مذهب

شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ

هن ڪتاب جو مولف ۽ مترجم مولانا قاضي محمد عثمان (مرحوم) حال ٿريچاڻي (سانگي) صاحب آهن.اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ناياب ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ

43ـ باب ماجاء في صوم رسول الله صلى الله عليه وسلم

43ـ باب ماجاء في صوم رسول الله صلى الله عليه وسلم
باب انهن حديثن ۾ جي رسول الله ﷺ جي روزه رکڻ
جي باري ۾ آيون آهن.
عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ شَقِيقٍ ، قَالَ : سَأَلْتُ عَائِشَةَ ، عَنْ صِيَامِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، قَالَتْ كَانَ يَصُومُ حَتَّى نَقُولَ قَدْ صَامَ ، وَيُفْطِرُ حَتَّى نَقُولَ قَدْ أَفْطَرَ قَالَتْ وَمَا صَامَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، شَهْرًا كَامِلا مُنْذُ قَدِمَ الْمَدِينَةَ إِلا رَمَضَانَ
ترجمو: حضرت عبدالله پٽ شفيقؓ کان روايت آهي چيائين حضورﷺ جي روزه بابت حضرت عائشه ؓ کان پڇيم چيائين ته روزا يڪا رکندا هوا جو اسان سمجهندا هواسون ته هاڻي روزا ئي رکندا رهندا ۽ وري روزو ڇڏيندا هوا ته اسان ڀائيندا هواسون ته هاڻي وري نه رکندا. پورو مهينو حضور جن لاڳيتو روزانه رکيا جڏهن کان مدينه ۾ آيا رمضان مهيني کان سواءِ.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّهُ سُئِلَ عَنْ صَوْمِ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، فَقَالَ : كَانَ يَصُومُ مِنَ الشَّهْرِ حَتَّى نَرَى أَنْ لا يُرِيدَ أَنْ يُفْطِرَ مِنْهُ ، وَيُفْطِرُ مِنْهُ حَتَّى نَرَى أَنْ لا يُرِيدَ أَنْ يَصُومَ مِنْهُ شَيْئًا وَكُنْتَ لا تَشَاءُ أَنْ تَرَاهُ مِنَ اللَّيْلِ مُصَلِّيًا إِلا رَأَيْتَهُ مُصَلِّيًا ، وَلا نَائِمًا إِلا رَأَيْتَهُ نَائِمًا
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ﷦ کان روايت آهي ان کان حضورﷺ جي روزه بابت پڇيو ويو.چيائين ته مهيني ۾ لاڳيتو روزا رکندا هوا جو اسان سمجهندا هواسون ته کين ڇوڙڻ جو ارادو ئي ڪونهي.وري ڇوڙيندا هوا ته اسان خيال ڪندا هواسون ته وري رکڻ جو هن مهيني ۾ ارادو ئي ڪونهي. جي گهرندا هواسون ته حصور جن کي رات جو نماز پڙهندو ڏسون ته ائين ڏسندا هواسون ۽ جي ننڊ ڪندو ڏسڻ گهرندا هواسون ته کين ننڊ ڪندو ڏسندا هواسون.
عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم يَصُومُ حَتَّى نَقُولَ مَا يُرِيدُ أَنْ يُفْطِرَ مِنْهُ ، وَيُفْطِرُ حَتَّى نَقُولَ مَا يُرِيدُ أَنْ يَصُومَ مِنْهُ ، وَمَا صَامَ شَهْرًا كَامِلا مُنْذُ قَدِمَ الْمَدِينَةَ إِلا رَمَضَانَ
ترجمو: حضرت ابن عباس ؓ کان روايت آهي ته حضور جن روزا لاڳيتا رکندا هوا ته سمجهندا هواسون ته روزي ڇوڙڻ جو ارادو ئي نه آهي. وري جي روزو نه رکندا هوا ته سمجهندا هواسون ته رکڻ جو ارادو ئي نه آهي جڏهن کان مدينه آيا ته رمضان کانسواءِ پورو مهينو لاڳيتا روزانه رکيائون.
عَنْ أُمِّ سَلَمَةَ ، قَالَتْ : مَا رَأَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم يَصُومُ شَهْرَيْنِ مُتَتَابِعَيْنِ إِلا شَعْبَانَ
ترجمو: حضرت ام سلمةؓ کان روايت آهي ته مون حضورﷺ کي ٻه مهينا لاڳيتا شعبان ۽ رمضان روزا رکندو نه ڏٺو (شايد ڪنهن وقت حضور جن ائين ڪيو هجي)
عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : لَمْ أَرَ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَصُومُ فِي شَهْرٍ أَكْثَرَ مِنْ صِيَامِهِ لِلَّهِ فِي شَعْبَانَ ، كَانَ يَصُومُ شَعْبَانَ إِلا قَلِيلا ، بَلْ كَانَ يَصُومُهُ كُلَّهُ
ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي ته حضور ﷺ کي مون شعبان کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن مهيني ۾روزو رکندو نه ڏٺو جو شعبان سمورو روزا رکندا هوا مگر ٿورو بلڪ گهڻو ڪري سمورو روزا رکندا هوا.
