34 ـ باب كيف كان كلام رسول الله صلى الله عليه وسلم
باب انهن حديثن ۾ ته رسول الله ﷺ جو ڳالهائڻ ڪيئن هو
عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : مَا كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَسْرُدُ سرْدَكُمْ هَذَا ، وَلَكِنَّهُ كَانَ يَتَكَلَّمُ بِكَلامٍ بَيِّنٍ فَصْلٍ ، يَحْفَظُهُ مَنْ جَلَسَ إِلَيْهِ
ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ توهان وانگر تڪڙو ۽ ڳنڍيل نه ڳالهائيندا هوا پر پڌرو ظاهر جدا جدا لفظ ڳالهائيندا هواجيئن اڳيان ويٺل جهٽ ياد ڪري.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يُعِيدُ الْكَلِمَةَ ثَلاثًا لِتُعْقَلَ عَنْهُ
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ؓ چيو ته حضور ﷺ هر هڪ لفظ ٽي ڀيرا موٽائي چوڻ فرمائيندا هوا ته ڳالهه چڱي طرح سمجهي وڃي.
عَنِ الْحَسَنِ بْنِ عَلِيٍّ ، قَالَ : سَأَلْتُ خَالِي هِنْدُ بْنُ أَبِي هَالَةَ ، وَكَانَ وَصَّافًا ، فَقُلْتُ : صِفْ لِي مَنْطِقَ رَسُولِ اللهِ ﷺ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ ﷺ مُتَوَاصِلَ الأَحْزَانِ ، دَائِمَ الْفِكْرَةِ ، لَيْسَتْ لَهُ رَاحَةٌ ، طَوِيلُ السَّكْتِ ، لا يَتَكَلَّمُ فِي غَيْرِ حَاجَةٍ ، يَفْتَتِحُ الْكَلامَ ، وَيَخْتِمُهُ بِاسْمِ اللهِ تَعَالَى ، وَيَتَكَلَّمُ بِجَوَامِعِ الْكَلِمِ ، كَلامُهُ فَصْلٌ ، لا فُضُولَ ، وَلا تَقْصِيرَ ، لَيْسَ بِالْجَافِي ، وَلا الْمُهِينِ ، يُعَظِّمُ النِّعْمَةَ وَإِنْ دَقَّتْ لا يَذُمُّ مِنْهَا شَيْئًا ، غَيْرَ أَنَّهُ لَمْ يَكُنْ يَذُمُّ ذَوَّاقًا وَلا يَمْدَحُهُ ، وَلا تُغْضِبُهُ الدُّنْيَا ، وَلا مَا كَانَ لَهَا ، فَإِذَا تُعُدِّيَ الْحَقُّ ، لَمْ يَقُمْ لِغَضَبِهِ شَيْءٌ ، حَتَّى يَنْتَصِرَ لَهُ ، وَلا يَغْضَبُ لِنَفْسِهِ ، وَلا يَنْتَصِرُ لَهَا ، إِذَا أَشَارَ بِكَفِّهِ كُلِّهَا ، وَإِذَا تَعَجَّبَ قَلَبَهَا ، وَإِذَا تَحَدَّثَ اتَّصَلَ بِهَا ، وَضَرَبَ بِرَاحَتِهِ الْيُمْنَى بَطْنَ إِبْهَامِهِ الْيُسْرَى ، وَإِذَا غَضِبَ أَعْرَضَ وَأَشَاحَ ، وَإِذَا فَرِحَ غَضَّ طَرْفَهُ ، جُلُّ ضَحِكِهِ التَّبَسُّمُ ، يَفْتَرُّ عَنْ مِثْلِ حَبِّ الْغَمَامِ
ترجمو:حضرت حسن پٽ عليؓ چيو ته مان پنهنجي مامي هند پٽ ابو هالة کان جو ساراهه ڪندڙ هو پڇيم ته حضورﷺجي ڳالهائڻ جي ساراهه ٻڌاءِ. چيائين ته حضور جن هميشه آخرت جي غم ۽ فڪر ۾ هوندا هوا خوشي ڪانه هين. ماٺيڻا رهندا هوا گهڻو مطلب ٿورن لفظن ۾ ٻڌائيندا هوا ضرورت کان سواءِ نه ڳالهائيندا هوا منڍ کان آخر تائين هڪ جهڙو ڳالهائيندا هوا سندن ڳالهائڻ اکر اکر جدا هوندو هو. ڊيگهه نه ڪندا هوا نڪي اڻپورو ڳالهائيند اهوا نه ڪنهن کي جهڻڪيندا هوا نه خوار ڪندا هوا خدا جي نعمت کي وڏو ڀائيندو هوا توڙي ٿوري هجي ته به برو نه سمجهندا هوا بي مزي کاڌي جي نه شڪايت ڪندا هوا نه تعريف، دنيا جي ڪا شيءِ نه ملڻ ڪري کين ڪاوڙائيندي نه هئي. جڏهن ڪو حد لنگهي ويندو هو ته حضور ﷺ جي ڪاوڙ اڳيان مقابلي لاءِ اٿي نه سگهندو هو. جيسيتائين حق جي مدد ڪندا هوا. پنهنجي نفس لاءِ نه ڪاوڙيا هوا ۽ نه وير وٺندا هوا. جڏهن ڳالهائڻ ۾ اشارو ڪندا هوا ته سموري هٿ سان ڪندا هوا ۽ جي اچرج ۾ پوندا هوا ته هٿ ڦيرائيندا هوا ۽ جي ڳالهائيندا هوا ته هٿ ملائيندا هوا سڄي هٿ جي تري کٻي هٿ جي آڱوٺي جي اندرئين پاسي تي هڻندا هوا. ڪاوڙبا هوا ته منهن مبارڪ ڦيريندا هوا خوش ٿيندا هوا ته پنهنجي اک مبارڪ ٻوٽيندا هوا سندن کِل اڪثر مرڪڻ هو ڄڻ ته ڳڙن جا داڻا ٿا کولين.