باب 8. حضور جن جي پوشاڪ جي باري ۾
باب انهن حديثن ۾ جي حضور جن جي پوشاڪ
جي باري ۾ آيون آهن.
عَنْ أُمِّ سَلَمَةَ ، قَالَتْ : كَانَ أَحَبَّ الثِّيَابِ إِلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم الْقَمِيصُ
ترجمو: حضرت ام سلمة رضي الله عنها کان روايت آهي چيائين ته حضورجنﷺ جن کي پيارو ڪپڙو قميص هئي.
عَنۡھَا قَالَتْ : كَانَ أَحَبَّ الثِّيَابِ إِلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَلْبَسُهُ ، الْقَمِيصُ
۽ ان کان ٻي روايت ۾ آهي ته پيارو ڪپڙو جو ڍڪيندا هوا ته اها قميص هئي.
عَنْ أَسْمَاءَ بِنْتِ يَزِيدَ ، قَالَتْ : كَانَ كُمُّ قَمِيصِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم إِلَى الرُّسْغِ
ترجمو: حضرت اسماء ڌي يزيد کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ جي قميص جون ٻانهون ڪرائين تائين هيون.
عَنْ مُعَاوِيَةَ بْنِ قُرَّةَ ، عَنْ أَبِيهِ ، قَالَ أَتَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلىﷺ فِي رَهْطٍ مِنْ مُزَيْنَةَ لِنُبَايِعَهُ ، وَإِنَّ قَمِيصَهُ لَمُطْلَقٌ ، أَوْ قَالَ : زِرُّ قَمِيصِهِ مُطْلَقٌ قَالَ : فَأَدْخَلْتُ يَدِي فِي جَيْبِ قَمِيصِهِ ، فَمَسَسْتُ الْخَاتَمَ
ترجمو: حضرت معاويه پٽ قرة کان روايت آهي چيائين ته رسول اللهﷺ وٽ قبيله مزينة جي هڪ جماعت سان بيعت ڪرڻ لاءِ آيس جو سندن قميص ڪپيل هئي يا چيائين ته مون سندن قميص جا بٽڻ کليل هوا پوءِ چيائين ته مون سندن قميص جي گريبان مان هٿ وجهي سندن مهر نبوت کي هٿ لاتو.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم خَرَجَ وَهُوَ يَتَّكِئُ عَلَى أُسَامَةَ بْنِ زَيْدٍ عَلَيْهِ ثَوْبٌ قِطْرِيٌّ ، قَدْ تَوَشَّحَ بِهِ ، فَصَلَّى بِهِمْ
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ کان روايت آهي ته حضور جن عليه السلام نڪتا ته حضرت امامة پٽ يزيد تي ٽيڪ ڪري، جو مٿن يمني چادر ڇنڀيل هئي ۽ سندن ڪلهن تي ويڙهيل هئي ۽ انهن ڪپڙن سان جماعت کي نماز پڙهايائون.
عَنْ أَبِي سَعِيدٍ الْخُدْرِيِّ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، إِذَا اسْتَجَدَّ ثَوْبًا سَمَّاهُ بِاسْمِهِ عِمَامَةً أَوْ قَمِيصًا أَوْ رِدَاءً ، ثُمَّ يَقُولُ : اللَّهُمَّ لَكَ الْحَمْدُ كَمَا كَسَوْتَنِيهِ ، أَسْأَلُكَ خَيْرَهُ وَخَيْرَ مَا صُنِعَ لَهُ ، وَأَعُوذُ بِكَ مِنْ شَرِّهِ وَشَرِّ مَا صُنِعَ لَهُ
ترجمو: حضرت ابو سعيد خدري کان روايت آهي چيائين ته حضور جن جڏهن نئون ڪپڙو ڍڪيندا هوا ته ان جو خاص نالو وٺي پٽڪو يا قميص يا چادر ته پوءِ فرمائيندا هوا ته اي الله تعاليٰ توکي لائق آهن سموريون تعريفون . هن ڪپڙي جي ڍڪائڻ تي.توکان ئي ان جي بهتري گهران ٿو ۽ بهتري ان جي جنهن لاءِ تيار ڪيل آهي ۽ توکان ئي ان جي برائي کان پناهه گهران ٿو ۽ برائي ان معامله جي جنهن لاءِ ٺاهيل آهي.
عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : كَانَ أَحَبَّ الثِّيَابِ إِلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَلْبَسُهُ الْحِبَرَةُ
ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ کان روايت آهي ته حضورﷺ جيڪي ڪپڙا ڍڪيندا هوا تن مان يمني چادرن کي پسند فرمائيندا هوا.
