38 ـ باب ما جاء في كلام رسول الله صلی اللہ علیہ وسلم في السمر
باب انهن حديثن ۾ جي حضور ﷺ جي ڳالهين
۾ آيون آهن.
عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : حَدَّثَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، ذَاتَ لَيْلَةٍ نِسَاءَهُ حَدِيثًا ، فَقَالَتِ امْرَأَةٌ مِنْهُنَّ : كَأَنَّ الْحَدِيثَ حَدِيثُ خُرَافَةَ ، فَقَالَ : أَتَدْرُونَ مَا خُرَافَةُ ؟ إِنَّ خُرَافَةَ كَانَ رَجُلا مِنْ عُذْرَةَ ، أَسَرَتْهُ الْجِنُّ فِي الْجَاهِلِيَّةِ ، فَمَكَثَ فِيهِمْ دَهْرًا ، ثُمَّ رَدُّوهُ إِلَى الإِنْسِ ، فَكَانَ يُحَدِّثُ النَّاسَ بِمَا رَأَى فِيهِمْ مِنَ الأَعَاجِيبِ ، فَقَالَ النَّاسُ : حَدِيثُ خُرَافَةَ
ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي چيائين ته هڪ رات حضورﷺ پنهنجي بيبين کي ڳالهه ٻڌائي تنهن تي منجهائن هڪ بيبي فرمائڻ لڳي ته ڄڻ خرافه جي ڳالهه آهي تنهن تي پاڻ سڳورا فرمائڻ لڳا ته خبر اٿو ته خرافه ڇا آهي؟ خرافه عذرة جي پاڙي مان هڪ مڙس هو جاهليت جي زماني ۾ هن کي جِنُ کڻي ويو ڪجهه وقت جنن ۾ ٽڪائي وري ماڻهن ۾ ڇڏي ويس پوءِ اهو ماڻهن کي ڳالهيون ٻڌائيندو هو جيڪي اچرج جهڙيون ڳالهيون جنن ۾ ڏسي آيو هو. تنهن تي ماڻهو سڀ ڪنهن عجيب ڳالهه لاءِ چوندا هوا ته اها خرافه جي ڳالهه آهي.
حديث ام زرع : ام زرع جي ڳالهه
عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : جَلَسَتْ إِحْدَى عَشْرَةَ امْرَأَةً فَتَعَاهَدْنَ وَتَعَاقَدْنَ أَنْ لا يَكْتُمْنَ مِنْ أَخْبَارِ أَزْوَاجِهِنَّ شَيْئًا : فَقَالَتِ الأُولَى : زَوْجِي لَحْمُ جَمَلٍ غَثٍّ عَلَى رَأْسِ جَبَلٍ وَعْرٍ ، لا سَهْلٌ فَيُرْتَقَى ، وَلا سَمِينٌ فَيُنْتَقَلُ قَالَتِ الثَّانِيَةُ : زَوْجِي لا أَبُثُّ خَبَرَهُ ، إِنِّي أَخَافُ أَنْ لا أَذَرَهُ ، إِنْ أَذْكُرْهُ أَذْكُرْ عُجَرَهُ ، وَبُجَرَهُ قَالَتِ الثَّالِثَةُ : زَوْجِي الْعَشَنَّقُ ، إِنْ أَنْطِقْ أُطَلَّقْ ، وَإِنْ أَسْكُتْ أُعَلَّقْ قَالَتِ الرَّابِعَةُ : زَوْجِي كَلَيْلِ تِهَامَةَ ، لا حَرٌّ ، وَلا قُرٌّ ، وَلا مَخَافَةَ ، وَلا سَآمَةَ قَالَتِ الْخَامِسَةُ : زَوْجِي إِنْ دَخَلَ فَهِدَ ، وَإِنْ خَرَجَ أَسِدَ ، وَلا يَسْأَلُ عَمَّا عَهِدَ قَالَتِ السَّادِسَةُ : زَوْجِي إِنْ أَكَلَ لَفَّ ، وَإِنْ شَرِبَ اشْتَفَّ ، وَإِنِ اضْطَجَعَ الْتَفَّ ، وَلا يُولِجُ الْكَفَّ ، لِيَعْلَمَ الْبَثَّ قَالَتِ السَّابِعَةُ : زَوْجِي عَيَايَاءُ ، أَوْ غَيَايَاءُ طَبَاقَاءُ ، كُلُّ دَاءٍ لَهُ دَاءٌ ، شَجَّكِ ، أَوْ فَلَّكِ ، أَوْ جَمَعَ كُلا لَكِ قَالَتِ الثَّامِنَةُ : زَوْجِي الْمَسُّ ، مَسُّ أَرْنَبٍ وَالرِّيحُ ، رِيحُ زَرْنَبٍ قَالَتِ التَّاسِعَةُ : زَوْجِي رَفِيعُ الْعِمَادِ ، طَوِيلُ النِّجَادِ عَظِيمُ الرَّمَادِ ، قَرِيبُ الْبَيْتِ مِنَ النَّادِ قَالَتِ الْعَاشِرَةُ : زَوْجِي مَالِكٌ ، وَمَا مَالِكٌ مَالِكٌ خَيْرٌ مِنْ ذَلِكِ ، لَهُ إِبِلٌ كَثِيرَاتُ الْمَبَارِكِ ، قَلِيلاتُ الْمَسَارِحِ ، إِذَا سَمِعْنَ صَوْتَ الْمِزْهَرِ ، أَيْقَنَّ أَنَّهُنَّ هَوَالِكُ قَالَتِ الْحَادِيَةَ عَشْرَةَ : زَوْجِي أَبُو زَرْعٍ وَمَا أَبُو زَرْعٍ ؟ أَنَاسَ مِنْ حُلِيٍّ أُذُنَيَّ ، وَمَلأَ مِنْ شَحْمٍ عَضُدَيَّ ، وَبَجَّحَنِي ، فَبَجَحَتْ إِلَيَّ نَفْسِي ، وَجَدَنِي فِي أَهْلِ غُنَيْمَةٍ بِشَقٍّ فَجَعَلَنِي فِي أَهْلِ صَهِيلٍ ، وَأَطِيطٍ وَدَائِسٍ وَمُنَقٍّ ، فَعِنْدَهُ أَقُولُ ، فَلا أُقَبَّحُ ، وَأَرْقُدُ ، فَأَتَصَبَّحُ ، وَأَشْرَبُ ، فَأَتَقَمَّحُ ، أُمُّ أَبِي زَرْعٍ فَمَا أُمُّ أَبِي زَرْعٍ ، عُكُومُهَا رَدَاحٌ ، وَبَيْتُهَا فَسَاحٌ ، ابْنُ أَبِي زَرْعٍ ، فَمَا ابْنُ أَبِي زَرْعٍ ، مَضْجَعُهُ كَمَسَلِّ شَطْبَةٍ ، وَتُشْبِعُهُ ذِرَاعُ الْجَفْرَةِ ، بِنْتُ أَبِي زَرْعٍ ، فَمَا بِنْتُ أَبِي زَرْعٍ ، طَوْعُ أَبِيهَا وَطَوْعُ أُمِّهَا ، مِلْءُ كِسَائِهَا ، وَغَيْظُ جَارَتِهَا ، جَارِيَةُ أَبِي زَرْعٍ ، فَمَا جَارِيَةُ أَبِي زَرْعٍ ، لا تَبُثُّ حَدِيثَنَا تَبْثِيثًا ، وَلا تُنَقِّثُ مِيرَتَنَا تَنْقِيثًا ، وَلا تَمْلأُ بَيْتَنَا تَعْشِيشًا ، قَالَتْ : خَرَجَ أَبُو زَرْعٍ ، وَالأَوْطَابُ تُمْخَضُ ، فَلَقِيَ امْرَأَةً مَعَهَا وَلَدَانِ لَهَا ، كَالْفَهْدَيْنِ ، يَلْعَبَانِ مِنْ تَحْتِ خَصْرِهَا بِرُمَّانَتَيْنِ ، فَطَلَّقَنِي وَنَكَحَهَا ، فَنَكَحْتُ بَعْدَهُ رَجُلا سَرِيًّا ، رَكِبَ شَرِيًّا ، وَأَخَذَ خَطِّيًّا ، وَأَرَاحَ عَلَيَّ نَعَمًا ثَرِيًّا ، وَأَعْطَانِي مِنْ كُلِّ رَائِحَةٍ زَوْجًا ، وَقَالَ : كُلِي أُمَّ زَرْعٍ ، وَمِيرِي أَهْلَكِ ، فَلَوْ جَمَعْتُ كُلَّ شَيْءٍ أَعْطَانِيهِ ، مَا بَلَغَ أَصْغَرَ آنِيَةِ أَبِي زَرْعٍ قَالَتْ عَائِشَةُ : فَقَالَ لِي رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : كُنْتُ لَكِ كَأَبِي زَرْعٍ لأُمِّ زَرْعٍ
ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي ته يارهن زالون هيون تن پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪري انجام ڪيو ته هڪ ٻئيکي پنهنجي مڙس جون ڳالهيون ٻڌائينديون. پهرينءَ چيو ته منهنجو مڙس ڪراڙي اٺ جي گوشت جهڙو آهي جو جبل جي ڏکيءَ چوٽيءَ تي رکيو هجي نه اهو ٽڪر سولو هجي جو چڙهي سگهجي نه گوشت ئيڪو چڱو هجي جو تڪليف ڪري الهي اچجي. ٻيءَ چيو ته منهنجو مڙس اهڙو آهي جو سندس ڳالهه ئي پکيڙي نٿي سگهان سندن ڇڏڻ يعني طلاق جي ڊپ کان ڊڄان ٿي جي ڳالهه ڪندس ته سندس عيب اوڻايون ڪي