39 ـ باب ما جآء في صفة نوم رسول الله علیہ وسلم
باب انهن حديثن ۾ جي حضور ﷺ جي ننڊ
جي باري ۾ آيون آهن
عَنِ الْبَرَاءِ بْنِ عَازِبٍ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، كَانَ إِذَا أَخَذَ مَضْجَعَهُ وَضَعَ كَفَّهُ الْيُمْنَى تَحْتَ خَدِّهِ الأَيْمَنِ ، وَقَالَ : رَبِّ قِنِي عَذَابَكَ يَوْمَ تَبْعَثُ عِبَادَكَ
ترجمو: حضرت براء پٽ عازب کان روايت آهي ته حضور ﷺ جڏهن پنهنجو هنڌ وٺندا هوا ته پنهنجو سڄو هٿ مبارڪ سڄي ڳل هيٺان رکي چوندا هوا ته
رَبِّ قِنِي عَذَابَكَ يَوْمَ تَبْعَثُ عِبَادَكَ
يعني اي رب منهنجا پنهنجي عزاب کان بچاءِ جنهن ڏينهن پنهنجا ٻانها اٿاريندين.
عَنْ حُذَيْفَةَ ، قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم إِذَا أَوَى إِلَى فِرَاشِهِ ، قَالَ : اللَّهُمَّ بِاسْمِكَ أَمُوتُ وَأَحْيَا ، وَإِذَا اسْتَيْقَظَ ، قَالَ : الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي أَحْيَانًا بَعْدَمَا أَمَاتَنَا وَإِلَيْهِ النُّشُورُ
ترجمو: حضرت حذيفة چيو ته حضور ﷺ جڏهن پنهنجي هنڌ ڏانهن ورندا هوا ته چوندا هوا : اللَّهُمَّ بِاسْمِكَ أَمُوتُ وَأَحْيَا ۽ جڏهن جاڳندا هوا ته چوندا هوا : الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي أَحْيَانًا بَعْدَمَا أَمَاتَنَا وَإِلَيْهِ النُّشُورُ
عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، إِذَا أَوَى إِلَى فِرَاشِهِ كُلَّ لَيْلَةٍ جَمَعَ كَفَّيْهِ فَنَفَثَ فِيهِمَا ، وَقَرَأَ فِيهِمَا : قُلْ هُوَ اللَّهُ أَحَدٌ وَ قُلْ أَعُوذُ بِرَبِّ الْفَلَقِ وَ قُلْ أَعُوذُ بِرَبِّ النَّاسِ ، ثُمَّ مَسَحَ بِهِمَا مَا اسْتَطَاعَ مِنْ جَسَدِهِ ، يَبْدَأُ بِهِمَا رَأْسَهُ وَوَجْهَهُ وَمَا أَقْبَلَ مِنْ جَسَدِهِ ، يَصْنَعُ ذَلِكَ ثَلاثَ مَرَّاتٍ
ترجمو: حضرت عائشه ؓ چيو ته حضور ﷺ هر رات جڏهن پنهنجي هنڌ تي ايندا هوا ته ٻئيهٿ گڏي منجهن قل هوا الله احد ۽ قل اعوذ برب الفلق ۽ قل اعوذ برب الناس پڙهي شوڪراي پنهنجي بدن مبارڪ تي جيتري ۾ پڄي سگهندا هوا ته مکيندا هوا. مٿي منهن ۽ اڳ کان شروع ڪندا هوا ۽ ائين ٽي ڀيرا ڪرڻ فرمائيندا هوا.
عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ : أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، نَامَ حَتَّى نَفَخَ ، وَكَانَ إِذَا نَامَ نَفَخَ ، فَأَتَاهُ بِلالٌ فَآذَنَهُ بِالصَّلاةِ ، فَقَامَ وَصَلَّى وَلَمْ يَتَوَضَّأْ وَفِي الْحَدِيثِ قِصَّةٌ
ترجمو: حضرت ابن عباس کان روايت آهي ته حضور ﷺ سمهندا هوا ته کوگهرو هڻڻ لڳندا هوا ۽ جڏهن سمهندا هوا ته کوگهرا شروع ٿيندا هوا ته وٽن بلال اچي نماز جي خبر ڏيندو هو پوءِ اٿي وڃي نماز پڙهندا هوا۽ وضو نه ڪندا هوا. حديث ۾ ٻيو قصو به آهي.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، كَانَ إِذَا أَوَى إِلَى فِرَاشِهِ ، قَالَ : الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي أَطْعَمَنَا وَسَقَانَا وَكَفَانَا وَآوَانَا ، فَكَمْ مِمَّنْ لا كَافِيَ لَهُ وَلا مُؤْوِي
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ کان روايت آهي ته حضور ﷺ جڏهن هنڌ تي ايندا هوا ته چوندا هوا : اَلْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي أَطْعَمَنَا وَسَقَانَا وَكَفَانَا وَآوَانَا ، فَكَمْ مِمَّنْ لا كَافِيَ لَهُ وَلا مُؤْوِي يعني الله جي تعريف جنهن کارايو پياريو ۽ اسان جي پورت ڪئي ڪي اهڙا ماڻهو به آهن جن جي پورت ڪندڙ جاءِ ڏيندڙ ڪونهي.
عَنْ أَبِي قَتَادَةَ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، كَانَ إِذَا عَرَّسَ بِلَيْلٍ اضْطَجَعَ عَلَى شِقِّهِ الأَيْمَنِ ، وَإِذَا عَرَّسَ قُبَيْلَ الصُّبْحِ نَصَبَ ذِرَاعَهُ ، وَوَضَعَ رَأْسَهُ عَلَى كَفِّهِ
ترجمو: حضرت ابو قتادة کان روايت آهي ته حضور ﷺ جڏهن (پنڌ ۾) رات جو لهي ٽڪندا هوا ته پنهنجي سڄي اپسي تي سمهندا هوا ۽ جڏهن پرهه ڦٽيءَ کان اڳڀرو لهندا هوا ته پنهنجي ٻانهن مبارڪ اڀي ڪري تري مبارڪ تي پنهنجو مٿو مبارڪ رکندا هوا.