مذهب

شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ

هن ڪتاب جو مولف ۽ مترجم مولانا قاضي محمد عثمان (مرحوم) حال ٿريچاڻي (سانگي) صاحب آهن.اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ناياب ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ

55ـ باب ماجاء في ميراث رسول الله صلى الله عليه وسلم

55ـ باب ماجاء في ميراث رسول الله صلى الله عليه وسلم
باب انهن حديثن ۾، جن ۾ رسول الله ﷺ جي ميراث
جي باري ۾ آيون آهن.
عَنْ عَمْرِو بْنِ الْحَارِثِ ، أَخِي جُوَيْرِيَةَ لَهُ صُحْبَةٌ ، قَالَ : مَا تَرَكَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم إِلا سِلاحَهُ ، وَبَغْلَتَهُ ، وَأَرْضًا جَعَلَهَا صَدَقَةً
ترجمو: حضرت عمرو پٽ حارث، حضرت جويرية جي ڀاءُ جنهن کي حضور جن جي صحبت حاصل آهي ان کان روايت آهي ته حضور جن پنهنجن هٿيارن خچرن ۽ زمين جي ٽڪر کي وقف ڪري ويا. وفات بعد ڪا شيءِ نه ڇڏيائون.
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، قَالَ : جَاءَتْ فَاطِمَةُ إِلَى أَبِي بَكْرٍ ، فَقَالَتْ مَنْ يَرِثُكَ ؟ فَقَالَ : أَهْلِي وَوَلَدِي ، فَقَالَتْ : مَا لِي لا أَرِثُ أَبِي ؟ فَقَالَ أَبُو بَكْرٍ : سَمِعْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَقُولُ : لا نُورَثُ ، وَلَكِنِّي أَعُولُ مَنْ كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَعُولُهُ ، وَأُنْفِقُ عَلَى مَنْ كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يُنْفِقُ عَلَيْهِ
ترجمو: حضرت ابو هريرهؓ کان روايت آهي ته حضرت فاطمةؓ حضرت ابوبڪرؓ وٽ آئي چيائين ته تنهنجا وارث ڪير ٿيندا؟ چيائين ته منهنجا گهروارا ۽ اولاد. بيبي چيو ته مان پنهنجي جي وارث نه آهيان ڇا؟ ابوبڪرؓ چيو ته رسول الله ﷺ کان فرمائيندي ٻڌم ته اسان نبين (جي مال) جو وارث ڪونه ٿيندو آهي.(تنهنڪري توکي ڪجهه به ڏئي نٿو سگهان) مگر انهن جي سار سنڀال لهندس جن جي حضور عليه السلام لهندا هوا. ۽ انهن تي خرچ ڪندس جن تي پاڻ خرچ ڪندا هوا.
عَنْ أَبِي الْبَخْتَرِيِّ ، أَنَّ الْعَبَّاسَ ، وَعَلِيًّا ، جَاءَا إِلَى عُمَرَ يَخْتَصِمَانِ ، يَقُولُ كُلُّ وَاحِدٍ مِنْهُمَا لِصَاحِبِهِ : أَنْتَ كَذَا ، أَنْتَ كَذَا ، فَقَالَ عُمَرُ ، لِطَلْحَةَ ، وَالزُّبَيْرِ ، وَعَبْدِ الرَّحْمَنِ بْنِ عَوْفٍ ، وَسَعْدٍ : أَنْشُدُكُمْ بِاللَّهِ أَسَمِعْتُمْ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَقُولُ : كُلُّ مَالِ نَبِيٍّ صَدَقَةٌ ، إِلا مَا أَطْعَمَهُ ، إِنَّا لا نُورَثُ ؟ وَفِي الْحَدِيثِ قِصَّةٌ
