49ـ باب ماجاء في حياء رسول الله صلى الله عليه وسلم
باب انهن حديثن ۾ جي رسول الله ﷺ جي حياء
جي باري ۾ بيان ٿيل آهن.
عَنْ أَبِي سَعِيدٍ الْخُدْرِيِّ ، قَالَ كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم أَشدَّ حَيَاءً مِنَ الْعَذرَاءِ فِي خِدْرِهَا ، وَكَانَ إِذَا كَرِهَ شَيْئًا عَرَفْنَاهُ فِي وَجْهِهِ
ترجمو: حضرت ابو سعيد خدري کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ حياءَ ۾ ڪنواري ڇوڪريءَ کان به وڌيڪ حيادار هوا. ۽ جڏهن ڪنهن شيءِ کي مڪروهه ڀائيندا هواسون ته سندن منهن ۾ سڃاڻينداهواسون.
عَنْ مَوْلًى لِعَائِشَةَ ، قَالَ قَالَتْ عَائِشَةُ :مَا نَظَرْتُ إِلَى فَرْجِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم أَوْ قَالَتْ : مَا رَأَيْتُ فَرْجَ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم قَطُّ
ترجمو: حضرت عائشهؓ جي ڪنهن ٻانهي کان روايت آهي چيائين ته حضرت عائشهؓ چيو ته مان حضور ﷺ جي اگهڙ ڏي نه ڏٺو يا چيائين ته مان حضور جن جي اگهڙ ڪڏهن به نه ڏٺم.