پٽ مريم کي ڏٺم جو منهنجي ڏٺلن ماڻهن مان عروة بن مسعود وانگر هو ۽ حضرت ابراهيم عليه السلام کي ڏٺم جو منهنجي ڏٺلن مان توهان جو رفيق يعني رسول الله ﷺ ان جهڙو آهي. ۽ جبرئيل عليه السلام کي ڏٺم جو منهنجي ڏٺلن مان دحيته جهڙو هو.
عَنْ سَعِيدٍ الْجُرَيْرِيِّ ، قَالَ : سَمِعْتُ أَبَا الطُّفَيْلِ ، يَقُولُ : رَأَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم وَمَا بَقِيَ عَلَى وَجْهِ الأَرْضِ أَحَدٌ رَآهُ غَيْرِي ، قُلْتُ : صِفْهُ لِي ، قَالَ : كَانَ أَبْيَضَ ، مَلِيحًا ، مُقَصَّدًا
ترجمو: حضرت سعيد جريري کان روايت آهي ته ابو طفيل کان ٻڌم چوي پيو ته مان رسول الله ﷺ کي ڏٺو جو سندن زيارت ڪندڙن مان مون کان سواءِ ڪوبه زمين تي نه رهيو. هي راوي چوي ٿو ته مان عرض ڪيم ته مونکي سندن حليه مبارڪ بيان ڪر. فرمايائين ته پاڻ ڀورا خوبصورت درميانه قد هوا.
عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلی اللہ علیہ وسلم أَفْلَجَ الثَّنِيَّتَيْنِ ،إِذَا تَكَلَّمَ رُئِيَ كَالنُّورِ يَخْرُجُ مِنْ بَيْنِ ثَنَايَاهُ
ترجمو: حضرت ابن عباس کان روايت آهي فرمايائين ته رسول الله ﷺ جن جا ڏند مبارڪ ڇڊا هوا ۽ جڏهن ڳالهائيندا هوا ته اڳين ڏندن مان نور وانگر تجلي نڪرندي هئي.