باب 7. حضور جن جي سرمه پائڻ جي باري ۾
باب انهن حديثن ۾ جي حضور جن جي سرمه پائڻ
جي باري ۾ آيون آهن.
عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : اكْتَحِلُوا بِالإِثْمِدِ ، فَإِنَّهُ يَجْلُو الْبَصَرَ ، وَيُنْبِتُ الشَّعْرَ وَزَعَمَ أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، كَانَتْ لَهُ مُكْحُلَةٌ يَكْتَحِلُ مِنْهَا كُلَّ لَيْلَةٍ ، ثَلاثَةً فِي هَذِهِ ، وَثَلاثَةً فِي هَذِهِ
حضرت ابن عباس چيو ته نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته سرمه پائيندا ڪريو جو هو اکين ۾ روشني پيدا ڪندو آهي ۽ پنبڙين جا وار گهاٽا ڄمائيندو آهي. ۽ هيئن به فرمايائون ته حضور جن وٽ هڪ سرميداني هئي جو هر رات ٽي سرايون هِن اک ۾ ۽ ٽي سرايون هُن اک ۾.
عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : كَانَّ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَكْتَحِلُ قَبْلَ أَنْ يَنَامَ بِالإِثْمِدِ ، ثَلاثًا فِي كُلِّ عَيْنٍ ، وَقَالَ يَزِيدُ بْنُ هَارُونَ ، فِي حَدِيثِهِ : إِنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، كَانَتْ لَهُ مُكْحُلَةٌ يَكْتَحِلُ مِنْهَا عِنْدَ النَّوْمِ ، ثَلاثًا فِي كُلِّ عَيْنٍ
ترجمو: حضرت ابن عباس چيو ته حضور جن ﷺ ننڊ کان اڳ ٽي ٽي سرايون هر هڪ اک ۾ پائيندا هوا. ۽ يزيد پٽ هارون پنهنجي حديث ۾ چيو ته حضور جن ﷺ جن وٽ سرميداني هئي جو ننڊ ڪرڻ مهل هر هڪ اک ۾ ٽي ٽي سرايون وجهندا هوا.
عَنْ جَابِرٍ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : عَلَيْكُمْ بِالإِثْمِدِ عِنْدَ النَّوْمِ ، فَإِنَّهُ يَجْلُو الْبَصَرَ ، وَيُنْبِتُ الشَّعْرَ
ترجمو: حضرت جابر کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته ننڊ وقت سرمو ضرور پائيندا ڪريو جو هو اکين جي روشنائي ۽ پنبڙين جا وار ڄمائيندو آهي.
عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : إِنَّ خَيْرَ أَكْحَالِكُمُ الإِثْمِدُ ، يَجْلُو الْبَصَرَ ، وَيُنْبِتُ الشَّعْرَ
ترجمو: حضرت ابن عباس کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته بهتر سرمه اوهان لاءِ ڪارو آهي جو هو اکين ۾ روشني ۽ پنبڙين جا گهاٽا وار ڄمائيندو آهي.
عَنِ ابْنِ عُمَرَ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : عَلَيْكُمْ بِالإِثْمِدِ ، فَإِنَّهُ يَجْلُو الْبَصَرَ ، وَيُنْبِتُ الشَّعْرَ
ترجمو: حضرت ابن عمر کان روايت آهي چيائين ته رسول اللهﷺ فرمايو ته ڪارو سرمه پائيندا ڪريو جو هو اکين جي روشنائي ۽ پنبڙين جا گهاٽا وار ڄمائيندو آهي.