هونديون. ٽينءَ چيو ته منهنجو مڙس اڳ پوءِ ڏسي ئي ڪونه جي ڳالهائيندس ته طلاق ڏيندو. جي چپ رهنديس ته ٽنگبس چوٿينءَ چيو ته منهنجو مڙس مڪه جي رات وانگر آهي نه ٿڌو نه ڪوسو نه سک نه ڏک. پنجينءَ چيو ته منهنجو مڙس گهر اچي ته چيٽو جي ٻاهر نڪري ته شينهن باقي گهرو ڪم لاءِ ڪير ڪڇي. ڇهينءَ چيو ته منهنجو مڙس جي کائي ته ڇٻيءَ ۾ ڀورو نه ڇڏي جي پيئي ته ڍڪ نه بچائي جي سمهي ته ويڙهجي وڃي ۽ هٿ ڊگهو ڪري به نه ڏسي ته مان ڪهڙي دنگ ۾ آيان. ستينءَ چيو ته منهنجو مڙس ڍرو (نامرد) اڍنگو پيٽوڙي ۽ کيس سڀ بيماريون اهڙي بيماري جو توکي ڦٽي رکي يا هڏ ئي ڀڃي رکئي يا ٻنهين (ڦٽڻ ۽ هڏن ڀڃڻ) کي گڏي ڇڏئي. اٺينءَ چيو ته منهنجو مڙس ڇهڻ ۾ ته سيهڙ ۽ سنگهڻ ۾ ڪيسر نائينءَ چيو ته منهنجو مڙس وڏن ٿنڀن وارو ۽ گهڻي ڪيريءَ وارو(ڏاڍو سخي) آهي ۽ بت جو ڊگهو آهي ۽ گهر اوطاق جي ويجهو اٿس. ڏهينءَ چيو ته منهنجي مڙس جو نالو مالڪ آهي جو ان کان چڱو آهي جنهن کي اٺن جا گهڻا وڳ واڙن ۾ گهر هجن ۽ جهنگ ۾ ٿورا. جڏهن مهمانن جي خوش آمد جو لڙ ٻڌن ته رڙن کو ته سمجهن ٿا ته اجهو ٿا ڪُسون.يارهينءَ چيو ته منهنجو مڙس ابوزرع آهي جنهن منهنجا ڪن ڳهن سان ڇني رکيا آهن. سڻڀ کارائي ڏورا ٿلها ڪري ڇڏيا اٿس مونکي ڏاڍو خوش ڪيو اٿس مونکي ٻڪرارن ۾ ڏکيو ڏنائين پوءِ منوکي اتي وٺي آيو جتي گهوڙن جون هڻڪارون ۽ اٺن جا ڏاڪڙ ۽ ڳاهه ڳاهيندڙ ڏاند ۽ ان وائريندڙ ڪڙمي هوا منهنجو سهراڻ سکيو آهياڳيانس جيڪي چوندي آهيان ته برو نه سمجهندو آهي سمهان ته پرهه ڦٽيءَ اٿان (رات جو ڪابه ڏکيائي ڪانهي) پيان ٿي ته بچايان ٿي مونکي سس آهي جنهن جا ٿانو وڏا آهن ۽ سندس گهر وڏو ۽ ويڪرو آهي ۽ ابوزرع جو پٽ کجي جي ڇليل ڇڙيءَ جهڙو (سنهڙو) آهي کيس ننڍڙي ڇيلڙيءَ جي ڄنگهه ئي ڍاپائي ڇڏي ۽ ابوزرع جي ڌيءَ پنهنجي پيءُ ماءُ جي فرمانبردار آهي پنهنجن ڪپڙن کي ڀري ٿي جا پنهجي ساريل پاڙيچي (سوٽِ) کي ساڙي ٿي ۽ ابوزرع جي ٻانهي اسان جي راز جون ڳالهيون ڪنهن کي نه ٻڌائيندي آهي نه اسان جو ان چورائيندي آهي اسان جو گهر گند ڪري نه ڇڏيندي آهي. هڪ ڀيري ابوزرع ٻاهر نڪتو ۽ کير جون چاڏيون ولوڙي رهيون هيون صبح جو هڪ زال مليس جنهن جا ٻه پٽ سندس پاسي ۾ چيٽي جي ٻچن وانگر ڏاڙهن سان پي کيڏيا تنهن تي مونکي طلاق ڏيئي ساڻس پرڻيو. پوءِ مان هڪ سردار مڙس سان پرڻيس جو تکي گهوڙي تي چڙهي هٿ ۾ خطي ملڪ جو نيزو کڻندو هو ۽ مون وٽ گهڻا ڍور آڻيندو هو ۽ مونکي هر هڪ قسم مان جوڙو ڏيندو هو ۽ چوندو هو ته زرع جي ماءُ کاءُ ۽ پنهنجن مائٽن کي ان ڏيندي ڪر پوءِ به جي گڏيندي هيس جيڪي ڏيندو هو ته به ابو زرع (اڳئين مڙس) جي ننڍي ٿانو کي نه پهچندو هو حضرت عائشهؓ چيو ته انهي ڳالهه ٻڌڻ سان حضور جن فرمايو ته نه نه. آءٌ پڻ تنهنجي لاءِ ابو زرع ، ام زرع جي مڙس وانگر آهيان.