ترجمو: حضرت ابوالبختري کان روايت آهي ته حضرت عباسؓ ۽ حضرت عليؓ پاڻ ۾ جهيڙو تڪرار ڪندي حضرت عمر فاروقؓ وٽ آيا هر هڪ ٻنهين مان پنهنجي سنگتي کي پيو چوي ته تون ههڙو آهين تون ههڙو، تنهن تي حضرت عمرؓ حضرت طلحهؓ ۽ حضرت زبيرؓ ۽ حضرت عبدالرحمان پٽ عوف ۽ حضرت سعد کي چيو ته الله جو قسم ٿو ڏيانوَ ته ڇا اوهان رسول الله ﷺ کي نه ٻڌو ته نبين جو مال سڀ خدا تعاليٰ جو آهي يعني خيرات. مگر جيڪي کارايائين ۽ پياريائين. نبين جو وارث ئي ڪونهي. حديث ۾ ٻيو بيان به آهي.
عَنْ عَائِشَةَ ، أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : لا نُورَثُ مَا تَرَكْنَا فَهُوَ صَدَقَةٌ
ترجمو: حضرت عائشهؓ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته اسان نبين جي ميراث نه ورهائبي آهي جيڪي به ڇڏيندا آهيون سو صدقه هوندو آهي.
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، عَنِ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : لا يَقْسِمُ وَرَثَتِي دِينَارًا وَلا دِرْهَمًا ، مَا تَرَكْتُ بَعْدَ نَفَقَةِ نِسَائِي وَمُؤْنَةِ عَامِلِي فَهُوَ صَدَقَةٌ
ترجمو: حضرت ابو هريره﷦ حضور ﷺ کان روايت ٿو ڪري پاڻ فرمايائون ته منهنجا وارث نه دينار ورهائيندا نه درهم.جيڪي ڇڏيندس سو منهنجي بيبين تي خرچ ٿيڻ ۽ منهنجي ڪم ڪار ڪندڙن (خليفن) جي ضروري خرچ کان سواءِ خيرات آهي.
عَنْ مَالِكِ بْنِ أَوْسِ بْنِ الْحَدَثَانِ ، قَالَ : دَخَلْتُ عَلَى عُمَرَ فَدَخَلَ عَلَيْهِ عَبْدُ الرَّحْمَنِ بْنُ عَوْفٍ ، وَطَلْحَةُ ، وَسَعْدٌ ، وَجَاءَ عَلِيٌّ ، وَالْعَبَّاسُ ، يَخْتَصِمَانِ ، فَقَالَ لَهُمْ عُمَرُ : أَنْشُدُكُمْ بِالَّذِي بِإِذْنِهِ تَقُومُ السَّمَاءُ وَالأَرْضُ ، أَتَعْلَمُونَ أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : لا نُورَثُ ، مَا تَرَكْنَاهُ صَدَقَةٌ ، فَقَالُوا : اللَّهُمَّ نَعَمْ وَفِي الْحَدِيثِ قِصَّةٌ طَوِيلَةٌ
ترجمو: حضرت مالڪ پٽ اوس پٽ حدثان کان روايت آهي چيائين ته مان حضرت عمرؓ وٽ ويس پوءِ عبدالرحمان پٽ عوفؓ ۽ طلحهؓ ۽ سعدؓ به آيا. پوءِ حضرت عليؓ ۽ حضرت عباسؓ پاڻ ۾ وڙهندا اچي پهتا. حضرت عمر عبدالرحمان ۽ طلحه ۽ سعد کي چيو ته ان ذات جو قسم اٿوَجنهن جي حڪم سان آسمان ۽ زمين بيٺا آهن ته توهان کي ڇا خبر آهي. بيشڪ حضور جن فرمايو ته نبين جي ملڪيت جو وارث ڪونهي جيڪي ڇڏيندا آهيون سو صدقو آهي تنهن تي چيائون ته هائو. اي الله (شاهد هج) هن حديث ۾ ڊگهو قصو آهي.
عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : مَا تَرَكَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم دِينَارًا وَلا دِرْهَمًا وَلا شَاةً وَلا بَعِيرًا ، قَالَ : وَأَشُكُّ فِي الْعَبْدِ وَالأَمَةِ
ترجمو: حضرت عائشهؓ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ نه دينار ڇڏيو نه درهم. نه ٻڪري نه اٺ. راوي چيو ته باقي غلام ۽ ٻانهي ۾ شڪ ٿو ڪريان.