باب 14. رسول الله ﷺ جي تلوارجي باري ۾
باب انهن حديثن ۾ جي رسول الله ﷺ جي تلوارجي
باري ۾ آيون آهن
عَنْ أَنَسٍ ، قَالَ : كَانَ قَبِيعَةُ سَيْفِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم مِنْ فِضَّةٍ
ترجمو: حضر انس کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جي تلوار جو ڪرڙيو يعني مٺيو چانديءَ جو هو.
عَنْ سَعِيدِ بْنِ أَبِي الْحَسَنِ ، قَالَ : كَانَتْ قَبِيعَةُ سَيْفِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم مِنْ فِضَّةٍ
ترجمو:حضرت سعيد پٽ ابوالحسن کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جي تلوار جو ڪرڙيوچانديءَ جو هو.
عَنْ هُودٍ وَهُوَ ابْنُ عَبْدِ اللهِ بْنِ سَعْدٍ ، عَنْ جَدِّهِ ، قَالَ : دَخَلَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم مَكَّةَ يَوْمَ الْفَتْحِ وَعَلَى سَيْفِهِ ذَهَبٌ ، وَفِضَّةٌ ، قَالَ طَالِبٌ : فَسَأَلْتُهُ عَنِ الْفِضَّةِ ، فَقَالَ : كَانَتْ قَبِيعَةُ السَّيْفِ فِضَّةً
ترجمو: حضرت هود پٽ عبدالله پٽ سعد پنهنجي ڏاڏي کان روايت ڪئي چيائين ته رسول الله ﷺفتح مڪه جي ڏينهن مڪه ۾ داخل ٿيا ته سندن تلوار تي سون ۽ چاندي هئي. طالب راويءَ چيوته مون چانديءَ بابت پڇيو چيائين ته ترار جو ڪرڙيو چانديءَ جو هو.
عَنِ ابۡنِ سِیۡرِینَ قَالَ صَنَعۡتُ سَیلِی عَلیٰ سَیۡفِ سَمۡرَۃَ بنِ جُنۡدُبٍ وَ زَعَمَ سَمۡرَۃُ اَنَّہٗ صُنِعَ سَیۡفُہٗ عَلیٰ سَیۡفِ رَسُوۡلِ اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم وَ کَانَ حَنَفِیًّا
ترجمو: حضرت ابن سيرين کان روايت آهي ته مون پنهنجي ترار سمرة پٽ جندب جي ترار جهڙي ٺهرائي ۽ سمرة چيو ته مون پنهنجي ترار حضور ﷺ جي ترار جهڙي ٺهرائي هئي ۽ اها ترار بنو حنيف قبيله جي ٺهيل هئي.