مذهب

شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ

هن ڪتاب جو مولف ۽ مترجم مولانا قاضي محمد عثمان (مرحوم) حال ٿريچاڻي (سانگي) صاحب آهن.اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ناياب ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ

46ـ باب ماجاء في فراش رسول الله صلى الله عليه وسلم

46ـ باب ماجاء في فراش رسول الله صلى الله عليه وسلم
باب انهن حديثن ۾ جن ۾ رسول الله ﷺ جي بستري
بابت بيان آهي
عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتۡ : إِنَّمَا كَانَ فِرَاشُ رَسُولِ اللهِ ﷺ ، الَّذِي يَنَامُ عَلَيْهِ مِنْ أَدَمٍ ، حَشْوُهُ لِيفٌ
ترجمو: حضرت عائشهؓ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ جي پٿرڻي جنهن تي سمهندا هوا چَم جي هئي منجهس پُور کاٻر جوهو.
عَنۡ جَعْفَرُ بْنُ مُحَمَّدٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، قَالَ : سُئِلَتْ عَائِشَةُ ، مَا کَانَ فِرَاشُ رَسُوۡلِ اللہ صلی اللہ علیہ وسلم فِیۡ بَیۡتِکَ قَالَتۡ مِنۡ اٰدَمٍ حَشُوۡھٗ لِیۡفٌ وَسُئِلَتْ حَفْصَةُ ، مَا كَانَ فِرَاشُ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم فِي بَيْتِكِ ؟ قَالَتْ : مِسْحًا نَثْنِيهِ ثَنِيَّتَيْنِ فَيَنَامُ عَلَيْهِ ، فَلَمَّا كَانَ ذَاتَ لَيْلَةٍ ، قُلْتُ : لَوْ ثَنَيْتَهُ أَرْبَعَ ثَنْيَاتٍ ، لَكَانَ أَوْطَأَ لَهُ ، فَثَنَيْنَاهُ لَهُ بِأَرْبَعِ ثَنْيَاتٍ ، فَلَمَّا أَصْبَحَ ، قَالَ : مَا فَرشْتُمْ لِيَ اللَّيْلَةَ قَالَتْ : قُلْنَا : هُوَ فِرَاشُكَ ، إِلا أَنَّا ثَنَيْنَاهُ بِأَرْبَعِ ثَنْيَاتٍ ، قُلْنَا هُوَ أَوْطَأُ لَكَ ، قَالَ : رُدُّوهُ لِحَالَتِهِ الأُولَى ، فَإِنَّهُ مَنَعَتْنِي وَطَاءَتُهُ صَلاتيَ اللَّيْلَةَ
ترجمو: حضرت جعفر پٽ محمد پنهنجي پيءُ کان روايت ٿو ڪري چيائين ته حضرت عائشه ؓ کان پڇيو ويو ته رسول الله ﷺ جي پٿرڻي تنهنجي گهر ۾ ڇا جي هئي. چيائين ته چمڙي جي پُور انجو کاٻر هو. حضرت حفصهؓ کان پڇيو ويو ته رسول الله ﷺ جي فراشي تنهنجي گهر ۾ ڇا جي هئي؟ چيائين ته کٿوهو جو ٻيڻو ڪري وڇائيندا هواسون پوءِ ان تي ننڊ ڪندا هوا. جڏهن هڪ رات دل ۾ چيم ته چوڻو ڪريان ته نرم ٿئي پوءِ چوڻو ڪيم.پوءِ جڏهن صبح ٿيو ته فرمايائون ته اڄ رات مون لاءِ ڪهڙي وڇائي هيؤ عرض ڪيوسون ته توهان جو بسترو هو مگر اسان ان کي چوڻو ڪيو هو ته هو توهان لاءِ نرم ٿئي. پاڻ فرمايائون ته هن کي ائين حالت تي رکو جو ان جي نرمائي اڄ رات مون کي رات جي نماز کان روڪيو آهي.