عَنْ عَوْنِ بْنِ أَبِي جُحَيْفَةَ ، عَنْ أَبِيهِ ، قَالَ : رَأَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، وَعَلَيْهِ حُلَّةٌ حَمْرَاءُ ، كَأَنِّي أَنْظُرُ إِلَى بَرِيقِ سَاقَيْهِ قَالَ سُفْيَانُ : أُرَاهَا حِبَرَةً
ترجمو: حضرت عون پٽ ابي جحيفة پنهنجي پيءُ کان روايت ٿو ڪري ته مون حضور جن کي ڳاڙهي پوشاڪ ۾ ڏٺو يعني يمن جي ڇنڀيلن ڳاڙهين چادرن ۾ ڄڻ ته سندن پنن مبارڪن جي چمڪارن کي ڏسان ٿو.حضرت سفيان وٽ حلة حمراء يعني ڇنڀيل چادرون.
عَنِ الْبَرَاءِ بْنِ عَازِبٍ ، قَالَ : مَا رَأَيْتُ أَحَدًا مِنَ النَّاسِ أَحْسَنَ فِي حُلَّةٍ حَمْرَاءَ ، مِنْ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، إِنْ كَانَتْ جُمَّتُهُ لَتَضْرِبُ قَرِيبًا مِنْ مَنْكِبَيْهِ
ترجمو: حضرت براء پٽ عازب کان روايت آهي چيائين ته مون حضورﷺ کان وڌيڪ يمني چادرن ۾ ڪو خوبصورت نه ڏٺو. هن ۾ شڪ نه آهي ۽ سندن وار مبارڪ سندن ڪلهن مبارڪن کي ويجها ٿيندا هوا.
عَنْ أَبِي رِمْثَةَ ، قَالَ : رَأَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، وَعَلَيْهِ بُرْدَانِ أَخْضَرَانِ
ترجمو: حضرت ابو رمشہ کان روايت آهي ته مان حضور ﷺ کي ڏٺو ته کين ٻه سايون چادران ڍڪيل هيون.
عَنْ قَيْلَةَ بِنْتِ مَخْرَمَةَ ، قَالَتْ : رَأَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم وَعَلَيْهِ أَسْمَالُ مُلَيَّتَيْنِ ، كَانَتَا بِزَعْفَرَانٍ ، وَقَدْ نَفَضَتْهُ وَفِي الْحَدِيثِ قِصَّةٌ طَوِيلَةٌ
ترجمو: حضرت قيلة ڌي مخزمة کان روايت آهي چيائين ته مون حضورﷺ کي ٻن پرانين چادرن زعفران سان رڱيلن ۾ ڏٺو. انهن جو رنگ لهي ويو هو. هن حديث ۾ قصو ڊگهو آهي( جو مصنف ڪتاب ۾ داخل نه ڪيو آهي)
عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : عَلَيْكُمْ بِالْبَيَاضِ مِنَ الثِّيَابِ ، لِيَلْبِسْهَا أَحْيَاؤُكُمْ ، وَكَفِّنُوا فِيهَا مَوْتَاكُمْ ، فَإِنَّهَا مِنْ خِيَارِ ثِيَابِكُمْ
حضرت ابن عباس رضي الله عنهما کان روايت آهي چيائين ته رسول اللهﷺ فرمايو ته توهان اڇا ڪپڙا ڍڪيندا ڪريو توهان مان جيئرا به اهي ڍڪن ۽ پنهنجن مئن کي به انهن ۾ ڪفن ڏيو. هن ڪري جو اڇو ڪپڙو تمام سٺو ڪپڙو آهي.
عَنْ سَمُرَةَ بْنِ جُنْدُبٍ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : الْبَسُوا الْبَيَاضَ ، فَإِنَّهَا أَطْهَرُ وَأَطْيَبُ ، وَكَفِّنُوا فِيهَا مَوْتَاكُمْ
ترجمو: حضرت سمرة پٽ جندب کان روايت آهي چيائين ته حضور جن ﷺ فرمايو ته توهان اڇا ڪپڙا ڍڪيو. ڇو ته اهي نهايت پاڪ ۽ سٺا آهن ۽ پنهنجن سينن کي به انهن مان ڪفن ڍڪايو.
عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : خَرَجَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ذَاتَ غَدَاةٍ ، وَعَلَيْهِ مِرْطٌ مِنْ شَعَرٍ أَسْودَ
ترجمو: حضرت عائشه رضي الله تعاليٰ عنها کان روايت آهي ته حضور ﷺ هڪ ڏينهن صبح جو ٻاهر نڪتا ته مٿن ڪارن وارن (ڏاس يا ان) جي چادر هئي.
عَنْ عُرْوَةَ بْنِ الْمُغِيرَةِ بْنِ شُعْبَةَ ، عَنْ أَبِيهِ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، لَبِسَ جُبَّةً رُومِيَّةً ، ضَيِّقَةَ الْكُمَّيْنِ
ترجمو: حضرت عروة پٽ مغيرة پٽ شعبة پنهنجي پيءُ کان روايت ڪئي آهي ته رسول الله ﷺ رومي جبو ڍڪيو جنهن جون ٻانهون سوڙهيون هيون.