عَنْ عَبْدِ اللهِ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَصُومُ مِنْ غُرَّةِ كُلِّ شَهْرٍ ثَلاثَةَ أَيَامٍ ، وَقَلَّمَا كَانَ يُفْطِرُ يَوْمَ الْجُمُعَةِ
ترجمو: حضرت عبدالله ؓ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ هر مهيني جي شروع ۾ ٽي ڏينهن روزو رکندا هوا ۽ جمعه ڏينهن تمام ٿورو روزو ڇڏيندا هوا.
عَنۡ مُعَاذَةَ ، قَالَتْ : قُلْتُ لِعَائِشَةَ أَكَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَصُومُ ثَلاثَةَ أَيَّامٍ مِنْ كُلِّ شَهْرٍ ؟ قَالَتْ نَعَمْ قُلْتُ مِنْ أَيِّهِ كَانَ يَصُومُ ؟ قَالَتْ : كَانَ لا يُبَالِي مِنْ أَيِّهِ صَامَ
ترجمو: حضرت معاذةؓ کان روايت آهي چيائين ته مان حضرتب عائشهؓ ڱي چيم ته رسول الله ﷺ هر مهيني جي شروع ۾ ٽي ڏينهن روزورکندا هوا ڇا؟ چيائين هائو.وري پڇيم ته ڪهڙن ڏينهن ۾. چيائين ته روزو رکڻ ۾ تاريخ مقرر ڪرڻ جي پرواهه نه ڪندا هوا.
عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم يَتَحَرَّى صَوْمَ الاثْنَيْنِ وَالْخَمِيسِ
ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي ته حضورﷺ خيال ڪري سومر ۽ خميس تي روزو رکندا هوا.
عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : مَا كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَصُومُ فِي شَهْرٍ أَكْثَرَ مِنْ صِيَامِهِ فِي شَعْبَانَ
ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ شعبان کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن مهيني ۾ روزا نه رکندا هوا.
عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : تُعْرَضُ الأَعْمَالُ يَوْمَ الاثْنَيْنِ وَالْخَمِيسِ ، فَأُحِبُّ أَنْ يُعْرَضَ عَمَلِي وَأَنَا صَائِمٌ
ترجمو: حضرت ابو هريرة وايت آهي ته حضور ﷺ فرمايو ته سومر ۽ خميس ڏينهن ڌڻي جي درٻار ۾ اعمال پيش ڪيا ويندا آهن تنهنڪري گهران ٿو ته روزه جي حالت ۾ عمل پيش ڪيا وڃن.
عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم يَصُومُ مِنَ الشَّهْرِ السَّبْتَ وَالأَحَدَ وَالاثْنَيْنَ ، وَمِنَ الشَّهْرِ الآخَرِ الثُّلاثَاءَ وَالأَرْبَعَاءَ وَالْخَمِيسَ
ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت چيائين ته رسول اللهﷺ هڪ مهيني ۾ ڇنڇر، آچر ۽ سومر روزو رکندا هوا ته ٻئي مهيني ۾ اڱارو اربعا ۽ خميس.
وَ عَنۡھَا قَالَتْ : كَانَ عَاشُورَاءُ يَوْمًا تَصُومُهُ قُرَيْشٌ فِي الْجَاهِلِيَّةِ ، وَكَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَصُومُهُ ، فَلَمَّا قَدِمَ الْمَدِينَةَ صَامَهُ وَأَمَرَ بِصِيَامِهِ ، فَلَمَّا افْتُرِضَ رَمَضَانُ كَانَ رَمَضَانُ هُوَ الْفَرِيضَةُ وَتُرِكَ عَاشُورَاءُ ، فَمَنْ شَاءَ صَامَهُ وَمَنْ شَاءَ تَرَكَهُ
ترجمو: ۽ ان کان ٻي روايت آهي چيائين ته جاهليت جي زماني ۾ عاشوري ڏينهن روزو رکندا هوا ۽ حضور ﷺ به روزو رکندا هوا پوءِ جڏهن مدينه ۾ آيا ته عاشوره جو روزو رکيائون ۽ ٻين کي به رکڻ جو حڪم ڪيائون پوءِ جڏهن رمضان جا روزا فرض ٿيا ته عاشوري جو ڇڏيو ويو. پوءِ جنهن کي وڻندو هو ته روزو رکندو هو ۽ جنهن کي وڻندو هو ته ڇڏي ڏيندو هو.
عَنْ عَلْقَمَةَ ، قَالَ : سَأَلْتُ عَائِشَةَ ، أَكَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَخُصُّ مِنَ الأَيَامِ شَيْئًا ؟ قَالَتْ : كَانَ عَمَلُهُ دِيمَةً ، وَأَيُّكُمْ يُطِيقُ مَا كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يُطِيقُ
ترجمو: حضرت علقمة ؓ کان روايت آهي ته مون حضرت عائشهؓ کان پڇيو ته حضور جن نفلي عبادت لاءِ ڪو خاص ڏينهن مقرر ڪندا هوا. چيائين ته سندن عمل دائمي هو جيئن حضور ﷺ هميشه ڪرڻ جي طاقت رکندا هوا.
عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : دَخَلَ عَلَيَّ رَسُولُ اللهِ ﷺ وَعِنْدِي امْرَأَةٌ ، فَقَالَ : مَنْ هَذِهِ ؟ قُلْتُ : فُلانَةُ لا تَنَامُ اللَّيْلَ ، فَقَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : عَلَيْكُمْ مِنَ الأَعْمَالِ مَا تُطِيقُونَ ، فَوَاللَّهِ لا يَمَلُّ اللَّهُ حَتَّى تَمَلُّوا ، وَكَانَ أَحَبَّ ذَلِكَ إِلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم الَّذِي يَدُومُ عَلَيْهِ صَاحِبُهُ
ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ مون وٽ آيا مون وٽ هڪ زال ويٺي هئي فرمائون ته هيءَ ڪير آهي؟ عرض ڪيم ته فلاڻي آهي جا رات جو ننڊ نه ڪندي آهي. حضورﷺفرمايو ته اوهان ايترا عمل اختيار ڪريو جيترا ٿي سگهن مونکي ڌڻيءَ جو قسم آهي ته الله تعاليٰ ثواب ڏيڻ ۾ تنگ نه ٿيندو آهي جيسيتائين اوهين عمل ڪرڻ ۾ تنگ نه ٿيو. حضور ﷺ کي عملن مان عمل هميشگي وارو وڻڻدو هو.
عَنْ أَبِي صَالِحٍ ، قَالَ : سَأَلْتُ عَائِشَةَ ، وَأُمَّ سَلَمَةَ ، أَيُّ الْعَمَلِ كَانَ أَحَبَّ إِلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ؟ قَالَتَا : مَا دِيمَ عَلَيْهِ ، وَإِنْ قَلَّ
ترجمو: حضرت ابو صالحؓ کان روايت آهي چيائين ته مون حضرت عائشهؓ ۽ حضرت ام سلمہؓ کان پڇيو ته حضور ﷺ کي ڪهڙو ڪم پسند هو. چيائون ته جنهن تي عمل ڪندڙ هميشگي ڪري توڙي کڻي ٿورو ئي هجي.
عَوْفَ بْنَ مَالِكٍ ، يَقُولُ : كُنْتُ مَعَ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، لَيْلَةً فَاسْتَاكَ ، ثُمَّ تَوَضَّأَ ، ثُمَّ قَامَ يُصَلِّي ، فَقُمْتُ مَعَهُ فَبَدَأَ فَاسْتَفْتَحَ الْبَقَرَةَ ، فَلا يَمُرُّ بِآيَةِ رَحْمَةٍ ، إِلا وَقَفَ فَسَأَلَ ، وَلا يَمُرُّ بِآيَةِ عَذَابٍ ، إِلا وَقَفَ فَتَعَوَّذَ ، ثُمَّ رَكَعَ فَمَكَثَ رَاكِعًا بِقَدْرِ قِيَامِهِ ، وَيَقُولُ فِي رُكُوعِهِ : سُبْحَانَ ذِي الْجَبَرُوتِ وَالْمَلَكُوتِ ، وَالْكِبْرِيَاءِ وَالْعَظَمَةِ ، ثُمَّ سَجَدَ بِقَدْرِ رُكُوعِهِ ، وَيَقُولُ فِي سُجُودِهِ : سُبْحَانَ ذِي الْجَبَرُوتِ وَالْمَلَكُوتِ ، وَالْكِبْرِيَاءِ وَالْعَظَمَةِ ثُمَّ قَرَأَ آلَ عِمْرَانَ ثُمَّ سُورَةً ، يَفْعَلُ مِثْلَ ذَلِكَ في كل ركعة
ترجمو: حضرت عوف پٽ مالڪ ﷦ کان روايت چيائين ته مون هڪ رات رسول الله ﷺ جي خذمت ۾ هوس. پاڻ ڏندڻ ڪيائون پوءِ وضو ڪيائون پوءِ نماز پڙهڻ لڳا. مان به ساڻن نماز ۾ شريڪ ٿيس.پهريائين فاتحه شروع ڪري پوءِ سورة البقرة شروع ڪيائون پوءِ ڪا رحمت جي آيت نه پڙهندا هوا مگر اتي بيهي رحمت جي دعا گهرندا هوا ۽ ڪا عذاب جي آيت نه پڙهندا هوا مگر اتي بيهي عذاب کان پناهه گهرندا هوا پوءِ دير تائين رڪوع ڪيائون قيام جي قدر جيترو ۽ رڪوع ۾ هيئن چيائون سُبْحَانَ ذِي الْجَبَرُوتِ وَالْمَلَكُوتِ وَالْكِبْرِيَاءِ وَالْعَظَمَةِ پوءِ رڪوع جي قدر سجدو ڪيائون ۽ سجده ۾ سُبْحَانَ ذِي الْجَبَرُوتِ وَالْمَلَكُوتِ وَالْكِبْرِيَاءِ وَالْعَظَمَةِ پوءِ آل عمران پوءِ سوره سوره ( هر هڪ رڪعت ۾) پڙهي رڪعت ساڳي طرح پڙهيائون.