مذهب

شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ

هن ڪتاب جو مولف ۽ مترجم مولانا قاضي محمد عثمان (مرحوم) حال ٿريچاڻي (سانگي) صاحب آهن.اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ناياب ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ

باب 5. حضور جن جي سفيد وارن جي باري ۾

5- باب ما جاء في شيب رسول الله صلى الله عليه وسلم
باب انهن روايتن جي حضور جن جي سفيد وارن
جي باري ۾ آيون آهن
عَنْ قَتَادَةَ ، قَالَ : قُلْتُ لأَنَسِ بْنِ مَالِكٍ : هَلْ خَضَبَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ؟ قَالَ : لَمْ يَبْلُغْ ذَلِكَ ، إِنَّمَا كَانَ شَيْبًا فِي صُدْغَيْهِ وَلَكِنْ أَبُو بَكْرٍ ، خَضَبَ بِالْحِنَّاءِ وَالْكَتَمِ
ترجمو: حضرت قتاده چيو ته مان حضرت انس پٽ مالڪ کي چيو ته حضور هن وارن کي رنگ ڪيوهو چيائين ته پاڻ رنگ جي حد کي نه پهتا هوا. رڳو ٿورا اڇا وار لوندڙين مبارڪن ۾ هوا پر حضرت ابوبڪر ﷦ مينديءَ ۽ ڪيس سان رنگ ڪيو هو.
عَنْ أَنَسٍ ، قَالَ : مَا عَدَدْتُ فِي رَأْسِ رَسُولِ اللهِ ﷺ وَلِحْيَتِهِ ، إِلا أَرْبَعَ عَشْرَةَ شَعَرَةً بَيْضَاءَ
ترجمو: حضرتانس ﷦ چيوته مان حضور جن عليه السلام جي مٿي مبارڪ ۽ ڏاڙهي مبارڪ ۾ رڳو چوڏنهن وار اڇا ڳڻيا هوا.
عَنْ سِمَاكِ بْنِ حَرْبٍ ، قَالَ : سَمِعْتُ جَابِرَ بْنَ سَمُرَةَ ، وَقَدْ سُئِلَ عَنْ شَيْبِ رَسُولِ اللهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّم ، فَقَالَ : كَانَ إِذَا دَهَنَ رَأْسَهُ لَمْ يُرَ مِنْهُ شَيْبٌ ، وَإِذَا لَمْ يَدْهِنْ رُئِيَ مِنْهُ شَيْءٌ
ترجمو: حضرت سماڪ پٽ حرب فرمايو ته مان حضرت جابر پٽ سمرة کان ٻڌم جو حضور جن جي اڇن وارن بابت ڪيو پيو وڃي.چيائين ته جڏهن پاڻ تيل هڻندا هوا ته به اڇا ڏسڻ ۾ نه ايندا هوا ۽ جڏهن اڻڀا هوندا هوا ته ڪجهه ٿورڙا ڏسڻ ۾ ايندا هوا.
عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ عُمَرَ ، قَالَ : إِنَّمَا كَانَ شَيْبُ رَسُولِ اللهِ ﷺ نَحْوًا مِنْ عِشْرِينَ شَعَرَةً بَيْضَاءَ
ترجمو: حضرت ابن عمر ﷦ چيو ته رسول الله ﷺ جا اڇا وار مبارڪ رڳو ويهن جيترا وار اڇا هوا.
عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : قَالَ أَبُو بَكْرٍ : يَا رَسُولَ اللهِ ، قَدْ شِبْتَ ، قَالَ : شَيَّبَتْنِي هُودٌ ، وَالْوَاقِعَةُ ، وَالْمُرْسَلاتُ ، وَعَمَّ يَتَسَاءَلُونَ ، وَإِذَا الشَّمْسُ كُوِّرَتْ
حضرت ابن عباس ﷦ کان روايت آهي چيائين ته عرض ڪيو حضرت ابوبڪر ﷦ ته اي رسول الله! سچ پچ توهان پوڙها ٿيا آهيو؟ فرمايائون ته سوره هود،واقعة، عم يتساءلون ۽ اذا الشمس ڪُورت پوڙهو ڪيو آهي.
عَنْ أَبِي جُحَيْفَةَ ، قَالَ : قَالُوا : يَا رَسُولَ اللهِ ، نَرَاكَ قَدْ شِبْتَ ، قَالَ : قَدْ شَيَّبَتْنِي هُودٌ وَأَخَوَاتُهَا
ترجمو: حضرت ابو جحيفة ﷦ کان روايت آهي چيائين ته صحابن عرض ڪيو ته يا رسول الله ! اسان توهان کي پوڙهو ٿا ڏسون فرمايائون سوره هود ۽ ان جهڙين سورتن مونکي پوڙهو ڪيو آهي.
عَنْ أَبِي رِمْثَةَ التَّيْمِيِّ ، تَيْمِ الرَّبَابِ ، قَالَ : أَتَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، وَمَعِي ابْنٌ لِي ، قَالَ : فَأَرَيْتُهُ ، فَقُلْتُ لَمَّا رَأَيْتُهُ : هَذَا نَبِيُّ اللهِ صلى الله عليه وسلم وَعَلَيْهِ ثَوْبَانِ أَخْضَرَانِ ، وَلَهُ شَعَرٌ قَدْ عَلاهُ الشَّيْبُ ، وَشَيْبُهُ أَحْمَرُ
ترجمو: حضرت ابو رمشة ﷦ کان روايت آهي چيائين ته مان حضور جن جي خدمت ۾ پٽ سوڌو آيس.پوءِ مونکي رسول الله ﷺڏيکاريو ويو.جڏهن کين ڏٺم ته چيم ته الله جو نبي هيءُ آهي ۽ مٿن ٻه ساوا ڪپڙا هوا سندن وارن تي سفيدي ظاهر هئي. ۽ ٻڍاپڻ سرخ هو.
عَنْ سِمَاكِ بْنِ حَرْبٍ ، قَالَ : قِيلَ لِجَابِرِ بْنِ سَمُرَةَ : أَكَانَ فِي رَأْسِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم شَيْبٌ ، قَالَ : لَمْ يَكُنْ فِي رَأْسِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، شَيْبٌ إِلا شَعَرَاتٌ فِي مَفْرِقِ رَأْسِهِ ، إِذَا ادَّهَنَ وَارَاهُنَّ الدُّهْنُ
ترجمو: حضرت سماڪ بن حرب کان روايت آهي چيائين ته جابر پٽ سمرة کي چيو ويو ته رسول الله ﷺ جي مٿي جي وارن ۾ اڇاڻ هئي چيائين ته رسول الله ﷺ جي مٿي ۾ سفيدي نه هئي مگر سندن سينڌ ۾ ڪي وار اڇا هوا. ۽ جڏهن تيل لڳائيندا هوا ته انهن کي تيل لڪائي ڇڏيندو هو.